28/08/2014

ذوالفقار راشدي - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو

سنڌي ادب ۽ شاعري جو بودلو بهار: ذوالفقار راشدي

مختصر تعارف:
پورو نالو: سيد ذوالفقار علي شاهه
ادبي نالو: ذوالفقار راشدي
ولد: سيد محمد امام شاهه راشدي
جنم ڏڻ: 10 مارچ 1938ع
جنم ھنڌ: پير جو ڳوٺ لڳ نئون ديرو (تعلقو رتوديرو، ضلعو لاڙڪاڻو)
ابتدائي تعليم: وڳڻ، لاڙڪاڻو ۽ نئون ديرو مان
تعليم: بي اي ۽ ايل ايل بي
سماجي حيثيت: پنهنجي موروثي گاديءَ جو اٺون پڳدار
ادب ۾ شعبو: شاعري ۽ تنقيد
لکڻ جي شروعات: 1949ع، شاعريءَ سان
پهريون ڇپيل شعر: ماهوار “اسان جي منزل” (دادو) ۾ 1952ع ۾ ڇپيو
صحافتي حيثيت: ايڊيٽر هفتيوار اخبار “هاري” 1953ع کان 1954ع
ايڊيٽر ۽ پبلشر: هفتيوار “مذهب انسانيت” 1960ع
ڇپيل ڪتاب: 1- سوچ کي لوڇ (شاعري مجموعو) 1982ع   2- ڪسوٽي (تنقيد) 1986ع
وفات: 26 آگسٽ، 1986ع
         

24/08/2014

ذوالفقار راشدي: گهڻ-رخي شخصيت ... پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو
ذوالفقار راشدي: گهڻ-رخي شخصيت
نوٽ: ذوالفقار راشدي، 10 مارچ 1938ع ڌاري، راشدي گهراڻي جي ستين پڳدار سيد امام راشديءَ جي گهر، پير ڳوٺ ۾، اکيون کوليون. هن سموري تعليم خانگي طريقي سان حاصل ڪئي، انگريزي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ٻولين تي عبور حاصل ڪيو. هو صحافي به رهيو ته حيدر بخش جتوئيءَ جي هاري ڪاميٽيءَ ۾ به سرگرميءَ سان بهرو ورتائين. سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ جمال بخاري، ڪامريڊ نذير حسين جتوئي، ۽ ننڍي کنڊ جي ليکڪا قرت العين حيدر ۽ ٻين ڪيترن ئي اديبن سان سندس علمي، ادبي ۽ سياسي لاڳاپا رهيا. مذهبِ انسانيت رسالو به ڪڍيائين.
ڪسوٽي سندس تنقيدي مضمونن جو مجموعو ۽ سوچ کي لوچ سندس شاعريءَ جا ڇپيل ڪتاب آهن. ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جا مسودا سندس لائبرري ۾ موجود آهن.             
(ايديٽر ماهوار سوجهرو)

سنڌ جي شاعرن ۾ ذوالفقار راشديءَ کي هڪ منفرد ۽ ممتاز حيثيت حاصل آهي. سندس غزل ۾ تغزل، تازگي ۽ لهجي ۾ نواڻ ۽ سوز آهي. روايتي سنڌي غزل کي ذوالفقار راشديءَ شعري جماليات ۽ لسانيات جو نئون وڳو پهرايو، جنهن سان سندس غزل جو حسن ٻيڻو ٿي پيو ۽ غزل-گو شاعر جي حيثيت ۾، سندس سڃاڻپ به قائم ٿي.

