11/09/2014

گوهر شيخ جي شاعريءَ جو اڀياس - احسان دانش (Ahsan Danish)

”اميدن شور آندو آ، جمودن کي مان ٽوڙيندس“
گوهر شيخ جي شاعريءَ جو اڀياس

احسان دانش
شاعري ڪو جادوئي نغمو آهي جيڪو روح جي تارن کي ڇيڙي جذبن ۾ هلچل مچائي ٿو. شاعري ڪو اهڙو پُر لطف آهنگ آهي جنهن کي احساس جي ڌن تي گنگنائي سگھجي ٿو. شاعري ڪا اهڙي ندي آهي جنهن جا پنهنجا گس ۽ گھيڙ آهن، شاعري اهڙي پياس جو پنڌ آهي، جنهن جي آس هر اُن من ۾ جاڳي ٿي جنهن ۾ بي چينيءَ جا رُباب وڄن ٿا. شاعري هڪ اهڙو سرور آهي جنهن جي ڪيف کي اهڙا متارا ئي سمجھي سگھن ٿا جن موکيءَ واري مئي جو مزو ماڻيو هجي. شاعريءَ جو اهو غمزو ۽ غنا، ترنم ۽ آهنگ، پياس ۽ سرور ان کي گھڻ رخو، گھڻ معنوي ۽ گھڻ احساسي چيز بڻائين ٿا. سمورن لطيف فنن منجھان شاعريءَ کي مٿاهون ۽ معتبر فن ڄاتو ويو آهي.

شاعريءَ جي اظهار جو ٽول لفظَ آهن. لفظَ جيڪي غير مادي شي هجڻ باوجود پنهنجي اندر معنائن، شڪليل، منظرن ۽ احساسن جا جهان آباد ڪيو ويٺا آهن. سمورن لطيف فنن منجھ بنيادي قدر ساڳيا آهن ۽ انهن ۾ تخليق جو حوالو سڀ کان سگھارو آهي. شاعري، موسيقي، مصوري، صنم سازي ۽ عمارت سازي سڀئي اهڙا فن آهن جيڪي تخليق ۽ تخيل جي حسن سان ئي حسين بڻجن ٿا. شاعريءَ کان سواءِ مذڪوره سموارا فن ڪنهن نه ڪنهن مادي شي جا محتاج آهن. موسيقي ساز جي محتاج، مصوري ڪاغذ، پردي، برش يا پينسل جي محتاج، سنگتراشي ڇيڻيءَ ۽ هٿوڙي جي محتاج ۽ عمارت سازي ڪيترن ئي اوزارن جي محتاج آهي. انهن مان شاعري ئي هڪ اهڙو فن آهي، جنهن کي ڪنهن مادي چيز جي گھرج نه ٿي هجي. لطيف فنن منجھان هڪ ٻيو فن آهي رقص. جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته رقص جسم جي شاعري آهي ــــ جيڪڏهن رقص جسم جي شاعري آهي ته مان سمجھان ٿو ته شاعري لفظن جو رقص آهي. لفظ جن ۾ هڪ ترتيب ۽ ترنم آهي، لفظ جيڪي صف بند ٿين ته سرحدن جي سپاهين جيان لڳن، منتشر ٿين ته پَٽَ تي وکريل موتين وانگر، هڪ ٻئي جي پويان هجن ته خوبصورت مالها جيان، هڪ ٻئي سان جُڙندا اڳتي وڌن ته زنجير جيان، ڇوها اچن ته آبشارن جيان، ڌيري اچن ته ندين وانگر. اهي ئي لفظ اُهي شبد جن جي ڪارج جو اندازو ڪرڻو هجي ته ڪبير سان ڳالهائجي، جنهن چيو هو ته:
شبد کو کهوج لي شبد کو بوجھ لي شبد هي شبد تو چلو بهائي
شبد آڪاش هي، شبد پاتال هي شبد تو پِنڊ برهمنڊ چهائي.
(لفظن کي ڳول، لفظن کي سمجھ ۽ لفظن جي سهاري ئي هل. لفظ ئي آسمان آهن، لفظ ئي تحت الثرى آهن، لفظ ئي زمين ۽ سارو جهان آهن.)
پر جيئن هر آواز موسيقي نه ٿو ٿي سگھي، رنگن جو ڦهلاءُ ۽ هر لڪير مصوري نه ٿي ٿي سگھي، هر پٿر جي تراش ڪنهن مورتيءَ کي جنم نه ٿي ڏئي سگھي، هر اڏاوت عمارت سازيءَ جو شاهڪار نه ٿي ٿي سگھي ۽ هر حرڪت رقص نه ٿي بڻجي سگھي، تئين ئي لفظن جو هر ميڙ شاعري نه ٿو بڻجي سگھي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن جا اهڙا ڪيئي ميڙ نظر ايندا جن کي شاعري طور پيش ڪيو ٿو وڃي. شاعريءَ ۾ جيستائين بيساختگي ناهي تيستائين اها دلين تي اثر نه ٿي ڪري. شاعري اُها ڪرشماتي قوت آهي جيڪا انساني احساسن جي گھرائيءَ ۾ لهي منجھس هڪ عجيب هلچل پيدا ڪري ٿي ـــ جيڪي شاعر خيال کي تابوت بڻائي منجھس قافين جا ڪوڪا هڻن ٿا انهن جي شاعري به ڪنهن ميت وانگر ئي محسوس ٿيندي، جنهن ۾ نه هوندو ڪو ساهه ۽ نه ئي وري تحرڪ ــــ سريلسٽ شاعر ڊيلن ٿامس لکيو آهي ته “مان لفظن جي اڳيان جھڪي پوندو آهيان.” اهو به عجيب معاملو آهي جو ڪي شاعر لفظ جي اڳيان جھڪي پون ٿا ته ڪن شاعرن جي اڳيان وري لفظ جھڪي پون ٿا. جن شاعرن اڳيان لفظ سجدا ريز ٿين ٿا انهن وٽ شعرَ خود شعر بڻجڻ لاءِ منتظر هوندا آهن. جيئن غالب چيو هو ته:
ما   نه    بويم    بديں   مرتبه   راضی    غالب،
شعر خود خواهش آں  کرد ، که گردد  فنِ  ما.
