سيما گل
وڇوڙو شاعري آهي
فيس بڪ تي پوسٽ ڪيل خوبصورت شاعر گلزار جي غزل جو تنقيدي جائزو
گلزار جو غزل
وڇوڙو شاعري آهي ته ميڙو هڪ ڪهاڻي آ،
پرينءَ ڏي پنڌ ڪاهيندي سفر جي سڪ ڪهاڻي آ.
هوا جي هنج ۾ نچڻي ڏسي ٿي ناچ هٿڙن جو،
منڊيءَ جو منڊ ڪوتا ۽ ڇلي جي ڇڪ ڪهاڻي آ.
وکن جي راڳڻي رستن جي دل تي وجد آڻي ٿي،
لڏڻ جي لوڏ ڳلين ۾ منڊيءَ تي ٽڪ ڪهاڻي آ.
ڪهاڻيءَ جي ڪٿا سنبري پڇان ڪنهن پير کان
ڪهڙي،
مٽيءَ جي مقبري هيٺان دفن هڪ چڪ ــ ڪهاڻي
آ.
سنواري وار پارائن گڏي کي ٻار ٻاهونٽو،
لڳي ٿو بولڙي نڪ جي لڳن جي لڪ ڪهاڻي آ.
پتڻ جي پيهه ۾ ٻيڙي ٻڌائي وارتا ويٺي،
پرين ــ ڀر جا ڪهاڻي آ سا اورين ــ ڀڪ
ڪهاڻي آ.
گلزار سنڌي شاعريءَ جو هڪڙو سيبتو ڪوي آهي جنهن جي شاعريءَ جا رنگ
جيڪي به ۽ جهڙا به آهن، پنهنجا تخليق ڪيل آهن، جيڪي وڻندڙ، دل ڇهندڙ ۽ ذهن کي جنجهوڙيندڙ
آهن، ۽ سنڌي ادبي کيتر ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۾ بهترين اضافو پڻ آهن. هو
نئين عهد جو نئون نڪور شاعر آهي، هن جي شاعري ۾ نيون تشبيهون، نوان استعارا ۽
ترڪيبون به آهن ته اها شعري رنگت به آهي جنهن سان رڱجي هن جي خيالن جي خوشبوءِ جو
ڦهلاءُ اسان جي دلين کي تازگيءَ ڀريو واس ۽ احساس بخشي ٿو.
ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته گلزار جو هي غزل پنهنجي شاعراڻي اظهار ۽
اسلوب جي خوبصورتيءَ سان جديد سنڌي شاعريءَ ۾ بهترين اضافو آهي، ۽ ان ڳالهه ۾ به
ڪو شڪ ناهي ته هي غزل هوندي به گيت جو سرل ۽ سهنجو لهجو ۽ نظم جهڙو تسلسل به رکندڙ
آهي، مجموعي طور فني توڙي فڪري اعتبار کان به هن غزل کي بهترين چئي سگهجي ٿو،
جيڪڏهن هن ۾ ڪجهه ڪميون پيشيون به آهن ته اهي اهڙيون آهن جن تان شاعراڻي ايپروچ ۽
تخيلاتي تخليقي اظهار کي ڪنهن طرح به ضايع نٿو ڪري سگهجي.
جيئن ته هن غزل تي نئين ٽهيءَ جي شاعر گوهر شيخ صاحب جو تنقيدي
رايو ۽ نوجوان نقاد خليق ٻگهيو صاحب جو تفصيلي تنقيدي جائزو به اچي چڪو آهي، مان
به پنهنجي سوچ سمجهه مطابق پنهنجو رايو ڏيان ٿي جنهن جو مقصد نه گوهر شيخ جي تنقيد
جو رد آهي، نه ئي وري ڀاءُ خليق جي تنقيدي تجزئي جو رد آهي، ۽ نڪوئي شاعر پاران
ڪيل دفاع جو ئي رد سمجهيو وڃي، جيڪو هن گوهر شيخ صاحب ۽ ڀاءُ خليق جي تنقيد جي
جواب ۾ لکيو آهي.
وڇوڙو شاعري آهي ته ميڙو هڪ ڪهاڻي آ،
پرينءَ ڏي پنڌ ڪاهيندي سفر جي سڪ ڪهاڻي آ.
