هڪ ياد
رکڻ جهڙو ڪتاب
چڪ جا چندن
هار
رکيل مورائي
پنهنجن دوستن،
همسفرن، استادن ۽ عالمن اديبن کي ياد ڪري هڪ هنڌ محفوظ ڪيو آهي، اسان جي محترم ليکڪ
سائين آزاد بخاريءَ ۽ ان داستان کي هن نالو ڏنو آهي ”چڪ جا چندن
هار“. نالي مان ظاهر آهي ته ڪتاب ۾ شامل سڀني شخصن جو تعلق چَڪ سان آهي.
ٻيءَ طرح چڪُ شڪارپور ضلعي جو هڪ ادبي ۽ علمي شهر رهيو آهي، جيڪو سائين آزاد بخاريءَ
جو شهر به آهي.
ڪتاب ۾ شامل
شخصيتون زندگيءَ جي الڳ الڳ شعبن سان واسطو رکندڙ آهن ۽ ساڳي وقت سڌي توڻي اڻ سڌي طرح
ليکڪ سان به واسطو رکندڙ آهن، پر سندن ڪا نه ڪا خاص سڃاڻپ ضرور آهي، جنهن جو بنياد
سندن هن ڪتاب ۾ شامل هجڻ جو سبب بڻيو آهي.
بنهه مختصر
سوانحي خاڪن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب حوالي طور استعمال ۾ آڻڻ جهڙو آهي، جنهن کي آزاد بخاري
صاحب گهڻي محنت سان لکيو آهي. ممڪن حد تائين تصويرن سان سينگاريل هيءُ ڪتاب 228 صفحن
جو آهي ۽ پڪي جلد سان پوپٽ پبليشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپيل هن ڪتاب جو ملهه 180 رپيا
آهي. سانڍڻ جهڙو ۽ پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي ”چڪ جا چندن هار“.
No comments:
Post a Comment