(اي غالب اسان کي شاعريءَ جو منصب سونهين ته ڪونه ٿو، پر ٿيو ائين جو خود شعر جي، شعر ٿي پوڻ جي تمنا شاعريءَ کي اسان جو فن بڻايو.)
ان سموري پس منظر ۾ جڏهن آئون گوهر شيخ جي شاعريءَ جو مطالعو ڪريان ٿو ته هڪ آٿت ۽ اطمينان جو احساس ٿئي ٿو. گوهر جو فن ۽ لهجو پنهنجو آهي. هن پنهنجي پيش رو جي تقليد بدران گھڻو ڪري پنهنجو الڳ رستو گھڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اها ئي ڪوشش کيس جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ انفراديت پسند شاعر طور سڃاڻپ ڏياريندي. گوهر جي شاعري گھڻ رخي ۽ گھڻ موضوعاتي آهي. ديس جو درد هن جي شاعريءَ جو محور آهي. هن جو فڪر ۽ اظهار ڳتيل، غير روايتي ۽ غير معمولي آهي. هو فن جي ماڻ ۽ ماپن جي ڄاڻ رکي ٿو. منفرد لفظن جو استعمال، مختلف تجنيسون، تشبيهون، تلميحون ۽ استعارا هن جي شاعريءَ کي حسين بڻائين ٿا.
گوهر شيخ هڪ مشڪل پسند شاعر آهي. سڌو سنئون اظهار کيس پسند ناهي، ان ڪري هو پنهنجي فڪر ۽ تخيل کي انوکين علامتن، ترڪيبن ۽ استعارن، تشبيهن، اشارن ۽ ڪناين وسيلي ظاهر ڪري ٿو. هڪ عام پڙهندڙ لاءِ هن جا غزل دماغ جون نروز پڪڙيندڙ آهن، ڇوته عام پڙهندڙ کي شعر ۾ سڌو سنئون اظهار سٺو لڳندو آهي پر اهو شعر جي فن جو ڪو اعلى معيار نه آهي، جي ائين هجي ها ته پاڙيسري ملڪن جي ڌنن تي وڄندڙ ڪيسيٽي شاعري اڄ جي دور جي عظيم شاعري ليکجي ها. ان ڪري عوام جي پسند ۽ ناپسند جو شاعريءَ جي اعلى قدرن سان ڪو واسطو ناهي. ان کان علاوه شعر ڪا اخباري خبر به ناهي، جنهن کي پڙهڻ سان رڳو حالاتِ حاضره جو پتو پوي ۽ معلومات ۾ اضافو ٿئي. اعلى شعر جي تخليق فن جو معجزو آهي. سلاست بيشڪ هڪ اهم شعري صنعت آهي، جنهن کان انڪار ممڪن ناهي. سلاست جي اهميت نه هجي ها ته اسان استاد بخاري ۽ وفا ناٿن شاهي جهڙن شاعرن جي شاعريءَ جا ڳُڻ نه ڳايون ها. پر شاعري رڳو انهيءَ صنعت جي محتاج ناهي. فصاحت، بلاغت، جدت، تجنيس، تلميح ۽ ٻيون انيڪ صنعتون شاعريءَ جي حسن کي وڌائين ٿيون. جيڪڏهن رڳو سلاست ئي شاعريءَ جو ڪُلي جوهر هجي ها ته ٻين شعري صنعتن جي ضرورت ئي نه پوي ها.
هر تخليق ارتقا پزير ٿئي ٿي، جيئن آرٽ (مصوري) جو هڪ فارم آهي اسٽل لائيف، جنهن ۾ زندگي ۽ شيون جيئن آهن انهن کي هوبهو انهيءَ طرح پينٽ ڪيو ويندو آهي، گويا انهن پينٽنگس ۾ آرٽسٽ فوٽوگرافي وارو ڪم ڪندو آهي. اهو زندگي ۽ شين کي سڌو سنئون ڏيکارڻ جو هڪ فن آهي پر ساڳي وقت فنِ مصوري جو هڪ فارم آهي ائبسٽريڪ جنهن ۾ شين، منظرن ۽ ڪردارن کي جيئن جو تئين يعني فوٽوگرافي وانگر پيش نه ڪيو ويندو آهي پر رنگن ۽ لڪيرن ۾ اهڙي نموني لڪائي پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ساڃاهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي. ساڳي ريت شاعري ۾ به ڪٿي سڌو سنئون اظهار ٿئي ٿو ته ڪٿي وري منجھيل ۽ مبهم. سڌو سنئون اظهار گھڻو ڪري عوامي شاعريءَ جي سونهن ٿئي ٿو، جڏهن ته ڳجھو ۽ ڳوڙهو اظهار جديد شاعريءَ جو حسن آهي. گوهر جي شاعري به اهڙي ئي ڳجھ جي ڳنڍ آهي جنهن کي کولڻ لاءِ هڪ خاص بصيرت جي ضرورت آهي.
کَـڻي ڪـوئي  آيـو، کِنوَڻ  آ خوشيءَ تي،
بڻائي ويو  خـاڪ،  اُڀَ  جـي  هُشيءَ تي.