ڊاڪٽر مبارڪ: سنڌ دشمن تاريخدان ... پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو

ڊاڪٽر مبارڪ: سنڌ دشمن تاريخدان

پروفيسر نذير سومرو صاحب، مشهور تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ جي سنڌ جي تاريخ کي مسخ ڪرڻ واري ڪردار تي، تاريخي حوالن سان روشني وجهندي، هن جي ڪردار کي، بنو عباس واري ڪردار سان ڀيٽيو آهي، جيڪو هنن بنواميه سان روا رکيو. پروفيسر نذير، ڊاڪٽر مبارڪ جي ڪيريڪيچر ۾ سندس ٽونڪ (ڀارت) مان سنڌ ۾ لڏي اچڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي مان تاريخ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ ۽ اتي ئي تاريخ جو استاد بڻجڻ ۽ سندس پنجاهي کن ڇپيل ڪتابن جو ذڪر ڪندي، سندس سنڌ دشمنين تي تبصرو ڪيو آهي. سومري صاحب، ڊاڪٽر مبارڪ بابت، ملڪ جي مڃيل تاريخدان پروفيسر رياض الاسلام جي منفي راءِ ڄاڻائڻ کان پوءِ، هڪ مڪاني اردو اخبار ۾، سهيل وڙائچ طرفان، سندس ورتل انٽرويو جي مندرجات تي بحث ڪيو آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر مبارڪ، پاڪستان جي هلچل ۾، سنڌ جي ڪردار کي مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته، “سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو، پاڪستان ٺاهڻ واري هلچل ۾ پڇاڙڪن ڏينهن ۾ شامل ٿيا،” سنڌي دانشورن کي ڊاڪٽر مبارڪ لاءِ سندس روشن خياليءَ جي ڪري هميشه، نرم گوشو پئي رهيو آهي، پر دانشورن جون خوش فهميون يا غلط فهميون دور ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ٺاهڻ ۾، سنڌ جي هر طرح جي قربانين کي ياد ڪرڻ لاءِ هيءُ خط ڇاپي رهيا آهيون.
(ايڊيٽر ماهوار سوجهرو)