“مون
گلزار جي گهڻي شاعري پڙهي آهي. منهنجو به اهو رايو آهي ته سندس ڊڪشن تجرباتي پئي
رهيو آهي، هڪ جاءِ تي اڃا نه بيٺو آهي.”
خليق صاحب جي ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به آهي، ته گلزار مڪمل طور
پنهنجو ڊڪشن ناهي ٺاهيو، پر گهڻي قدر ڊڪشن جي حوالي سان مختلف به ناهي، ۽ سمجهان
ٿي مڪمل هڪڙو ڊڪشن بڻائڻ به نه گهرجي، ان سان شاعر جي وسعت ۽ خيال محدود بڻجي
ويندو آهي. هو نون تجربن ۾ نون خيالن کي به وڌيڪ اپنائي ٿو، ۽ بهتر اظهار جي جستجو
۾ رهي ٿو يڪسانيت کان جان ڇڏائي ٿو، ڊڪشن ته اڃا پري جي ڳالهه آهي رڳو صنف مٽائڻ
سان ئي خيال جي ويرائٽي سامهون اچي ويندي آهي، تنهنڪري ڪنهن به شاعر کي ڪنهن به هڪ
ڊڪشن جو پابند هجڻ به نه گهرجي، ۽ نڪو پابند بڻائڻ گهرجي ۽ اهو عمل ڪڏهن شعوري ته
ڪڏهن لاشعوري ٿيندو به رهي ٿو.
قافيي جي حوالي سان گوهر شيخ جو رايو آهي: “قافيي جو خوبصورت
استعمال ڪيو ويو آهي، توڙي جو قافين وارا لفظ سڪيل آهن، جيڪي مفاعيلن جي وزن سان
استعمال نه ٿيندا، پر شاعري عروض کان عظيم آهي.”
تمام زبردست ڳالهه ڪئي آهي ڀاءُ گوهر، تنهنڪري مان به ان تي نٿي
ڳالهايان، ڇو ته واقعي به عروض کان شاعري ۽ شاعريءَ جو خيال وڌيڪ اهميت وارو آهي،
جيڪو هميشه زندهه رهڻو آهي جن جن به خيال کي ماري عروض کي اهميت ڏني اهي پاڻ کي
بچائي نه سگهيا، ان جو مڪمل مقصد ڪنهن به طرح اهو به ناهي ته فن جي اهميت ناهي فن
جو پوراءُ ضروري ناهي يا فن جو هئڻ ئي بي معنيٰ آهي، بلڪل ائين ناهي فن جي قرباني
اتي، اتي ڏجي جتي خيال جي اهميت کي فن مڪمل ماريندو هجي، ان خيال جي مڪمل مرڻ کان
بهتر آهي ته ٿورو فن کي مارجي. جيڪڏهن هتي گلزار ويهي اهو سوچي ها ته قافيو ته
مشدد آهي مفاعيلن جو پوراءُ نٿو ڪري ته شايد هي خوبصورت غزل نه لکي سگهي ها.
هاڻي اچون ٿا غزل جي مطلع تي. هتي خليق صاحب جو اعتراض لفظ “ميڙو”
تي آهي، لکي ٿو
“لفظ ميڙو به صفا
پراڻو لفظ آهي. ميڙو لفظ پنهنجو لباس تبديل ڪري ميلو بڻجي ويو آهي.”
مان سمجهان ٿي ته ميڙو هروڀرو ميلي جو نعم البدل نه هئڻ گهرجي. ميڙي لفظ کي پنهنجو تاريخي ثقافتي پس منظر آهي، جنهن جي معنيٰ به هروڀرو ميلي جي پس منظر ۾ نه وٺڻ گهرجي. ميڙو ميلاپ، ملاقات، گڏجڻ، جون به معنائون رکي ٿو، ته ميلي واري معنيٰ به، جنهن جو انثر هڪڙوئي آهي، وجود هڪڙوئي آهي، مقصد به هڪڙو ئي آهي، بس رڳو ان جو استعمال مرضيءَ وارو آهي،
ان جو هتي استعمال شاعريءَ جي گهرج وارو آهي، ميلي وجهڻ سان پس منظر محدود ۽ مخصوص بڻجي وڃي ها.
