18/07/2014

ماءُ ٻوليون - شوڪت لوهار (Shoukat Lohar)

ماءُ ٻوليون ۽ انهن جي لسانياتي اڏولتا جو سوال
شوڪت لوهار
ڪنهن به قوم جي جياپي ۽ ان جي ترقي جو دارومدار جهڙي ريت ٻين سڀني اهم وسيلن تي هوندو آهي، تهڙي ريت ان قوم لاءِ ٻولي به تمام اهم ذريعو هوندي آهي، ائين کڻي چئجي ته ٻولي ڪنهن به قوم جي حيات ۽ ممات جو وڏي ۾ وڏو وکر آهي. ٻولي هِڪ اهم اڻٽر ذريعو Cytalist ٿئي ٿي. ٻولي جي واڌ ويجهه اصل ۾ انهي قوم جي رتبي، شان، شوڪت جي واڌ ويجهه هجي ٿي. ٻولي جيئي ٿي ته قوم جيئي ٿي، جي ٻولي مري ٿي ته ڄڻ قوم ئي مري وڃي ٿي.
انگلستان جو جبر جتي ڪيترين ئي قومن سٺو آهي، اتي سندس ئي قبضي هيٺ آيل رياستن آئرلينڊIsland ۽ ويلز Wales جون اصلوڪيون ٻوليون مري چڪيون آهن يا ماريون ويون آهن ۽ هاڻ انهن وٽ ڪو به اصلوڪي آئرش ۽ ويلش ٻولي ڪين ڳالهائي. ڇاڪاڻ ته انهن مٿان انگريزي ٻولي مسلط ڪئي وئي ۽ نتيجي ۾ ماڻهن زور زبردستي اِهي ٻوليون ڇڏي انگريزي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪئي ۽ انهن جي سندي ٻولي مَري وئي. ساڳي طرح فرانس ۾ هڪڙي ليکي هِڪ ئي لهجي واري ٻولي Persian French کي معيار جو پئمانو ٺاهيو ويو ۽ ان جي واڌ ويجهه لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي، ان جو نتيجو اِهو نڪتو ته فرانس ۾ ڳالهائجندڙ ٻيون سڀ ٻوليون ان جي غلبي ۾ اچي ويون ۽ اهي غير معياريSub Standard ٿي ويون، هِڪ ئي فرانسيسي ٻولي وڃي بچي. فرانس ۽ برطانيه پاڙيسري ملڪ هوندي به پنهنجي سرشت ۾ گهڻا مختلف آهن، چئنلن ذريعي انهن لنڊن ۽ پئرس جو مفاصلو صرف چاليهه منٽ جو آهي، پر ٻنهي ملڪن جي اڏن تي سفر دوران ٻنهي ٻولين يعني فرانسيسي ۽ انگريزي ۾ انائونسمينٽ ٿيندي آهي. اِها فرانسيسي ٻولي جي وڏائي چئبي جو ان جي حڪومت ان کي ايتري اهميت ڏني ۽ انگريزي کي غالب ٿيڻ نه ڏنو، نه ته لکين ميل ڏور آمريڪا، ڪئنيڊا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ انگريزي ٻولي جو راڄ آهي. ان جو سبب اِهو آهي ته اتان جي علائقائي ۽ مقامي ٻولين کي نظرانداز ڪري صرف هِڪ ٻولي کي انهن مٿان فوقيت ڏني وئي آهي.
ٻولي قوم جي ترقي ۽ واڌاري جو سبب ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ان ڏس ۾ اِها ڳالهه چئي سگهجي ٿي ته جنهن ٻولي کي ان جي اهم ترين ادارن، واپار، اقتصاد، فنون لطيفه، فلم، ميڊيا، اخبار، مواصلات، ادب، سائنس، اشاعت، نوڪرين جي لاءِ اهم اهليت بنائبو ته اِها ٻولي ان جي واڌاري جو سبب بڻجندي ۽ ماڻهو انهي ٻولي کي سکندا، جنهن ۾ سندن روزگار ۽ وهنوار آساني سان ٿي سگهي، نه ڪي ان ٻولي کي سکندا جنهن ۾ هو مزوري به نه ڪري سگهن؟ ٻوليون جيئنديون به آهن، ٻوليون مرنديون به آهن. حقيقت ۾ ٻوليون جيئاريون وينديون آهن ۽ ٻوليون ماريون Killed ڪرايون وينديون آهن. اهِي هڪڙا اهڙا اهم نقطا آهن، جن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڪنهن به ٻولي کي ملندڙ موقعا ان جي ڪارڪردگي ان جي واهپي ان جي مشق Practice تي مدار رکن ٿا. مثال ٻولي جيتري گهڻي ڳالهائي ويندي، جيتري گهڻي لکي ويندي، جيتري گهڻي ڇاپي ويندي، ٻولي ۾ موجود ڀنڊار لفظن جي ذخيرن جو اضافو ٿيندو ۽ اِها هِڪ ترو تازهه سرنهن ڦلار جيان وڌندي ويجهندي رهندي ۽ اِها جڳ ۾ نيل ڪنول جيان جهومندي رهندي پر جيڪڏهن چئني طرفن کان ان تي ڪات ڪهاڙا اُڀا ڪبا ته اِها شرم ٻوٽي جيان مرجهائجي ويندي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن مري ويندي. اِهو هڪ فطري انداز آهي.