جيڪڏهن ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ 19 جنوري 1920ع تي لاڙڪاڻي جي ريلوي اسٽيشن جي پراڻي پليٽ فارم تان، هجرت تحريڪ ۾ جان وجهڻ لاءِ، جيڪا سنڌي مهاجرن سان ڀريل ريل، بئريسٽر جان محمد جوڻيجي جي سربراهيءَ ۾ افغانستان طرف رواني ٿي هئي، ڊاڪٽر مبارڪ علي ان کي ڪهڙي ۽ ڪنهن جي کاتي  ۾ لکندو؟ ڇا اهو ايڏو وڏو تاريخي ۽ حقيقي واقعو، ڊاڪٽر مبارڪ علي جي لفظن ۾ ڪوڙ آهي؟ ڇا هجرت تحريڪ پاڪستان جي تحريڪ جو حصو نه هئي؟ جڏهن ته هجرت جي اپيل ڪندڙ ليڊر صاحبان ته زباني جمع خرچ ڪري چپ ڪري ويهي رهيا ۽ هجرت تحريڪ جي ناڪاميءَ جو سبب بڻيا. فارسي زبان جي چوڻي ياد ٿي پوي:
“بريس عقل و دانش ببايد گريست.”
(ان عقل ۽ فهم تي روئڻ کپي.)
جڏهن ڍاڪا ۾، مسلم ليگ جو بنياد پيو ته ان جو پهرين صدر به هڪ سنڌي سيد سلطان محمود شاهه عرف سر آغا خان کي بڻايو ويو هيو، حالانڪ نواب سليم الله خان جي ڍاڪا واري بنگلي ۾ مسلم ليگ جي قيام وقت، آغا خان موجود به ڪونه هيو. هو لاڳيتو 6 سال مسلم ليگ جو صدر رهيو. 1906ع ۾ جڏهن لارڊ منٽو سان شملي ۾، مسلمان ملڻ ويا ته انهن جي وفد جي اڳواڻي به سر آغا خان ڪئي. مسلم ليگ جو پهريون ساليانو اجلاس به سرزمين سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ 29 ڊسمبر 1907ع تي ٿيو. سر آدم جي پير ڀائيءَ ان اجلاس جي صدارت ڪئي هئي. ان بابت دانشور، محقق، تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي جو ڇا خيال آهي؟ الائي ڇو ڇپن کي چونو هنيو ويٺو آهي!
ڄائو مائو سنڌي، سر عبدالله هارون جون پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڪيل خدمتون ته تحريڪ پاڪستان جو سونهري باب آهن. مسلم ليگ جي مرڪزي مجلس، جيڪا آڪٽوبر 1938ع تي ڪراچيءَ جي عيدگاهه واري ميدان ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت ۾ ٿي ۽ سر عبدالله هارون پنهنجي خطبهء استقباليه ۾ چيو: “هي اجلاس آل انڊيا مسلم ليگ کي اختيار ڏئي ٿو ته اها اهڙي آئيني اسڪيم تيار ڪري، جنهن ۾ مسلمان پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري حاصل ڪن ۽ هندستان کي ٻن ملڪن ۾ ورهايو وڃي.”
سنڌ مسلم ليگ جي هن پاس ڪيل قرارداد کي، نئين وجود ۾ ايندڙ سنڌ اسيمبلي وڏي اڪثريت سان پاس ڪيو. لاهور وارو قراردادِ پاڪستان ته اڃا پوءِ جي ڳالهه آهي. سنڌ جي شهر ڪراچيءَ ۾ 12 نومبر 1938ع تي، آل انڊيا خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي، ته ان ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو ڪتابي شڪل ۾ موجود آهي. اهو ڪتاب، لياقت علي خان، بعد ۾ پاڪستان جو وزيراعظم، مسلم ليگ ريزيوليشن جي نالي سان ڇپرايو. ان ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو هندو ۽ مسلمان ٻن الڳ قومن جو ذڪر موجود آهي. هڪ ٻئي معتبر ليکڪ، ڊاڪٽر مسڪين علي حجازي، قائدين تحريڪ پاڪستان جي روشن ستاري نالي سان اردوءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ مسڪين علي حجازي، سر آغا خان ۽ سر عبدالله هارون کي پاڪستان جي بانين ۾ شمار ڪري ٿو. اها وڏي حقيقت آهي ته پاڪستان جي تحريڪ ۾ سنڌ جي ڏنل قربانين ۽ سنڌين جي ڪردار کي ڪاٽو ڪجي، ته سڄي پاڪستان جي تحريڪ نامڪمل ۽ اڌوري رهجي ويندي. تحريڪِ پاڪستان جو روشن باب ته سنڌ آهي. پاڪستان جي تحريڪ جي عمارت جو اهم ٿنبو سنڌ آهي. هجرت تحريڪ هجي يا خلافت تحريڪ، ريشمي رومال تحريڪ هجي يا ڪا ٻي تحريڪ، جن تي پاڪستان جي عمارت تعمير ٿي، ان ۾ سنڌين ڀرپور حصو ورتو. پاڪستان جي تحريڪ ۾، سنڌي صحافت جو ڪردار ڪنهن کان ڳجهو رهيو آهي؟ هيڏانهن اسان جو دانشور ۽ محقق، علامه ڊاڪٽر مبارڪ علي آهي جيڪو فرمائي ٿو: “ڇا جي سنڌ، ڪهڙو سنڌين جو پاڪستان لاءِ ڪردار!”