مان سمجهان ٿي ته ميڙو هروڀرو ميلي جو نعم البدل نه هئڻ گهرجي. ميڙي لفظ کي پنهنجو تاريخي ثقافتي پس منظر آهي، جنهن جي معنيٰ به هروڀرو ميلي جي پس منظر ۾ نه وٺڻ گهرجي. ميڙو ميلاپ، ملاقات، گڏجڻ، جون به معنائون رکي ٿو، ته ميلي واري معنيٰ به، جنهن جو انثر هڪڙوئي آهي، وجود هڪڙوئي آهي، مقصد به هڪڙو ئي آهي، بس رڳو ان جو استعمال مرضيءَ وارو آهي،
ان جو هتي استعمال شاعريءَ جي گهرج وارو آهي، ميلي وجهڻ سان پس منظر محدود ۽ مخصوص بڻجي وڃي ها.
هتي ٻيو اعتراض ميڙو اڳ ۾ وڇوڙو پوءِ هئڻ گهرجي تي به ٿيو آهي،
ڪنهن حد تائين ان اعتراض کي قبول به ڪجي ٿو، ڇوته هميشه وڇوڙي جو ٿيڻ يا اهميت آهي
ئي ميلاپ کان پوءِ، پر جيئن ته شاعر جو اهو داخلي احساس آهي، داخلي پس منظر آهي،
تنهنڪري ٿي سگهي ٿو هن اها ڳالهه وڇوڙي کان پوءِ وري ٻيهر ميلاپ جي پس منظر ڪئي
هجي.
ها باقي اتي اهو اعتراض ضرور ڪر کڻي ٿو ته ڪهاڻي ڇا واقعي به ميڙي
جو پس منظر رکي ٿي؟ ڪهاڻيءَ جو ڪلائمڪس ميلاپ تي آڌاريل ئي سمجهڻ گهرجي؟ منهنجي
سوچ سمجهه مطابق ته اهو مجموعي طور درست نه آهي، پراڻن قصن جو پس منظر ان ئي
پيرائي تي آڌاريل آهي، پر جديد ڪهاڻي ان ئي يڪسانيت جي تضاد مان جنمي آهي، ته جنهن
زندگيءَ ۾ ميڙي کان وڌ وڇوڙي جو الميو جنم وٺي ٿو ۽ ان ئي المياتي وڇوري جي ري
ايڪشن جڏهن لفظن جو روپ ورتو ته ڪهاڻيءَ جنم ورتو، ۽ اهو يقينن وڇوڙي جي ڪلائمڪس ۾
ئي اثرائتو اظهار ٿئي ٿو، ان تناظر ۾ گلزار جي هن غزل کي ڏسجي ٿو ته اهو انفرادي
اظهار ته ٿي سگهي ٿو، پر اجتماعي معنيٰ مقصد ۾ ڪمزور ۽ غير منطقي ڀاسي ٿو.
هوا جي هنج ۾ نچڻي ڏسي ٿي ناچ هٿڙن جو،
منڊيءَ جو منڊ ڪوتا ۽ ڇلي جي ڇڪ ڪهاڻي آ.
پهرين سٽ ۾ لفظ نچڻيءَ تي اعتراض اٿيا آهن. ناچڻي/نچڻي ٻنهي ۾
معنوي توڙي مقصدي پوراءُ ٿئي ٿو، ڇوته معنيٰ مقصد ٻنهي جو ساڳيو آهي، ويندي لفظ به
هڪڙو ئي آهي، ڪو ناچڻي ته ڪو نچڻي چئي ٿو، توڙي جو هتي نچڻي شاعراڻي خوبصورتي ظاهر
نٿو ڪري جيترو ناچڻي ڪري ٿي پر ناچڻي وري سٽ جو رڌم ڪمزور ڪري ٿي، توڙي نا جو الف
ڪيرائي فني اعتبار کان نچڻي ڪيو وڃي پر مجموعي سٽ جواچار اها بخشش قبول نٿو ڪري، ۽
سرل سنهنجي رڌم ۽ سٽ جي اچارڻ کي ڪمزور ٿو ڪري.
