03/11/2014

خوشبوءِ هوائن ۾ وکري وئي - غلام مصطفيٰ سولنگي (Ghulam Mustafa Solangi)

خوشبوءِ هوائن ۾ وکري وئي
غلام مصطفيٰ سولنگي
۲۶ ڊسمبر هڪ تاريخ ئي ته آهي، پر ڇا ان تاريخ کي اسان پنهنجي ذهنن مان ٻاهرڪڍي سگهون ٿا؟ هر گز نه هيءَ تاريخ اسان جي ساهن ۾ رچيل وسيل آهي. هن تاريخ سان ڪا خوشي نه، پر هڪ اهڙو درد سلهاڙيل آهي جيڪو ”ڀڳي هڏ“ جيان روح کي سدائين پيو رهڙيندو رهندو. هيءَ اها نڀاڳي تاريخ آهي، جڏهن اردو شاعريءَ کي نوان گس ۽ پيچرا ڏيکاريندڙ سج صبح جو ئي لهي چڪو هيو. پروين شاڪر پنهنجي جوانيءَ ۾ زندگيءَ جي سفر کي اڻ پورو ڇڏي هڪ اهڙي واٽ تي وک رکي هئي، جتان موٽڻ ممڪن نه هوندو آهي. هوءَ هوا وانگر هئي. هوائن تي ڀلا ڪو زور هلندو آهي ڇا؟ سندن مرضي، جنهن پاسي چاهين، وڃي سگهن ٿيون.
فرانس جي نالي واري شاعر پال ورلين جي هڪ مشهور نظم جون پهريون سٽون ڪجهه هن ريت آهن:
هو منهنجي دل ۾ ڳوڙهن وانگر وهي ٿو،
۽ شهر تي بارش وانگر وسي ٿو.

پروين شاڪر جي اوچتي ۽ ڏکوئيندڙ وڇوڙي کان پوءِ شعر ۽ ادب سان لاڳاپيل مڙني دوستن جي انفرادي ۽ اجتماعي ڪيفيت ان شعر جهڙي ٿي وئي هئي. جڏهن ته اردوءَ ۾ عورتاڻي آواز جي حالت هڪ يوناني ڏند ڪٿا ڪردا ”افيليا“ جهڙي ٿي وئي، جنهن جي مٿي تي ڪنڊن جو تاج هوندو هيو. جيڪا هڪ ڀيرو وڻن جي سنهڙين شاخن ۾ وچڙي پئي هئي ۽ پوءِ پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڦٿڪي ڦٿڪي هڪ ڍنڍ ۾ وڃي ڪري هئي. سندس موت جو ٻڌي هر ڪوئي چئي رهيو هو:
پياري افيليا،
مان تنهنجي لاءِ،
ڳوڙها ڪيئن وهايان؟
تنهنجي ته چئن ئي پاسن کان،
پاڻي ئي پاڻي آهي.
هن سال پروين شاڪر جي موت کي سترهن ورهيه ٿي رهيا آهن. پوءِ به لڳي ٿو ته هوءَ اسان سان گڏ آهي. جيستائين اردو ٻولي جيئري آهي، تيستائين پروين شاڪر پنهنجي موجودگيءَ جو احساس خوشبو وانگرڏياريندي رهندي.
پروين شاڪر کي ڏاڍو محتاط، انا پسند، مغرور ۽ ضدي سمجهيو ويندو هو، پر هوءَ ڏاڍي نرم دل ۽ ڪشادو ذهن رکندڙ عورت هئي. سندس ويجهو وڃبو هو ته ڳالهه ئي ڪجهه ٻي نظر ايندي هئي. توهان جي اڳيان هڪ بالغ عاقل، هوش مند، سمجهدار، نرالا خيال رکندڙ ۽ مضبوط ڪردار جي عورت نظر ايندي هئي.
