27/07/2014

مُنور سراج جي ناول ”کاٻي اک جو خواب“ جو اڀياس - بخشل باغي (Bakhshal Baghi)

مُنور سراج جي ناول ”کاٻي اک جو خواب“ جو اڀياس
موت جهڙي مايوسيءَ مان ڦُٽندڙ اُميد جو شاهي رستو
بخشل باغي
سنڌي ادب ۾ ناول جي اڻاٺ شدت سان محسوس ڪئي وڃي پئي، پر تخليقي ناول ته اڃا به ناياب پيو ٿيندو وڃي. شايد ناول جي وسيع ڪئنواس ۾ ڪردارن جي چونڊ، چرپر انهن جو فنڪاراڻو ڀچاءُ، تُز مڪالما، موضوعاتي چونڊ ۽ ان جي تسلسل کي پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچائڻ وارو هنر، گڏوگڏ ناول جي نفيس اڻت ۽ مطالعي مشاهدي ۽ مشق جي ڪيل تپسيا جي گهري نچوڙ کي ناول جي تخليقي عمل ۾ سمائڻ ۽ ناول جي گهڻ رخي محنت جو مستقل مزاجيءَ سان نڀاءُ ڪرڻ وارو عمل اڄ جي گهڻن سهل پسند ليکڪن لاءِ ڪشش جو سبب گهٽ بڻجي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو تخليقي ۽ شاهڪار ناول جي کوٽ نمايان پئي ٿيندي وڃي . سنڌي تخليقي ناول جي ان اڻاٺ جي سبب کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ جن تخليقڪارن قلم تي مس کي سُڪڻ نه ڏنو آهي تن ۾ اڄ جي نئين پيڙهيءَ جو نمائندو ڪهاڻيڪار منور سراج به آهي، جنهن تخليقي تناظر ۾ تمام سٺيون ڪهاڻيون لکي پنهنجي الڳ سڃاڻپ جوڙي ورتي آهي. هو جڏهن هانوَ ۾ ٻاٻري ڪنڊي جيئن ڇپندڙ احساساتي ڪيفيت کي ناول جي وسيع تر وادي ءَ ۾ آندو ته هن جي روح جو ديوانو ۽ فطري ڪهاڻيڪار ڪَتين جيئن ڪر موڙي وان گوگ جي آرٽسٽڪ ديوانگيءَ جيان جنم وٺندر ڪنهن لازوال شاهڪار وانگر نروار ٿي اچي ٿو، جنهن ۾ ڳڀا ڳڀا زندگيءَ جون انيڪ آسون ۽ اميدون، خواب ۽ خيال، لڙڪ ۽ اوجاڳا ناول جي ڪئنواس تي اداس رنگن ۽ خوشبوئن جو نڪور عالم تخليق ڪن ٿا.
منور سراج موهيندڙ هنرمنديءَ سان هڪ اهڙي خواب جي تخليق ڪئي آهي، جيڪو کاٻي اک جي اداس ۽ مرجهايل اڻيءَ مان ڇڻي؛ زندگيءَ جي زرد شام جي انڌيري وستيءَ ۾ جنم جنم کان ڀٽڪندو رهيو هو.
”کاٻي اک جو خواب“ در اصل منور سراج جي زندگيءَ جو هڪ اهڙو دروازو آهي، جنهن مان توهان داخل ٿي ان جي ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا ڪيفيتن جي ٽوڙ ڦوڙ کي محسوس ڪري سگهو ٿا. هڪ اهڙي ڀڃ ڊاهه جنهن سان هڪ ڏک، پنهنجي سرمائي سانورائپ سان نروار ٿي هڪ اهڙي خوشيءَ جي ڪُٻ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ، جيڪو ان ئي ڏک جي گهڻائيءَ جي ڪمي مان جنم وٺي ٿو. شايد تڏهن ته گوتم ٻُڌ به سروم دکم دکم جي دريافت سان زندگيءَ جي اصل حقيقتن کي ڄاڻي ورتو هو، ڇاڪاڻ ته خوشيءَ نالي ڪنهن به شيءِ جو ڪو به وجود هن ڪائنات ۾ ڪو نه ٿو ملي. جڏهن ته ڏک تي مقدار جي سطح ۾ گهٽتائي ئي خوشيءَ جي عارضي احساس مان محسوس ٿيندي آهي. جيئن گهگهه برساتي رات ۾ گوڙ جي گجگوڙ سان کنوڻ جو لمحاتي تجلو ۽ پوءِ وري ساڳي ئي گهاٽي اوندهه...