منهنجي هن ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اِهو آهي ته پيش ٿيندڙ هِڪ بل جيڪو علائقائي ٻولين بابت هو ۽ جنهن کي نواز ليگ اڳواڻ ماروي ميمڻ پيش ڪيو، ان کي منڌيئڙو ڏنو ويو آهي. اطلاعن موجب جڏهن ماروي ميمڻ هي بل پيش ڪيو، جيڪو قومي اسيمبلي طرفان اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ پيش ڪيو ويو. ان جي ميمبرن اِهو چئي ان بل جي نڙي تي لت رکي، ان جو ساهه ڪڍي ڇڏيو ته علائقائي ٻولين کي قومي ٻولي جي درجي ڏيڻ سان لساني ڏڦيڙ پيدا ٿيندا، وڏي جنگ وجدل ٿي پوندي. ان اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي صدارت ڪندي محمود بشير ورڪ فرمايو ته جيڪڏهن قوم هِڪ آهي ته پوءِ قومي ٻوليون ايتريون ڇو؟ قومي ٻولي به هِڪ هجڻ گهرجي. واهه سائين واهه ڀلا سائين جن ڪي لسانياتي ماهر ته ڪو نه هئا، جو اها ڳالهه ان جي ميڄالي ۾ ويهي ها ته ٻولين کي قومي درجو ڏيڻ يا قومائڻ سان ڪي به ڏڦيڙ ڪو نه پوندا، رهندو ڏڦيڙ ختم ٿيندا، ڇو جو علائقائي ٻوليون ترقي ڪنديون ته اِهي هڪ ٻئي جي علائقائي ادب، ثقافت، فن، واپار ۽ اقتصاديات کي آساني سان سمجهي سگهنديون ۽ انهن جو ڪم رهندو آسان ٿي پوندو. پاڻ ۾ ويجهڙائپ وڌندي، مادري ٻوليون ترقي ڪنديون ته علائقي ۾ پيار، محبت ۽ امن جا گيت ڳائبا، پر اوهان کي اِها ڳالهه ڪٿي سمجهه ايندي سائين!
بهرحال ماروي ميمڻ جي پيش ڪيل مادري ٻولين واري بل کي ڪُل هِڪ ووٽ مليو ۽ چار ووٽ ان جي مخالفت ۾ پيا. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ بل جي رد ٿيڻ تي خدشو ظاهر ڪندي چيو ته مادري ٻولين جي بل رد ٿيڻ سان کين ائين لڳو آهي ڄڻ انهن کان مادري ٻوليون ئي کسيون ويون آهن.
ساڳيو بل ماروي ميمڻ هِڪ دفعو اڳ به پيش ڪري چڪي آهي، پر ان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه اِهو ٻڌائجي ته مادري ٻولين کي قومائڻ وارو بل پ پ واري دور حڪومت ۾ پ پ اڳواڻ نواب يوسف ٽالپر پڻ پيش ڪيو هو، جيڪو پڻ رد ڪيو ويو هو. ساڳئي بل کي (ن) ليگ سان سلهاڙيل ميمبرن سخت تنقيد ڪري رد ڪري ڇڏيو آهي.