سڙي  وِيــا  سمورا ئي سجدا  اسان  جا،
ائـيــن بـاهه  ڪـائي،  ڪِـري  بندگيءَ تي.

نه ڪو ڀَوَ جو ڀونچالُ، ڀوري سگهي ٿو،
اَڏيل جي خودداريءَ جو گهر آ مٽيءَ تي.
شاعريءَ ۾ ابلاغ (Communication) جو سوال ڏاڍو اهم آهي، پر انهيءَ سوال سان سلهاڙيل آهي هڪ ٻيو سوال ته “شاعريءَ جو سامع يا قاري ڪير آهي؟” يعني شاعرُ شاعري ڪهڙي طبقي لاءِ ٿو ڪري؟ ان منجھان ئي هڪ ٻيو سوال به فطري طور اُڀري ٿو ته “ڇا مخصوص شاعرن جي شاعري ڪنهن مخصوص طبقي لاءِ هوندي آهي؟” شاعريءَ جي ابلاغ جي سلسلي ۾ اهي سڀ سوال ڏاڍا اهم آهن. چوندا آهن ته هر لکيل لفظ کي ڪو نه ڪو پڙهندڙ ملي ويندو آهي. ان راءِ مطابق هر شاعر جو قاري ٿئي ٿو. ڪنهن شاعر جو قاري ڳوٺ ۾ هوندو ته ڪنهن جو شهر ۾. پر شعر کي ساڃاهڻ جو تعلق جاگرافيائي حدن سان نه آهي ان جو واسطو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جي ذهني سطح سان آهي. ان ڪري هڪ شاعر جو شعر هڪ پڙهندڙ لاءِ باقصد ۽ عظيم ٿئي ٿو ته ٻئي لاءِ بي مقصد ۽ فضول. جنهن وٽ جيترو شعر کي سمجھڻ جو شعور هوندو اهو اوترو ئي ذهين پڙهندڙ ليکبو، تنهنڪري دنيا ۾ اديبن جو هڪ طبقو ذهين پڙهندڙن ۽ تخليق جي گھرائين کي سمجھندڙن کي به تخليقڪارن وارو درجو ڏئي ٿو. ان مان ظاهر ٿيو ته اعلى درجي جي شاعري کي سمجھندڙ هڪ مخصوص طبقو ٿئي ٿو جڏهن ته ٻئي طبقي لاءِ اها مونجھارن سان ڀريل هجي ٿي. شاعريءَ ۾ ابلاغ جو وسيلو به لفظ آهن ۽ لفظ ئي آهن جن جي مخصوص ترتيب ۽ ترڪيب معنائن، احساسن، منظرن ۽ واقعن کي جنم ڏئي ٿي. گوهر جي شاعريءَ ۾ اهڙي ترتيب ۽ ترڪيب آهي جنهن سان نه رڳو منجھس فڪر ۽ احساس جي گھرائي پيدا ٿئي ٿي پر خوبصورت آهنگ، ترنم ۽ موسيقيت به اڀري ٿي.
آلاپ   نـــه  ڪـــو  آزاد   هِــــتـــي،   آوازُ ڪٿـي آباد ڪيان!
سُـرُ ساهُه کڻي ٿو ڪونه سگهي مان سازُ ڪٿي آباد ڪيان!

ڪنهن ڀيـد بغاوت آھِ  ڪئي، جو ڇاتيءَ کي وِيا ڇَيدَ ڇُهي،
سوراخَ  رَهــن  ٿـــا  سينـي  ۾، مــان رازُ ڪٿي آبـاد ڪيان!
تخليقي جهان ۾ گوهر شيخ جي پهرين مراد سندس پهريون شعري مجموعو پڃرا تُنهنجي پنبڻين جا ٽن شعري صنفن تي مشتمل آهي. غزل، وائي ۽ نظم. انهن ٽنهي صنفن جي موجودگي سندس هن شعري مجموعي کي روايت، ڪلاسيڪيت ۽ جدت جو سنگم بڻائي ٿي.
گوهر جا غزل موضوعاتي لحاظ کان جديد ۽ اڇوتا آهن. پر هن جي غزلن ۾ غزل جو بنيادي موضوع رومانس ورلي ملندو. زندگي ۽ زندگيءَ جا معاملا، اڻ ڇهيا احساس ۽ ڪيفيتون، ڪرب ناڪ منظر ۽ محاڪات، ذات جي اڻپورائي ۽ وجود جي خلا وغيره هن جي غزلن جو احاطو ڪن ٿا. ڪتاب جي پهرين غزل ۾ ئي گوهر جي انوکي اسلوب ۽ لهجي کي محسوس ڪري سگھجي ٿو:
سُــڳــنــڌَ کـي ڪـا ســـزا مــلـي آ، گــلابَ کـي ڪـوڪُهي ويــو آ.
بهارَ!ڇـا ٿِـي پُــڇـيـن اسـان کان، شبابَ کـي ڪـوڪُهي ويــو آ.

خُمـارَ اُڏري وَيــا سـمـورا، اچـن پَــيــون مئڪدي مان ڪِيهُون!
وڃــــو پــيــالو! تـــڏا  وڇـــايـــو، شـــرابَ کـي ڪوڪُـهي ويــو آ.
