06/09/2014

لاڙڪاڻي جا اردو اهل قلم - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)

پروفيسر نذير احمد سومرو

لاڙڪاڻي جا اردو اهل قلم

صُوبي سنڌ جي شهر لاڙڪاڻي جو غير جانبدار نموني سان تجزيو ڪبو، ته هي شهر سياسي توڙي مذهبي، ادبي توڙي ثقافتي ۽ تهذيبي خواهه تمدني طور، حسين ۽ سھڻن رنگا رنگي گلن جو اهو خوبصورت چمن آهي جنهن جي هر گل جو رنگ نرالو ۽ جداگاڻو، موهيندڙ ۽ خوشبودار آهي. هيءُ شهر، سياسي ۽ مذهبي، ادبي ۽ قديم روايتي تهذيب ۽ ثقافت جي ڪري اڄ به پنهنجي شاندار ماضيءَ واري ٽٻ روشنيءَ سان دنيا جي اکين ۾ اجالو ڀري ٿو. گذريل ويهين صديءَ جي پهرئين اڌ تائين، لاڙڪاڻو برصغير جي حدن کان ٻاهر، موهن جي دڙي جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو. جڏھن ته ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾، لاڙڪاڻي جي سڃاڻپ ۾، هڪ خوبصورت شخصيت جناب ذوالفقار علي ڀُٽي، اهڙو اضافو ڪيو جو لاڙڪاڻي جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيو.

1947ع ۾ جڏهن گڏيل هندوستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان هڪ نئين ملڪ جي حيثيت سان دُنيا جي نقشي ۾ تبديلي آندي، تڏهن انساني آباديءَ ۾ وڏي اُٿل پُٿل آئي. دهلي، متحده اَوڌ، آگري، سي پي، جهونا ڳڙهه، بنارس، مدراس، حيدرآباد دکن، اورنگ آباد، صوبي بهار کان ويندي ڪلڪتي جي رهاڪن تائين جي قسمت ۾ لاڙڪاڻي جو چوڻو پاڻي لکيل هو. ڏسندي ڏسندي لاڙڪاڻي جو دڙي پاڙو، ليلا آباد، مهاراج اسٽريٽ، موجوده ريشم گلي، ٺاٺارو گهٽي، شاهي بازار ۽ اُنَّ سان ڳتيل نگراني گهٽي، ميرو ديرو، کٽاڻ بازار، جيلس بازار، بندر روڊ جي ڀر وارا گهر، علي گوهر آباد، تولاڻي پاڙو ۽ لاهوري پاڙو، انڊيا مان لڏي ايندڙ اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن سان ڀرجي ويا. هن شهر جو رڪارڊ هيو ۽ ائين مشهور ٿيو؛ لاڙڪاڻو سڄي هندوستان جي نمائندگي ڪندڙ شهر آهي.
اردو ٻولي لاڙڪاڻي واسين لاءِ اوپري ڪا نه هئي، ڇاڪاڻ ته اردو فلمن، اردو زبان جو تعارف اڳ ۾ ئي لاڙڪاڻي واسين سان ڪرائي ڇڏيو هو. لاڙڪاڻي مان واپارين جون اخبارون، اردو ٻوليءَ ۾ شايع ٿينديون هيون، جن جو ذڪر ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ طرفان شايع ٿيل ڪتاب “لاڙڪاڻو تاريخ جي آئيني ۾ ۾ ڪيو آهي. ان کان سواءِ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪندڙ به اردو روانيءَ سان ڳالهائيندا هيا. اهڙن ماڻهن منجهان لاڙڪاڻي جا سياستدان، جهڙوڪ سر شاهنواز ڀٽو، نواب نبي بخش ڀٽو، قاضي فضل الله ۽ نواب لاهوري ۽ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪندڙ محمد حنيف صديقي، جناب عبدالغفور ڀرڳڙي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول (موجوده پائلٽ) لاڙڪاڻي جا ڪجهه هيڊ ماسٽر صاحب، مسوديري، تعلقي رتيديري، جو مرحوم علي اڪبر جلباڻي (جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سابق وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ هم ڪلاسي هو. سابق وائيس چانسلر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جو علي اڪبر جلباڻيءَ سان علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ گڏ نڪتل فوٽو، اڃا تائين مرحوم علي اڪبر جلباڻيءَ جي فرزند ۽ لاڙڪاڻي جي وڪيل ضياء جلباڻي وٽ يادگار طور پيو آهي) ۽ نئين ديري جي ڀر واري ڳوٺ، هاڻي نئين ديري جي پاڙي، پير ڳوٺ، جا ٻه ڀائر، ٻه استادَ سائين حاجي در محمد سومرو ۽ مرحوم سائين عبدالحميد سومرو (راقم جو چاچو ۽ والد) هيا جيڪي روانيءَ سان اردو ڳالهائيندا، لکندا ۽ سمجهندا هيا. انڊيا مان لڏي آيل مهاجرن جي ڪچهرين جا مرڪز پڻ، اهڙن ماڻهن جون اوطاقون هونديون هيون، جيڪي روانيءَ سان سندن ٻولي (اردو) ڳالهائيندا هئا.
انڊيا جي مختلف شهرن مان انساني ٻوڏ ۾ لڙهي آيل مهاجرن ۾ جتي “پدرم سلطان بُود” جهڙا هٿ ٺوڪيا جملا ڳالهائيندڙ هيا، اُتي نواب ۽ معزز خاندان سان تعلق رکندڙ فردَ پڻ لڏپلاڻ ڪري آيا. جن ۾ چوڌري خليق الزمان (جيڪو پوءِ مشرقي پاڪستان جو گورنر به ٿيو هو) جو عيال، برصغير جو نامور مزدور ليڊر ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري، ڊاڪٽر جميل جالبيءَ جا ساهرا، نامور اردو شاعر ادا جعفريءَ جي سڳي ڀيڻ ۽ ڀيڻويو، پاڪستان جي پهرئين صدر اسڪندر مرزا جو چاچو موسيٰ رضا (هن جي شادي لاهوري محلي جي هڪ ايس.ڊي.او ايريگيشن محمد حسن جي همشيره سان ورهاڱي کان اڳ ٿيل هئي) ۽ نواب مسعود فاروقي به هيا. ان کان سواءِ اردو ٻوليءَ جا وڏا ۽ سٺا شاعر، نثر نگار، ادب دوست، ادب نواز ۽ نقاد پڻ لاڙڪاڻي ۾ لڏپلاڻ ڪري پهتا.
اردوءَ جو هڪ سٺو اديب محمد احمد سبزواريءَ، اردوءَ جي هڪ ترقي پسند رسالي ماهوار ‘اَفڪار’ ڪراچيءَ جي فيبروري 1982ع واري شماري ۾، پنهنجيءَ آتم ڪٿا جي نائين قسط ۾، صفحي نمبر 15 تي لکي ٿو: “ابتدا ۾ جب مهاجر يهان آئي تو ان ڪا بڙا شاندار استقبال هوا. ان ڪو هر طرح ڪِي سهولتين مهيا ڪِي گئين، ليڪن ان مين سي بعض لوگون ني اپني آپ ڪو مقامي باشندون سي برتر سمجهنا شروع ڪِيا. زبان داني اور ثقافت ۾ اڇي اڇي، مقامي لوگون ڪو نشانه بنايا گيا. ان ڪي ايڪ وجه يه ڀي ٿِي ڪه وو ان سنڌيون ڪي مَرتبي اور عظمت سي واقف نه ٿي.”
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، اردو زبان، لاڙڪاڻي ۾ عام سمجهي وئي. البته، سنڌين جي واتان ڳالهايل اردو زبان جو رنگ ڍنگ بدلجي ويو ۽ اردو ٻولي گلابي ٿي پئي. لاڙڪاڻي واسين پهريون ڀيرو مهاجرن جي واتان “ڪهان جاوت هي؟ ٿاري باتان! همارو ڪاهي” يا ڪراچيءَ کي “ڪرانچي” ۽ مهذب گهرن ۾ “لونڊا” ۽ “لونڊي” جهڙا اچرج ۾ وجهندڙ نوان ۽ انيڪ لهجا، لفظَ ۽ جملا ٻڌا.
ايم.ڪيو.ايم ٺهڻ ته ڪالهوڪي ڳالهه آهي، پر 4 مئي 1952ع تي لاڙڪاڻي جي تجر باغ (موجوده جناح باغ) ۾ “آل سنڌ مهاجر ڪانفرنس” ٿي هئي جنهن جي صدارت حڪيم اسرار احمد ڪئي هئي. اردو ڳالهائيندڙن جي اچڻ سان اردو زبان ۽ ادب کي فروغ مليو ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ مشاعرن جي گونج اڄ به لاڙڪاڻي جي گهٽين ۽ پراڻن ماڻهن جي محفلن ۾ ٻڌي ويندي آهي. لاڙڪاڻي جو سڄي برصغير، خاص طور يُو پِي جي صوبن ۾ هي به رڪارڊ آهي ته لاڙڪاڻي جا مشاعرا بنا ٽڪيٽ جي ٿيندا هئا. جڏهن ته اها وبا ڪراچيءَ ته ٺهيو، پر سڄي يُو پيءَ ۾ عام هئي. ايتري قدر جو اردو جو مشهور شاعر ۽ سابق ڊپٽي ڪمشنر مصطفيٰ زيدي، جڏهن تيغ الله آبادي هيو، تڏهن يُو پيءَ جي شهر فتح پور هسوا ۾ ٿيل هڪ مشاعري ۾ ڏوڪڙن نه ملڻ تان ڪاوڙيو هو، جنهن جو تفصيل ماهنامه ‘نگار’ ڪراچيءَ جي شماري، ماهه آگسٽ 2002ع ۾ ڏنل آهي.
لاڙڪاڻي جا مشاعرا، ان ڪري به يادگار هيا جو ان ۾ فيض احمد فيض، شاعرِ انقلاب جوش مليح آبادي، قتيل شفائي، بهزاد لکنوي، حسن حميدي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان (جنهن علامه آءِ آءِ قاضي جي جنازي نماز پڙهائي هئي)، رئيس امروهي، سراج الدين ظفر، منظور حسين شور، احسان دانش، حبيب جالب، قمر جلالوي، حمايت علي شاعر، اديب سهارن پوري، احمد نديم قاسمي، صهبا لکنوي، وحيده نسيم، آفاق صديقي، نگهت بريلوي، شبنم رومانوي، فهميده رياض، غلام مصطفى تبسم، منير نيازي، احسائي جمال، ثروت حسين، ويجهي ماضيءَ ۾ مشهور ماهنامي ‘طلوع’ ‘افڪار’ جو ايڊيٽر حسين انجم ۽ سيد علي اڪبر رضوي جهڙا وڏا شاعر ۽ اهل قلم شريڪ ٿيندا رهيا. مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندڙ وڏي نالي وارن شاعرن فيض احمد فيض، حبيب جالب ۽ جوش مليح آباديءَ جو ميزبان ٻيو ڪونه، پر پاڪستان جو سابق صدر ۽ وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀٽو هوندو هيو. لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ، اردوءَ جو نامور نقاد پروفيسر رياض صديقي، گورنمينٽ نيشنل ڪاليج ڪراچيءَ جي سالياني مخزن، سال 1974ع جي صفحي 214 تي لکي ٿو:
“1966ع ۾ جب زبان بندي ڪي بنا پر پوري ملڪ ۾ گُهٽن سي بي چيني ڪا عالم ٿا تو لاڙڪانه ڪي سب سي نمايان اور اهم ترين اداري مرحوم حلقهء ادب ني ڪل پاڪستان بين اللساني مشاعره منعقد ڪيا. اس مشاعري ۾ فيض احمد فيض مهمان خصوصي ٿي. حبيب جالب باغي اور معتوب شاعر جس پر ايوب حڪومت ني سخت پهري بٺا رکي ٿي، اس مشاعري ۾ شريڪ هوئي. حڪومتِ وقت ڪي سختي ڪي باوجود مشاعره ڪڇ اس شان سي هوا ڪه ذوالفقار علي ڀٽو ڀي متاثر هوئي. اس زماني مين ڀٽو صاحب ايڪ نئي سياسي جماعت بناني ڪِي فڪر ۾ ٿي، ليڪن چارون طرف سي ان پر سخت پابنديان ٿين. ان پابنديون ڪي باوجود موصوف ني خاص طور پر فيض احمد فيض اور حبيب جالب ڪي ميزباني ڪي فرائض انجام ديئي.”
لاڙڪاڻي جي مشاعرن ۾ حصو وٺندڙ ۽ اکين ڏٺو شاهد، رياض صديقي پنهنجي ڪتاب “حروف نارسا (1992ع) جي ھڪ صفحي تي لاڙڪاڻي جي مشاعري بابت لکي ٿو:
“فيض احمد فيض سي ملني اور تين چار روز تڪ ساٿ رهني ڪا موقع ان دنون ملا، جب سيد جمال الدين بخاري مرحوم ڪي ڪهني پر، مسلم شميم ان ڪو لاڙڪانه ۾ منعقد ڪل پاڪستان بين اللساني مشاعره ۾ لائي ٿي. يي صرف ايڪ يادگار مشاعره هِي نهين ٿا، بلڪ اس دور ڪي پوري سياست ڪا رخ موڙني مين اس ني بڙا تاريخي ڪردار ادا ڪيا ٿا. ان دنون ايوب خان ڪي خلاف سياسي هنگامي زورون پر ٿي. بغير اجازت ليئي، بين اللساني مشاعري ڪا انعقاد حڪومت ڪو پسند نهين ٿا. ليڪن حالات سنبهالي رکني ڪا پورا بار ڊپٽي ڪمشنر ني اپني ڪانڌون پر اٺا رکا ٿا. انتظاميا ڪي ليئي پريشاني ڪِي سب سي بڙِي وجه مشاعري ۾ خالد بيگ اور حبيب جالب ڪِي شرڪت ٿي. اس زماني ۾ پورا ملڪ حبيب جالب ڪي احتجاجي شاعري ڪي زد ۾ ٿا. وو اپني ساٿ تازه شعري مجموعه “سر مقتل ڀي لائي ٿي، جس پر مشاعره سي ايڪ روز پهلي هي پابندي لگ چڪي ٿي. مگر يهان لاڙڪانه شهر ۾ راتون رات اس ڪي نه جاني ڪتني ڪاپيان بِڪ گئين. مشاعري ڪي دن عجيب سمان ٿا. قريبي شهرون ڪي علاوه ديهاتون تڪ سي لوگ لاڙڪاني آ گئي ٿي. تب ايسا محسوس هو رها ٿا جيسي ڪوئي ميلا هو رها ٿا.”
اردوءَ جو نامور شاعر، اديب ڊاڪٽر فرمان فتح پوري، لاڙڪاڻي جي علم، ادب دوستيءَ ۽ مشاعرن لاءِ راءِ ڏيندي چوي ٿو:
“يه دراصل ان حضرات ڪي اخلاص ڪا اعتماد تو هي جو ان ڪي ترتيب علمي و ادبي مجالس پاڪستان ڪي گوشي گوشي سي بڙي شخصيات ڪو کينچ لاتي هين. چنانچه گذشته سال لاڙڪانه حلقهء ادب ڪي زيراهتمام جو ادبي اجتماعات و مشاعري منعقد هوئي وو سنڌ کي تاريخ ۾ يادگار رهين گي.” (نقش هائي رنگ رنگ، صفحو 70)
لاڙڪاڻي خاص طور تي اردو ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا اتر سنڌ جي شايد ئي ڪنهن شهر ڪئي هجي! هن شهر ۾ جيترا ادبي رسالا ۽ ڪتاب، اردو ٻوليءَ ۾ شايع ٿيا ۽ جنهن نموني ۾ ادبي سرگرمين کي فروغ مليو، سي هن قديم شهر جي تاريخ جا روشن ۽ اڻ وسرندڙ باب آهن. هتي اهڙن چند، مگر وڏن ۽ سٺن شاعرن ۽ نثر نگارن جو ذڪر ڪجي ٿو:

عبدالصمد رضوي ساز
حيدرآباد جي ڪنهن شاعره جو شعر آهي ته:
گردش دوران سي، هر ذره بيگانه تــيـــــــرا،
لي دڪن ڪي خاڪ آنسو سي نذرانه تيرا
حيدرآباد دڪن جي خاڪ جو هيءُ ذرو به اڏامي اچي لاڙڪاڻي پهتو. اچڻ سان ئي پنهنجي گهر جي سامهون، “بزم ادب جي نالي سان هڪ ادارو قائم ڪيائين ۽ ان سان گڏ بابائي اردو جي نالي سان “مولوي عبدالحق لائبرري” قائم ڪيائين. بزم ادب جو نالو سڀ کان اول لاڙڪاڻي جي هڪ سٺي شاعر هري درياني دلگير تجويز ڪيو هو. هن اداري جي طرفان نه رڳو شاندار مشاعره ٿيا پر ڪيترن ئي شاعرن جا شعري مجموعا پڻ شايع ٿيا. مرحوم رضوي، حيدرآباد دکن جي وڏي شاعر ۽ آپ ڪي آواز آتي رهي رات بهر جي خالق، مخدوم محي الدين جو عاشق هو. سندس شعري مجموعو “سحر نغمه (نغمي جو جادو) 1967ع ۾، زاويئي پبليڪيشن، ڪهڪشان پڪا پير، حيدرآباد، طرفان شايع ٿيو هو. ‘ساز’ جي هن شعري مجموعي جو ناشر معروف وڪيل ۽ لاڙڪاڻي واسي عبدالوحيد ڪٽپر هو. عبدالصمد رضوي ‘ساز’ سڄي عمر وڪالت ڪئي. هڪ دفعي ڪنهن ڪيس جي پيرويءَ خاطر دادوءَ ويو. اتان موٽندي ريل گاڏيءَ ۾ دل جو دورو پيس ۽ ريل جي دٻي اندر ئي دم ڏنائين. ائين لاڙڪاڻي جو هي ساز ٽٽي پيو ۽ هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو. عبدالصمد رضوي ‘ساز’ جي ريل ۽ رستي ۾ موت بابت هن ڄڻ اڳواٽ ئي شعر چئي ڇڏيو هو. سندس شعر آهي:
ديکهــــنــــا راستـــي ۾ ڪهان ره گيا؟
‘ساز’ ڀي تها شريڪ سفر دوستو!
‘ساز’ جي حياتيءَ ۾ ئي هن جي ادبي ۽ سماجي خدمتن عيوض بندر روڊ تي رڪشا مزدور هوٽل جي سامهون، عزيز آپٽيڪل واري گهٽيءَ کي، ميونسپالٽي طرفان “رضوي اسٽريٽ” جو نالو ڏنو ويو. رضوي اسٽريٽ جي آخري ڇيڙي وٽ بزم ادب جي عمارت ۽ ان سان ڳنڍيل مولوي عبدالحق ريڊنگ روم ۽ لائبرري هئي. بزم ادب جي آفيس ۾ بلاناغي هر هفتي شعري نشست ٿيندي هئي. ماهوار سنڌي-اردو مشاعرا وڏي ڌام ڌوم سان ٿيندا هيا ۽ مشاعرن ۾ “وري چئه، اڙي ظالم ماري ڇڏيئه”، ۽ اردوءَ ۾ “پهر سي ڪهو، واه ڀَئي واه، بهت خوب، ڪيا ڪَهنا” جهڙا لفظَ ۽ جملا سامعين جي واتان فضا ۾ گونجندا هيا. هاڻي اتي نه ساز آهي، نه ئي ساز جو ڪو سُر ۽ مڌر آواز، نه بزم ادب جي عمارت ۽ نه ئي مولوي عبدالحق لائبرري ۽ ان سان متصل ريڊنگ روم. ڪتابن ۽ لائبررين جي نادان دشمنن کي وڏو ڪم هي نظر آيو جو بزم ادب عمارت جي سر سر کي هوائن ۾ اڏاريو ويو ۽ مولوي عبدالحق لائبرري ۾ رکيل اردو، سنڌي، انگريزي، فارسي ۽ عربيءَ جا هزارين ڪتاب آنڌي ۽ واچوڙي ۾ ڇڻيل انبڙيون ۽ انب سمجهي لٽيا ويا. هاڻي ان بزم ادب جي حالت اردوءَ جي هن شعر جيان آهي:
يــــه اجــنبي سـي مـنـزلـيـن اور رفــــتگان ڪي ياد
تـنـهايون ڪـا زهــــر هي اور هــم هـــيــن دوســتو!
آنکون مين اڙ رهي هي، لُٽي محفلون ڪي ڌول،
عـبـرت ســرا ئي دهــر هــي، اور هم هين دوستو!
مسلم شميم
مسلم شميم جو اباڻو وطن انڊيا جو صوبو بهار آهي. بهار لفظ اصل ۾ ويهار جو بگڙيل تلفظ آهي. ويهار جو لفظ گوتم ٻڌ ڇهين صدي ق.م ۾ ايجاد ڪيو هيو، جنهن جي معنى مرڪز علم ۽ ثقافت آهي. بعد ۾ اهو ئي لفظ ويهار بدلجي بهار ٿي ويو. قسمت جي آب داڻي مسلم شميم کي هڪ ويهار (بهار) يعني علم ۽ ثقافت مان کڻي، ٻئي ويهار يا مرڪز علم و ثقافت لاڙڪاڻي ۾ پهچايو. مسلم شميم جي دلچسپيءَ جي ڪري لاڙڪاڻي جي مشاعرن ۾ جان پئي. سندس پورو نالو محمد مسلم ولد محمد تناظر حسين صاحب آهي. پاڻ پنهنجي والدين جو پهريٽي پٽ آهي. 1956ع ۾ هي پٽنه کان لڏي سڌو سکر پهتو، جتان 1960ع ۾ جناح باغ ۾ هلندڙ خانگي ڪاليج ڪامرس اينڊ اڪانامڪس ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ شعبهء سياسيات جو ليڪچرار ٿي آيو ۽ ان مهيني ۾ ئي بزم ادب لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري جنرل ٿيو ۽ ان سان گڏ ڪراچيءَ مان انگريزي ۾ شايع ٿيندڙ هڪ روزاني اخبار ‘دي سن’، اردو اخبار روزاني ‘جنگ’ ۽ اي پي پيءَ جي لاڙڪاڻي ۾ نمائندگي پڻ ڪيائين. لاڙڪاڻي جي پراڻي ڪامرس ڪاليج وارا فنڪشن سندس ئي زندگيءَ جا يادگار لمحا آهن. هن جي ئي ڪوششن سان ان وقت جا فلمي اداڪار اسلم پرويز مرحوم ۽ ياسمين ۽ ساقي؛ ڪامرس ڪاليج جي فنڪشن ۾ آيا. ريلوي اسٽيشن لاڙڪاڻي جي اوڀر ۾ سپنا هوٽل جي سامهون انجمن ترقي اردو (شاخ) لاڙڪاڻي جي عمارت هن جي محنت ۽ لگن جو يادگار آهي. انجمن ترقي اردو شاخ لاڙڪاڻي جي عمارت ۾ شاهه عبداللطيف لائبرري جو نالو به مسلم شميم جو تجويز ڪيل آهي.
لاڙڪاڻي جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي يا اهلِ قلم تي نظر وجهئون ٿا، ته مسلم شميم اسان کي نهايت اهم، نمايان ۽ بلند مقام تي بيٺل شخص نظر اچي رهيو آهي. مسلم شميم جي پهرين محبت لاڙڪاڻي ۽ سنڌ سان ۽ ٻي محبت انسانيت سان آهي. ٻنهي شين ۾ هن وٽ ڪو به تضاد ڪونهي. بلڪه انهن منجهه هڪ تسلسل آهي. مسلم شميم هڪ نهايت دلچسپ، ذهين، پر خلوص ۽ سچو انسان آهي. هن جي دل محبتن جو سمنڊ آهي، جنهن مان هر شخص پنهنجي حوصلي ۽ صلاحيت مطابق فيضياب ٿي سگهي ٿو.
ون يونٽ واري دَور ۾ سکر جي آل پاڪستان سنڌي-اردو مشاعري ۾ مسلم شميم هڪ نظم “ماروي ڪا ديس پڙهيو، جنهن کي سنڌ جي هڪ سابق وزيراعلى قاضي فضل الله جي روبرو ڪامريڊ حيدربخش  جتوئي بيحد ساراهيو هو.
مسلم شميم لاڙڪاڻي بابت “رخ فردا شعري مجموعي جي خالق شوڪت عابديءَ جي ڪتاب “شوڪت عابدي: فن اور شخصيت جي صفحي 175 تي “حرف آخر” جي عنوان سان لکي ٿو:
“لاڙڪانه هر اعتبار سي ايڪ مردم خيز خطهء ارض هي. اس شهر ڪي سياسي شهرت سي ڪون چشم پوشي ڪر سڪتا هي؟ يه ڪهني ۾ مجهي ڪوئي عار نهين ڪ ميري شعور و فڪر ڪي تهذيب و تشڪيل ۾ اس شهر ڪا بڙا ڪليدي حصه هي.”
مسلم شميم لاڙڪاڻي بابت چوندو آهي ته؛ “لاڙڪاڻو بي شڪ منهنجو جنم ڀومي نه آهي پر منهنجي پريم ڀومي ۽ گيان ڀومي آهي.” مسلم شميم جو شعري مجموعو “امڪان جي نالي سان شايع ٿيو ۽ سندس تحقيقي ۽ تنقيدي مقالن تي مشتمل ڪتاب “تناظر 7 جون 2003ع تي ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي جي اولڊ بوائز ايسوسيئيشن ۽ ذوالفقار راشدي اڪيڊمي نئون ديرو جي سهڪار سان جناب عبدالغفور ڀرڳڙيءَ هٿان سپنا هوٽل لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. مسلم شميم جي لاڙڪاڻي سان ايتري خاطر ۽ محبت آهي جو ڪراچيءَ ۾ هڪ ادبي ۽ ثقافتي ادارو قائم ڪري ان کي “لاڙڪاڻو سنگت جو نالو ڏنو اٿس. لاڙڪاڻي سنگت جي طرفان گذريل سال جنوري 2003ع ۾ نيپا آڊيٽورم ڪراچيءَ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي قيام کي 100 سال پوري ٿيڻ تي “جشن سَو سال لاڙڪاڻو” جو هڪ تاريخي ۽ يادگار فنڪشن ٿيو. مسلم شميم ڪراچيءَ ۾ ناگن چورنگيءَ جي قريب رهي ٿو. سندس شاعريءَ جو نمونو:
چمن دل سي صبا روٺِي هوئي هي ڪب سي،
موسـم زرد ڪـــا ڪــيـا حـال سنائون سائين؟
دشـت جـا، دشـت نظر، دشت وفا، دشت خيال،
گرد ڪِـس دشـت تـمـنـا ڪِـي اُڙائون سائين؟
آرزو ڪـي نـگر هـــيـن سڀِي ويران شميم،
ڪس توقع په نــيا شهر بــسائون سـائـيــن؟
مسلم شميم “انجمن ترقي پسند مصنفين” جو سيڪريٽري جنرل آهي. پاڻ ڪڏهن ڪڏهن لاڙڪاڻي ۾ جوڳيءَ وارو ڀيرو ڪرڻ ايندو آهي.