1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي عام جلسي لاءِ ڀڄ ڊُڪ ڪنهن ڪئي؟ وڌ ۾ وڌ مالي سهڪار ڪنهن ڪيو؟ ان جي لاءِ ملڪ جي مشهور تاريخدانن ۽ عالمن، مولانا اعجازالحق قدوسي ۽ مولانا غلام رسول مهر جا ڪتاب سنڌين جي پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڏنل قربانين جي ذڪر سان ڀريا پيا آهن. الهه آباد ۾ سال 1932ع ۾ جيڪا يونٽي ڪانفرنس ٿي هئي، ان ۾ ته سنڌين پنهنجي قابليت جا جوهر ڏيکاريا، جو مولانا شوڪت علي جهڙا ماڻهو متاثر ٿيا ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي مبارڪون ڏنائون. لاهور وارن جو ته حال اهو هيو جو مسلم ليگ جو جلسو ڪرائڻ لاءِ تيار ته ڇا، رهندو ڦٽائڻ لاءِ آتا هئا. مسلم ليگ جي ان ٿيندڙ جلسي کان ٻه چار ڏينهن اڳ، خاڪسارن تي پوليس فائرنگ ڪري، لاهور جي فضا کي سياسي جلسي لاءِ خراب ڪيو ويو.
لاهور جي قرارداد جو مسودو لکڻ وقت قائداعظم محمد علي جناح فقط ٽن ماڻهن سان مشورو ڪيو هيو، جن ۾ هڪ بنگالي ۽ ٻه سنڌي؛ عبدالله هاورن ۽ پير علي محمد راشدي هئا. لاهور واري قرارداد جو ته ڊرافٽ به هڪ سنڌيءَ، پير علي محمد راشدي، ٽائيپ ڪيو هيو. ان مسلم ليگ جي جلسي لاءِ ڪنهن 100 ڏنو، ته ڪنهن 50 رپيا. نواب ڪالاباغ هزار رپيا ڏنا هئا. گهڻو خرچ سر عبدالله هارون ڪيو. قائداعظم محمد علي جناح ۽ خاڪسار تحريڪ جي باني ۽ حساب داني ۾ سڄي دنيا ۾ مٿاهون رتبو رکندڙ شخص، علامه عنايت الله مشرقي جي وچ ۾ جڏهن ناراضگي ۽ اختلاف ٿيا، تڏهن سر عبدالله هارون ئي هيو جنهن محمد علي جناح کي قائل ڪري دهليءَ جي قرول باغ ۾ علامه صاحب سان ملڻ لاءِ تيار ڪيو هيو ۽ ٻنهي ۾ سڌيءَ طرح گفتگو ڪرائي هئي. جنهن ڳالهه تي ڊاڪٽر مبارڪ علي ٽڏي ٿو ته پاڪستان جي جنگ اتر پرديش ۾ لڙي وئي سو، يو پي جي مشهور ليڊر راجا آف محمود آباد ته 1927ع ۾ نهرو رپورٽ تي صحيح به ڪري ڇڏي هئي. ڪنهن به سنڌي، ڪانگريسي توڙي ليگي ليڊر، نهرو رپورٽ تي صحيح ڪانه ڪئي. اهي سنڌي مسلمان هيا جن نهرو رپورٽ جي جواب ۾، پنهنجا چوڏهن نڪتا پيش ڪيا، جن ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ وارو نڪتو به شامل هيو. يو پيءَ وارن ته سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي مخالفت پئي ڪئي، ته ائين ڪرڻ سان بمبئي جا مسلمان ويچارا اقليت ۾ رهجي ويندا.
مسلم ليگ لاءِ، اهڙو به ڏکيو وقت آيو جو، هندستان جي مسلمانن محمد علي جناح کي ڇڏي، پنهنجو ليڊر سر محمد شفيع کي چونڊي، مسلم ليگ جو الڳ ڌڙو قائم ڪيو، جنهن کي شفيع ليگ ۽ ٻئي ڌڙي کي جناح ليگ چيو ويو. سنڌي مسلمانن ته ڪڏهن به محمد علي جناح کي، ڪنهن به موڙ تي، اڪيلو نه ڇڏيو. 1913ع ۾ جڏهن يو پيءَ جي هڪ شهر ڪانپور جي مڇي بازار ۾ مسجد کي ڊاهڻ وارو مشهور واقعو ٿيو، تڏهن يو پيءَ جي حڪومت خاموش تماشائيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. اهو سرزمين سنڌ جو شهر ڪراچي آهي، جنهن ۾ مسجد ڪانپور جي حق ۾ وڏو احتجاجي جلسو ٿيو، جنهن ۾ يو پيءَ جي حڪومت ۽ ڪانپور جي ڊپٽي ڪمشنر ايڇ.جي.ايس. ٽائلر ۽ يو پيءَ جي گورنر جي.ايس. ميسٽن جي خلاف، کليو کلايو ڳالهايو ويو. سندن عمل جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي ويئي. ان ڪراچيءَ واري جلسي جي ڪاروائيءَ جي رپورٽ، مولانا محمد علي جوهر جي اخبار، ڪامريڊ جي آگسٽ 1913ع ۾ مفصل ڏنل آهي.
سرزمين سنڌ کي جتي، باب الاسلام هجڻ جو شرف حاصل آهي، اتي سڄي برصغير مان رڳو سنڌ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان جي حق ۾ پاڪستان جو ٺهراءُ، وڏي اڪثريت سان اهڙي طرح پاس ڪيو جو ڪافي دير تائين، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڊيسڪن وڄڻ جا آواز، تاڙين جا ڦهڪا ۽ نعرن جا آواز اسيمبليءَ جي ڇت کي به اڏائي رهيا هيا. انهيءَ بل جي رٿ پيش ڪندڙ، سائين جي ايم سيد هيو. اُتر هندستان، جنهن لاءِ ڊاڪٽر مبارڪ فرمائي ٿو: “پاڪستان جي جنگ اُتي لڙي وئي”. جڏھن ته يو پيءَ ۽ سي پي يا ڪنهن ٻي رياست ۽ صوبي کي ته اهڙي جرئت ڪانه ٿي، جو پاڪستان جي حق ۾ بل پاس ڪن. ڊاڪٽر مبارڪ علي چوي ٿو: “وهان وڊيري اور جاگيردار 1946ع مين آکر شامل هوئي.” جيڪڏهن سنڌ جا وڏيرا ۽ جاگيردار دير سان اچي مسلم ليگ يا تحريڪ پاڪستان ۾ شامل ٿيا ته پوءِ هي بل جيڪو پاس ڪيو ۽ ڪرايو ويو، جيڪا لڪل ڇُپيل ۽ ڍڪيل ڳالهه ڪانهي، ته ڪنھن ڪرايو؟