گلاب جو ٽاري مان ٽٽڻ، ڇڄڻ، پٽجڻ ۽ ڪومائجڻ عام طور شاعري ۾ استعمال ٿيندو آهي پر گوهر گلاب کي ڪهڻ وارو نهايت اڇوتو ڪانسيپٽ ڏنو آهي ۽ ان ڪوس جي نتيجي ۾ جيڪي حادثا ٿين سي به دل سوز آهن. ان سان سڳنڌ کي سزا ٿي ملي ۽ بهار جي مند ۾ به ڪو شباب نه ٿو رهي. ٻئي شعر ۾ پيالن جو تڏو وڇائڻ ۽ شراب جو ڪوس به انوکيون علامتون آهن. شراب جو ڪوس يعني مئي تي بندش. شراب جو تعلق پيالن سان آهي. مئي جي اڻاٺ پيالن کي اداس ڪري ٿي، پياڪن جي نيڻن مان خمار اڏري وڃن ٿا ۽ مئڪدي مان ڪيهون اچن ٿيون. ان ڪري ئي پيالن صفِ ماتم وڇايو آهي. غزل جي انهن ٻن شعرن جي علامتن منجھان ئي جڏهن مان معنائن جا تهه کوليان ٿو ته گوهر جي خيال جي گھرائي ظاهر ٿئي ٿي. پهرين شعر ۾ سڳنڌ ۽ گلاب، امن ۽ انصاف جون علامتون آهن ائين ئي شبابُ خوشي، خوشحالي ۽ آجپي جو سمبل آهي. جڏهن ته ٻئي شعر ۾ سماجي بي چيني جي وارتا بيان ٿيل آهي. مئڪدو آهي سماج ۽ خمارُ سُک جي علامت آهي. پيالا اهي فرد آهن جيڪي شراب يعني انصاف کان محروم آهن. گوهر شيخ جي غزلن جو سمورو تاڃي پيٽو اهڙين ئي علامت ۽ استعارن سان جنجھ آهي. انهن ۾ ڪٿي ڪٿي معنوي جھول به آهن ته شعر ابهام جو شڪار به ٿين ٿا پر مجموعي طور گوهر جي غزلن ۾ گھرو فڪر ۽ تخيل آهي. گوهر جا غزل پڙهندي جارج لوئيس بورخس جي اها ڳالهه سورنهن آنا سچ لڳي ٿي ته ”شاعرُ تهن ۾ لڪل حقيقتن کي به لفظن جو آهنگ ڏيندو آهي.“
لاطيني آمريڪا جو عظيم شاعر اوڪتا ويو پاز لکي ٿو ته “شاعريءَ جا بنيادي جُزا، تاريخ، سماج ۽ زبان آهن... شاعر اهو شخص هوندو آهي جنهن جي ذات پنهنجن لفظن سان، وحدت بڻجي ويندي آهي. تنهنڪري رڳو شاعر ئي نئين مڪالمي کي ممڪن بڻائي سگھي ٿو.” گوهر جي شاعري به تاريخ، سماج ۽ زبان جي ٿنڀن تي بيٺل نظر اچي ٿي. هن جي شاعري اوڪتاويو پاز جي خيالن جو عملي عڪس آهي سندس شعر پڙهندي اهو احساس ٿئي ٿو ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ شعوري طور نئين فڪر، نئين خيال، نئين ڊڪشن ۽ نئين مڪالمي کي ممڪن بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ســوچَ  تــي طـاري  ڪـري  سرطـانُ  ٿـو،
هــوش  کــي  هــيــڊو  رَکــي  انسـانُ  ٿـو.
...............
تـيــرُ بڻــجـي، پــاڻُ  ڇـوڙي ٿو ڇڏي،
چُهنب ساهَن منجهه کوڙي ٿو ڇڏي.
...............
جڏهن ڪا خوشي ٿي حياتي گُهري،
لڳــو خـودڪُشي ٿــي حياتي گُهري.
...............
واٽن  ۾  وفا  ڪُچلي،  اوندهه  ۾ وَچن اُڇلي،
انـڪـــارَ  رکــي  اُجــــرا،   اقـــرارَ   اُجهــايـا  تو.
...............
تـــون  ڪـاٿـي  آهـيـــن  تـــارازي؟
مون آهه ڪڏهن کان وَٽُ جَـهليــو.
مٿيان سمورا شعر انوکن معنوي تهن ۾ ويڙهيل نظر اچن ٿا. پهرين شعر ۾ ظاهر آهي ته بيمار سوچ ماڻهوءَ جا هوش خطا ڪري وجھي ٿي. ٻئي شعر ۾ هڪ وجود کي تير بڻائي سندس چُهنب ساهن ۾ کوڙڻ وارو خيال نهايت نرالو آهي. اهڙي ريت گوهر خوشي خاطر خودڪشيءَ واري عمل تان هٿ کڻڻ واري خيال کي به اڇوتي انداز سان پيش ڪيو آهي. هو لفظن جي فريم اندر خاص ترتيب سان خيالن کي اهڙي نموني ٽڪائي بيهاري ٿو جو اهي بنهه اوپرا نه ٿا ڀاسن. جيئن هن پنهنجي مٿين شعر ۾ اظهاريو آهي جنهن ۾ هڪ بي وفا سان ڊائلاگ آهي، هن وفا کي رستن ۾ ڪُچلي ڇڏيو آهي ۽ سڀ واعدا وچن وساري ڇڏيا آهن ۽ اقرار جي جاءِ تي انڪار جو عادي ٿي ويو آهي. گوهر پنهنجن غزلن ۾ هڪ خاص لفظيات وسيلي شعرن مان خوبصورت معنائون تراشڻ جو هنر رکي ٿو. جيئن انڪار کي اجرو رکڻ ۽ اقرار اجھائڻ واريون لفظي ترڪيبون آهن. اهڙي ريت تارازيءَ سان مڪالمي ۾ وٽُ جھلڻ واري ترڪيب به نهايت حسين آهي. ان شعر جي پهرين مصرع ۾ تارازي کان سوال انصاف جي تلاش کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ٻي مصرع ۾ وٽُ جھلڻ انصاف جي طلب ڏانهن اشارو آهي.