ٻي سٽ ۾ لفظ ڪوِتا تي به اعتراض سامهون آيو آهي، جيڪو
ڪويتا جو نعم البدل طور استعمال ٿيو آهي، ڪوِتا جو
استعمال به سنڌي شاعريءَ ۾ عام مروج آهي، جنهن جي استعمال سان پڙهندڙ ٻڌندڙ جي
معنوي مقصد جي مجموعي ڳانڍاپي تي ڪوبه اثر نٿو پوي. هونءَ به اهو لفظ وڌيڪ اعتراز
لائق هجي ٿو، جنهن جو استعمال پڙهندڙ جي سمجهه تي اثر انداز ٿيندو هجي، ۽ ان جي
سمجهه فورن ان کي قبول نه ڪري سگهي، معنوي مونجهاري جو شڪار بڻجي، پر جڏهن ڪنهن
لفظ کي سمجهه قبول ڪري ٿي ته اهو اعتراز لائق نه هوندو آهي.
ٻي سٽ ۾ هتي منڊيءَ جو منڊ خوبصورت تجنيس ته آهي، پر پڙهندڙ جي
معنوي سمجهه متاثر ڪري ٿي، اهو استعمال گهوماٽيون ٿو کارائي، چڱو ڀلو پڙهيو لکيو
توِڙي شاعريءَ جي ايپروچ رکندڙ به گهوماٽيون ٿو کائي سمجهڻ لاءَ، ته منڊيءَ جو منڊ
ڪوتا ڪيئن ٿيندي ڪهڙي پس منظر ۾ ٿيندي، ڪهڙي معنيءَ مقصد ۾ ٿيندي، ڇوته منڊي جو
منڊ عام استعاراتي اهڃاڻ بلڪل به نه آهي. اهو ته شاعر جي تخيل جي تخليقي حسن جو
اظهار آهي. منڊيءَ تي ٽڪ ڪوتا هجي ها ته سڀ سمجي وڃون ها پر هي هتي منڊيءَ تي منڊ
ڪوتا آهي، جيڪو منڊ جو هاڪاري / ناڪاري رويو پاڻ ۾ سمايون ويٺو آهي، ڇوته منڊ
حقيقت ۾ ناڪاري رويو آهي، پر محبوب جو منڊ ناڪاري هوندي به هاڪاري آهي، منڊيءَ جو
منڊ ڪوتا کي هاڪاري رويو سمجهجي يا ناڪاري؟ ان لاءِ شاعر جو سهارو وٺڻو پوندو.
وکن جي راڳڻي رستن جي دل تي وجد آڻي ٿي،
لڏڻ جي لوڏ ڳلين ۾ منڊيءَ تي ٽڪ ڪهاڻي آ.
دل تي وجد ناهي ايندو پر دل ۾ وجد جي ڪيفيت ظاهر ٿيندي آهي، عقلي
معنيٰ ۾ ته اڃا به ذهن ئي ان وجدي ڪيفيت کي قبوليندڙ آهي، ڇوته اهڙي ڪيفيت ۾
سمائجڻ ذهني ڪم آهي، پر جيئن ته عام حالتن ۾ دل ۽ ذهن هڪ معنيٰ جا مظهر آهن، ۽
روحاني حالتن ۾دل جي اهميت اڃان به وڌيڪ آهي، تنهن ڪري دل ۾ وجد ايندو آهي دل تي
نه، هيٺين سٽ ۾ لڏڻ جي لوڏ/ڳلين ۾/منڊيءَ تي ٽڪ مٿين سٽ ۾ وجد روحاني ڪيفيت هيٺين
سٽ ۾ لڏڻ جي لوڏ مادي حالت جي ڪيفيت، منڊيءَ تي ٽڪ مجمند خوبصورتيءَ جو اهڃاڻ، مون
کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهڙي سنگم تي شاعر کي داد ڏيان يا وڏون ڪڍان، ڪنهن مهل داد
ديڻ تي دل چوي ٿي ڪنهن مهل وڏون ڪڍڻ لاءِ، اهو مان پڙهندڙن تي ڇڏيان ٿي ته هو ان
کي ڪهڙي روپ ۾ ماڻن ٿا، ۽ مان به ان کي شاعر جي معنيٰ ۾ پرکڻ جي ڪوشش ڪيان ٿي.
