09/02/2015

وينا شرنگي -علي نواز آريسر (Ali Nawaz Areesar)

پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا
وينا شرنگي
علي نواز آريسر
آءٌ اڃا سنڌ ۽ هند جي ناليواري ليکڪا، شاعره، سفرنامانگار، محقق ۽ آل انڊيا ريڊيو جي پهرين سنڌي براڊڪاسٽر محترمه وينا شرنگيءَ جي سنڌ جي سفرنامي  ’پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا‘ جي سحر مان نڪري نه سگهيو آهيان. وينا جو هي سفرنامو، مون گهڻو اڳ ۾ پڙهيو هو، پر تڏهن آءٌ اڃا شعوري طور بالغ نه ٿيو هئس، تنهنڪري هن سفرنامي مون تي ڪو خاص اثر نه وڌو هو، پر اڄ جڏهن ٻيو ڀيرو پڙهڻ جو موقعو مليو ته هن سفرنامي جي سحر ۾ جڪڙجي ويس. هيءُ نه يورپ جو سفرنامو آهي ۽ نه يونان جو، نه سنگاپور جو، نه انگلينڊ جو، پر هي سفرنامو هن جي پنهنجي ماتر ڀومي، پنهنجي جنم ڀومي، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي سنڌ جو سفرنامو آهي، جنهن ۾ هُن سنڌوءَ جي وهڪري وانگر وهندڙ يادگيرين کي قلمبند ڪيو آهي، جنهن جي سِٽ سِٽ مان وهي نڪري ٿي سنڌوءَ جي امرت ڌارا!