گوهر جي غزلن جي مطلع يا پهرين مصرع اڪثر ڪري غضب جي آهي. مثال:
سـدا وَصُل  جــا  ساهَه  سوڙهـا رهيا.
..................
نگـاهن  جي  پويـان  نشانـا  ٿـا  ڀٽڪن!
..................
انـــڌيـــــرن  ۾  آشـــا  ٻُڏلَ ڪيستائين؟
اُجــــالا  اســان جـــا  ڪُـٺـلَ ڪيستائين؟
..................
دغـــا  ســان  ڌرتــي  ڌُڏي  رهـي  آ،  وفـا  جـو جيـون جـلاوطن آ.
خــميـــر ڪـاٿـي  خــلــوص  کـــوڙي،  جـزا جـو جيـون جـلاوطن آ.
..................
رُتــون  سـاريــون  رَتــورَت، ڙي!  نظارا  سوڳ ۾ آهن،
وڇــائي  ڪـو  وڇوڙا  وِيـو، هــي  چــارا  سوڳ ۾ آهن.
..................
کوٽي  نه  خـاڪ  منهنجي، آهي  نه  بُڻُ  اڻاسي،
مِٽِــيءَ  ڏنــو  مهانـــڊو، مھراڻَ  جو  مــان واسي.
هونءَ به شاعر تي جيڪا پهرين سٽ وارد ٿيندي آهي اها اندر جي حقيقي احساس ۽ اڻ جھل اڌمي جو نتيجو هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ان هڪ مصرع يا شعر جي صدقي سڄو غزل لکجي ويندو آهي ۽ جيتري دير شاعر وٽ اهو اڌمو تازو رهندو آهي اوتري دير تائين غزل پنهنجون حسناڪيون قائم رکي سگھندو آهي ورنه ڪيترن ئي شاعرن جي غزل جا باقي مصرع يا شعر ڀراءَ وانگر محسوس ٿيندا آهن. گوهر جي به ڪجھ غزلن ۾ اهڙو ڀراءُ نظر اچي ٿو. مثلاً “روشنيءَ جو” واري رديف تي لکيل سندس غزل جا هي شعر پڙهي ڏسجن:
شـعــاعـن  ڇِلـــي  لڱ ســـارا  ڇڏيــــا  هِن،
رهــي ٿـــو  ڀــلا ڪٿ رحــم روشنــيءَ جو.

ڪڏهن کان اسان جي نصيبن کي ڪارو،
بــــڻـــائـــي  ويــــو آ   قـــلـــم روشنــيءَ جو.
روشني خوشي، اطمينان ۽ اميد جي علامت آهي. اهڙي ريت جيڪڏهن اوندهه ۽ روشني جون علامتي معنائون تراشبيون ته انڌيرو ظلم ۽ روشني انصاف، اوندهه دهشت ته روشني حوصلو، انڌيرو جهالت ته روشني شعور، انڌيرو بي يقيني ته روشني ويساهه جي علامت ڀاسندا. گوهر مٿي ڏنل پهرين شعر ۾ روشني کي شعاع سان تعبير ڪيو آهي ۽ چوي ٿو ته شعاع لڱ ڇلي ڇڏيا آهن ۽ روشنيءَ کي ڪو رحم ئي نه آيو آهي. اهڙي طرح ٻئي شعر ۾ روشنيءَ جي قلم سان نصيبن جو ڪارو ٿيڻ به سمجھ کان ٻاهر آهي. شاعر وٽ انهن شعرن لاءِ ڪا نه ڪا جسٽيفڪيشن ضرور هوندي پر جيڪو شعر حد کان وڌيڪ مبهم ۽ ڌنڌلو ٿئي ٿو اهو پڙهندڙ تائين ان طرح هر گز نه ٿو پهچي سگھي جنهن طرح شاعر سوچي لکي ٿو.
غزل جو وڏو ڪمال ئي اهو آهي ته ان جي هر شعر ۾ الڳ مفهوم جو سمنڊ سمايل هوندو آهي. گوهر جا غزل ان اهم خوبيءَ سان مالا مال آهن پر ڪٿي ڪٿي هن جي غزلن ۾ ڪي شعر اهڙا به آهن، جيڪي سوال پيدا ڪن ٿا ۽ انهن سوالن جا جواب اڻ لڀ آهن. جيئن سندس هڪ غزل جو شعر آهي:
رَکــي،  آس،  آشــا،  اميدون  انـهـن ۾،
ٿَرن ۾ بَڙن جون ته ڇانئـون ٿـو ڳولي.
شعر پڙهڻ سان ئي سوال پيدا ٿئي ٿو ته آس، آشا ۽ اميدون ڪنهن ۾ ٿو رکي؟ شايد ڪنهن بي وفا، ڪنهن ستمگر، ڪنهن هرجائي ۾ـــ پر اهو شعر ۾ واضح ناهي. اهڙي طرح سندس هڪ ٻئي غزل جو شعر آهي:
سنڀـالــي  سنڀـالــي  کڻــان  ســاهُه  ٿــو،
هـوائـــن  جـي   حـــالـــت  اُهــا ئـي اڃــا.
سنڀالي سنڀالي ساهه کڻڻ ته ٺيڪ آهي پر هوائن جي حالت اهائي اڃا جو مطلب ڇاهي! هوائن جي ڪهڙي حالت آهي؟ ان جو شعر ۾ ڪو جواب نه ٿو ملي، جيئن ساڳي غزل جي هڪ ٻئي شعر ۾ سوال پنهنجي مڪمل جواب سان گڏ موجود آهي.