’کاٻي اک جو خواب‘ هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا مسلسل هڪ زنجير وانگر ڪڙي به ڪڙي جڙندي رهي ٿي، يا ائين کڻي چئجي ته هڪ جنم قيد آهي، جيڪو پنهنجي سمورين پيڙائن سان به وڻي ٿو، جيڪو پاڻ ۾ ڪو نجات جو
رستو نٿو رکي. زندگيءَ کي ڪا به دري، در ڪونهي، ڪا به ڇت توڙي ڀِت نه آهي، پوءِ به اها هڪ بند کولي آهي، جنهن ۾ موت جي ڪُک مان جنم وٺندڙ ‘کاٻي اک جو خواب’ هڪ اهڙو قيدي آهي، جنهن کي وقت ۽ حالتن بنا ڪنهن ڏوهه ۽ ثبوت جي عمرقيد جي سزا ڏئي ڇڏي آهي.
’کاٻي اک جو خواب‘ ڪنهن جي تقليد آهي يا نه، اهو هڪ الڳ بحث آهي، پر ان جو درد، ان جي پيڙا؛ ان ۾ هڪ حساس دل جي ڪيفيت ۽ حساسيت ۾ گهيرجي هڪ اجنبي شڪ جي پيٽ مان جنم وٺندڙ سڙيل ڪاري منهن وارو خوف، مون لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجنبي نه آهي. اهو خوف ماڻڪ کان منور تائين ۽ اتان کان سڄي سنڌ جي وجود ۾ لهي چڪو آهي. هر روز چيلاٽن جي انگ ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. انهن جا کُهرا پَر سنڌ جي نفيس احساسن ۾ سُري رهيا آهن. هڪ بي يقينيءَ جو الجهيل عالم ڀٽڪندڙ ذهنن ۾ پنهنجا بنياد پختا ڪري چڪو آهي. اهڙيءَ صورتحال ۾ منور سراج جو ناول ‘کاٻي اک جو خواب’ بي زبان احساسن ۽ گونگي ڪيفيتن جي زبان بڻجي هڪ اهڙو آواز تخليق ڪري ٿو جيڪو هر پڙهندڙ جي وجود جي ويران ۽ پراڻي حويليءَ ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي ٿو. اهڙو پڙاڏو جيڪو هڪ ئي وقت چئن رنگن ۽ روپن ۾ جيئڻ جو ساهس رکي ٿو. هڪ زندگي چار حصا، هڪ ڪهاڻي چار ڪردار، پر در اصل چار ئي ڪردار هڪ ئي ڪردار جو پرتوَ، ڪنهن پسمنظر جي ڪنڊ ۾ ڀت طرف منهن ڪري؛ منهن تي ٻانهن ڏئي روئيندڙ، سڏڪا ڀريندڙ ڪردار جو... هڪ حصي مان ٻين حصن جو جنم، جيئن صحرا ۾ تتل سج هيٺ ٿوهر ۾ ڪنڊا: سنها ٿلها، هر وقت احساس جي جسم ۾ چڀندڙ ڪنڊا.