وينا شرنگي ۱۹۷۰ع ۾ پنهنجي ڌرتيءَ کان وڇڙي هئي، ۽ ۱۶ سالن بعد کيس پنهنجي ڌرتيءَ تي اچڻ جي اجازت ملي هئي. هوءَ ۴۵ ڏينهن سنڌ ۾ رهي، سنڌ جي شهرن ڳوٺن ۾ گهمي ۽ سنڌ جي حالتن کي جيئن ڏٺو، تيئن هن سفرنامي ۾ بيان ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هوءَ جڏهن سنڌ کان وڇڙي هئي تڏهن هن سنڌ کي پُرامن ۽ خوشحال ڇڏيو هو، پر جڏهن هوءَ ٻيهر موٽي هئي ته اُها سنڌ ڪٿي رهي هئي! هر طرف ڦرون، ڌاڙا، بدامني، گُهٽ/ٻوسٽ وارو ماحول، پر هن کي سنڌ جي ادبي لڏي جي سٿ ۾ خوب مزو آيو هو ۽ هُن، هن سفرنامي ۾ ڪيترين جاين تي اهڙو اطهار ڪيو آهي. هن سفر ۾ هُن سان جيڪي شريڪ ساٿي هئا، تن ۾  پروفيسر اعجاز قريشي، عبادالله راشدي، تنوير جوڻيجو جو ساٿ ڪجهه وڌيڪ ئي رهيو. وينا هن سفرنامي کي ناول جي انداز ۾ لکيو آهي ۽ مون جڏهن پڙهڻ شروع ڪيو هو ته سندس مٺڙي ٻوليءَ جي سحر ۾ ايترو ته گم ٿي ويو هئس، جو پوري رات وِهامي وئي، پتو ئي نه پيو. صبح جو ڪتاب پورو ڪري، پوءِ ئي اک جو پلر جهپڪيو هو. مون هن کان پهرين هند جي ڪن ليکڪن جا ڪتاب پڙهيا آهن، پر انهن جي ٻوليءَ تي هنديءَ جو اثر گهڻو نظر آيو آهي  ۽ ناول جي حوالي سان هند ۾ لکيل سنڌي ناول کي ئي بهتر سمجهان ٿو، خاص ڪري ڪرشن کٽواڻيءَ جي ٻن ناولن: ’منهنجي مٺڙي سنڌ‘ ۽ ’ترندڙ بادل‘ ته مون کي ايترو موهيو آهي، جو اڄ تائين نه ڄاڻ ڪيترا ڀيرا پڙهي چُڪو آهيان پوءِ به هر هر پڙهڻ لاءِ من ماندو ٿو رهي. البته ڪرشن به ڪٿي ڪٿي هنديءَ جا لفظ استعمال ڪري ويو آهي، پر اسان جي هن ڀيڻ مجال آهي، جو ڪنهن ٻي ٻوليءَ جو لفظ استعمال ڪيو هجي. اهڙي ٺيٺ سنڌي استعمال ڪئي آهي، جو ايئن پيو ڀاسجي، ڄڻ هُن سنڌوءَ جي ڪناري ويهي هي سفرنامو لکيو هجي، ۽ پوري سنڌو سڀيتا هن ۾ سمائجي ويئي هجي. هيءُ سفرنامو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي قربتون قيد آهن، ڪيتريون ئي محبتون مِڙي مُٺ ٿيون آهن، ۽ هيءُ ڪيتري معلومات مهيا ڪندڙ سفرنامو به آهي، ڇاڪاڻ جو هوءَ جتي به وئي آهي ته اُن جاءِ جي هن مڪمل معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ خاص طور تي هوءَ جتان جتان گذري آهي انهن گهٽين جو هن ذڪر اهڙي ته وڻندڙ انداز ۾ ڪيو آهي جو ڪٿي پڙهندڙ کِل ۾ ٻُٽجيو وڃي ته ڪٿي وري اکيون آليون ٿيو وڃن. هوءَ پڙهندڙ جا جذبا ڪنٽرول ڪرڻ جو فن به رکي ٿي، هن کي خبر آهي ته ڪٿي پڙهندڙ کي کلائڻو آهي ته ڪٿي روئائڻو آهي، رُڳو پڙهندڙ ئي ڇو، هوءَ پاڻ به ته روئندي ۽ کلندي رهي آهي هن پوري سفر ۾. وينا ڪيتري دُورانديش آهي پنهنجي خيالن، پنهنجي نظريي ۾، ڪيڏو نه عشق آهي هن جي اندر ۾ پنهنجي ڌرتيءَ سان، پنهنجي وِرثي سان، هوءَ جڏهن انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشوري گهمڻ وڃي ٿي ۽ سنڌالاجيءَ کي سنڌيت جي علامت ڪوٺيندي لکي ٿي ته:
”پوري دنيا اسان جي تهذيب جا ورق ورائي ڏسندي ته اسان جو واسطو قديم ۽ عظيم تهذيب سان آهي. هيءُ اها سڀيتا آهي جنهن تي سج جا ڪِرڻا سڀ کان پهرين پيا، هيءُ اها سرزمين آهي، جنهن تي سڀيتا جو سورج پهرين پهرين اُڀريو. دنيا جي قديم ترين گرنٿن، ويدن جي رچنا، هن سرزمين تي وهندڙ سنڌونديءَ جي ڪپن تي ٿي، ماضيءَ جي انهن ورقن تي نظر ورائڻ سان ڪوئي به اسان جي حيثيت کان انڪار نٿو ڪري سگهي، پر ڇاجي ڪري دنيا جون قومون اسان کي تسليم ڪرڻ تي ٿڌو رُخ اختيار ڪن ٿيون؟“
هيءُ رڳو هن جي اندر جي سنڌياڻيءَ جا احساس نه آهن، پر هيءُ احساس سنڌ جي پنج ڪروڙ عوام جا احساس آهن، هيءُ احساس رُڳو  هن جي اندر جو اظهار نه آهن، پر هيءُ به هن جو هڪ احتجاج آهي هن سماج کي ڪالونائيزيشن بنائيندڙ خلاف. اهڙو احتجاج هن ڪيترن ئي بابن ۾ ظاهر ڪيو آهي، هوءَ جڏهن سن وٽان گذري ٿي ته سن جي سائين کي عقيدت وچان ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ ڏوراپو به ڏئي ٿي، پر هن جي ميار ۾ به ڪيڏو پيار سمايل آهي.
”سن جا سائين! تو وٽ اچڻ ته ممڪن نه آهي، ان ڪري اتان ئي سلام ڪري رهيا آهيون. ان ڄاڻ هوندي به ته سن جي سائين جي ايم سيد ورهاڱي جي حمايت ڪئي هئي. ان جي باوجود ڪنڌ جهڪائي سجدو ڪيم“.
