محبت، مزاحمت ۽ سونهن جو شاعر ــ عبدالحڪيم ارشد
فياض لطيف
پيار ازل کان انسان جو حسين آٿت ۽
سُندر احساس رهيو آهي. حقيقت ۾ محبت، من ــ
آڪاش جو اهڙو پنڇي آهي، جنهن پنهنجي مڌر آلاپن ۽ احساسن سان نه
رڳو انسان جي دل جي دنيا کي شاد ۽ آباد رکيو آهي، پر ان پنهنجي ڪومل قرابت ۽ سُندر
لطافت سان ماڻهوءَ جي فهم ۽ ادراڪ جي ڪائنات کي پڻ ڪيئي رنگينيون ۽ رونقون عطا
ڪيون آهن. هن ڪاروباري ۽ منافعي خور دنيا ۾ جيڪڏهن محبتن جو وجود نه هجي ها، ته هيءَ
دنيا بنھ ڇسي، بي حس ۽ بي رونق ڀاسي ها. حقيقت ۾ هن دورنگي دنيا ۾ محبت اهو معصوم جذبو
آهي، جيڪو ذات پات، اميري غريبي ۽ ننڍ وڏائي جي فرق بنا هر انسان جي اندر ۾ وَسي
ٿو ۽ دنيا ۾ جيڪڏهن ڪائي سُٺائي ۽ سُندرتا آهي، ته اها پيار ۽ محبتن جي بدولت ئي
آهي.
جيئن سُڳنڌ، بنا ڪنهن مت ڀيد جي
پنهنجا هُڳاءَ ۽ حُسناڪيون ڦهلائيندي آهي، ائين ئي پيار پنهنجون سُندرتائون ۽ سچائيون آڇيندو ۽ اَرپيندو آهي. جن
ماڻهن کي جيون ــ سفر ۾ محبتون ملي وينديون آهن، انهن جو اندر ابابيل پکين جيان
انتهائي معصوم ۽ ڪومل بڻجي ويندو آهي. سندن دل دنبورو، رڳون رباب، اکيون التجائون،
اندر آرسي ۽ روح راڳڻي ٿي پوندو آهي.......پر جڏهن انهن ئي ماڻهن کان ’محبتون‘
وڃائجي وينديون آهن، تڏهن اهي اندر ۾ خانه بدوش، من موجي، روح ــ روڳي، ڪلاڪار ۽
شاعر بڻجي ويندا آهن ۽ پنهنجي من جي ڪُنڊ کي ڪائنات بڻائي نه رڳو ان ۾ حُسن ۽ عشق
جي عبادت ڪندا آهن، پر پنهنجي خوابن ۽ خيالن کي مختلف اظهار جي مالهائن ۾ پِروئي دل جي دنيا وارن ۾ انهن جو وڻج ۽ واپار به ڪندا آهن. اهڙن خواب ۽ خوبصورتيون ورهائيندڙ، دل وارن ماڻهن لاءِ افلاطون جو چوڻ آهي
ته:
“Every heart
sings a song, incomplete, untill another heart whispers back. Those who wish to
sing always find a song, at the touch of lover, every one become a poet”.
(plato)
(هر دل گيت گنگنائيندي آهي، پر اهو
مڪمل تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ان کي ڪنهن ٻي دل جي سرگوشي نصيب ٿيندي آهي. هر گائڪ،
گيت جو متلاشي هوندو آهي ۽ پيار جي هڪ ڇُهاءَ سان ماڻهو گيتڪار ٿي پوندو آهي.)
چنڊ هندوري، سوچن لوڏ
ڏات پريءَ جو ڏور مڪان.
سونهن عبادت، عشق امام
دل ئي دل ۾ ڌيان گيان.
(ٽٽل عڪس سونهن جو، ص50)
شاعري، عمر نه پر هڪ حوالي سان دل
۽ ديد جي آوارگيءَ جو اهڙو انوکو احساس ۽ اظهار آهي، جنهن کي پنهنجي هڪ نرمل ۽
نرالي ڪشش ٿئي ٿي. شاعريءَ جي صداقت ان سج وانگر به هجي ٿي، جيڪو هر روز هڪ نئين
جوت ۽ جمال سان اُڀري ساري عالم کي نت نئين ڪِرڻن جي اوجر ۽ آشا آڇي ٿو. شاعريءَ ۽
سج ۾ هڪڙي مشترڪه خوبي اها به آهي، ته اهي ٻئي ’وٺندڙ‘ نه پر ’ڏيندڙ‘ هوندا آهن.