’کاٻي اک جو خواب‘ هجي يا ساڄي اک جو سپنو، مون کي الائي ڇو ازل کان وٺي خوابن سان اُنسيت رهي آهي. رنگ برنگي ڦوڪڻن جهڙا خواب، ٻانهن ۾ ڇڻڪندڙ رنگين ڪانچ جي چوڙين جهڙا نفيس خواب، نيڻن مان بي ساخته ٽمي پوندڙ لڙڪن جهڙا اجرا خواب، خاموشيءَ جي خلا ۾ ڀٽڪندڙ خواب. خواب مون کي منهنجي زندگي ۽ شاعريءَ ۾ ڀرپور جيئڻ جو ساهس ڏيندا آيا آهن ۽ ’کاٻي اک جو خواب‘ ته وري مون کي انتهائي پنهنجو ٿو لڳي، جنهن کي شايد ڪنهن جنم ۾ ڏسڻ جي لاءِ منهنجي نيڻن به ڪو جوڳ ورتو هو. انڪري به ان جي سڄي بناوت روح کي رتو رت ڪري ڇڏيندڙ رهڙ، ان جي هجڻ ۽ نه هجڻ جي وچ واري منجهيل، ريشمي پر پُرڪشش ڪيفيت کي منور سراج وڏي فني مهارت سان سورن جي سڳي ۾ لفظ به لفظ موتي ڪري، زندگي ۽ موت جي وچ واري پُل تي، اڪيلائين جي آسمان هيٺ يا ڀونءِ تي ڀٽڪندي اُڻي، ناول جي هڪ نڪور مالا سهيڙي آهي، جنهن جي هر موتيءَ جي جوتيءَ سان جيون جي اونداهي ۾ روشني ڦهلبي وڃي ٿي. نه روئي سگهندڙ ۽ نه بيان ڪري سگهندڙن لاءِ هي ناول هڪ اهڙو اڇوتو اظهار آهي جنهن جي ڀنل ڀنل خوشبوءِ ۾ ’کاٻي اک جو خواب‘ ڪڏهن ڪنهن خانه بدوشڻ جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو ته ڪڏهن ڪنهن جوڳيءَ جي جوڳ مان جاڳي پوي ٿو. ڪڏهن ريل جي بوگيءَ ۾ دريءَ وٽ ويٺل اڇي وڳي ۾ ڪنهن سندريءَ جي اکين مان، ته ڪڏهن مِينهن ۾ ڪنهن پراڻي قبرستان جي آلي ڪنڊ ۾ کوٽيل ننڍڙي قبر ٿو بڻجي پوي. ڪڏهن ۽ ڪٿي به ڪجهه ٿي پوڻ جو امڪان ٿي پوي ٿو، ڪڏهن ڪنهن معصوم ننڍڙي هٿ ۾ لِو جهڙي لِساڻ، ڪڏهن جهنگ ۾ ٻڪريون چاريندڙ ٻار جي وات تي ڀاري هٿ، ڪڏهن ماستر جي چماٽ جو پڙاڏو، ته ڪڏهن راڻو، سارنگ، ساگر، مومل، سومل جي چهرن ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو.
’کاٻي اک جو خواب‘ وڏي ادراڪ سان تخليق ڪيل هڪ شاندار ناول آهي، جنهن جي جهرڻن جهڙي صاف شفاف ٻولي، انوکيون تشبيهون، جماليات سان تار جملا ۽ ڪردارن جي موضوعي دنيا جي ڪيفيت ۽ خيالن سان ڀرپور هڪ جهڙائي هن ناول جي خصوصيت آهي. سنڌيءَ ۾ اهڙي خوبصورت ناول جي آمد بر وقت ۽
تخليقي ناول جي کوٽ واري بيٺل ڍنڍ ۾ خوشگوار لهرن جو جنم آهي.
’کاٻي اک جو خواب‘ زندگيءَ جي مايوسين جي ڪُنن ۾ گهوماٽيون کائيندي، ٻڏندي، ترندي نيٺ اميدن جي شاهي دروازي تي پهچي ٿو، جنهن جي کلڻ سان هڪ نئين سفر جي سرمئي سُهائي ’کاٻي اک جو خواب‘ کي تازو توانو ڪري ڇڏي ٿي.
هي ناول کوڙ سارين ننڍڙين اڻپورين خواهشن مان جنم وٺندڙ ڪهاڻين کي پاڻ ۾ سانڍي گڏ کڻي هلي ٿو، جيئن نيري ۽ وشال ساگر ۾ ڀانت ڀانت جي مسافرن کي کڻي ويندڙ ٽائيٽينڪ يا وري ڪنهن فِش باڪس ۾ رنگبرنگي ننڍڙيون ۽ سهڻيون مڇيون.