ياد رھي ته جنهن سنڌ اسيمبلي، پاڪستان جي حق ۾ بل پاس ڪيو، ان جا هڙئي ميمبر جاگيردار ۽ وڏيرا هئا. ڪوبه لوئر مڊل ڪلاس يا مڊل ڪلاس جو فرد نه هيو.

23/08/2014

پکڙا ۽ پنهوار وارو “گدائي” - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو

پکڙا ۽ پنهوار وارو “گدائي”

ماضيءَ جي يادن جا نقش، زندگيءَ جي تصور جي رُخ تي نمايان ٿي بيهي رهيا آهن. هاڻي ته عُمر عزيز اڌ صديءَ کان به تجاوز ڪري چُڪي آهي. ياد ٿو پئي، اُهو سال 1968ع وارو زمانو هو. صوبو سنڌ بدنام زمانه “ون يونٽ” جي قهري ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل يا ايئن کڻي چئجي ته چوکنڀو ٻڌل هو. ان زماني ۾ ڪنهن ٿي ڄاتو ته فقط ٻن سالن کان پوءِ ان وقت جي پاڪستاني صدر آغا يحيٰ خان جي مارشل لا جي هڪ فقري سان “ون يونٽ” ڪنهن ڀُتي ڀت وانگر اچي ڦهه ڪري ڪري پوندو ۽ سنڌ صوبو 1935ع واري انڊين ايڪٽ تحت، پنهنجي صوبائي اصلي شڪل ۽ حالت وٺندو، جيڪا کيس ممبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل هجڻ ڀيري حاصل هئي.