شوڪت عابدي
شوڪت عابدي پهرين جنوري 1930ع تي باندره يُو پيءَ ۾ پيدا ٿيو، پر سندس ابا ڏاڏا صوبي بهار جي گوتم ٻڌ واري ضلعي “گيا” جا هيا. شوڪت عابدي ڪرسچن هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪري 1945ع ۾ ريلوي کاتي ۾ اسسٽنٽ اسٽيشن ماسٽر ٿيو ۽ کيس ممبئي ۾ رکيو ويو. پاڪستان ٺهڻ سان 16 آڪٽوبر 1947ع تي ڪراچي آيو، ته کيس لاڙڪاڻي جي آب داڻي ڇڪ ڪئي ۽ کيس لاڙڪاڻي اسٽيشن تي اسسٽنٽ اسٽيشن ماسٽر مقرر ڪيو ويو. شعر ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ کيس ورثي ۾ ملي هئي. هن جو والد محمد مستقيم عرف اختر حسين موسيقيءَ، فن مصوريءَ جو ماهر ۽ سندس والده نعت خوان هئي. شوڪت عابدي 1948ع ۾ بزم ادب جو ميمبر ٿيو. پاڻ لاڙڪاڻي جي بزم ادب جو ذڪر ڪندي هڪ ڪتاب “شوڪت عابدي: فن اور شخصيت جي صفحي 31 تي، ليکڪ لکي ٿو:
“بزم ادب ڪا تفصيلي ذڪر اس لئي ڀي ضروري سمجهتا هون ڪه يي اداره نه صرف ميري ادبي زندگي ڪا رهنما هي، بلڪه خوب سي خوب تر ڪي تلاش ۾ مددگار و معاون ثابت هوا.”
شوڪت عابدي غزل جو شاعر آهي. سندس شعري مجموعو “رُخ فردا جي نالي سان “لاڙڪاڻو سنگت ڪراچي” طرفان 2002ع ۾ شايع ٿيو. اردوءَ جو نامور شاعر حمايت علي “شاعر” هن جي شاعريءَ بابت پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو:
“شوڪت عابدي ني مهاجر هوڪر ڀي مقامي، غير مقامي، لساني، فرقه پرستي، هجرت ڪي محروميون اور ڪسي منزل نه ملني ڪي ڪڀِي شڪايت نهين ڪي. خدا جاني مهاجرين ڪو ڪس منزل ڪي تلاش تهي؟”
اردوءَ جي معروف شاعر محسن ڀوپاليءَ پنهنجي ٻئي شعري مجموعي “جسته جسته جو انتساب شوڪت عابديءَ جي نالي ڪيو آهي. شوڪت عابدي اڄ ڪالهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، جتي عظمت علي نالي سندس پٽ نيشنل هاسپيٽل جو ڊائريڪٽر آهي. سندس شعر جو نمونو آهي:
هم سي رونق هستي، هم پر هر چمن نازان،
هم شعور انسان هين، هم جمال يزدان هين.
محسن ڀوپالي
خانداني نالو عبدالرحمان اٿس. پاڻ ڀوپال ۾ 29 سيپٽمبر 1932ع ۾ ڄائو. سندس والد عبدالرزاق ٽپال کاتي ۾ ملازم هيو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ سندس والد کي لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ پوسٽ ماسٽر ڪري رکيو ويو ۽ کين ٺاٺارو گهٽيءَ ۾ گهر الاٽ ڪيو ويو. شروعاتي تعليم حبيبيه اسڪول ۽ اليگزينڊر هاءِ اسڪول ڀوپال مان حاصل ڪري، مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس جا امتحان لاڙڪاڻي مان پاس ڪري اين.اِي.ڊي ڪراچي مان ڊپلوما ڪيائين ۽ کيس اوورسيئر جي نوڪري جو آرڊر آيو، پر ان لاءِ کيس ضمانت درڪار هئي ۽ لاڙڪاڻي ۾ سندس ڪو به هم زبان اهڙي ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار نه هيو. هڪ ڏينهن سيئو چوڪ (پاڪستان چوڪ) تي سنڌ جي هڪ وڏي شاعر هري دلگير دريانيءَ سان سندس ملاقات ٿي، ته هن جو لٿل منهن ڏسي هري دريانيءَ کانئس پڇيو. هن سڄي ماجرا ٻڌايس ته هري دلگير درياني چيس ته، دستاويز کڻي آ ته مان ٿو صحيح ڏيانءِ. محسن ڀوپالي هري دلگير دريانيءَ جو احسان ڳڻائيندي چوندو آهي ته مان اڄ ڀي هري دلگير دريانيءَ جي احسان جو بدلو چڪائي ڪو نه سگهيو آهيان. محسن ڀوپالي پنهنجي ننڍپڻ جي محسن نالي واري دوست جي ياد ۾ محسن تخلص اختيار ڪيو. محسن ڀوپاليءَ جو دوست اڄ به ڀوپال ۾ رڪشا هلائي پنهنجي پيٽ جو دوزخ ڀريندو رهي ٿو. محسن ڀوپالي بزم ادب لاڙڪاڻي جو بنيادي رُڪن هو. هن جو پهريون شعري مجموعو “شڪستِ شب آهي، جنهن جو مهورت 25 نومبر 1961ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت ممتاز براڊ ڪاسٽر ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڊئريڪٽر جنرل زيڊ.اي بخاريءَ ڪئي هئي. محسن ڀوپاليءَ جي شخصيت ۽ شاعريءَ جي باري ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. ڪنهن زماني ۾ حمايت علي شاعر ۽ سندس وچ ۾ وڏي قلمي جنگ به لڳي هئي.
محسن ڀوپالي پهريون ڀيرو پنهنجو نظم آل سنڌ مهاجر ڪانفرنس، 4 مئي 1952ع تي، لاڙڪاڻي جي تجر باغ (جناح باغ) ۾ پڙهيو هيو، جنهن جو عنوان هيو “مهاجر سي خطاب”. هن ڪانفرنس جي سڄي روئداد هفتيوار ‘بيباڪ ٽنڊو محمد خان جي شماري پهرين جُون 1952ع ۾ شايع ٿي. محسن ڀوپالي ناظم آباد ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. ڳلي جي ڪئنسر جهڙي موذي مرض ۾ ورتل آهي.[1] سندس شعر جو نمونو:
جــــــاهل ڪـــــــو اگــــــــر جـــــهل ڪا انعام ديا جائي
اس حـــادثهء وقت ڪـــو ڪــــيـــــــا نـــام ديــــا جائي؟
رندون ڪِي هتڪ سي يي، مئخانون ڪِي توهين،
ڪم ظرف ڪي هاٿ ۾ اگر جام ديا جائي.

عرشي ڪرتپوري
گهريلو نالو منير الدين خان هيس پر شاعريءَ ۾ “عرشي” تخلص ڪندو هو. پاڻ 27 جنوري 1928ع يُو پِي انڊيا جي هڪ ڳوٺ ڪرتپور، ضلعي بجنور، ۾ پيدا ٿيو. لاڙڪاڻي پهچڻ کان اڳ ۾ مئٽرڪ پاس هيو. پهريائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول (موجوده پائليٽ) ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اردو ادب ۾ ايم اي ڪري گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اردوءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ليڪچررشپ دوران اردوءَ جي اهم ادبي شخصيت ڊپٽي نذير احمد تي پي ايڇ ڊي ڪيائين.
پاڻ دڙي محلي ۾ رهندو هو. هميشه وڏي پائيچي وارو گول پاجامي ۽ شيروانيءَ ۾ نظر ايندو هو. 1973ع ۾ بدلي ڪرائي ڪراچيءَ ويو. گورنمينٽ ڊي.جي ڪاليج سنڌ (هاڻي سائنس ڪاليج) مان 1988ع ۾ رٽائر ڪيائين. پاڻ ڪراچيءَ ۾ فيڊرل بي ايريا جي هڪ پاڙي نصير آباد نزد واٽر پمپ ۾ رهي ٿو. ڪافي سالن کان بيماريءَ جي بستري تي داخل آهي ۽ چرڻ ڦرڻ کان لاچار آهي. سندس شمار لاڙڪاڻي جي اهم شاعرن ۾ ٿئي ٿو سندس شعر جو نمونو:
شب ڪِي تاريڪيان بڙهه رهِي هين مگر
شـــب تـــــو خــــود هي دليلِ سحر دوستو