ڪهاڻيءَ جي ڪٿا سنبري پڇان ڪنهن پير کان ڪهڙي،
مٽيءَ جي مقبري هيٺان دفن هڪ چڪ ــ ڪهاڻي آ.
هن بند تي به اعتراض سامهون آيو آهي، هي بند ماڻهوءَ جي نج ذاتي
سوچ سمجهه جو اظهار آهي، جنهن کي جهڙي سماجي دين ٿي آهي اهو ان جو اهڙو اظهار ڪري
ٿو، هتي شاعر ان مليل سماجي دين جو اظهار عقيدن ڏند ڪٿائن ۽ سماج جي گهري مطالعي
جي بدولت هڪ باشعور فرد جو ڪردار نباهيو آهي، توڙي جو ان ۾ ڪجهه احترام لائق عقيدا
۽ معتبر مذهبي روين جي لتاڙ شامل آهي پر ان جو ڪارڻ مجموعي سماجي حالتن جو اگرو پس
منظر آهي، ان لاءِ شاعر جي وضاحت کي سامهون رکجي ٿو.
“ان دل ۾ ڪا ڪهاڻي يا درد ڪهاڻي ڇو وڃي پير ڀيٽيان، جڏهن ته مون کي
خبر آهي ته مقبري هيٺان دفن ٿيل جي ڪهاڻي چڪ يا مير سان ڀريل آهي.”
شاعر جو هي سخت رويو ڪا هڪ ڏينهن جي درد ڪهاڻي جو ري ايڪشن ناهي پر
اهو ته پوري تاريخ جي گهري مطالعي سان گڏ پنهنجي دور جي ڀوڳيل ڪٿا آهي جنهن جي پس
منظر ۾ سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن جي ان سادگيءَ جي به ڪٿا آهي ته ان بي وسيءَ جي به درد
ڪٿا آهي ته ان شعور جي به ڪٿا آهي جيڪو سنڌ جي ماڻهوءَ کان هٿ وٺي پري ڪيو ويو
آهي، ته ان ۾ مجموعي سنڌ جي تعليمي شرح جي اڻ هوند جي به ڪٿا آهي.
سنواري وار پارائن گڏي کي ٻار ٻاهونٽو،
لڳي ٿو بولڙي نڪ جي لڳن جي لڪ ڪهاڻي آ.
هي بند ڳوٺاڻي پس منظر جو هڪڙو خوبصورت منظر آهي، جنهن ۾ ٻارن جي
راند ڏانهن شاعر ڌيان ڇڪرايو آهي، جنهن ۾ ٻهراڙين جي ثقافتي تهذيب جو اهڃاڻ چٽو
ٿيل آهي، هن وقت ناپيد ٿيندڙ اهڙين ٻاراڻين راندين جن جي ثقافتي اهڃاڻ ۾ زيورن جو
ثقفتي پس منظر به شامل آهي، هن بند جي شاعراڻي ايپروچ به قابلِ قبول آهي، پر
منهنجو جنهن شيءِ ڌيان ڇڪرايو اها آهي،/ لڳي ٿو بولڙي نڪ جي لڳن جي لڪ ڪهاڻي آ،/
لڪ ڪهاڻي آ، جڏهن ته اسان جي سماجي ثقافت ۾ بولڙي/منڊي/ڇلو/ڪوڪو وغيره لڪ جي پس
منظر ڪڏهن به ناهن رهيا، هٿائين پڌرائيءَ جو اهڃاڻ آهن، پر شاعر ڪهڙي پسمنظر ۾ ان
کي لڪ استعمال ڪيو آهي، ان جي پهچ تائين پهچڻ جي پڙهندڙ کي مجال نه آهي، جڏهن ته
سمورو بند هر شي جي ظاهريت ئي ظاهر ڪري ٿو سواءِ لفظ لڪ جي، جڏهن هڪڙي رسم جو
اهتمام ٿئي پيو، وار سنوار/ ٻاهونٽو/ بولڙي جڏهن اهو سمورو ظاهري عمل ٿئي پيو ته
اهڙي پسمنظر ۾ لڳن جي لڪ ڪهاڻي جو هئڻ نه هئڻ گهرجي، جڏهن اهو سموري عمل وانگر/جهڙو
آهي حقيقي نه آهي، بهرحال شاعر جي سوچ تي پهچ ممڪن نٿي ٿئي.