پروين شاڪر جي شخصيت جا چار پاسا آهن، پهريون پاسو لطافت آهي، معصوميت آهي، حياءُ آهي، ٻيو پاسو سندس ذهني پختگي، مرداڻي همت ۽ عقل پسندي آهي. ٽيون پاسو سندس ماءُ وارو ۽ هڪ مشرقي عورت وارو آهي. چوٿون پاسو ڏک ئي ڏک آهي. سندس ذات ۾ ڏک جي هڪ اهڙي ندي وهندي هئي. جنهن ۾ وڏيون وڏيون لهرون اڀرنديون هيون. لڳي ٿو ته قدرت واري شاعرن لاءِ سکيا ڏينهن سندن نصيب ۾ لکيا ئي ڪونهن بس. جيڪي محسوس ڪرڻ جي حس سان نوازيا ويندا آهن ۽ جن کي ڪا لڳل هوندي آهي، سي پنهنجي زندگي سڪون ۽ سک سان گذارڻ کان وانجهيل هوندا آهن. پروين شاڪر کي بدقسمتيءَ سان يا خوش قسمتيءَ سان نوازيو ويو هو. تنهن ڪري  اڪيلائيءَ جا عذاب ۽ ڏک مٿس مڙهيا ويا هئا ۽ کيس پيڙائن جي اهڙي ڌٻڻ ۾ اڇلايو ويو هو، جتان نڪرڻ  نا ممڪن هوندو آهي.
پروين شاڪر جي شاعريءَ جي سڃاڻپ غنائيت ۾ ٻڏل ڏک ۽ پيڙائون ۽ موسيقيءَ سان ڳنڍيل داخليت ۽ معصوميت آهي. هن پنهنجي شاعريءَ کي اجاين لفظن سان گناهه  گار نه ڪيو آهي.
خوشبو“، ”صد برگ“، ”خودڪلامي“، ”انڪار“ ۽ ”ڪف آئينه“ سندس شاعراڻي عظمت جو هڪ گراف ٺاهين ٿا.
جڏهن پروين شاڪر جو پهريون شعري مجموعو ”خوشبو“ آيو ته ڄڻ سڄي دنيا کي خوشبو جو واس اچي ويو هو. ان ۾ نواڻ هئي. نازڪ ۽ نرم احساسن جو زبردست اظهار هيو، پنهنجي ذات جي حوالي سان انهن احساسن ۽ جذبن کي شاعريءَ جي روپ ۾ آڻڻ جو اهو لاڙو هيو، جنهن کي اڪثر شاعر بنهه پسند ناهن ڪندا.
اسان وٽ جيڪي به شاعرائون آهن يا ٿي گذريو آهن، تن جي شاعريءَ ۾ رڳو انساني جذبن کي اظهار جو روپ ڏنو ويو آهي. اهڙي شاعري گهڻي ڀاڱي عورتاڻن جذبن کان گهڻي ڀاڱي وانجهيل ملي ٿي. پر پروين شاڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ عورتاڻن جذبن ۽ احساسن جو کلي طرح ۽ مڪمل اظهار ڪيو آهي. سندس شاعريءَ ۾ عورت پس منظر ۾ نه پر پيش منظر ۾ آهي. سندس شاعري هڪ شاعره جو آواز نه پر هڪ عورت جو آواز آهي.
پروين شاڪر جيڪا شاعري ڪئي آهي، سا عشق جي رومانوي تجربي کان سواءِ پيدا نه ٿي ٿي سگهي. وٽس عشق هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جنهن جو ”ڪرڻ“ سان نه پر ”سهڻ“ سان تعلق آهي. عشق ته هڪ تسلسل آهي.هڪ اهڙو لاڳيتو جذبو آهي، جيڪو گهٽبو وڌبو ناهي. پر سدائين قائم ۽ دائم رهندو آهي. عشق اهڙي تار آهي جو جيڪڏهن اها هڪ ڀيرو ڇيڙي وڃي ته پوءِ وڄندي ئي رهندي آهي. عشق کي پروين شاڪر هڪ نئين معنيٰ ۾ ڪتب آندو آهي. جنهن جو اندازو سندس ان شعري فضا مان ڪري سگهجي ٿو، جيڪا سندس شاعريءَ مان مجموعي طور تي اڀري اچي ٿي. اسا جي روايتي شاعريءَ ۾ پڻ عشق وسيع معنيٰ ۾ ڪتب آندو ويو آهي، پر پروين شاڪر وٽ عشق جي جيڪا فضا ٺهي ٿي سا بلڪل جدا آهي، پروين شاڪر جو عشق جو تصور رڳو نجي جذبي تائين محدود ناهي، پر هوءَ عشق کي پنهنجي ذات ۾ محدود ڪرڻ بدران پنهنجي عشق ۾ سمائي ڇڏي ٿي. اهڙيءَ طرح سندس عشق مڙني انسانن جي خواهشن ۽ خوابن جو آواز بڻجي وڃي ٿو.