احمد مهدي رضوي
هن انسان دوست شخص ۽ هر طرح جي استحصال کان نفرت ڪندڙ جو جنم 1938-2-21 تي شهر نگاران لکنؤ ۾ ٿيو. سندس والد سيد مقبول حسين رضوي سرڪاري محڪمي روينيو ۾ آفيسر هو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ هن جي وڏي ڀاءُ محمد رضوي کي لاڙڪاڻي جي پوسٽ آفيس ۾ رکيو ويو، ته احمد مهدي به ٿورن مهينن کان پوءِ پنهنجي والده سان گڏجي لاڙڪاڻو ڏسڻ ۽ پنهنجي ڀاءُ سان ملڻ آيو ۽ ڪجهه وڌيڪ ڏينهن ترسي پيو. لاڙڪاڻي جي مٽي ئي ڪجهه اهڙي آهي جو جيڪو هتي آيو، ته ان واپس ورڻ جو نالو ئي ڪو نه ورتو ۽ ائين احمد مهدي، لکنويءَ بجاءِ لاڙڪاڻوي ٿي ويو. خاص ڳالهه ته مهدي رضوي شاعريءَ ۾ استاديءَ جو قائل ناهي. سندس چوڻ آهي ته:
“مين اس پر يقين نهين رکتا ڪه شاعر ڪا، دوسري شاعر ڪا شاگرد هونا ضروري هي. ڀلا يي تو بتائين اس دُنيا ۾ سب سي پهلا شعر ڪَها هوگا، وه ڪِس ڪا شاگرد رها هوگا؟”
سندس پورو نالو احمد مهدي رضوي آهي. پاڻ لاڙڪاڻي کان ٻاهر سکر، دادو، ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاهور ۾ حفيظ جالنڌري، فيض احمد فيض ۽ جوش مليح آبادي جهڙن بلند پايه شاعرن جي صدارت ۾ ٿيل مشاعرن ۾ شعر پڙهي کانئن داد وٺي چڪو آهي. مهدي رضوي کي اولاد ۾ فقط هڪ نياڻي حرا نالي آهي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ ڪمپيوٽر ۾ ايم.ايس-سي ڪري رهي آهي. ڪنهن زماني ۾ مهدي  رضوي ترنم سان شعر پڙهندو هيو، پر اڄ ڪلهه هُو شاعريءَ جي دنيا کان ئي رُٺل آهي. پر لاڙڪاڻي جو سٺو شاعر ۽ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان ادبي پروگرام “رسالو پيش ڪندڙ، عنايت ميمڻ زوريءَ کيس ريڊيو اسٽيشن جي مشاعرن ۾ وٺي ايندو آهي يا ڪڏهن ڪڏهن راقم الحروف کيس نئون ديري جي پروگرامن يا مُشاعرن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي. مهدي رضوي هڪ استاد، هڪ سٺو هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر، هاڪيءَ جو اي گريڊ  کيڏاري ۽ ايمپائر رهي چڪو آهي. سن 50 واري ڏهاڪي ۾، لاڙڪاڻي جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ مغل بادشاهه همايون تي هڪ ڊرامو پيش ڪيو ويو، ته ان ۾ هن بيرم خان جو ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ مهدي رضوي سٺو ميڪ اپ مين به آهي. لارڪاڻي جي شهرت يافته تمثيلي مشاعري ۾ سڀني شاعرن جو اهڙيءَ طرح ميڪ اپ ڪيائين، جو نقلي تي اصلي هجڻ جو گمان پئي ٿيو ۽ مهدي رضوي پاڻ به اردوءَ جي مشهور غزل گو شاعر استاد قمر جلالويءَ جو ٻهروپ اختيار ڪري، ان جي ئي لب و لهجي ۾ غزل پڙهيو هو. احمد مهدي رضوي اڄ به جيلس بازار لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.[2] عام ماڻهن جو مفت علاج ڪندو آهي ۽ ڪنهن کان به پائي پئسو ڪو نه وٺي. احمد مهدي رضويءَ جي شعر جو نمونو:
مــــجـــــــرم و بي ضـــــمـــيـــــر و بدڪــــــردار،
ان ڪِــي مـــحـــفــل ۾ خــوش نصـيب هوئي.
بــِڪ گـــــــئــــي عـــلـــم و فـــن ســـــــرِ بازار،
اتــفــــــــاقـــــــات ڪُڇ عـــــجــــــــــيـب هوئي.

ڊاڪٽر عبدالغفور بسمل
ڊاڪٽر عبدالغفور پيلي ڀيت يُوِ پي انڊيا ۾، 1895ع ۾ ڄائو. پاڪستان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي ڪري حڪومت هند جي زير عتاب آيو ۽ 18 آگسٽ 1948ع تي حڪومت هند طرفان گرفتار ڪيو ويو ۽ 15 جنوري 1949ع تي کيس آزاد ڪيو ويو، ته ڊاڪٽر عبدالغفور هندوستان مان لڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجي زال ڊاڪٽر اُم ڪلثوم سان گڏ جي لاڙڪاڻي ۾ آيو، جتي شاهي بازار جي اولهه واري لاهينءَ جي ڀر ۾ پنهنجي ڪلينڪ کوليائين. ساڳيءَ جاءِ تي هينئر عبدالله بُڪ اسٽور آهي. ڊاڪٽر عبدالغفور بسمل جي گهر واري اُم ڪلثوم ڪينيڊي مارڪيٽ جي سامهون عورتن لاءِ اسپتال ۽ ويم گهر کوليو. ٻئي زال مڙس آگري جي ميڊيڪل ڪاليج مان M.B.B.S ڪيل هيا. ائين هي ٻئي زال مڙس “پهريان مهاجر ايم-بي-بي-ايس” هيا.
ڊاڪٽر عبدالغفور جا ٻه ڪتاب تصنيف ڪيل آهن جن مان هڪ “روئيداد قفس” (انڊيا ۾ جيل وارو عرصو) ۽ ٻيو “پاڪستان ۾ هجرت ڪي آٺ سال. “روئيداد قفس” جو انتساب پنهنجي گهر واري بيگم عبدالغفور جي نالي ڪندي، ڊاڪٽر عبدالغفور لکي ٿو:
“اپني رفيقهء حيات ڊاڪٽر ام ڪلثوم ڪي نام، جس ني 49-1948 ۾ بجرم پاڪستان بنارس سينٽرل جيل ۾ خودداري قيد و بند ڪي مصائب برداشت ڪيئي اور هميشه ڪي لئي اپني صحت سي هاٿ ڌو بيٺين اور جسي پاڪستان ۾ آ ڪر ڀي ناقابل بيان پريشانيون سي سامنا ڪرنا پڙا اور زمانه ڪي تمام سختيان اس پر ختم هو گئين.”
ڊاڪٽر عبدالغفور بسمل جو ٻيو ڪتاب “پاڪستان ۾ هجرت ڪي آٺ سال” 1958ع ۾ سندس سالي ڊاڪٽر محمد ايوب درانيءَ بولان مسلم پريس ڪوئيٽا مان شايع ڪرايو.
30 ڊسمبر 1956ع تي ڊاڪٽر عبدالغفور بسمل ڏي موت جو پروانو آيو ۽ پاڻ هميشه لاءِ لاڙڪاڻي جي گيان باغ ڀرسان هڪ قبرستان ۾ ابدي ننڊ ڪري رهيو آهي. سندس موت تي لاڙڪاڻي جي شاعرن کوڙ شعر چيا، مثلن:
آج محفل سي اُٺ گيا بسمل،
اُٺ گيا حيف ايڪ صاحبِ دل
شاه اقليم فن و شعر و ادب
محسن فــــن ســـخنـــوِر ڪامل.
ڊاڪٽر عبدالغفور بسمل جي وفات کان پوءِ به ڊاڪٽر اُم ڪلثوم لاڙڪاڻي ۾ رهندي هئي پر 1975ع ۾ لاڙڪاڻي کي ڇڏي ڪراچيءَ وئي ۽ اُتي ئي فوت ٿي.

ڊاڪٽر ڪريم الدين احمد
هن جو جنم ڪامٽي، ضلعي ناگپور، مشرقي يُو پي، انڊيا ۾ ٿيو. سندس خاندان علم ادب جو شائق هو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ رُلندي رُلندي لاڙڪاڻي پهتو ۽ سيد جمال الدين بخاريءَ لاوارث سمجهي کيس پنهنجي گهر ۾ رهايو ۽ جناب عبدالغفور ڀرڳڙيءَ، چيئرمين ميونسپالٽي لاڙڪاڻو، کي چئي ڪريم الدين احمد کي پهريائين ميونسپال هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرايو ۽ بعد ۾ سنڌ جي وزير اعليٰ قاضي فضل الله کي چئي، کيس اردو ادب ۾ ليڪچرار مقرر ڪرايو. ڊاڪٽر ڪريم الدين احمد اُتر سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۾ رهيو جن ۾ سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور شامل آهن. هن ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، چيئرمين شعبي اردو، سنڌ يونيورسٽي، جي زير نگراني پي-ايڇ.ڊي ڪئي. اِئين هي لاڙڪاڻي ۾ اردو ڳالهائينڊڙ پهريون شخص هيو جنهن پي-ايڇ.ڊي ڪئي هئي. خالص سوشلسٽ نظرين جو مالڪ هيو. سڄي عمر ڇڙو ڇانڊ ٿي گذاريائين. گهڻي ڀاڱي حيدرآباد جي شيزان هوٽل ۾ رهندو هيو، جتي زندگيءَ جا آخري پساهه پورا ڪري ڪراچيءَ ۾ دفن ٿيو. آخري عمر جي حصي ۾ پنهنجي آتم ڪٿا “ذهني ڪوفت ڪا سفر” لکيائين، جيڪا 1982ع ۾ لاهور مان آئينه ادب طرفان شايع ٿي. ڊاڪٽر ڪريم الدين پنهنجي اڌ آتم ڪٿا ۾ لاڙڪاڻي جو ذڪر ججهي تعداد ۾ ڪيو ۽ خاص ڳالهه ته سيد جمال الدين بخاريءَ جنهن کيس پناهه ڏني، نوڪريون وٺي ڏنيون، پر پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ان کي به ڪو نه بخشيائين. واقعي شيخ سعدي صحيح چيو آهي ته:
زمينِ شور سنبل بر نيارد
(ڪلراٺي زمين سُنبل جهڙو نازڪ گل نه ٿي نپائي سگهي.)

