14/12/2014

لفظن جي حرمت - ايوب گاد (Ayoub Gaad)

لفظن جي حرمت
ايوب گاد
عابده پروين جو ڳايل تاجل بيوس جو ڪلام، ”هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئين پورو پوان“ هر روز منهنجي مٿي جي هارڊ ڊسڪ ۾ معاشري جي اڻ وڻندڙ ڳالهين تي پيو وڄندو ۽ هٿوڙا هڻندو آهي، نيٺ اڄ قلم کڻي لکڻ ته ويٺس پر هر طرف کان ڪيئي موضوع ڪر کڻي بيهي رهيا، مون قلم کي چيو ته ڇا تي لکان؟ ماسترن ۽ پروفيسرن جي لکين روپيه پگهار کڻڻ ۽ پيرڊ نه وٺڻ واري ڪار تي لکان انهن تي لکان، جيڪي شاهه لطيف جي نالي تي هٿ جا بيت ٺاهي موبائيل فون ذريعي هڪ ٻئي ڏي موڪلين ٿا، يا سياستدانن جي انهن ڇاڙتن تي لکان، جن ڪيترن ئي نوجوانن کان لکين روپيه وٺي نوڪرين جا ڪوڙا آرڊر ڏنا، وري جو اخبار کڻي ڏٺم ته ڍڳ مسئلن جو سنڌ جي سينڌ ۾؟ تڏهن چيم، ”ڇا لکي ڇا لکان! پوءِ اخبار رکي ٽيليويزن کوليم ته هڪ پلاٽن جو اشتهار پئي هليو، مٿي ۾ هڪ ٻيو هٿوڙو لڳو، چئنل مٽايم اتي به ساڳيو اشتهار، وري چئنل مٽايم ته ٿوري دير کانپوءِ اتي به ساڳيو اشتهار، ڳالهه اشتهار جي ناهي، پر ان ماڊل (اداڪار) جي آهي، جنهن منهنجي دل کي روئاڙي وڌو، منهنجي دل شايد ان ڪري روئي پئي جو اها نازڪ آهي، پر نئين نسل جي ”جي دل“ نه پر ”جو دل“ آهي، ان ڪري ئي شايد ڪٺور ٿيندي پئي وڃي. ان ڪري ئي ته هنن کي ان ڳالهه جو احساس ئي ناهي ته ٻوليءَ جو بگاڙ،  لفظن جي حرمت ڇا هوندي آهي. مونکي ته ان وقت وڌيڪ تعجب لڳو جڏهن پي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ راڳين شاهه جي  بيت ۾ لفظ ”وٽ“ کي ”واٽ“ ڪري ڳايو ۽ بيت هن طرح آهي ته:
شُڪر گڏياسون سُپرين، جيئري جاني يار
ويٺي جن جي ”وٽ“ ۾، ڪوڙين ٿيا قرار،
ڌڻيم، ڪر مَ ڌار، پاڙو تن پرين کان

راڳي جو لفظ واٽ چوڻ سان بيت جي معنيٰ ئي بدلجي وئي، واٽ معنيٰ رستو يا دڳ ۽ وٽ معنيٰ ڀرسان (پاڙي ۾)،  ڏسو ٽين سٽ ۾ ته خود سهڻي لطيف ڳالهه واضح ڪئي آهي. اهڙي طرح هڪ مشهور راڳي جي ڳايل ڪلام ”دل تو ريءَ ور ميان خان بلوچا“ کي ور ميان جي جاءِ تي وَرَ ميان چئي سڄي ڪلام جو چَسُ ئي وڃائي ڇڏيو آهي. ڪلام جو ٿلهه جيئن ته هر مصرع کان پوءِ بار بار ورجائبو آهي، ان ڪري ڪلام مان سمورو لطف ختم ٿي ويو  آهي، وَر ميان معنيٰ  موٽ ميان پر وَرَ ميان معنيٰ مڙس ميان- لفظن جون اعرابون مٽائڻ سان معنائون بدلجي وينديون آهن.
ان ڪري ريڪارڊنگ وقت انهن ڳالهين تي توجهه ڏيڻ تمام ضروري آهي، نه ته سڄي قوم، سڄي زندگي ان کي ائين ئي اچاريندي، نه صرف لفظن جو خيال ڪرڻ گهرجي پر ڪنهن به ڪلام جي طرز ٺاهڻ ۽ ان جي فلمبندي ڪرڻ وقت به  لفظن جي حرمت جو خيال رکڻ گهرجي، نه ته نتيجو اهو نڪرندو جو ”ڪنڊيءَ نه سنڱري“ جي (طرز) ڌُن تي ته خلق نچي ٿي، پر ان جي لفظن جي ڪيفيت کان وانجهيل آهي، ساڳيو حشر ٿر ۾ فلمايل ڪلام سان به ٿيل آهي، ”هلڻ هارا منهنجا سُپرين،وڃڻ وايون ڪن الا“ ڪيفيت ڏسو ۽ وڊيو ۾ ڪمال ڏسو، سپرين وڃڻ وايون ڪري ۽ عاشق نچي! پوءِ ته سسئي جا پنڌ ۽ محنونءَ جو رڻ ۾ رُلڻ اجايو ويو، ليلان جا حيلا ۽ سهڻيءَ جون دانهون ڪيڏانهن وڃن؟!
اهو سڀ ڪجهه ان دل جي مذڪر هجڻ جو ئي نتيجو آهي، جي اسان پنهنجي دل مونث رکون ها ته اها نهٺائيءَ جو نمونو هجي ها، اڃا به وقت ويو ڪونهي، پنهنجين غلطين کي تسليم ڪري اصل طرف وڌڻ سٺو عمل آهي، ڀٽائي سائينءَ جي ميلي واري ڏهاڙي تي مون ڪنهن به ميزبان مرد توڙي عورت کان شاهه سائينءَ جو بيت ڪونه ٻڌو، ائين لڳو ڄڻ ڀٽائيءَ جي شاعري فرانسيسي، لاطيني يا تيلگو زبان ۾ ٿيل هجي، جنهن کي  پڙهڻ ۽ سمجهڻ ٽي وي جي ميزبانن (ماين توڙي مردن ) جي وس کان ٻاهر هجي، افسوس ڇا! روئڻ جو مقام آهي ته اسان جي شاهه کي ارنيسٽ ٽرمپ پڙهي جرمنيءَ مان رسالو ٿو ڇپرائي،ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي کيس دنيا جو عظيم شاعر ٿو سڏي ۽ اسان ڌرتيءَ ڄاون کي ان جو هڪ بيت به ياد ناهي.

مون مٿي ذڪر ڪيو ته ”اعرابون“ معنيٰ زيرون زبرون وڏي اهميت رکن ٿيون، ان ڪري ٽيليويزن وارا حضرات ان ڳالهه تي توجهه ڏين، سونهن وارن کان علم وارن کي اهميت ڏئي اڳتي آڻين ته بهتر ٿيندو، سنجهي ئي سنڀالڻ ڀلو آهي، ان کان اڳ جو اسان جي ٻولي ۽ ڪلچر کچڻي بڻجي وڃي، پنهنجن غلطين کي پاڻ درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڌاريا ته اوهان جي اصلاح  ڪو نه ڪندا، شاهه سائينءَ چواڻيءَ ته، ”سنجهي مون نه سنڀاليو ته اوٺي ڪندا ائين“ اهي اوٺي ڪي ٻيا ڪونهن، پنهنجا ئي آهن.

No comments:

Post a Comment