گوئٽي پنهنجي لکڻين ۾ اعليٰ درجي جي شاعريءَ جون چار خوبيون ٻڌايون آهن.
۱ شعرن ۾ رواني ۽ ميٺاج
۲ اهڙن مضمونن ڏانهن لاڙو، جيڪي عام زندگيءَ کان مختلف هجن
۳ جوش ۽ جذبي سان ڀريل تخيل،
۴ خيالن جي گهرائي ۽ زور.
پروين شاڪر جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته سندس شاعريءَ ۾ اهي چار ئي خوبيون اتم موجود آهن. هوءَ پاڻ سان ڳالهائڻ وقت پنهنجي ذات جي پيڙائن کي پنهنجي پڙهندڙن جي ذهنن ۾ ڪجهه ائين ٿي اوتي ڇڏي جو پوءِ ”مان ۽ تون“ جو فرق مٽجي ٿو وڃي.
ان کان سواءِ پروين شاڪر جي شاعري بنيادي شعري اصولن، ضابطن ۽ پيمانن تي پوري لهڻ سان گڏوگڏ دل جي صفا ويجهو ”ڌڙڪڻ“ جي معجزي سان پڻ روشن آهي. سندس شاعري اها الڊلٺ آهي، جيڪا ڪڪرن جي صاف ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪجهه دير لاءِ ڀنل فضائن ۾ ظاهر ٿيندي آهي، رنگ وکيري گم ٿي ويندي آهي، پر ان جا نيرا، هيڊا، ساوا ۽ ڳاڙها رنگ دير تائين سڀني جي ذهنن تي جادوءَ جو اثر ڇڏيندا آهن.
پروين شاڪر جي شاعريءَ ۾ ٽي ايس ملن ٿا. هڪ Sense، ٻيو Sound ۽ ٽيون Suggestion. انهن کي اسان ”مغز“ ”موسيقيت“ ۽ ”رمزيت“ چئي سگهون ٿا. هن اردو شاعريءَ جي قديمي روايتي علامتن ۽ تصورن کي اختيار ڪرڻ سان گڏ فن جي نين گهرجن سان پڻ ڀرپور نموني نڀايو آهي. اهي رمزون ۽ ڪيفيتون، جن سان اسان جي ڪلاسيڪي شاعري ڀري پئي آهي، پروين وٽ زبردست معنويت سان نظر اچي ٿي. سندس سموري شاعري تصورن، علامتن ۽ اشارن جي ٻوليءَ ۾ گفتگو آهي. اها گفتگو ڪڏهن هوءَ پاڻ سان ڪري ٿي، ڪڏهن پڙهندڙن سان ۽ ڪڏهن وري هن وشال ڪائنات سان. ڪنهن شاعريءَ ۾ اهي ٽي جزا ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا ته اها شاعري نهايت بلند درجي جي شاعري آهي.