ڊاڪٽر سلميٰ دُراني
سلميٰ دُرانيءَ جِي جنم ڀومي يُو پي انڊيا جو مشهور شهر بريلي آهي، جتي 25 جُولاءِ 1948ع تي هن لياقت حُسين درانيءَ جي گهر ۾ اکيون کوليون ۽ صفا پتڪڙي هئي جو پنهنجي والدين جي هنج ۾ پهريان ڪراچيءَ پهتي، پوءِ لاڙڪاڻي جي شاهي بازار جي سامهون عثمانيه مسجد جي ڀر ۾ اچي ديرو ڪيائين. شروعاتي تعليم پوسٽ آفيس جي ڀرسان سابق مها ڪنيا اسڪول ۽ ورهاڱي کان پُوءِ عرف عام “ڊاڪخانه اسڪول” ۾ وٺي، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪل (موجوده پائلٽ اسڪول) مان فرسٽ ڪلاس ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ نياڻين لاءِ لاڙڪاڻي ۾ الڳ هاءِ اسڪول ڪونه هيو. سندس والده اُمت المجيب هڪ اعليٰ تعليم يافته ۽ روشن خيال خاتون هئي، جنهن پنهنجي ڌيءُ ۽ پٽن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ لاڙڪاڻي کان ٻاهر سـٺن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلا وٺرائي. اِئين سلميٰ دراني به وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لاهور پهتي، جتي هن ڪنئرڊ ڪاليج ۾ فرسٽ ييئر ۾ داخلا ورتي، جتان انٽر سائنس فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. هي به سلميٰ دراني جو رڪارڊ آهي ته هيءَ لاڙڪاڻي جي پهرين ڇوڪري هئي جنهن نه رڳو لاهور جي ڪنئرڊ ڪاليج مان تعليم ورتي پر آمريڪا مان پي-ايڇ.ڊي پڻ ڪئي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زولاجي ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن پڻ رهي. سندس شادي ابرار خان سان ٿي جنهن مان کيس فرزند عُزير خان نالي آهي. ڊاڪٽر سلميٰ دُراني گهريلو مسئلن سبب سنڌ يونيورسٽيءَ مان وقت کان اڳ ۾ رِٽائرمينٽ ورتي، ته سنڌ يونيورسٽي جي نه رڳو شاگردن ۽ استادن، پَر وائيس چانسلر سميت سڀئي دُکي ٿيا. ڊاڪٽر سلميٰ دُراني هن وقت ڊفينس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ شعبه زولاجي جي چيئرپرسن آهي.
سنڌ جو منفرد سفرنامي نگار الطاف شيخ پنهنجي هڪ ڪتاب “مڪلي کان ملاڪا تائين جي مهاڳ ۾، ڊاڪٽر سلميٰ دُراني جي خاندان جو، انهن جي شرافت ۽ روشن خياليءَ جو ذڪر ڏاڍي سٺي نموني ۾ ڪيو آهي. ڊاڪٽر سلميٰ دُرانيءَ جو سڳو ماروٽ آصف غيور، الطاف شيخ سان 1963ع ۾ چٽا گانگ اوڀر پاڪستان (هاڻوڪو بنگلاديش) جي مئرين اڪيڊمي ۾ گڏ پڙهندو هيو. الطاف شيخ هن ڪتاب جو انتساب آصف غيُور جي نالي ڪيو آهي. الطاف شيخ لاڙڪاڻي جي هڪ تعليمي شخصيت ۽ گورنمينٽ گلراز هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي  جي پهرين هئڊ مسٽريس مسز اُمت المجيب ۽ ڊاڪٽر سلميٰ دُراني لاءِ لکي ٿو:
“مِسز اي.ايم. درانيءَ کي اسان جا ڪلاس ميٽ زياده ئي سڃاڻيندا هيا، جو هوءَ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جهڙوڪ لاڙڪاڻي، دادو، سکر ۽ خيرپور جي اسڪولن جي هيڊ مسٽريس رهي چڪي هئي، جتي هن جون ڀينرون مسز دُرانيءَ جون شاگردياڻيون هيون. خيام ۽ خالد درانيءَ جي ڀينرن سلميٰ ۽ شاهانا پڻ پنهنجي ماءُ کي فالو ڪيو. سلمى سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ آمريڪا مان ايم ايس سي ۽ پي ايڇ.ڊي ڪئي. سلميٰ دراني سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زولاجي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ٿي رهي ۽ اڄ ڪلهه ڊفينس ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائي ٿي.”
ڊاڪٽر سلميٰ دراني، سنڌ يونيورسٽيءَ مان نڪرندڙ رسالي ‘سائنس’ ميگزين جي باني اراڪين ۾ شامل آهي. هن جا اردوءَ ۾ ڪيئي مضمون ملڪي ۽ غير ملڪي اردو رسالن ‘اخبار خواتين’، ‘فيملي ميگزين’ وغيره ۾ شايع ٿي چڪا آهن. پاڻ اردو مادري زبان رکندي به روانيءَ سان سنڌي لکي، پڙهي ۽ ڳالهائي سگهي ٿي، ۽ ڪوئي به محسوس نه ڪندو ته سنڌي سندس مادري زبان نه آهي.
ڊاڪٽر سلميٰ اڄ ڪلهه لاڙڪاڻي جي يادن بابت سنڌيءَ ۾ “لاڙڪاڻو، ڪجهه به نه وسريو” جي نالي سان لکي رهي آهي. ڊاڪٽر سلميٰ درانيءَ جو والد مرحوم لياقت حُسين پي ٽي ويءَ جي ڊرامن جو مشهور اداڪار ٿي گذريو آهي ۽ سندس والده اُمت المجيب گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي پهرين هيڊ مسٽريس هئي.

ديوان لطيف
ديوان لطيف جو جنم 1889ع ۾ حيدرپور نالي ڳوٺ، رياست ڀرت پور، ۾ ٿيو. 49 سالن جي عمر ۾ انڊيا مان لڏپلاڻ ڪري ٻين مهاجرن سان گڏ لاڙڪاڻي پهتو. پوليس کاتي ۾ ملازم هو. هن شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي ۽ سندس شمار لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن شاعرن ۾ ٿيندو هو. بزم ادب لاڙڪاڻي طرفان 1962ع ۾ هڪ خاص تقريب ڪوٺائي کيس نجم الشعراءُ جو خطاب ڏنو ويو. ديوان لطيف جو شعري مجوعو “نوائي تلخ جي نالي سان بزم ادب طرفان 1966ع ۾ لاڙڪاڻي مان شايع ٿيو. پاڻ لاڙڪاڻي ۾ فوت ٿيو. سندس پوٽاڻي اولاد اڃا لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿي. سندس سڳو پوٽو بابُو جي نالي سان لاڙڪاڻي جي صحافت جي دنيا ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري جنرل آهي.

رمز شاهجهان پُوري
گهر ۾ نالو اشفاق حسين هيس پر سڄي لاڙڪاڻي ۽ شاعراني دنيا ۾ استاد رمز شاهجهان پوري سان مشهور هيو. پاڻ فطري شاعر هيو. ننڍپڻ ۾ شاهجهان پور جي وڏي شاعر حضرت دل شاهجهان پوري ۽ عابد شاهجهان پوري کان شاعريءَ ۾ اصلاح ورتائين. ورهاڱي کان پوءِ شاهجهان پور مان لڏي پهريان ڪراچيءَ ۽ پوءِ لاڙڪاڻي جي قديمي پاڙي ليلا آباد ۾ آيو، ۽ پنهنجي قوت مشاهدي ۽ ذوق طبع جي آڌار تي لاڙڪاڻي جي شاعرن ۾ خاص جڳهه پيدا ڪري ورتائين. پاڻ “ارباب قلم شاخ لاڙڪاڻي” جو باني رڪن هيو. ارباب قلم پاڪستان جو چيئرمين ۽ مشهور شاعر شبنم رومانوي هن جي تمام گهڻي پذيرائي ڪندو هو، ڇاڪاڻ ته شبنم رومانوي به شاهجهان پور جو ڄاول هو. هيءَ به هڪ وڏي حقيقت آهي ته رمز شاهجهان پوري مالي طور غريب هو ۽ هو ڪنهن جون دعوتون ڪونه ڪري سگهندو هو، نه ته ڪيترن ئي نام نهاد شاعرن کان شاعريءَ ۾ گوءِ کڻي ملڪ گير شهرت حاصل ڪري ها. پاڪستان جي هڪ وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀُٽي هن جي مالي بيڪسي ڏسي تاحيات 300 رپيا وظيفو جاري ڪيو هو ۽ ائين هو لاڙڪاڻي جو پهريون شاعر هيو جنهن کي حڪومت پاڪستان طرفان وظيفو مليو هو. لاڙڪاڻي ۾ لساني فسادن کان پوءِ به رمز شاهجهان پوري لاڙڪاڻي کي مرڻ گهڙيءَ تائين الوداع نه ڪيو ۽ جنوري 1982ع جي آخري ڏينهن تي پنهنجا پساهه پورا ڪيائين. کيس ابوبڪر مقام ۾ دفنايو ويو. اردوءَ جي وڏي شاعر ۽ ماهوار ‘افڪار’ ڪراچيءَ جي ايڊيٽر صهبا لکنويءَ پنهنجي رسالي جي 143 شماري، بابت ماهه فيبروري 1982ع، رمز شاهجهان پوريءَ جي موت تي ڏک جو اظهار ڪندي پنهنجي ۽ اداري طرفان رمز شاهجهان پوريءَ جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي هئي. سندس شعر جو نمونو:
ڪوئي سڪون نه هوا، ان ڪي بزم دلڪش سي،
جـــــو بــــيــــقـــرار گئـــي ٿي وو بــــيــــقـــــرار آئي.
تــــيــري بـــغير مـڪمل سڪون نهين نه سهي،
ستــــــم شــــــعار ڪــــڀي تـــــو مــــجهي قرار آئي.

ظاهر نوري
خواجه اجمير جي نگريءَ ۾، 1937ع ۾، مستري نور محمد جي گهر ۾ پيدا ٿيو. 13 سالن جو هيو، جو هن جي والد مستري نور محمد اجمير مان پاڪستان ڏانهن رخ رکيو ۽ کوکرو پار رستي، اڳ ۾ ڀولاري ڪيمپ حيدرآباد ۾ اچي رهيو. حيدرآباد ۾ ٻن سالن جي رهڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ آيا. فتح محمد شيخ شروع ۾ “شاهين” تخلص اختيار ڪيو پر جڏهن چوڌاري شاهينن جي ڀرمار ڏٺائين ته “شاهين” کي خلائن ۾ ڇڏي “ظاهر” ٿي پيو ۽ اڄ تائين “ظاهر” جي نالي سان شاعري ڪري رهيو آهي. ظاهر نوريءَ جو شمار نه رڳو بزم ادب ۽ انجمن ترقيءَ اردو شاخ لاڙڪاڻي جي باني ميمبرن ۾ ٿئي ٿو، پر ارباب قلم پاڪستان شاخ لاڙڪاڻي ۽ حلقهء ادب جو پڻ بنيادي ۽ باني ميمبر رهيو آهي.  ظاهر نوري بنيادي طور غزل جو شاعر آهي ۽ سندس غزل جو رنگ قديم ۽ جديد شاعريءَ جو سنگم آهي.
1987ع ۾ پنجاب پاڪستان جي شهر ساهيوال ۾ آل پاڪستان مشاعرو ٿيو، جنهن جي صدارت ان زماني ۾ ڪمشنر ملتان سيد سرفراز حسين شاهه ڪئي هئي، جنهن ۾ سڄي پاڪستان جا چوٽيءَ جا شاعر شريڪ ٿيا هيا. هن مشاعري ۾ لاڙڪاڻي جي نمائندگي ظاهر نوري ڪئي هئي.
حيدرآباد، سنڌ، مان اختر انصاري اڪبر آباديءَ جي ادارت ۾ هڪ مشهور رسالو ‘نئِي قدرين جي نالي سان نڪرندو هو. ‘نئي قدرين’ جو ‘سنڌ نمبر’ ۽ ‘شعرن جو انتخاب نمبر’ به نڪتو هو. شعرن جي انتخاب نمبر ۾ ظاهر نوريءَ جي غزل کي نمائنده غزل قرار ڏنو ويو. سندس ان غزل جو هڪ شعر:
نه تو گمان ڪي طرح هي، نه بي گمان ڪِي طرح،
مگر هي دل ۾ مڪين دل ڪي رازدان ڪي طرح.
ظاهر نوري رڪشه مزدور هوٽل واري لاهينءَ ۾، ڪلينڪ ۾ 16 ڪلاڪ ويهي، ٻچن جي پيٽ گذارو ڪرڻ لاءِ محنت ڪندو آهي. سندس گهر بندر روڊ تي عزيز آپٽيڪو جي ڀر واري گهٽي رضوي اسٽريٽ ۾ آهي[3].

رياض صديقي
رياض صديقي فتح پور، ضلعي باره بنڪي، يُو پي، ڀارت ۾، 1938ع ۾ ڄائو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ لڏي پنهنجي والدين سان گڏ لاهور پهتو، جتان انٽر سائنس پاس ڪيائين ۽ پوءِ لاهور مان لڏپلاڻ ڪري لاڙڪاڻي ۾ پهتو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرز، ۽ ايم اي اردو ادب ڪراچي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ اردو ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو. لاڙڪاڻي جي مشهور ۽ معروف شخصيت ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاريءَ جي قائم ڪيل حلقهء ادب جو سيڪريٽري جنرل رهيو ۽ “غالب خسته جي نالي سان هڪ ڪتاب لکيائين، جيڪو اردوءَ جي نفيس ترين شاعر غالب جي صد ساله ورسيءَ جي موقعي تي، 1969ع ۾، بزم ادب لاڙڪاڻي طرفان شايع ٿيو. “غالب خسته ۾ غالب جي شاعري، فڪر، فن ۽ نثر تي بحث ڪيو اٿائين.
رياض صديقي 1998ع ۾ جامعه مليه ڪاليج مان رٽائر ٿيو ۽ الڪرم اسڪوائر (لالو کيت) جي پويان، ايف سي ايريا ۾ رهائش پذير آهي. پاڻ اردو ادب جي وڏي نقاد جي حيثيت سان سڃاتو ۽ مڃيو وڃي ٿو. هن جا تنقيدي مضمون انڊو-پاڪ جي سڀني معتبر رسالن ۾ وڏي اهميت سان شايع ڪيا ويندا آهن. رياض صديقيءَ ڏهه ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ “سنڌي اردو شاعري ڪا تنقيدي جائزه”، “غالب خسته”، “غالب نه برا مان”، “هين ڪواڪب ڪُڇ، نظر آتي هين ڪُڇ” ۽ “جب لاد چلي گا بنجاره” شامل آهن.