هي ناول زندگيءَ جي رنگ ــ منچ تي هلندڙ اهڙو ڊرامو آهي جنهن جا ڏسندڙ خود به ان جا ڪردار آهن. اهڙا ڪردار جيڪي سچ ٻڌڻ جو حوصلو رکن ٿا ۽ نه به. ان ها ۽ نه واري ڪشمڪش ئي ليکڪ کي ’کاٻي اک جو خواب‘ ڏيکاريو آهي. جاڳ ۾ توڙي ننڊ ۾، ذهني دٻاءُ جي ڌٻڻ ۾ لهندي. ايئن لڳي ٿو ته ليکڪ جو سڄو وجود ڌٻڻ ۾ لهي چڪو آهي سواءِ کاٻي اک جي. کاٻي اک جيڪا ڌٻڻ کان ٻاهر رهجي وئي آهي؛ ڌٻڻ جي ڪناري تي، اهڙي ڪناري تي جتي ڪو به ننڊ جو يا سڪون جو پکي نه رهيو آهي، رڳو چيرڦاڙ ڪندڙ چيتا ۽ بگهڙ آهن. اهڙا بگهڙ جن جا منهن سڙيل ۽ ڪارا آهن ۽ اهڙا چيلاٽا جيڪي چيتن جيئن چنگهاڙي رهيا آهن. ’کاٻي اک جو خواب‘ اصل ۾ ليکڪ جي ذاتي ۽ سندس نفسياتي دنيا جو اهڙو اولڙو آهي جنهن جا عڪس ڏارجي پوڻ جي ڏوهه ۾ ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين اڪيلائين جي بن ۾ ڀٽڪندا رهيا آهن. ’کاٻي اک جو خواب‘ هڪ اهڙو ڪڙو سچ به آهي جيڪو شايد ٻين جي لاءِ تخليق ٿيو آهي. اهو سچ ڪڏهن به پنهنجي ذات جي ديوار چين نه ٿو اورانگهي سگهي، ڇاڪاڻ جو ان جي اڏار جي سطح مخصوص وسعتن ۾ پنهنجا پر پکيڙي سگهي ٿي. ’کاٻي اک جي خواب‘ جي حقيقت کي آرٽ جي نگاهه سان ڏسندي اهو انڪشاف به ٿئي ٿو ته ، ”ڊرامي بازي ۽ نعريبازي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن.... ۽ اهو سڪو کوٽو آهي ۽ کوٽو سڪو ٻار به نه وٺندا آهن ها البته کوٽو سڪو انڌي فقير جي ڪشتي ۾ آسانيءَ سان اڇلائي سگهبو آهي“.
’کاٻي اک جي خواب‘ ۾ اهو احساس به شدت سان ڪرموڙي جاڳي ٿو پوي ته، ”ڪالهه ئي انهن هن ديس جي اداس اکين ۾ رهندڙ خوابن جهڙي دراز قد شهزاديءَ کي مقتولن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهو درد جي طويل ڪوما ۾ هليا ويا آهن. سندن اکين ۾ هڪ دفعو وري شام غريبان لهي آئي آهي. سج رت جي فرات ۾ ٻڏي ويو آهي.“
’کاٻي اک جو خواب‘ کي اهو سڀ ڪجهه ايئن محسوس ٿو ٿئي جيئن ڀڳل پاسيريءَ وانگر هر وقت ڏکندو ۽ ڏکوئيندو رهڻ جو احساس... ڇا ڪو احساس جانبدار به ٿيندو آهي. جي ها ته پوءِ اهو احساس نه، بلڪه اهو ذهني هڪجهڙائيءَ جو رد عمل ٿي سگهي ٿو. پوءِ ته ’کاٻي اک جو خواب‘ جي خيال ۾ اڪيلي سر آجپي جي بانسري وڄائيندڙ ۽ ان جي ڪڍ نعرن جي مچ تي مڙي آيل پروانا به ڊرامي باز آهن ۽ جيڪي اذيت گاهن، ديس جي روڊن رستن تي نعرن جي فطري سحر ۾ منڊجي مئا يا سرِ راهه ساڙيا ويا، انهن سان پيش آيل هانوَ کي ڏاريندڙ الميا به ڊرامي بازي آهن؟ ڇا ڪو به ادب ۽ آرٽ سجاڳي جي علامت ناهي، اهڙي علامت جنهن ۾ ڪو سنيهه هجي، ڪا معنيٰ هجي. جي کڻي ايئن فرض نه به ڪجي پو ته ادب ۽ آرٽ کي غير جانبدار ٿيڻو پوندو، پوءِ ته ڌرتيءَ تي رهي غير جانبدار ادب ۽ آرٽ تخليق ڪري ئي نه ٿو سگهجي. ادب ۽ آرٽ سجاڳيءَ جي پيغام جي علامت ناهن؟ جيئن ڪو نعرو، جيئن ڪو ڊرامو، جيئن ڪو شعر، جيئن ڪو ناول، جيئن ڪا ڪهاڻي... ڇا رڳو ادب ۽ آرٽ اهو آهي ته زميني حقيقتن کي ثانوي حيثيت ڏئي، ادب ۽ آرٽ جي آڙ ۾ پنهنجي پسند ۽ ناپسنديءَ جي اڏيءَ تي ويهي ڳڀا ڳڀا ڪجي، ڪا ڪاسائڪي ڪارِ ڪجي. پنهنجي پسند ۽ ناپسنديءَ کي ادب ۽ آرٽ جي نالي ۾ جانبداريءَ ۽ غيرجانبداريءَ جو هڪ ٽڪساٽ اڏجي. هر اهو ادب ۽ آرٽ جنهن جون پاڙون پنهنجي ڌرتيءَ ۾ پختيون لٿل ناهن، اهو ادب ۽ آرٽ دائمي ۽ لازوال ڪڏهن به نه ٿو بڻجي سگهجي. ڪنهن به ادب ۽ آرٽ کي ڪنهن به هڪ ذات يا طبقي جي تسڪين لاءِ مخصوص نه بڻائجي پر ان کي ڪُل ڪائنات جي احساس ۾ سمائي ڇڏجي. 
’کاٻي اک جو خواب‘ ادب ۽ آرٽ جو هڪ اهڙو نمونو آهي جيڪو فرد جي مايوسي، بي يقيني، ايذائن ۽ پيڙائن جو ڦهلجي ويل پڙاڏو آهي جيڪو سماعتن ۾ ’ايڪو‘ وانگر چيلاٽن جي آواز جيان ڦهلجي وڃي ٿو، پولار ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو. هڪ اهڙي ڀٽڪنا جنهن ’کاٻي اک جي خواب‘ کي ڌرتيءَ جي پاتال مان ڦٽي نڪتل درد عطا ڪيو آهي، جنهن کي منور سراج ادب ۽ آرٽ جي بٺيءَ ۾ پچائي ڪُندن ڪري ڇڏيو آهي. 
’کاٻي اک جو خواب‘ کي محسوس ڪندي ان جي درياهه جهڙي رواني روح کي ڪنهن ٽٽل ٻيڙيءَ جيان پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي. ان هوائن جهڙي روانيءَ کي ستانَوي صفحي تي هڪ شعوري رڪاوٽ متاثر ڪري وجهي ٿي ۡ: “هوءَ، جنهن کي چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري سمجهي رهيو هو، سا در اصل خودسريءَ جي سزا ڀوڳيندڙ اهڙي عورت هئي، جنهن پنهنجي اکين مان هڪ شاعر کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هو. شاعر جيڪو پنهنجا خوبصورت شعر پنهنجي نالي سان ڇپرائڻ بدران هن جي نالي سان رسالن ۾ ڇپرائيندو هو ۽ هوءَ سهيلين ۾ شاعره بڻجي اوچي ڳاٽ سان ڪاليج جي ڪاريڊور ۾ ايئن هلندي هئي ڄڻ ڪا شهزادي هجي.