بڻائي نه ڪنهن کي به پنهنجو سگهن،
ادائــــن   جـــي  حـــالـــت  اُهــا ئـي اڃــا.
گوهر پنهنجن غزلن ۾ اهڙن ڪيترن ئي اڇوتن ۽ نرالن لفظن جو استعمال ڪيو آهي جيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ ورلي پڙهڻ لاءِ ملندا ۽ اهڙن لفظن جو استعمال بيشڪ ساراهه جوڳو ڪم آهي. انهن لفظن کي هن ڪافي جڳهن تي غزل جي قفيي طور به ڪم آندو آهي اهڙن لفظن ۾: پنوڙا، هوانا، نَرميلا، تڳڻ، ڀينڊ، نَٽُ، رنبو، رواتي، کيد، اوڪي، هُشي، ڏيتي، سنباڻ، تاڙا، اڻاسي، تپاسي، اُٻاسي، چُڳڻ، اُڃر، پرچاڻي، آتُ، اَناتُ، اُجھاءُ، مُڪاءُ، تراءُ، اُهاءُ، وڇاءُ، ماپو، ڌيرَ، هولُ، ترشول وغيره شامل آهن. گوهر ڏي اهو ڪريڊٽ ته وڃي ٿو ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪيترن ئي متروڪ يا گھٽ استعمال ٿيندڙ لفظن کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان ڪوشش ۽ نون لفظن جي استعمال جي شوق ۾ هو ڪٿي ڪٿي لفظن جو غلط استعمال به ڪري ويو آهي، جنهن جي ڪري شعر تي بي معنويت جو گمان به ٿئي ٿو.
گوهر شيخ جي غزلن ۾ اهڙا ڪيترائي شعر آهن جيڪي شاعراڻي ادراڪ ۽ جمالياتي خوبين سان جنجھ ۽ معنوي حسن سان رچيل آهن. هن جي غزلن ۾ شعر جي ڪرافٽنگ، خيال جي جدت، نفاست، نازڪ خيالي ۽ تشبيهن جي سونهن موجود آهي. سندس غزلن ۾ ڪٿي احساس جي شدت ته ڪٿي غم جي حدت، ڪٿي اجھل پڻو ته ڪٿي ٺهراءُ، ڪٿي اڻ پورائپ جو احساس ته ڪٿي پورڻتا جو آٿت، ڪٿي رقص بسمل واري ڪيفيت ته ڪٿي تشنگي جو احساس، ڪٿي جلڻ ۽ جھُلسڻ جي وارتا ته ڪٿي بک جي اذيت، ڪٿي نراسائيءَ جي واري ته ڪٿي آس ۽ اميد جا جگنو موجود آهن. سندس هيٺيان شعر منهنجي ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا.
نه ڪو ٿـانءُ  بڻجي  لَٿاسي ڪڏهـن،
رڳـو چَــڪَ  مٿان  ئِـي  پـنــوڙا رهيا.
.............................
نچـي  نــاوَ  ڪيسين، نـديءَ  ۾ ڀــلا!
ڪَپَرَ تـي ڪڏهن کان ٿو قاتل ڪُڏي.
.............................
سنـداڻِـن تي ڪوئي سمهاري  وَيــو،
روان هــانءَ  تــي بــس هـٿـوڙا رهيا.
................................
نديءَ  ۾  درد  تُــڙڳـن  ٿــا،  پڄــاڻيءَ  تـي  پُڳــو  پــاڻي،
وئـــي   بَـيـچَيـــنُ  ٿـــــي وارِي،  ڪـنـــارا  سـوڳ ۾ آهن.
...............................
سَکي! توسِجُ ٿي سدائين ساڙيو،ڪَيَم گرهه ٿي تڏهن به گردش،
ڌيـــان   ڪـاڏي   ڌِڪــو نــه  کــاڌو،  جـهـــانُ  ســارو  گـواهه آهـي.
.................................
ڪـري  بُکَ  بـنـجــر بـدن  کـي  رهــي  آ،
لڻـي ٿــو  لهـوءَ  کـي  ڏڪـارن  جـو ڏاٽو.
................................
امـيــدن   شـــور   آنـــدو  آ،  جـمــودن  کــي مان  ٽـوڙيندس،
سِسِي ھِـنَ سانت  جي  لاهي، خنجر سڪتي ۾ کوڙيندس.
گوهر جي غزلن وانگر سندس وايون به فن ۽ فڪر جو تاڃي پيٽي سان ڳُتيل آهن. وائي، جيڪا سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي صنف آهي ۽ شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه لطيف ان کي عروج تي رسايو، ان ۾ شيخ اياز کان وٺي عهدِ حاضر جي جديد شاعرن تائين ڪيترن ئي شاعرن انيڪ فني ۽ هئيتي تجربا ڪيا آهن. مان ڪتاب جو مهاڳ نه پڙهيو آهي پر گوهر جي واين جي فن تي سرمد چانڊيي پڪ سان ڳالهايو هوندو ۽ گھڻو ڳالهايو هوندو، ڇوته ڇند جي ڦند سان سندس گھڻي دلچسپي آهي. تنهن ڪري مان رڳو گوهر جي وائين جي فڪر ۽ خيال تي خيال ظاهر ڪرڻ چاهيندس. سچ ته هن جي وائين جون ڪيتريون ئي مصرعون هوا جي تازي جھوٽي وانگر آهن. مثلاً:
ننڊ  ڪري  نــابود  ڇڏيــان،
تنهنجـو نانءُ پَچي،
                              اوجاڳـن جي آويءَ ۾.
               ................................