ڪيف رضواني
شاعريءَ، ٽي وي ۽ فلمي دنيا ۾ مشهور نالي ڪيف رضوانيءَ جو گهر ۾ نالو فخرالحسن آهي. پاڻ رياست حيدرآباد دکن ۾، 1940ع ۾ ڄائو. سندس ابا ڏاڏا ڀوپال جا هيا. پاڻ ڀوپال مان ڪراچيءَ پهتو ۽ 1972ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ آيو. لاڙڪاڻو ته شعر ادب وارو شهر هيو ۽ ڪيف رضواني فطري شاعر. سنڌي چواڻي اڳيئي نچڻي، ويتر گهنگهرو ٻڌئونس ته سندس ناز ۽ ادائن ۾ اضافو اچي ويو. ڪيف رضواني پُرسوز ڳلي جو مالڪ آهي. جيڪڏهن گائڪيءَ جي دنيا ۾ اچي ها ته ماڻهن کان طلعت محمود جو گنڀير آواز به وسري وڃي ها. توڙي جو 1992ع ۾ دل جو باءِ پاس ڪرائي چڪو آهي پر پوءِ به سندس آواز ۾ هڪ تر جيترو به فرق نه آيو آهي. هن جي شاعري پرڪيف لمحن ۽ بيچين اڌمن سان ڀريل آهي. پي ٽي وي جو مشهور مزاحيه پروگرام “ففٽي ففٽي سندس ايجاد آهي. ان کان سواءِ هن ڪيترن ئي فلمن جا گيت ۽ گانا لکيائين، جن ۾ “تهذيب”، “پرائِي بيٽي”، “جَهان برف گرتي هي”، “نادان”، “بواءِ فرينڊ” ۽ ٻيون فلمون شامل آهن. ڪيف رضوانيءَ جو جاڙو ڪتاب شايع ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ طرف شعري مجموعو “سحر گزيده” ٽائيٽل سميت ۽ ٻئي طرف ڪالمن تي مشتمل “ڪانا ڦوسي” (سس پس) ٽائيٽل سميت اٿس. لاڙڪاڻي جي مشاعرن ۾ پنهنجي ڪيف آور ترنم سان ماڻهن کي بت بنائي ڇڏيندو هو. سندس پي ٽي وي تي لکيل فيچر “جناح سي قائد اعظم تڪ شاهڪار فيچر مڃيو وڃي ٿو. پاڻ فيدرل بي ايريا ڪراچي جي بلاڪ 11 ۾ رهي ٿو. لاڙڪاڻي لاءِ ڪيف رضواني جي راءِ آهي ته:
“1972ع ۾ جب لاڙڪانه پهنچا، تو بهت سهما هوا تها. لساني فسادات ڪو ڪُڇ هِي عرصه گذرا ٿا، مگر وهان جاڪر مجهي جو محبتين ملين وو ميري زندگي ڪا سرمايه هين. لاڙڪانه نهايت مردم خيز شهر هي. وهان ڪا آب حيات جيسا پاني اس قدر مفرح اور هاضم هي ڪه اس ڪا نعم البدل اڀِي تڪ نصيب نهين هو سَڪا. خاص طور پر ڪراچي ڪا آلوده پاني پيتي هوئي وو پاني بهت ياد آتا هي.”
ڪيف رضواني جي شعر جو نمونو:
لب کُلي اپني تو، مُون زخمون ڪي ڀي کُل جائين گي،
ڪـــيــف ان ڪـي روبــرو هـــــم جان ڪــــر خاموش هين.

بس اتنا ياد هي اس ڪي گلي سي گذرتي ٿي،
ڦِر اس ڪي بعد نه جاني ڪڌَر گئي هم لوگ.

وزير محمد “ڪمتر”
راجستان صوبي جي مشهور شهر اجمير جي ڀر واري شهر آدي پور جو رهاڪو هيو. جڏهن پاڪستان ۾ پهتو ته سندس عمر 60 ورهيه هئي. لاڙڪاڻي جي دڙي محلي ۾ اچي رهيو. سندس خاندان ريلوي اسٽيشن تي چانهه اسٽال ۽ سگريٽ پان اسٽال جي ٺيڪيداري ڪندو هو. ڪمتر غزل جو پراڻو شاعر هو ۽ سنڌ جو پراڻو شاعر ۽ افساني نگار ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل شيخ هن جي شاعريءَ جو وڏو مداح هو. 80 ورهين جي عمر ۾ لاڙڪاڻي ۾ فوت ٿيو ۽ ابوبڪر مقام ۾ دفن ٿيل آهي. سندس شعر جو نمونو:
تـيـرا وقــــت راحتون ڪا تو گذر چڪا هي ڪـــمتر،
تـجهي گلڪدي سي مطلب نه غرض هي آشيان سي!

شرف صديقي
شرف صديقيءَ جو پورو نالو محمودالحسن شيخ صديقي آهي. پاڻ راءِ بريلي جي تعلقي فريد پور، سِي پِي، انڊيا ۾ 1942ع ۾ ڄائو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ والدين سان گڏ لڏپلاڻ ڪري پشاور پهتو، جتان 1962ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪري مختلف شهرن مان ٿيندي لاڙڪاڻي پهتو، ته پِي وِي اسڪول ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول (موجوده پائلٽ) ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان 1992ع ۾ رٽائر ٿي، پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ هائير ڪلاسز کي اردو مضمون لازمي ۽ سليس پڙهائيندو آهي. شرف صديقي انجمن ترقي اردو شاخ لاڙڪاڻي جو ناظم الامور آهي ۽ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل پڻ آهي.
شرف صديقي شاعريءَ ۾ اردوءَ جي نفيس ترين شاعر اسد الله خان غالب کي پنهنجو “استاد معنوي” مڃي ٿو. شرف صديقي بنيادي طرح غزل جو شاعر آهي، سندس شعري مجموعو “گفتار جي نالي سان 1982ع ۾، لاڙڪاڻي مان شايع ٿيو. سندس ٻيو شعري مجموعو “اداس راتون ڪا چاند پريس ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهي. ان کان سواءِ برصغير جي نامور مزدور ليڊر ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ تي اردوءَ ۾ ڪتاب “ڪامريڊ جمال الدين بخاري حيات و خدمات جي نالي سان پڻ ترتيب ڏنو اٿس، جيڪو ڇپجي پڌرو ٿيڻ وارو آهي. هن وقت دڙي محلي لاڙڪاڻي ۾ رهائش اٿس.[4]
شرف صديقيءَ جي شاعريءَ جو نمونو:
تجهه سي ڪوئي سوال ڪيا ڪرتي؟
هـــــم يه ڪـــار مــــحـــال ڪيا ڪرتي؟
يي اضـطـراب “شـــــــرف” يي بي خوابي،
يي تـــــــــــو هونــــا ٿا حال ڪيا ڪرتي؟

“نشتر” فرخ آبادي
سندس ڇٺيءَ جو نالو ابوالحسن هو، شاعريءَ ۾ “نشتر تخلص هيس. پاڻ يُو پي، انڊيا، جي مشهور ضلعي فرخ آباد جي هڪ تعلقي قائم گنج ۾ پيدا ٿيو. 1953ع ۾ قائم گنج مان لڏي اول لاهور پهتو، جتي ٻه سال رهيو. هن جون ٻه ڌيئر لاڙڪاڻي ۾ پرڻجي آيون، ته هيءُ به لاهور مان لڏي لاڙڪاڻي پهتو، پهريان گجڻ پور محلي (مولا آباد) ۾ رهيو ۽ ٿوري عرصي اندر شاهي بازار جي ڀرسان هڪ جاءِ ۾ لڏي ويٺو. اخبارن جو هاڪر ۽ روزاني ‘امروز جو ڪجهه وقت لاءِ نمائندو به ٿي رهيو. رباعيءَ جو بادشاهه شاعر ليکيو ويندو هو. 1992ع ۾ ڪراچيءَ علاج خاطر ويو، ته اتي ئي دم پرواز ڪيائين ۽ فيڊرل بِي ايريا جي انچولي يوسف پلازه ڀرسان پاور هائوس واري قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

رشيد “تبسم”
قدرتي طور هن خماريل ۽ شرابي اکين واري شخص جو پورو نالو رشيد احمد خان آهي. شاعريءَ ۾ تبسم تخلص اٿس. پاڻ 1954ع ۾ انڊيا جي رياست ٽونڪ ۾ ڄائو. سندس والدين پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ آيا ۽ دڙي محلي سان ڳتيل پاڙي نوان تڪ ۾ رهيا. هن جي پوري تعليم لاڙڪاڻي ۾ ٿي. رشيد تبسم بنيادي طور غزل جو شاعر آهي ۽ شبنم رومانويءَ واري ارباب قلم پاڪستان جو لاڙڪاڻي ۽ دادو لاءِ ڪنوينر هو. هن جي دَور ۾ نه رڳو ارباب قلم جي پليٽفارم تان اهم مشاعرا ٿيا، پر ارباب قلم جي طرفان هڪ شاندار رسالو (مخزن) پڻ شايع ٿيو. رشيد تبسم ترنم سان شعر پڙهندو آهي. سندس ڪلام ملڪ جي سڀني وڏن رسالن ۽ اخبارن جي ادبي ايڊيشن ۾ شايع ٿي چڪو آهي. رشيد تبسم پاڪستان جي سڀني وڏن شهرن ۾ ٿيل مشاعرن ۾ پنهنجو شعر پڙهي سخن ورن ۽ استاد الشعراءُ کان داد وٺي چڪو آهي. پاڻ نوڪريءَ جي سلسلي ۾ لاهور ۾ رهي ٿو. سندس شاعري جو نمونو:
گلشن ۾ هر اڪ سمت هي ڪيون شور عنا دل،
ڪيـا موسم گل ني ڪوئي ڊهايا هي ستم اور.

سيد اشفاق علي “مولانا”
ڏاڙهي مڇ ڪوڙيل اشفاق لاڙڪاڻي جي شاعرن ۾ “مولانا طور مشهور هيو. انڊيا جي مسلم رياست ڀوپال جو رهندڙ هو. منشي ۽ مولوي اديب فاضل جا امتحان ۽ مئٽرڪ اجمير بورڊ مان ڪيائين. 1961ع ۾ لاڙڪاڻي پهتو، ته پوليس کاتي ۾ ڪلارڪ هو. لاڙڪاڻي ۾ ارباب قلم شاخ قائم ڪرڻ ۾ هن جو اهم ڪردار هيو. ‘ارباب قلم’ جي نالي سان لاڙڪاڻي مان هڪ مخزن به ڪڍيائين. سندس شهرت غزل کان وڌيڪ مزاحيه نثرنگار جي هئي. لاڙڪاڻي جي سڀني شاعرن جا مزاحيه خاڪا به لکيائين جيڪي اردو جي وڏن رسالن ۾ شايع ٿيا. 1981ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ انتقال ڪيائين ۽ ابوبڪر مقام ۾ دفن ٿيل آهي.

سيد هاشم رضا
سيد هاشم رضا نيو تني، ضلعي اُناؤ، لکنوءَ يُو پي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سيد محمد رضا يو پي هاءِ ڪورٽ لکنوءَ ۾ جج هيو. سيد هاشم رضا آءِ سي ايس جو امتحان پاس ڪري ڊي ايم گروپ ۾ شامل ٿيو. 1942ع ۾ هن کي لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر (ڊِي سي) ڪري رکيو ويو، ته سندس دوستن ۽ احبابن کيس ڊيڄاريو ته لاڙڪاڻي نه وڃ، لاڙڪاڻي جا ماڻهو ڏاڍا ڏکيا اٿئي، پر هيءُ نه مڙيو ۽ لاڙڪاڻي ۾ اچي پهتو. هيءُ لاڙڪاڻي جو 3 سال ڪليڪٽر رهيو. سيد هاشم رضا سٺو شاعر ۽ ليکڪ هيو. هن جي دَور ۾ لاڙڪاڻي جي ايمپائر سينما ۾ “دهلي بازار” نالي ڊرامو اردو ۾ پيش ٿيو هو. هن جي ئي دَور ۾ لاڙڪاڻي ۾ اردو زبان کي فروغ مليو ۽ لاڙڪاڻي جي ويران ٿيل ليڊيز ڪلب گومي ٻائي ڪلب ۾ پهريون ڀيرو مينا بازار لڳي، جنهن جو افتتاح سيد هاشم رضا جي گهر واري سلمى رضا ڪيو هو. سندس شعري مجموعو حاصل ٿي نه سگهيو. ان ڪري سندس ڪلام جو نمونو نه ٿو ڏجي. ڊفينس ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر “هماري منزل ۾ گذريل سال آگسٽ 2003ع ۾ دم پرواز ٿيس.