’کاٻي اک جو خواب‘ جي من موهيندڙ تسلسل ۾ مٿيون پيراگراف اصل ڪيفيتن واري جهان مان ڪٽيل ۽ ڀرتي محسوس ٿئي ٿو ۽ ناول جي نويڪلائيءَ ۾ ڪنهن اڻ وڻندڙ آواز وانگر پيهي اچي ٿو. ”هر ماڻهو پنهنجي عمل کان وڌيڪ رد عمل مان سڃاپجندو آهي.“ ڇاڪاڻ جو ’کاٻي اک جو خواب‘ به پنهنجن توڙي پراين، داخلي توڙي خارجي، ننڍن وڏن عملن جو هڪ وڏو رد عمل آهي. جنهن ردعمل کي آرٽ جي ڀرپور عمل سان اڻيو ويو آهي. ’کاٻي اک جو خواب‘ ڏسندڙ ماڻهو جو ساهه هميشه مٺ ۾ رهيو آهي ڇاڪاڻ جو ڪاري سڙيل منهن وارو ماڻهو ۽ چيلاٽو ان کي پنهنجي پاڇي وانگر لڳن ٿا. سندس مخبري ڪندي هو چوي ٿو ته، ”منهنجي رڳن ۾ اونداهي ڀرجي وئي آهي“ ڇو ته ”نه چاهيندي به هر روز هڪڙو صبح سندس شام ۾ گهڙي ٿي آيو ۽ سندس خاموشيءَ کي ٽوڙي ٿي ڇڏيائين.“ کيس محسوس ٿي رهيو هو ته، ”هو زندگي جي ڄاڱري ٻير ۾ ڦاسي پيو هو ۽ محسوس ڪرڻ لڳو هو ته زندگي هڪ ناڪام تجربو آهي ۽ هر اُميد هڪ خوبصورت دوکو آهي.“ ،”شايد زندگيءَ کي سمجهڻ جي لاءِ کيسن جو ڀريل هجڻ ايترو ضروري ناهي جيترو کيسن جو خالي هجڻ“. ”اصل ۾ هو پنهنجي ذات ۾ اڌ مهاڻو ۽ اڌ غير مهاڻو آهي، تنهنڪري سندس سيني ۾ نديءَ جي راز سان گڏ هڪڙو ڇنل ڄار به ڦاٿل آهي ۽ اهو به ته سندس اکين ۾ هڪ شرارتي مڇيءَ جو ڏک ۽ هڪ لک گاريون به اٽڪيل آهن“. ڇاڪاڻ جو “هن پنهنجي زندگي جو خوبصورت دور ’کاٻي اک جي خواب‘ ۾ گذاريو آهي.“ ۽ حقيقت ۾ کيس پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجي اجهي نه هجڻ وارو احساس به هن کي جهوريندو رهي ٿو ۽ کيس شهرن جي فطرت کان ڪٽجي وڃڻ واري غير فطري رَوش پڻ ڏکوئي ٿي ۽ پوءِ مون کي ياد ٿو اچي ته، ”نديم جي ان جاءِ جو آڳنڌ ايڏو سوڙهو هو ۽ پاسن واريون ڀتيون ايڏيون وڏيون هيون جو گرمين جي موسم ۾ اها جاءِ دوزخ بڻجي پوندي هئي. ان ۾ هوا جو جهوٽو به اندر اچي نه سگهندو هو ۽ ڏسڻ لاءِ آسمان جو مختصر چوڪور ٽڪرو ميسر هو، جنهن ۾ ڳڻڻ جيترا ستارا ڏسي سگهبا هئا، جنهن ۾ چنڊ فقط چند لمحن لاءِ ڏسڻ ۾ ايندو هو.“ ۽ پو شايد سندس مطالعي جي حافظي مان ذهن تي اردوءَ جي بيباڪ شاعره سارا شگفته جا هي جملا به تري ايندا هئا، ”يه دنيا دوڙني ڪي لئي تو بهت بڙي هي ليڪن رهني ڪي لئي بهت هي ڇوٽي! 
’کاٻي اک جو خواب‘ اهڙن کوڙ سارن حسين ۽ با معنيٰ جملن ۽ تشبيهن سان جڙيو پيو آهي، جنهن جي مطالعي سان روح هوا کان هلڪو ۽ دل پهاڙ کان به ڳوري ٿي وڃي ٿي ۽ اکيون ڪڪر ڪارونڀارن جيان ڀرجي ڀرجي اچن ٿيون.

’کاٻي اک جو خواب‘ مبهم ۽ الجهيل اسلوب ۾ رچيل هوندي به پنهنجي ذاتي آرٽسٽڪ ڳُڻن وسيلي ڏاڍو دلچسپ به لڳي ٿو. اها اضافي خصوصيت منور سراج جي ڪٿائي تپسيا جو نرالو نتيجو آهي.

No comments:

Post a Comment