22/08/2014

استاد بخاري - روشن پيشاني - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو

استاد بخاري - روشن پيشاني

1950ع واري ڏهاڪي جو زمانو آهي. دادوءَ ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ٻن والي بال ٽيمن جي وچ ۾ دادوءَ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي. ڦُلجي اسٽيشن، والي بال کيڏڻ لاءِ جيڪا ٽيم آيل آهي ان ۾ هڪ قداور نوجوان، دلڪش مهانڊن، خوبصورت اکين ۽ پاڪستاني فلمي بنگالڻ اداڪاره شبنم وانگر نڪ جي چوٽيءَ تي ڦڙو رکندڙ، والي  بال راند ۾ سينٽر تي بيهي راند اهڙي مهارت سان کيڏي ٿو جو ڏسندڙ وَرُ وَرُ ڪري تاڙين جي ڦهڪن ۾ کيس داد ڏئي رهيا آهن. مخالف ٽيم جا رانديگر دل ئي دل ۾ خار کائي رهيا آهن. ڪير پيو ڄاڻي ته والي بال ۾ سينٽر تي بيهي مهارت سان راند ڪندڙ، جمپ ڏئي والي هڻندڙ نوجوان ۽ ڦلجي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ غلام چانڊيو جو هي پرائمري ماستر، اڳتي هلي سنڌي شاعرن جي راند يعني شاعريءَ ۾ به ساڳي سينٽر واري جاءِ والاريندو ۽ سندس فڪر انگيز، سادن لفظن واري شاعري، سندس لئي ۽ مخرج سان شاعري پڙهڻ جو انداز ڏسي پاڻ کي شاعرن جي قطار ۾ شامل سمجهندڙ متشاعر ته ڇا، پر چڱا ڀلا شاعر دل ئي دل ۾ خار کائيندا/ريس ڪندا ته اهڙي پذيرائي کين ڇو نه ملي؟ اهو رانديگر استاد بخاري هو.

ذوالفقار راشدي - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو

انقلاب ۽ سونهن جو شاعر: ذوالفقار راشدي

ورهاڱي کان پوءِ، سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي جيڪا نئين پوش، ادبي ميدان ۾ ظاهر ٿي، تن مان ذوالفقار راشدي به هڪ آهي. شيخ اياز، نياز همايوني، شيخ عبدالرزاق راز، بشير مورياڻي، بردو سنڌي، عبدالڪريم گدائي، غلام محمد گرامي، مخدوم طالب المولى، استاد بخاري، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، شيخ عبدالحليم جوش، علي محمد مجروح ۽ انهي سطح جي ٻين انيڪ شاعرن سان گڏ نوجوان شاعرن جهڙوڪ: قمر شهباز، شيخ قيوم طراز، فتاح ملڪ، امداد حسيني، الطاف عباسي، محسن ڪڪڙائي، وفا پلي، وفا ناٿن شاهي، نظر سنڌي، تاج بلوچ ۽ ذوالفقار راشديءَ تائين، سنڌي پڙهندڙن سان متعارف ٿي. ٽه-ماهي ‘مهراڻ’ ۽ ماهوار ‘نئين زندگي’ جي ايڊيٽرن، پنهنجي جوهري ڏانءَ سان انهن موتين کي جرڪايو ۽ نئين ٽهيءَ جو اصطلاح انهن شاعرن جي فڪري رنگيني ۽ اثر انگيزي جي ڪري ئي رائج ٿيو. جڏهن ون-يونٽ ٺهيو ته سنڌي شاعرن جو حسن ۽ عشق جي معاملن مان نڪري، زندگيءَ جي مسئلن سان متصادم ٿيو ۽ مزاحمت جو هڪ انوکو دور ۽ انداز شروع ٿيو. انهيءَ سموري دور ۾، نئين سنڌي شاعريءَ ڪلاسڪ سان پيچ پائيندي، انقلاب ۽ جمال جا نوان رنگ ڄمايا. مرحوم ذوالفقار راشديءَ جو شمار به انهيءَ دور جي فڪري ۽ فني طور تي مٿانهين درجي جي شاعرن منجهان ٿئي ٿو. هو نه رڳو اهم شاعر ۽ سچو صحافي هو، پر علم ۽ ادب بابت، تنقيد جي ڏس ۾، سندس خاص نقطهء نظر رهيو: ترقي پسنديءَ ۽ جديديت واري آميزش وارو انداز.