پتڻ جي پيهه ۾ ٻيڙي ٻڌائي وارتا ويٺي،
پرين ــ ڀر جا ڪهاڻي آ سا اورين ــ ڀڪ ڪهاڻي آ.
هن بند جو منظر به اسان جي درياهي ثقافت
جو تاريخي پس منظر رکي ٿو.
پتڻ جي پيهه ۾/ٻيڙي/ وارتا. حال جو منظر
پرين ڀر اورين ڀڪ ساڳي ڪهاڻي آ.
حال جي پس منظر ۾ جي هن پوري بند کي وٺون
ٿا ته رڳو خوبصورت لفاضي کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، ڇوته حال ۾ پتڻ جي پيهه جيڪا
ڳالهه بدقسمتي چئجي يا خوشقسمتي پر ترقياتي حوالي سان، پتڻن تي پلن جو ٺهڻ سٺو عمل
آهي،
حاصل مقصد حال ۾ مجموعي طور تي پتڻ موجود
ئي ناهي، سڀني اهم پتڻن تي پلون جو ٺهي وڃڻ پتڻ جي پيهه استعاري کي رد ڪري ٿو،
ٻيڙي ۽ وارتا به ان پس منظر ۾ دٻجي ٿا وڃن، حاصل مقصد ئي مري ٿو وڃي جيڪو شاعر ڏيڻ
چاهيو آهي. هن بند جي ٻي سٽ ساڳي جاءِ تي بيٺي آهي اڪيلي وائڙي، جڏهن ته ان ۾
مجموعي حالتن جو پس منظر توڙي ماضيءَ جي منظرن جو پس منظر موجود آهي، پر مٿين سٽ
جي بدقسمتيءَ هن کي بي معنيٰ ڪري ٿي ڇڏي. ان صورت ۾ هوءَ پنهنجي مجموعي معنيٰ مقصد
جي اظهار کان محروم نظر اچي ٿي. اهڙي صورت حال کي ڏسندي مٿين سٽ ۾ ترميم جي اشهد
ضرورت محسوس ٿئي ٿي، اها ترميم جيڪا هيٺين سٽ کي به معنيٰ مقصد بخشي سگهي، سو ان
لاءِ منهنجي پنهنجي راءِ اها ئي آهي ته ان پهرين سٽ جي اصل غلط جڙ کي ختم ڪرڻ
گهرجي، جنهن جي هئڻ سان پهرين سٽ به معذور بڻجي وئي آهي، ان لاءِ سوچ کي وسيع پس
منظر ۾ گهما.ئڻو پوندو.
مان سمجهان ٿي ته اصل جڙ ان سٽ ۾“جي/۾”
جو استعمال آهي، پتڻ جي پيهه ۾ جنهن سموري منظر کي بي معنيٰ ڪيو آهي، پتڻ جي پيهه
۾ جي جاءِ تي اگر پتڻ جي پيهه جي ڪجي پتڻ تي پيهه جي ڪجي.
پتڻ جي پيهه جي ٻيڙي ٻڌائي وارتا ويٺي
پتڻ تي پيهه جي ٻيڙي ٻڌائي وارتا ويٺي
هاڻي هي سٽ حال ۾ ماضيءَ جي وارتا جو پس
منظر رکي ٿي. ماضيءَ جو پس منظر جڏهن پتڻ تي پيهه هوندي هئي درياهه تارو تار وهندو
هئو. درياهه جون ٻئي ڀڪون/ڪنڌيون/ڪنارا/پاسا وسيع معنيٰ ۾ اڃا به کٻي سڄي جون
ٻنيون آباديون ٻيلا، شهر سرسبز آباد خوشحال هوندا هيا، درياهه جي تاروتار وهڪ ان
خوشحاليءَ جي سڃاڻپ هئي، اهائي ئي ان سٽ جي درياهي ثقافت جي سڃاڻپ هئڻ گهرجي. جڏهن
اهو خوبصورت منظر سٽ پسرائيندي تڏهن ئي هيٺين سٽ ان دور جو هن دور سان تقابلو ظاهر
ڪندي، تڏهن ئي اسان جي سوچ ۾ ذهن ۾ سنڌ جي جيوت درياهه جو ماضي حال ۾ نوحي جي شڪل
۾ سامهون اڀري ايندو ۽ هر ڪنهن جي هانءُ ۾ هٿ پوندو، حالتن جي سنگينيءَ جو. تڏهن
ئي اورين پرين ڀر جي ڪهاڻيءَ موجودهه صورت ۾ سامهون اڀري ايندي، ۽ پنهنجي معنوي
توڙي مقصدي اظهار جو ڀرپور تاثر پيش ڪندي.