اهڙيءَ طرح هن جي عقيدت، ڳوڙها، ميارون، ڏوراپا، تاريخي بحث هن سفرنامي ۾ گڏ گڏ هلندا اچن. هُن، هن سفر ۾ محبتون ماڻيون به ته محبتون وِرڇيون به. هن جو هر لفظ ساکي آهي، هن جي سنڌ سان عقيدت جو. هن جي هر سِٽ گواه آهي هن جي سنڌ کان وڇڙڻ جي درد جي. هن سنڌوءَ جي پويترتا جيترو هن سنڌ سان عشق ڪيو ۽ اڃا تائين انهيءَ عشق ۾ پڄرندي رهي ٿي. هوءَ سنڌ جي تهذيب، ٻولي، لطيف جي فڪر بابت ڪيڏي نه فڪر مند آهي، جنهن جو اظهار هيئن ٿي ڪري:
”اسان جو وس پُڄي ته پوري دنيا ۾ پنهنجي ٻولي، ادب، فن، ڪلچر، تهذيب ۽ ثقافت جو پرچم کڻي قيادت ڪريون، پر حالتن مجبور ڪيو آهي. اسان جي تهذيب جيتري قديم ۽ مهذب آهي ۽ لطيف سائينءَ جهڙي شخصيت سندن بيتن جي عالمگير سوچ کي عالم تائين پهچائڻ ۾ اسين ناڪام ويا آهيون“.
هڪڙي پاسي هن جي اندر جي عورت جا جذبا جاڳي پون ٿا، جيڪي ماءُ جا جذبا به آهن ته ڀيڻ جا به، جو هوءَ پتڪڙن هٿن ۾ جهلين پلن کي خريد ڪري هن جي همت افزائيءَ ڪرڻ پئي چاهي ته ٻئي پاسي هن جي اندر جو تخليقڪار احساس ڪر کڻي جاڳي ٿو ڪنهن کي جيئندان ڏيڻ لاءِ. هونئن به عورت هر روپ ۾ تخليقڪار ئي  ته آهي. جڏهن هوءَ ڀنڀور تي وڃي ٿي ۽ اُتي بمن جي استعمال ۽ برهمڻن جو ذڪر نڪري ٿو ته هن کي پنهنجي برهمڻ هئڻ تي فخر محسوس ٿئي ٿو ۽ پنهنجي دل جي دامن کي وسيع ٿيندو محسوس ڪري ٿي. ان جو اظهار هيئن ٿي ڪري ته: ’بمن استعمال ڪرڻ لاءِ جگر کپي ۽ اُهو جگر برهمڻن ۾ موجود هو‘.
وينا جو هيءُ پورو ڪتاب سنڌ جي اهڙي تاريخ آهي، جيڪا اڃا تائين لکي ئي نه وئي آهي، پر هن جي لکڻ جو انداز ايڏو ته دلڪش ۽ وڻندڙ آهي جو  سندس هر تشبيهه مان ايئن ٿو لڳي، ڄڻ سنڌ جي سرزمين جو سينو چيري ڦُٽي نڪتي هجي.  صفحي ۷۳ تي هوءَ  لکي ٿي ته:
”پوري گهر جي ڀاتين جا چهرا  اکين جي آئيني ۾ اُتريل آهن، انهن جي مُسڪراهٽ، آواز ۽ گهر جو نقشو ذهن ۾ چڱيءَ طرح چِٽيل آهي.“
جڏهن هوءَ اعجاز قريشي ۽ حفيظ قريشيءَ جي ماءُ ۽ ڀينرن سان ملي ٿي ته به هوءَ ساڳئي انداز سان پيار جو اظهار ڪري ٿي. وري جڏهن اعجاز قريشيءَ جي گهر کيس اجرڪ اوڍاڻي ٿئي ته هوءَ انهيءَ اجرڪ ۾ پنهنجي پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿي ۽ جڏهن هوءَ آسي زميني سان ملي ٿي ۽ هن جي واتان جڏهن ٻُڌي ٿي ته: ’مون اوهان جي  پروگرام جون هڪ سال جون ڪئسيٽون رڪارڊ ڪري رکيون آهن‘، ته هن جا جذبا اُٿل ڏين ٿا ۽ هن کان دانهن نڪري وڃي ٿي. پيار ۽ قربت جي سنگم جا اهڙا ڪيترائي احساس هن سفرنامي جي سِٽ سِٽ ۾ ساهه کڻي رهيا آهن، جيڪي ۱۹۸۶ع کان پوءِ به اهڙا جو اهڙا آهن، نه انهن کي هن ميرو ٿيڻ ڏنو آهي، نه پُراڻو.
وينا جڏهن ڪراچيءَ کي الوداع پئي ڪيو ته هُن جي اندر مان هڪ ئي وقت ٻن تهذيبن جي ميلاپ جا سُر منڊل هيئن وڄڻ لڳا هئا.
”اڄ منهنجو جسم ٻن سرحدن کي الڳ ڪندڙ ليڪ جي صليب تي لٽڪيل آهي. سرحد جي هُن پار پيءُ ماءُ، پيدائشي سرزمين ۽ ناز ۽ فخر ڪرڻ جهڙي قديم تهذيب، تمدن ۽ ٻولي ته ٻئي طرف مذهبي ڀيد ڀاءُ جو شڪار ٿيل سرزمين تان اُکڙيل تنها تُنڪي کي سهارو  ڏيندڙ وِشال سيڪيولر ڀارت جي پويتر ڌرتي، پناهه ۽ ڇانو، عزت ۽ آبروءَ جي حفاظت ڪندڙ عورت کي برابريءَ وارو درجو ڏيندڙ سرزمين، پنهنجي تهذيب ۽ ٻوليءَ کي آزاديءَ سان اپنائڻ واري ملڪ جي احسان هيٺ دٻيل...“
وينا پوري سفرنامي ۾ نهايت ئي مُهذب انداز اختيار ڪيو آهي، توڙي جو  هن ڪيترين جاين تي تنقيدي انداز به اپنايو آهي، پر اُهو به نهايت ئي مُهذب نموني، جيئن ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي، پر حقيقت کان هوءَ منهن موڙي نه سگهي آهي، ڇاڪاڻ جو هوءَ  تخليقڪار آهي ۽ تخليقڪار جي رُوپ ۾ هوءَ اکيون ٻُوٽي ته ڪيئن!

هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو ڀارت ۾ ۱۹۸۶ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو سنڌ ۾ ڪويتا پبليڪيشن پاران ۲۰۱۴ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري ليکڪ پروفيسر اعجاز قريشي ۽ ڪتاب بابت رايو ناليواري اديب تاج جويي لکيو آهي. هيءُ ڪتاب سال ۲۰۱۴ع جو  شاهڪار تحفو آهي.

No comments:

Post a Comment