                 سپــنــي  ۾ آ  ســـاھُ   اڃـــا،
                 ساڀيان کي سمجھاءِ  پريـن،
                                        پِيڙا کي پرچاءِ پرين.   
                                             ................................
        ڀــاڳُ ڪئـن ڀلا جَـهـپـيـان!                             
           جهولڙيءَ ۾ جِهيرُ آ.
گوهر شيخ جون وايون موضوعاتي لحاظ کان جديد دور جي تقاضائن پٽاندڙ آهن. انهن ۾ اسان جي شاعريءَ جي اساسي دور وانگر تصوف جو فڪري غلبو نظر نه ٿو اچي تنهن ڪري اهي شيخ اياز جي اسڪول آف ٿاٽ جو تسلسل محسوس ٿين ٿيون. اهوئي سبب آهي جو هو پنهنجي وائين ۾ پورهيي، پرماريت، همت، حوصلي، ڌرتيءَ جي ڌيان ۽ گيان، مٽيءَ جي مانَ وغيره جهڙا موضوع جنمي ٿو.
پُڇجو پورهئي کان،
                 ڪيئن نه عضون جو!
                                  پَگَهرَ پنـڌ ڪيو.
                            پَرماريءَ  جي  پَيرَ لئه،
                  ٿَيڙُ سدائين ٿِجُ،
                                      جُهونجهارن جي جوءِ تي.
                                             ................................
پنھنجي جيون جو سڀڪوئي،
         ڀاڳُ مٽيءَ مان ٺاھي،
ڌرتي ڌيان ۾ آھي.
                کِلَ جي کَنڊُ ونـڊي ھر واسي،
      ويڻ نـه ڪوبه وراھي،
ڌرتي ڌيان ۾ آھي.
گوهر شيخ جي شاعريءَ جي هن ٽن صنفي اڀياس ۾ سندس نظم مون کي پنهنجي دل جي وڌيڪ قريب محسوس ٿين ٿا ۽ مون کي لڳي ٿو ته خود گوهر لاءِ به سندس شاعريءَ جو Comfort Zone نظم ئي آهي. ان ڪري منهنجي ذاتي راءِ آهي ته هو نظم جو بهترين شاعر آهي. هن جا نظم نه رڳو فڪر ۽ تخيل جي حوالي سان گھرا آهن پر انهن جي ٻولي به شاندار آهي. هن جي نظمن ۾ بيشڪ آبشار جهڙي رواني ۽ تسلسل آهي ۽ اها ئي ڪنهن ڪامياب نظم جي اولين خوبي ٿئي ٿي. هن جي نظمن ۾ هڪ حساس شاعر جي حساسيت پنهنجي پوري طاقت سان سامهون اچي ٿي. ڪٿي هو ديس جي غدارن کي للڪاري ٿو ته ڪٿي انقلاب لاءِ جھنجھوڙي ٿو. ڪٿي هن جا نظم بک ۽ بدحاليءَ جا نوحا بڻجي وڃن ٿا ته ڪٿي وري هو انسان جي اندر جي اگھاڙپ کي لفظن جي لباس ۾ ظاهر ڪري ٿو. ڪٿي غيرت، انا، خودداري، عزت ۽ ناموس جو ناد وڄائي ٿو ته ڪٿي مفادن جي مَنڊيءَ تي حياتي جو سودو کيس ستائي ٿو. هن جي تڙپ، هن جي لوڇ، هن جا درد سندس نظمن مان لئاڪا پائين ٿا.
ڪِـٿي ٿـو ديـسَ تُون رَهـيـن؟
رُتــون  شــڪـارُ  ٿــي ويــون،
گـــلابُ  ئــي  نـه  ٿـــو  لَــڀــي.
خـــــزان  تِکـو  خَنجـرُ  ڪيـو،
شــبـــابُ  ئـــي نــه  ٿـــو لَــڀــي.
اُمـيــد  ٿي  اکــيـون  ڪَـــڍي،
خُــوابُ  ئــي  نـه  ٿـــو  لَــڀــي.
حــواسَ  ٿــــي  هَــــلاڪُ  وِيـا،
مـــــزاجُ  ئــي  نــه  ٿـــو  لَـڀــي.
جــــــهــــــانُ  آ  جـــــــلاوطـــــــن،
ســمــاجُ  ئـي  نـه  ٿـــو  لَــڀــي.
دوا   ۾   روڳُ   آ   رڳـــــو،
عــــلاجُ  ئـــي نــه  ٿـــو  لَــڀــي.
بُــکـن  کي  ڀـــاڳُ  آ  لــڳــو،
    انــــــاجُ  ئـــي  نـه  ٿـــو  لَــڀــي....
ڌرتيءَ تي هر طرف مايوسي آهي، ديس ۽ ديس واسي تڪليف ۾ آهن ته شاعر به پاڻ کي ڀوڳنا جي چڪيءَ ۾ پيسجندو محسوس ڪري ٿو. ڇوته شاعر به انهيءَ سماج جو فرد آهي جتي گلابن جي پوک به ٿوهرن جو فصل ٿي ڏئي. جتي گلن جي سڳنڌ جو احساس اوپرو ٿو لڳي ۽ آڪسيجن ۾ بارود جي بوءِ گڏيل آهي. جتي پرماري قوتون پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ جي ڀير تي ڌمال هڻڻ ۾ مصروف آهن، جتي ٻاجھ جو سَلو سُڪي ويو آهي ۽ ماڻهپو قصه ءِ پارينا ٿو لڳي پر شاعر جڏهن انهيءَ مايوسي کي سگھ ۽ للڪار ۾ تبديل ڪري ٿو ته سندس لفظن جي گونج ايوانن جا در ۽ ديوارون به ڌوڏي وجھي ٿي.
