روبينه ابڙو: دراوڙ ڌيءَ ڌرتيءَ جي
اعجاز منگي
عورت ڪوڙي شاعري نه ڪندي آهي. هن جي شاعري منظوم
ڊائري هوندي آهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجو پورو جنون سُرن اندر سمائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
هن جي ڪويتا ڪشيده ڪاري هوندي آهي. هوءَ سوچ جي سئيءَ ۾ ردم جو ريشمي ڌاڳو وجهي،
ڪڏهن ......!! هوءَ ڪاغذ جي ڪپڙي تي، ڪڏهن ڪو گل چٽيندي آهي. ڪڏهن ڪا ٽار جوڙيندي
آهي. ڪڏهن ڪو وڻ اڀاريندي آهي ۽ ڪڏهن چنڊ کي قيدي ڪندڙ آسمان ۾ اڏامندڙ ڪوئي آواره
بادل هوءَ ڀرت وانگر ڀري وٺندي آهي. ڪڏهن هو ايندڙ اونهاري جي آجيان ڪندي ڪمرڪ جي
ڪنهن پهراڻ تي ڪا ول پوکيندي آهي. ڪڏهن ميز جو پوش ڪينواس ڪري ڇڏيندي آهي. ڪڏهن
ڪنهن رومال تي هڪ نشاني اڪريندي آهي. ته ڪڏهن هوءَ ڪنهن اڻ ڏٺي مهمان لاءِ وهاڻي
جي ڇ و مٿان محبت جو مخفي پيغام لکي ڪنهن خواب جو انتظار ڪندي آهي.
اهي ڳوٺ جيڪي ڳهر جي پهر ۾ ستارن سان رهاڻيون ڪن ٿا. جيڪي هوائن جون سرگوشيون سمجهن ٿا. جن جي مٽيءَ ۾ رڳو مينهن جي نه پر نينهن جي مهڪ به هوندي آهي. جنهن ۾ ڦٽندڙ ڦٽيءَ جا کيت سمنڊ جي لهرن وانگر لڏندا آهن. جتي مکڻ ماٽيون سازن وانگر وڄنديون آهن. جتي صبح جو ڪڪڙ سج جا ڪرڻا چڳندا آهن. جتي نٽهڻ اس ۾ ڪانو پنهنجي ڀرپور ڪاوڙ جو اظهار ڪندا آهن. جتي شام جو مال جون ٽليون مندرن جي گهنٽڙين وانگر وڄنديون آهن. جتي رات ترل رل هوندي آهي. جتي تارا جهل مل ڪندا اهن ۽ نينهن نيراڻ کي تڪيندو آهي پر ڪو ”ڀورل“ ڀليءَ جي ڀاڻ نه ايندو آهي!!
۽ اهي شهر جيڪي ڳوٺن وانگر شرميلا هوندا آهن. جتي شعور پنهنجو اظهار لڄارن لفظن ۾ ڪندو آهي. جتي هر خوشي خوف ۾ ويڙهيل هوندي آهي. جتي بغاوت رئي کي ڪنهن ٻٽ وانگر ٻڌي پنهنجي راهه ٺاهيندي آهي ۽ جتي هڪ هرڻيءَ کي جهرڻي تائين پهچڻ لاءِ بگهڙن ۽ شينهن مان گذرڻو هوندو آهي ۽ جتي هر ڇال آڏو هڪ ڪوڙڪي وڇايل هوندي آهي پر پوءِ به هٺيلي هرڻي هار نه مڃيندي آهي ۽ هلندي رهندي آهي، ان ردم سان جنهن ردم سان غزالن جا کر واريءَ کي وکيري وڌندا آهن!!