عمران الله خان “سحر”
عمران الله خان جي والدين جو تعلق يُو پي انڊيا جي مردم خيز شهر گورکپور سان هيو، جتي سندس جنم 24 ڊسمبر 1944ع تي ٿيو. ائين هي فراق گورکپوريءَ ۽ مجنون گورکپوريءَ جو هم وطن يا ڳوٺائي آهي. هن جي ڏاڏي مولوي سبحان الله جو شمار گورکپور جي اهم شخصيتن ۾ ٿيندو هو. ورهاڱي کان پوءِ 1949ع ۾ پنهنجي والد غفران الله سان گورکپور مان لڏي اول ڪراچي ۽ ٻن سالن کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ پهتو. هن پوري تعليم لاڙڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. ننڍپڻ کان شعر چوڻ جو شوق هوندو هيس ۽ شعر چوڻ جي سکيا استاد رمز شاهجهان پوريءَ کان ورتائين. لاڙڪاڻي جي پاڪستاني شهرت يافته تمثيلي مشاعري ۾ شاعر انقلاب جوش مليح آباديءَ جو ٻهروپ اختيار ڪيو هئائين. ان ٻهروپ ۾ نڪتل فوٽو جڏهن جوش مليح آباديءَ کي لاڙڪاڻي اچڻ تي، سندس منزل مليح آباد هاؤس (نزد ڪامريڊ سوڀو قيام گاه) ۾ ڏيکاريائين ته جوش وائڙو ٿي تصوير کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کيسي مان قلم ڪڍي فوٽوءَ جي پوئين پاسي تي پنهنجي ئي شعر ۾ ڪجهه ردو بدل ڪري لکيائين.
بهت خوش هوئي اس جوش سي مل ڪر.
عمران الله سحر انجمن ترقي اردو شاخ لاڙڪاڻي جو صدر آهي ۽ گرين پيلس هوٽل جي ڀر ۾ رهي ٿو.

پير ڪليم الله شاهه راشدي
پير پاڳاري سيد محمد راشد شاهه راشديءَ جي ننڍي ڀاءُ سيد علي مرتضيٰ شاهه نئين ديري ڀرسان موجود شگرمل سامهون، پنهنجو الڳ ڳوٺ ٻڌايو جيڪو عرفِ عام ۾ “پير ڳوٺ” جي نالي سان مشهور آهي، جتي پير ڪليم الله شاه جو جنم 1876ع ۾ ٿيو. معروف مرتب ۽ مؤلف ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي تاليف شده ڪتاب “سنڌ ۾ اردو شاعري از عهدِ شاهجهان تا قيامِ پاڪستان” ۾ پير ڳوٺ جي هن شاعر جو ذڪر صفحي 355 تي ڪيو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو:
“ان ڪو موسيقي ڪا بيحد شوق ٿا. هندوستان سي بڙي بڙي گويي آپ ڪي پاس آتي ٿي. طبع موزون پائي ٿِي. سنڌي، سرائيڪي، فارسي اور اردو ۾ آپ ڪا ڪلام موجود هي.”
بقول ڊاڪٽر بلوچ، پير ڪليم الله شاهه راشديءَ جي غزلن جو مجموعو مرزا عباس علي بيگ وٽ حيدرآباد ۾ محفوظ آهي. پير ڪليم الله شاهه راشديءَ جو انتقال انڊيا ۾ ٿيو ۽ اُتي ئي دفن ٿيو. سنڌ جو نامور نقاد، شاعر  ۽ اديب ذوالفقار راشديءَ ۽ مصنف امام راشدي جو مائٽ آهي.
پير ڪليم الله شاهه راشديءَ جي شاعريءَ جو نمونو:
گــــــر يـــار خُــــــــــدا مــــلاوي تــو ڪــيـــا عـــــجــب!
شربت ڀي اُسي هاٿ سي پلاوي تو ڪيا عجب!
هــم چــاڪ، دلم چــــاڪ، هـمـــارا هي بدن چـاڪ،
با وصل ڪي سوزن سي سِـــلاوي تو ڪيا عجب!

پير علي محمد راشدي
لاڙڪاڻي جي هن خوشبوءِ اردو صحافت کي معطر ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ جڏهن به اردوءَ جي محسنن جو ذڪر ٿيندو، ته پير علي محمد راشديءَ ۽ سندس ڀاءُ پير حسام الدين راشديءَ جا نالا فهرست جي اولين نمبرن ۾ هوندا. پاڻ بهمڻ ڳوٺ، نزد نئين ديري ۾ سيد حامد شاهه راشديءَ جي گهر ۾ 1905ع ۾ ڄائو. قدرتي طور تي ذهين هيو ۽ پنهنجي خداداد لياقتن سبب سياست، ادب ۽ صحافت ۾ اهم جڳهه والاريائين. پاڻ 1954ع ۾ جڏهن فلپائين ۾ سفير هيو، تڏهن کان روزاني ‘جنگ’ ڪراچيءَ ۾ هفتيوار ڪالم پهريائين “مشرق بعيد سي جي نالي سان ۽ پوءِ “مشرق و مغرب جي نالي سان عمر جي آخري ڏينهنِ تائين لکندو رهيو. اردوءَ ۾ سندس ڪتاب “روئيداد چمن پڙهڻ وٽان آهي.
اردوءَ جو نامور اديب سيد مظهر جميل پنهنجي شاهڪار ڪتاب “آشوب سنڌ اور اردو فڪشن” جي صفحي 161 تي پير علي محمد راشديءَ بابت لکي ٿو:
“پير علي محمد راشدي ڪي يادداشت ماضي قريب ڪي حال جانني ڪي ليي به اعتبار نگاري انتهائي اهم اور معتبر هي. پير صاحب ڪي مخصوص اندازِ نگارش اور اسلوب بيان ني اس ۾ فڪشن ڪي چاشني ڀي پيدا ڪر دي هي.”
ريڊيو پاڪستان جو اڳوڻو ڊائريڪٽر، عمدو اديب ۽ سٺو شاعر حميد نسيم پنهنجي آتم ڪهاڻي “ناممڪن ڪي جستجو” جي صفحي 466 تي لکي ٿو:
“پير علي محمد راشدي ني علامتي ڪالم نگاري يا تمثيلي ڪهه لو ڪي ذريعي اردو صحافت ڪو نئي عمق اور نئي جِهتون سي متعارف ڪروايا هي. اردو صحافت ۾ ان جيسا ذو معنيٰ ڪالم آج تڪ ڪسي ني نهين لکا.”

پير حسام الدين راشدي
هي پير علي محمد راشديءَ جو ننڍو ڀاءُ ۽ پير حامد شاهه جو وچون نمبر پٽ هيو. هيءُ به پنهنجي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ وانگر ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيوسٽيءَ ۾ ڪونه پڙهيو. پير حسام الدين اردو ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ پاڻ پتوڙيو. اردو ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي)، انجمنِ ترقي اردو ۽ غالب لائبريري ناظم آباد ڪراچيءَ جي ٺهڻ ۽ ٺاهڻ ۾ پير صاحب جي محنت شامل آهي. جنهن جو اعتراف پاڻ باباءِ اردو مولوي عبدالحق پنهنجي ڪتاب انجمن ترقي اردو جي تاريخ ۾ ڪيو آهي. پير حسام الدين پنهنجي زندگيءَ ۾ 43 ڪتاب لکيا، جن ۾ اڪثريت اردوءَ ۾ لکيل ڪتابن جي آهي.
پروفيسر انيس زيدي، پنهنجي هڪ مضمون ۾ پير حسام الدين راشديءَ جي اردو زبان لاءِ ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪندي گورنمينٽ نيشنل ڪاليج جي خصوصي شماري 85-1984 جي صفحي 405 ۽ 408 تي لکي ٿو:
“اداره يادگار غالب 1968ع ۾ قائم هوا ٿا. اس ڪي بانيون ۾ پير حسام الدين ڀي شامل ٿي. اداره يادگار غالب (غالب لائبريري) ڪي طرف سي “دودِ چراغ محفل” پير حسام الدين راشدي ڪي تصنيف هي، جس ۾ انهون ني ناطق مڪراني، خادم بردواني، رسُوا بجنوري، اور مولانا طرزي ڪي حالات اور غالب سي ان ڪي تعلقات پي روشني ڊالي هي. اس سي اس زماني ڪي حالات، علم و تهذيب، زندگي اور حياتِ غالب پر روشني پڙي هي.”
سنڌي ادبي بورڊ جو سابق ملازم ۽ نامور اديب ۽ عالم اعجاز الحق قدوسي پنهنجي جيون ڪٿا “ميري زندگي ڪي 45 سال” جي صفحي 162 تي پير حسام الدين راشدي بابت لکي ٿو ته:
“پير حسام الدين راشدي ڪا نام اور ان ڪي ڪتب خاني ڪي شهرت ۾ ني سب سي پهلي مولوي عبدالحليم چشتي سي سني. جب ڪه مولانا احتشام الحق ٿانوي هر بات ۾ ڪهتي تهي ڪه مين ني يه ڪتاب راشدي صاحب ڪي ڪتب خاني ۾ ديکِي ٿِي. اهلِ سنڌ پر ان ڪا احسانِ عظيم يه هي ڪه تاريخ سنڌ ڪي ماخذ ڪي ڪميابي بلڪه نايابي ڪي وجه سي سنڌ ڪي تاريخ پر قفل ڪو کول ديا اور سنڌ ڪي تاريخ ڪو عام ڪر ديا. عهد حاضر ۾ راشدي صاحب ني ڀي نئي رنگ و آهنگ ڪي ساٿ گلشنِ تاريخ سنڌ ڪو ايڪ نيا روپ بخشا هي. راشدي صاحب ڪي سنڌ ڪي تاريخي خدمات سي انڪار ناگزير هي.”
سنڌي ٻوليءَ ۾ نقاد جو لقب ماڻيندڙ مرحوم قربان بگٽي پنهنجي تنقيدي ڪتاب “سيڻ مٽائن سون تي” جي صفحي 10 تي راشدي برادران لاءِ لکي ٿو:
“حقيقت هيءَ آهي ته راشدي برادران کي قدرت، فصاحت ۽ بلاغت سان لکڻ جي جيڪا صلاحيت بخشي آهي، ان لاءِ هُو پنهنجي رب جا جيترا شڪرانا بجا آڻن، اوترو ٿورو آهي.”

شب رُخ ڀٽو
شب رُخ بظاهر هڪ نالو نظر اچي ٿو پر حقيقت ۾ هي ٻن سڳين ڀينرن جي نالن جو مُخفف آهي. شبنم مان شب ۽ رُخسانه مان رُخ کڻي “شب رُخ” بڻايو ويو ۽ ائين هڪ شاعراڻو نالو جڙي پيو. هي ٻئي ڀينر سابق وزيراعظم پاڪستان محترمه (شهيد، سنڌ راڻي) بي نظير ڀٽو جون سڱ ۾ سڳيون سَوٽيون آهن. سندن والد مرحوم سڪندر علي ڀٽو اردو ۽ انگريزي زبان ۾ عمدو شعر چوندو هو. ٻنهي ڀينرن شاعريءَ کان سواءِ اردو زبان ۾ مختصر افسانو ۽ ناول پڻ لکيو. ٻنهي ڀينرن جو شعري مجموعو “موسمِ گل اُداس هي جي نالي سان ادبيات حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. سندن اردو شاعري پڙهي ڪير چوندو ته هنن ٻنهي ڀينرن جي مادري زبان اردو نه پر سنڌي آهي! ٻئي ڀينر پنهنجي ڀاءُ امداد علي خان ڀُٽي سان گڏ حيدرآباد ۾ رهنديون آهن. شب رُخ جي شاعريءَ جو نمونو:
پــهـــر تيــري يـاد ڪي پازيـب جــهـنـڪ اُٺهـــي هـــي،
پهر تيري نام ڪي خوشبــو ســـي معـــطر هـي فضا،
دل ڪي صحرا مين تيري پيار ڪي برسات هوئي.
پهـــــر تخـــــــيـل مـــــــيــن اُبهــــرنــي لگا چهـــــره تيــــــــــرا.