تــون! ڀـلـي طــاغوتَ اڄ،
طــاقتن  جي  تــاج ســان،
تــخت  کـــي  آبـــاد  ڪـر.
پــوڄــرائــــي   پـــاڻَ  کي،
دادَ   کـــــــان   آزاد  ڪـر.
                                      ٻاجَهه تــي روڪُون رکي،
مـاڻهپــو ٻــوســـاٽ  تــون.
ســامـراجي سوڙهه  سان،
آجـپــــو  ٻــوســـاٽ  تــون.
مــاڻــڪـن  جي ماس  ۾،
    وحشتن  جــو واتُ  رک.......
نيٺ  تُنهنجي  نــوڙَ  جا،
وَرَ  ٿـــيــــنــدا  ويــــڪـــرا.
خــلق  جـي  کَڙڪاءَ سان،
ڪــاٺَ  ڏَرنــدا  ڪـيــتـرا.
نيٺ  تنهنجي نوڪَ جو،
مُـنـهن  تِکو  ٿيندو مُـڏو.
نيٺ  تنهنجي  تاج کــي،
پَــيــرَ  جو لــڳـنــدو  ٿُــڏو.
هي سڄي دنيا تضادن تي بيٺل آهي. زمين کان آسمان تائين ڪائنات ۾ انيڪ تضاد موجود آهن. تضادن جو اهو سلسلو شاعرن ۽ نقادن وٽ به قائم آهي. بين جانسن پنهنجي تحرير کي بار بار پڙهڻ کان پوءِ به مطمئن نه ٿو ٿئي ته زين پال سارتر وري چوي ٿو ته “مون کي پنهنجي ئي تحرير ٻيهر پڙهڻ کان سخت نفرت آهي.” ۽ ان جي وضاحت ۾ هن اهو به لکيو آهي ته “منهنجو دماغ ايڏي تيزيءَ سان سوچيندو آهي جو ان جو ساٿ ڏيندي ڏيندي منهنجي ڪرائي ڏُکڻ لڳندي آهي.” مون کي پتو ناهي ته گوهر انهن مان ڪهڙي راءِ جو آهي پر اها پڪ اٿم ته هڪ قاري سندس نظمن کي وري وري پڙهڻ چاهيندو. گوهر پنهنجي ڪجھ نظمن ۾ تضاد اڀاري معنوي حسن پيدا ڪيو آهي:

ڪـئن ڏانئــڻ تـوکي ڏينهُـن چَـوان!
تـــون  اونــــدهه  تَـــيـــزُ  اُجــــاري ۾.
ڪئن ڪانئر  تنهنجي ڪَڍَ  لــڳان!
تـــــون  سَــــرهـــــو  آن  انــــڌاري ۾.
مــان  ڏيــئو  ٻــاري ڏيـنـهُن  ڪيان،
تــون  تِــــيــرَ  لَــــڳــائـيـن  تــاري ۾.
مـان  کــوڙيــان  هــانءُ  هــوائــن ۾،
    تـــون  چِـــڪَ  وڇـائــيــن  چــاري ۾.......
مــان  چـــاهـيـان جُــونِ  جَوالو  ٿئي،
تــــون  آڳ   اُجــهـائــيـن  پــــاري ۾.
مــان  ڀــاڳــن جــــي  بـــازار  هــڻــان،
تــون  ڍونــگَ  رَچــائـيــن  ڍاري ۾.
مــان  جــــوڙيــا  بَـنـدَ  بــغــاوت  جــا،
تــــون  قــــابــــو  آن  ڪــــيــڏاري ۾.
گوهر شيخ جي نظمن ۾ ڪيئي انوکيون لفظي ترڪيبون ۽ استعارا نظر اچن ٿا جيئن: سوالي سڏَ، صدا جو بدن، سين جو سِرُ، ناموس جا پير، معافي جو ماپو، ڪاوڙ جو ڪنڌ، بارود جون ڀونڪون، ڏاڍ جو ڏونڪو، مفادن جي مَنڊي، وحشتن جو وات، پاٻوهه جو پگھر، تمنا جو ولوڙو، دل جو ديرو، آس جي عمارت، ڀونچال جو ڀاڪر، گردش جو پاڙو، پُڇا جا پکي، اجالن جو آواز، چمين جو چونڊو، اميدن جو آواز، ڪروڌن جو ڪاڙهو، ضد جا زنجير، ٿڪاوٽن جا ٿرَ، تتيءَ جي ترار، ارادن جا پير، ڪميڻپمن جا ڪهاڙا وغيره. انهن استعارن جي استعمال سان هن جا نظم هيڪاري حسين لڳن ٿا.

مجموعي طور گوهر شيخ جي شاعري پنهنجي فن ۽ اسلوب جي حوالي سان سگھاري ۽ فڪر ۽ تخيل جي لحاظ کان گھري ۽ گھڻ رخي آهي. اها نه رڳو ثقافتي رنگن ۾ رچيل آهي پر منجھس دور جي تلخين جون تصويرون به موجود آهن. هن جي شاعري بيشڪ احساسن کي جنجھوڙي ٿي ۽ ماڻهوءَ ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ٿي. گوهر جي هن ڪتاب “پڃرا تنهنجي پنبڻين جا” جي مطالعي بعد مون کي هارپر لي(Harper Lee) جو هڪ جملو ياد اچي ٿو “The Book to read is not the one that thinks for you, but the one that makes you think.” (ڪتاب اهو ناهي جيڪو پڙهڻ سان توهان لاءِ سوچي، پر ڪتاب ته اهو آهي جيڪو توهان کي سوچڻ تي مجبور ڪري.)

No comments:

Post a Comment