هِن نادر شاهي حُڪم وارن کي خبر ناهي ته ٻوليون قومن لاءِ ڪيڏو نه حساس معاملو ٿين ٿيون، دنيا ۾ ٻولين جي حوالي سان تمام وڏو ڪم ڪندڙ ڊيويڊ ڪرسٽل لکي ٿو ”ٻوليون قومن جو اوڍڻ ٿين ٿيون ۽ انهن جي ڇيڙڇاڙ يعني ماڻهو جي اوڇڻ سان ڇيڙڇاڙ برابر آهي.“ دنيا ۾ وڏا وڏا وڳوڙ ٻولين تي ٿيا آهن. موجوده بنگلاديش جيڪو 1971ع کان اڳ ۾ اوڀر پاڪستان هو، اِهو پڻ هڪ لسانياتي وڳوڙ سبب وجود ۾ آيو. جڏهن بنگالي ٻولي کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ بنگالين پنهنجي ٻولي جي حرمت جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي ته ان مٿان فائر ڪيا ويا ۽ کوڙ ڪارڪن انهي حادثي جو شڪار ٿيا، تڏهن انهي تحريڪ ۾ جان آئي. اِها 1951ع کان شروع ٿي ۽ هاڻ اقوام متحده طرفان 21 جولاءِ تي مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.
ٻولي جي قتل عام کي ٻولي ماهر (فشرمين 2009) Lingnistic genocide جو نالو ڏئي ٿو.
هِن وقت اسان وٽ سنڌي ٻولي جيڪا سنڌي قوم جي نمائنده ٻولي آهي ۽ سنڌ جي اشاعتي ادارن، ميڊيا، ريڊيو، ٽي وي چئنلن جي ٻولي آهي، ان کي پنهنجي لپي ۽ تمام گهڻو لفظن جو ڀنڊار آهي، پر اسين پاڻ ان کي ماري رهيا آهيون. اسان جي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي ڪو نه ٿي پڙهائي وڃي، جتي پڙهائجي به ٿي ته ان سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ قائم آهي. واپار ۽ اقتصاد مان اسان ان کي ڪڍي ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي ۾ تمام گهڻي لچڪ Flexibility موجود آهي، جو اِها ٻين ٻولين جي لفظن کي پنهنجو ڪري وڃي ٿي، پر اسين پاڻ انهي ۾ فخر محسوس ڪريون ٿا ته شايد ڌاري ٻولي ڳالهائڻ سان ڪو اسين وڌيڪ معتبر لڳنداسين. جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي ۾ هاڻ ڪيترائي ٽي وي چئنل آهن، پر اِهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ اردو ۾ پروگرام هلائيندا آهن. نيوز اسٽوڊيو ۾ مهمان کي گهرائي ان سان اردو ۾ مخاطب ٿيو آهي. اوهان ٻڌايو ته ڪڏهن اردو چئنل تي ڪو هِڪ اڌ اشتهار سنڌي ۾ هلي سگهيو آهي يا ڪڏهن هِڪ منٽ لاءِ ڪنهن سنڌي ڏاهي اِهو چئي اردو ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو هجي ته هو پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهائڻ پسند ڪندو؟ ”قطعي نه“ ان ڪري سنڌي ٻولي کي اسين خود نظرانداز ڪري رهيا آهيون، ٻئي ڪنهن جو ڪهڙو ڏوهه. جيڪي ماڻهو سنڌي ۾ ڪتاب لکن ٿا ته انهن جا ڪتاب ڪو وٺڻ لاءِ ئي تيار ناهي. معيار جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر پنهنجو قومي فرض سمجهي اسان ڪڏهن ائين ڪيو آهي؟
هِن وقت سنڌي ٻولي جي سرڪيوليشن تمام گهڻي آهي ۽ ان ۾ ڇپجندڙ اخبارن، رسالن ڪتابن جو ڳاڻيٽو ئي ڪونهي، پوءِ به ان کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ بي واجبي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
هونئن ته اوهان هر ڪا شيءِ قومائڻ، خانگائڻ جي ڪڍ پيل آهيو، باقي ماءُ ٻولين کي جيڪڏهن قومي ٻولي جو درجو ڏيندؤ ته ڪهڙو آسمان ڪري پوندو؟ حڪومت کي ٻولي ماهرن جي هِڪ گڏجاڻي ڪرڻ گهرجي ۽ مادري ٻولين جي لسانياتي جائزي کان پوءِ انهن جي واڌ ويجهه لاءِ انهن کي قومي ٻولي جو درجو ضرور ڏيڻ گهرجي، ان سان ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ واڌارو سلهاڙيل آهي.
shoukatali.lohar@gmail.com

No comments:

Post a Comment