انهن ٻنهي پس منظرن ۾ موجود سنڌ ۽ هن جي سڀيتا کي پنهنجي سرن ۾ سمائڻ واري شاعره تي صرف ان رات ۾ جنم وٺي سگهي ٿي، جنهن رات جو تذڪرو ڪندي هن ڌرتيءَ جي امر شاعر لکيو هو ته:

”ڪالهه ڪويتا جي ڪنٺي
ٿي
سرسوتيءَ ۽ ڪاليءَ بيٺي
چانڊوڪيءَ ۾ امرت پيتو
سالن کان پوءِ ٻيئي
ويراڻيون
ساڳي تڙ تي گڏجي آيون
شايد پيدا ٿيو آ
مهان ڪوي ڪو...!“
هوءَ ڇوڪري به ڪنهن اهڙي پهر ۾ پيدا ٿي هئي،
جڏهن چرخ جا چرخا، ڪنهن اهڙي موڙ تي اٽڪي پيا، جنهن موڙ تي پورو وايو منڊل خواجه
فريد جي ان ڪافيءَ وانگر گونجيو هو ته:
”ڏاچي واليا موڙ مهاڙ وي....!!“
روبينا جي شاعريءَ کي جيڪڏهن شيخ اياز پڙهي ها ته هو پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ
۾ ”مسڪراءِ مرکان“ جي عنوان سان هڪ اهڙو پيراگراف ضرور لکي ها، جنهن ۾ صرف ماسڪو
جي سرد راتين ۽ پئرس جي غمگين شامن جو تذڪرو نه هجي ها. جنهن ۾ اهي ”نيڻن جا ٻه
ٻيٽ“ به هجن ها، جن کي ڳوڙها هميشه ٻوڙيندا رهندا آهن. جنهن ۾ سج جو ڌنڌلو ٿيندڙ
منظر ۽ پوءِ ڌنڌلو ٿيندڙ پس منظر به هجي ها. جنهن ۾ ڀٽائيءَ جي ڀٽن جي اها ڀڻ جهڻ
به هجي ها، جيڪا انهن تڪين کي ناراض اکين سان تڪيندي آهي، جيڪي تڪيا يادگيرين جي
تاڪين وانگر کلندا ويندا آهن.
اها ڳالهه صرف اياز کي معلوم هئي ته شاعري ردم
نه پر هڪ رمز هوندي آهي.
اياز چانڊڪا تي اڀري آيل چنڊ جهڙي شاعريءَ تي
اهو ڪئين نه لکي ها ته ”ان ۾ صرف پنهنجي نادان دل جا نغما ناهن پر هڪ داناهه دماغ
جا دليل به آهن“ اهي دليل جيڪي شاعر تاريخ جي عدالت ۾ پيش ڪندا آهن. صرف اهو ثابت
ڪرڻ جي لاءِ ته شاعر ئي هن جڳ جا حقيقي قانون ساز هجن ٿا! اهي قانون ساز جيڪي ڪي
ساز کڻي اچن ٿا. ڪي عجيب ڳالهيون ڪن ٿا. ويس وڳن جون نه پر ”عشق جي انهن الفين
جون“ جيڪي ستارن ۽ سيارن وانگر گردش ڪنديون آهن. جيڪي اهو راز منڪشف ڪنديون آهن ته
”اگهاڙپ به اوڇڻ هوندي آهي“.
هي سنڌي سماج جنهن ۾ سسئي جي چني اڄ به هن جو
ڪفن ٿي وڃي ٿي. چريائپ جي اداڪاري ڪندڙ ان سنڌ ۾ ڪا درواڙ ديواني به آهي، جنهن جو
روح ”رام ڪليءَ“ جي راهه تي هوريان هوريان هلي ٿو. جيڪڏهن ازل جو روح روبينا جو
انتخاب نه ڪري ها ته هن ”برگر دور“ دور ۾ انهن ڪن پٽ ڪاپٽ ڪاپڙين جو تذڪرو ڪير ڪري
ها؟ جيڪي هنگلاج جا هيرا آهن. جن جي لاءِ اهم پٿر صرف اهو آهي، جيڪو سسئي جي پير ۾
پيهي ويو!! اهو پٿر ڪيترو نه قيمتي هو، جنهن کي هڪ جنون جي رت ريٽو ڪري ڇڏيو!!
اها خواهش صرف ٻن انسانن جي نه هئي، جن روبينا
جو جنم ڏنو. پر هن جي جنم جي اصل تمنا ان مور ڪئي هئي، جنهن جي سڪي ويل سرير مٿان
بادل برسيا!! اها روبينا جنهن لکيو آهي ته:
”وسي پيو ٿر سڄو پر مان
مري وئي مور ۾ آهيان...“
جيڪڏهن اها ڇوڪري سنڌ جي هن ”ڪمال نما زوال“
واري دور ۾ جنم نه وٺي ها ته اهي سٽون ڪير لکي ها؟
”نچي پيو نظم ڪاڳر تي
اڃا ڪنهن غور ۾ آهيان“
اهو شعر معمولي ناهي. ان ۾ شاعره پنهنجي فن جي
هٿان اغوا ٿي نه ٿي وڃي. پر ان ۾ هوءَ پنهنجي ان فڪر کي سنڀالي ٿي وٺي، جنهن جي
جاءَ ۾ رکي، لطيف مارئيءَ جي حوالي سان وفا جو لازوال داستان قلمبند ڪيو هو.