مجموعي طور تي هن غزل جو ڊڪشن ڏاڍو
خوبصورت آهي، ڪنهن به طرح هن غزل کان اکيون چورائي نٿيون سگهجن، بلڪه سوچ سمجهه ۽
وسيع پس منظر ۾ هن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، ۽ اها ضرورت نه رڳو شاعر کي شاباس جس
هوندي پر خود شاعر لاءِ پنهنجي شاعريءَ جو حقيقي آئينو به هوندي، جنهن ۾ هو پنهنجي
خوبين تي اتساهه وٺندو، ۽ خامين تي وڌيڪ گهري نظر وجهي اڃان به خوبصورت تخليق سرجڻ
جي جستجو ڪندو، ڇو ته هڪ پڙهندڙ/خاص طور تي هڪ نقاد ڪڏهن ڪڏهن اهڙا اهڙا نتيجا/اهڙيون
اهڙيون وضاحتون ڪندو آهي جيڪي شاعر جي وهم گمان ۾ به نه هونديون آهن، ته هن جي
تخليق ۾ اهڙيون خوبيون به موجود آهن، ۽ اهائي حيرت ڀري خوشي تخليقار کي اتساهه جون
نيون روشنيون بخشي ٿي، ۽ اها ئي بهتر معنيٰ ۾ تنقيدي شعور جي اعليٰ وصف آهي.
گلزار جي هن غزل تي مون کي اتساهه ڏيندڙ
نوجوان نقاد خليق ٻگهيو ۽ خود شاعر گلزار جي مان ٿورائتي آهيان جن هن غزل جي پوسٽ
تي بحث مباحثي جو اهڙو بهتر ماحول مهيا ڪيو جو مون به ان تي لکڻ جو پاڻ ۾ ساهس
پيدا ڪيو، ڇوته هن غزل تي خليق صاحب تفصيلي ۽ ڏاڍو ڀرپور جائزو لکيو آهي ته گلزار
ان جي دفاح ۾ به ڏاڍو جاندار لکيو آهي، جيڪو ان پوسٽ جي زينت بڻيو آهي، مون به ان
ئي پوسٽ لاءِ لکيو پئي پر جيئن ته ان پوست تي لکڻ لاءِ گوهر شيخ صاحب ،خليق ٻگهيو
صاحب، ۽ گلزار صاحب جا حوالا ڏيڻ ضروري ٿي پئي ويا، جنهن سان هي لکڻي شاندار ته ٿي
وڃي ها پر طوالت جي ڪري پڙهندڙ جي نظر انداز ٿيڻ جو انديشو يقينن سامهو اچي ها ۽
پوءِ هن جي اهميت افاديت محدود ماڻهن تائين ئي رسائي ڪري ها. ان ڳالهه کي نظر ۾
رکي مون هن غزل تي پنهنجي پيرائي ۾ ئي لکڻ بهتر سمجهيو ته جيئن صرف منهنجا ئي ويوز
هر ڪنهن جي سامهون هجن ۽ مختصر هجن ته جيئن پڙهندڙ پڙهي سگهن، ۽ پنهنجي ڄاڻ مطابق
ئي نتيجا ڪڍي سگهن. مون کي
پوري اميد آهي ته هيءَ منهنجي ان حوالي سان پهرين مڪمل لکڻي پڙهندڙن کي پسند ايندي
۽ بهتر موٽ ڏيندا.
No comments:
Post a Comment