اردو شاعريءَ جي دنيا ولي دڪنيءَ کان وٺي هيل تائين نئين فضا ۽ نئين آواز سان آباد آهي. ان آواز کي پروين شاڪر پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وسيلي گهڻو بلند ڪيو آهي. هوءَ هڪ ڌار مزاج جي شاعره آهي. وٽس اهو ڪرافٽ ڪونهي جيڪو هڪ سٺي کان سٺي شاعر کي به ٻوڙي ڇڏيندو آهي. ڪرافٽ واري شاعريءَ ۾ شخصيت کان فرار هوندو آهي. اهڙي شاعريءَ ۾ جذبن جي تهذيب نه هوندي آهي. مورڳو جذبا هوندا ئي ناهن. رڳو دماغ هوندو آهي. سو به ڪنهن ڏيئي وانگر ٻرندڙ دماغ نه پر هڪ وساميل ڏيئو ئي هوندو آهي. ان جي ابتڙ پروين شاڪر جي شاعري مختلف گلن جو هڪ اهڙو باغ آهي جنهن مان نهايت وڻندڙ ۽ خوشبودار هوا جا جهوٽا ذهن ۽ دل کي سرهو ڪري ڇڏيندا آهن. ان ڪري جو سندس پنهنجي هڪ خاص انفراديت رکندڙ شاعري آهي. هن روايتي شاعريءَ جي ديويءَ جي پوڄارڻ بڻجڻ بدران ان کي پنهنجي رنگ ۾ رنڱڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي.
پروين شاڪر جو سمورو ڪلام پنجن مجموعن تي مشتمل آهي. انهن مان چئن مجموعن کي ملائي ”ماهِه تمام“ جي نالي سان سندس جيئري ئي شايع ڪرايو ويو. سندس وفات جي ٻن سالن کان پوءِ ” ڪف آئينه“ جي نالي سان پروين شاڪر جو آخري مجموعو ڇپجي پڌرو ٿيو. ان مجموعي جو نالو هن پنهنجي هوندي پاڻ ئي رکيو هو. اهي سڀ شعري مجموعا سندس تخليقي زندگيءَ جو هڪ مڪمل داستان آهن. هڪ اصل، سچو پچو، ذاتي، دلچسپ ۽ هڪ خوبصورت داستان. اهڙو دستان ڀلا ٻيو ڪو به ٻڌائي سگهي ٿو ڇا؟

منهنجي اها خوش نصيبي آهي جو مون کي پروين شاڪر سان ويجهڙائپ رهي. هن سان گڏ گذاريل گهڙين جون يادون منهنجي زندگيءَ جي رحل تي رکيل ڪنهن صحيفي وانگر آهن. اهو حيران ڪندڙ اتفاق آهي جو لڳ ڀڳ هر سال ڊسمبر جي مهيني ۾ ئي اسلام آباد وڃڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح سندس قبر تي وڃڻ لازمي ٿي پوندو آهي. هن ڊسمبر ۾ پڻ اسلام آباد ويس ته هن عظيم شاعره کي سلام ڪرڻ ۽ فاتحه پڙهڻ نصيب ٿي. پلاٽ نمبر ۵۷ ۾ موجود مان سندس سنگ مرمرمان ٺهيل قبر نمبر ۴۸ مٿان ڳچ دير بيٺو رهيس. اوچتو ڪنهن آواز منهنجي ذهن جي خاموشيءَ کي ٽوڙي ڇڏيو.” مان اردو شاعريءَ جي شهزادي آهيان. جيستائين دنيا ۾ شاعريءَ جي ندي وهندي رهندي ۽ وڻ ڦٽندا رهندا تيستائين ما به جيئري رهنديس ۽ هر آئي وئي کي ٻڌائيندي رهنديس ته هن حسرت ناڪ قبر ۾ پروين شاڪر ستي پئي آهي ۽ جيئري آهي.“ مون سمجهيو ته اهو ان آسماني روح جو آواز آهي. جيڪو زمين تي ترسي پيو آهي. ان وقت ڳوڙهن مان ڪيترائي خواب ٽمڻ لڳا. مان هٿن سان ڳوڙها اگهڻ لڳس ته منهنجون اکيون هٿن جي لڪيرن سان وچڙي پيون.

No comments:

Post a Comment