جيڪڏهن ائين نه هجي ته هن جي ڪويتا ۾ بار بار اهو ٿر ڪيئن اڀري اچي ها، جنهن جي اڃ
صحرا جا بدن ۽ جزيرن تي رهندڙ روح محسوس ڪندا آهن
۽ روبينا جو اهو شعر هڪ لوڪ گيت آهي. جنهن جو
عنوان آهي ” ڳوٺ کي هڏڪي لڳي ٿي“
ان شعر کي پڙهڻ نه گهرجي پر ڳوٺاڻي شاديءَ تي
ڳائڻ گهرجي. جنهن لوڪ گيت ۾ پنجابي ماهين کان وڌيڪ وارفتگي ۽ مهڻي ڀري ميار آهي.
جنهن ۾ صرف شڪايت نه پر اها سموري خوبصورتي آهي، جيڪا سانت ۾ هوندي آهي. اها سانت
جيڪا شهر جي شور ۾ ياد ايندي آهي. حالانڪه ان سانت جا ڪي آواز به هوندا آهن. ان
پينگهه جو آواز جيڪا لڏندي آهي. اها تانگهه جو آواز جيڪا ڪڏندي آهي. ڇا موسيقي صرف
ان ڇڻڻ واري لوٽي مشين ۾ هوندي آهي؟ ڳيرن جي ”گهون گهون“ ته واڄٽ بڻجي وڄندي آهي
پر ”ماڪ وسڻ واري موسيقي“ کي پنهنجي نظم ۾ آڻڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي!! اها صرف ۽
صرف ان تخليق ۾ ممڪن ٿي سگهي ٿي، جيڪا سياري جي تڙڪي تي وار ڇنڊيندڙ وينگس ۽ نم جي
ٻور جي خوشبو کي پاڻ ۾ سمائي، اڃان اهو گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهي ٿي، جيڪو بيان نه ڪيو
ويندو آهي. جنهن ۾ تذڪرو نه ايندو آهي، ان درويش جهڙي پپل جي وڻ جو، جيڪو سالن کان
چانڊوڪيءَ ۾ سڙندو رهندو آهي ۽ ان جهنگلي ڪبوتر جو، جيڪو دلين ۾ آکيرا جوڙيندو
آهي. پر اها شاعري صرف پنهنجي زمان ۽ مڪان جي قيدي ناهي. اها صرف مارئيءَ جي پڪار
ناهي. اها ان مريم جي ماٺ به آهي، جنهن جي بيان جي لاءِ انجيل نازل ٿيو!!
روبينا جي شاعريءَ ۾ مينهن جي منظر جهڙو موهه
آهي. پر ان کي وري وري پڙهڻو پوندو ۽ سمجهڻو پوندو ۽ ان شاعرن جي دل تائين پهچڻو
پوندو، جيڪا ان ”نوٽ بڪ“ جهڙي جنهن ۾ سڀ کان سٺا نظم اڃا محفوظ آهن. جنهن ۾ بغاوت
جون صدائون پنهنجي اظهار جي آزاديءَ جي پڪار بڻجي گونجن ٿيون. جنهن ۾ هڪ آغاز ته
آهي پر انجام ناهي. جنهن ۾ سرن جو سفر آهي. اهو سفر جيڪو منزل ناهي پر هڪ مسلسل
جستجو آهي. جيڪو لاحاصل جي تلاش آهي. جيڪو سمجهه ۽ سوچ کان اڳتي وڌي، ڪنهن نئين
تجربي جي واديءَ جو ويزا وٺڻ کان سواءِ ان ۾ داخل ٿيڻ جي ضد ڪري رهيو آهي. اها
شاعري هڪ پاڻيءَ جو سفر آهي. پهاڙن کان هيٺ لهي وادين ۾ پاڻ کي وڃائيندڙ پاڻيءَ جو
سفر جيڪو سمنڊ کان پوءِ ساحل تي انتظار ڪندڙ اکين ۾ ايندو آهي ۽ نيڻن جا ٻيئي ٻيٽ
ٻوڙي ڇڏيندو آهي!!
No comments:
Post a Comment