ڊاڪٽر بشير احمد شاد
لاڙڪاڻي واسي ڊاڪٽر بشير احمد پٺاڻ جو جنم پهرين اپريل 1956ع تي سنڌ جي مشهور شهر شڪارپور ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم شڪارپور جي قاضي محلي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري، ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ ڪيائين ۽ پوءِ انٽر، بي اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪري گورنمينٽ ڪاليج سانگهڙ ۾ شعبي سنڌي ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. سانگهڙ ۾ ٻه سال رهڻ کان پوءِ بدلي ٿي، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي پهتو، جتان 2002ع ۾ عمر جا 60 ورهيه پورا ڪري رٽائر ٿيو. ان وچ ۾ “مولانا ثناء الله ثنائيءَ جي شاعريءَ جو تنقيدي جائزو“ تي پي-ايڇ.ڊي ڊگري به حاصل ڪيائين. ڊاڪٽر بشير احمد شاد گهٽ ڳالهائيندڙ، ادبي ڪمن ۾ اڳڀرو ۽ مرنجان مرنج قسم جو ماڻهو آهي. ادبي ۽ شاعراڻي دُنيا ۾ پنهنجي تخلص “شاد” سان مشهور آهي. پاڻ سچل ادبي مرڪز جو باني صدر ۽ ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جو نائب صدر پڻ آهي. پاڻ بنيادي طرح سنڌي ٻوليءَ جو شاعر آهي، پر اردوءَ سان سندس لڳاءَ جو ثبوت هيءُ آهي ته سندس ڪيترائي مضمون، ادب پاڪ انٽرنيشنل، ماهنامه ‘اظهار’، روزاني اردو اخبار ‘مشرق’ ۽ روزاني اردو اخبار ‘جنگ’ جي ادبي صفحن ۽ جنگ مڊويڪ ميگزين جي زينت بڻيا آهن. ڊاڪٽر بشير احمد شاد اردوءَ تي ڪافي دسترس رکي ٿو ۽ اردوءَ ۾ سُٺي شاعري پڻ ڪري ٿو. سندس شعر جو نمونو:
ڪــيــا کويا، ڪيا پـايا هـم نـي؟
يُون هِــي وقــت گــنــوايــا هــم نــي.
ســــاري عمـر سـراب ڪـي پـيڇي،
خـــود ڪــو يــون ڀـلايـــا هــم نـــي.
اورون ڪـي ســو عـــيب اُڇـالـي،
اپنـا پاپ ڇــپـــــــــايـا هــــــم نــي.
******
بارگاهه حــسـن ۾ يــون ٿَـڪ گــيـا،
مــــدتـون در تــيـرا سـر مـيـرا رڪا
لــيتي هين دل ڪا نــشــانه اور ڦِـــــر
پوڇتي هين يون ڪَهو ڪيسا رڪــا.

امام راشدي
ادبي دنيا ۾ مشهور امام راشديءَ جو ڇـٺيءَ جو نالو پير امام المتقين شاهه آهي ۽ پاڻ سنڌ جي مشهور راشدي خاندان جو فرد آهي. سندس جنم 3 ڊسمبر 1960ع تي، پير ڳوٺ محلي، نئين ديري ۾ پير بدرالدُجيٰ شاهه راشديءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد نبض شناس حڪيم ليکيو ويندو هو. پرائمري درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول پير ڳوٺ ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئين ديري مان پاس ڪري، باقي امتحان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتي ديري ۽ لاڙڪاڻي مان ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. امام راشديءَ کي لکڻ پڙهڻ جي سُتي ڄڻ دائيءَ ٻنڌڻن ۾ وڌي هئي. 24 ورهين جي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيائين ۽ 1985ع کان اردو زبان ۾ لکڻ جي شروعات ڪيائين. اردو مادري زبان نه هوندي به ۽ سليس اردو پڙهيل امام راشديءَ کي اردو زبان تي ڪافي دسترس حاصل آهي. سندس لکڻ جو موضوع گهڻي ڀاڱي آثار قديمه تي تحقيق آهي. سندس مضمون روزاني ‘جنگ’ جي مڊويڪ ميگزين، ماهوار ‘اخبار اردو’ اسلام آباد، ماهوار ‘قومي زبان’ ڪراچي، ماهنامه ‘رابطه’ ڪراچي، ماهنامه ‘آواز’، ٽه ماهي ‘دانش’، ماهوار ‘اظهار’، هفتيوار ‘اخبار جهان’ ۽ ٻين کوڙ علمي ادبي رسالن جي زينت بڻيا آهن. امام راشدي درس و تدريس سان وابسته آهي ۽ کيس مضمونن تي ڪيترا ايوارڊ ملي چڪا آهن.

مقصود گل
سندس جنم 5 اپريل 1950 تي، رتي ديري شهر جي هڪ اهم علمي ۽ ادبي شخصيت قاضي عبدالحي ‘قائل’ سرشاريءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس پورو نالو قاضي مقصود حيات آهي، پر ادبي دنيا ۾ مقصود گل سان سڃاتو وڃي ٿو.
پاڻ ڊبل ايم اي آهي. مختلف نوڪريون ڪري پنهنجي گهر جون ضرورتون ۽ ٻارن جون خواهشون پوريون ڪندو رهيو. آخري نوڪري لاڙڪاڻو شگرمِل نئين ديري ۾ ڪيائين، پر هڪ طرف شاعر ۽ ٻئي طرف فرعون جي لهجي ۾ گفتگو ڪندڙ، سو زماني ساز نه هئڻ سبب وقت کان اڳ ۾ استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين. پاڻ بنيادي طرح سنڌي ٻوليءَ جو شاعر آهي پر اردو ٻوليءَ سان پڻ لڳاءُ ۽ شغف رکي ٿو. سنڌ جي هڪ سٺي غزل گو شاعر “ذوالفقار” راشدي جي شاعريءَ کي اردو شاعريءَ جو روپ ڏيڻ ۾ مشغول آهي، ان کان سواءِ سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز جي شعري مجموعي “پتڻ ٿو پُور ڪري” کي اردوءَ ۾ “گهاٽ په بادل گرجي” جي نالي سان اردو ويس ڍڪايو اٿس. سنڌ جي هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جي فارسي مثنويات جو منظوم اردو ترجمو “عشق سمندر” جي نالي سان سچل چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ، طرفان شايع ٿي چڪو اَٿس، جنهن تي کيس سچل چيئر طرفان “سچل ايوارڊ” به ملي چڪو آهي. سندس اردو شعري مجموعو “قطره قطره دريا” پريس ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهي.

موهن لعل پريمي
اردو زبان سان لڳاءُ رکندڙ موهن لعل پٽ ڪنعيا لعل جو جنم موهن جي دڙي ڀرسان پراڻي لبِ دريا، هاڻي ڏوڪريءَ، ۾ پهرين جنوري 1963ع ۾ ٿيو. پاڻ ايم اي اردو ادب سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪري اردو ادب ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. پاڻ سچل سرمست جي اردو شاعريءَ تي ايم فل ڪري چڪو آهي ۽ هينئر کيس پي ايڇ.ڊي جي ڊگري ملڻ واري آهي. سندس ڪيترائي مضمون پاڪستان جي معياري ۽ معروف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي چڪا آهن. سندس ايم فل جو مقالو “سچل سرمست اور ان کي اردو شاعري” مقتدره قومي زبان اسلام آباد مان شايع ٿي چڪو آهي. ديوان موهن لعل جيئن اردو ادب ۾ ‘پريمي طور مشهور آهي، تيئن هو عملي زندگيءَ ۾ واقعي انساني مت ڀيد کان آجو آهي. هن وقت هُو گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ شعبي اردوءَ جي سربراهه طور ڪم ڪري رهيو آهي.

‘ساغر’ ابڙو
ڳيريلي کان هلي شاعريءَ جي دنيا ۾ پير پائيندڙ ساغر ابڙي جو پورو نالو صابر علي آهي. سندس جنم فقير نقش علي جي گهر ۾ 25.3.1975 تي، ڳيريلو شهر، تعلقو ڏوڪري ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڳيريلي ۽ انٽر جو امتحان گورنمينٽ ڪاليج نصيرآباد مان پاس ڪيائين. 1998 ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايم بي بي ايس جي ڊگري ورتائين. قدرتي طور پاڻ صوفي ازم ڏانهن گهڻو مائل آهي. لاڙڪاڻي مان سندس ادارت هيٺ نڪرندڙ ٽه ماهي رسالي جو نالو به ان ڪري ‘صوفي’ رکيو اَٿائين. پاڻ بنيادي طرح سنڌيءَ ٻولي جو شاعر آهي پر اردوءَ ٻوليءَ ۾ جڏهن اسٽيج تي بيهي شعر پڙهندو آهي، ته اردوءَ جو اهل زبان لڳندو آهي. سندس ڪو به شعري مجموعو اڃا تائين پڌرو ڪو نه ٿيو آهي. سندس شعر جو نمونو:
ديپ  هونٽون  ڪي  بجهه  گئي  ساري،
ايـــڪ بـــانـــهــــــون ڪـــا هـــار بـــــــــاقـــي هي
اڪ نــــــظــر ســـي هــي جـــــــــوڙ ديــتــــا هي
وو دلــون ڪــا ڪـــــــــمـــــــهـــــــــار بـــاقــــي هي
مـــــيــــــــري مــــــٽـــي سي بـــن گـــيــا “ساغر”
مـــــــــيـــــڪــدي ۾ مــــزار بـــاقـــي هي.
مٿين قلڪارن کان سواءِ لاڙڪاڻي جا کوڙ شاعر هيا جن جا اسماءِ گرامي هن ريت آهن: ذهين اعظمي، طاهر فهمي، بيربل جبل پوري، حماد اثر، زمان بريلوي، ماني لکنوي، سبحان نغمي، منير تابان، جعفر جالنوي، عبدالله جاويد، محمد ميان سحر، عثمان آذر، حڪيم شاهد علي شهيد، وفا ابدالي، ناز مظفر نگري، عزيز مظفر پوري، سيد ڀيا، ضمير جوڪر، وفا صديقي، سرفراز زيدي، ظفر اقبال، اختر لکنوي، جمال احساني، حبيب نجمي، سعيدالدين، سعديه حريم فاروقي، زيب النساء زيبي، انيس فاطمه رضوي، شميم اختر يوسف زئي، ثروت حسين مئڪش نصيرآبادي ۽ نئين ديري سان تعلق رکندڙ ڪيف ڪانپوري، بشير احمد وارثي، ڊاڪٽر ادريس ۽ سندس نياڻي حُسنه ادريس وغيره. ڊاڪٽر ادريس ۽ سندس نياڻي بابت احوال “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” ۾ اڳ ۾ ئي موجود آهي.
بـــڙي شــوق ســي سُـن رهــــا ٿــا زمــانـــه،
هم خود هي سو گئي داستان ڪهتي ڪهتي.

مددي مواد
1.      بزم ادب پبليڪيشن لاڙڪاڻي جا شايع ٿيل ڪتاب.
2.      انجمن ترقي اردو شاخ لاڙڪاڻي جا شايع ٿيل ڪتاب.
3.      حلقهء ادب پبليڪيشن لاڙڪاڻي جا شايع ٿيل ڪتاب.
4.      ارباب قلم پبليڪيشن لاڙڪاڻي جا شايع ٿيل ڪتاب.
5.      گورنمينٽ نيشنل ڪاليج ڪراچي جي سالياني مخزن 75-1974.
6.     رُخ فردا - لاڙڪاڻو سنگت ڪراچي
7.     مسلم شميم، عرشي ڪرتيپوري، آفاق صديقيءَ، ظاهر نوريءَ ۽ احمد مهدي رضويءَ جا ذاتي ۽ شخصي انٽرويو.



[1]  تازو، وفات ڪري ويو آهي: مرتب
 اڄ ڪلهه ڪراچيءَ ۾ ئي رهي ٿو: مرتب[2]
[3]  هاڻي ڪراچي لڏي ويو آهي: مرتب
[4]  تازو وفات ڪري ويو آهي: مرتب

No comments:

Post a Comment