سج ساري سنسار کي روشني ڏيندو آهي، ته شاعري وري فڪر، فن، سونهن ۽ صداقت جي جوت ۽
جلا عطا ڪري ٿي. آءٌ ذاتي طور تي ان راءِ جو آهيان، ته ادب، شاعري ۽ آرٽ جا ٻيا
سمورا شعبا انسان کي نه رڳو پنهنجي اندر ۽ دل جي دنيا سان آشنائي پيدا ڪرائين ٿا،
پر پوري ڪائنات جي افادي ۽ غير افادي حُسناڪين ۽ حقيقتن کي پرکڻ ۽ پرجھڻ جي حقيقي
ساڃاهه ۽ سُرتِ پڻ عطا ڪن ٿا. سائنس جي ڪماليت ۽ ڪرشما سازي، انسان کي اڻ ڳڻيون
مادي سهولتون ميسر ڪري ڏنيون آهن، جنهن جي وقعت پنهنجي جاءِ تي، پر ان جي بدولت
دنيا ۾ آيل جديد موت مار هٿيارن جا انبار، دهشت، وحشت، افراتفري، بي چيني، بي
سڪوني ۽ جھنم جھڙي جياپي کان به انڪار ممڪن نه آهي. ليڪن ٻي طرف ڏسجي ته ادب، آرٽ
۽ فنون لطيفه صرف محبت، آنند، آجپي، سونهن ۽ سچائيءَ جو درس ڏئي ٿو.
پيار امرتا، نفرت نانگ
محبت منهنجو دين ڌرم.
دوزخ دنيا ناهه قبول
جنت ٺاهڻ منهنجو ڪم.
روپ رتائون، جوش، جھڙپ
پورهيت! تنهنجا هٿَ علم.
(ٽٽل عڪس سونهن جو، ص54)
سائين عبدالحڪيم ارشد جو شمار به
اهڙن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، جن جو آجپو فقط ساهن پساهن جي سلسلي تي نه، پر آدرش ۽ آرٽ جي
آجپي ۽ احساس سان سلهاڙيل هوندو آهي. هو هن وقت توڙي جو عمر جي اهڙي حصي ۾ آهي،
جنهن ۾ روايتي طور ساهن پساهن جي زندگي جيئندڙ ماڻهو رڳو لٺِ ۽ ڪٺِ جي سهاري تي
ڏينهن پورا ڪرڻ ۾ پورا هوندا آهن. پوري عمر هٺ ۽ غرور ۾ گذاري، پوئين پلن ۾ موت جي
ڊپ کان بي روح سجدا ڏئي ۽ تسبيحون سوري پاڻ کي ڪوڙي تسلي ڏيڻ ۾ رات ڏينهن مگن ۽
مشغول هوندا آهن، پر ارشد سائين نه رڳو غير روايتي ماڻهو آهي، پر سچ پچ هو غير
رواجي شاعر ۽ سرجڻهار پڻ آهي. هو هن عمر ۾ به اَجل جي ڊپ کان آجو ۽ بي ڊپو جياپو
جيئي ٿو. هن جي ٻُڍڙي جسم ۾ جوان ۽ زنده جذبن سان ڀرپور دل موجود آهي، انهيءَ ڪري
’محبت، مزاحمت ۽ حُسن‘ جي احساسن سان سرشار شاعري سِرجي، سچل جي انهيءَ سچ جي ساک
ڀري ٿو، ته ”سچو عشق ٻُڍا نه ٿيوي، توڙي چٽڙي هويس ڏاڙهي....“!
سائين
عبدالحڪيم ارشد پنهنجي پوري عمر، ادب ۽ آرٽ کي ارپي آهي. هن کي جڏهن کان حُسن ۽
عشق جي واسينگ واسيو، تڏهن کان هن شاعريءَ سان پيچ پاتو آهي. ٻين لفظن ۾ شاعريءَ
سان سندس سنڱ ۽ سياپو جوانيءَ کان هن جھور عمر تائين جو آهي. ڳڀرو عمر ۾ شاعري
سندس جوان محبوبه وانگر هم راز ۽ هم سفر هئي، ته هن ٻُڍڙي وهيءَ ۾ اها هڪ مهربان ۽
شفيق ماءُ وانگر سندس ساٿ ۽ سنگ ۾ آهي. هن پنهنجي عمر ڀر جي پورهئي مان رڳو ڪمائي
۽ بچائي ته شاعريءَ جي پونجي ئي آهي، جيڪا سچ ته ڪنهن مها زردار جي ڪاغذي خزاني
کان گھڻي نرالي ۽ اَملهه آهي، پر هن وقت تائين ان ججھي پونجي مان سندس شاعريءَ جا
ٽي ڪتاب ئي منظر عام تي اچي سگهيا آهن، جن ۾ ”ڏيئا ڏات جا“، ”آجپي جي گيت جھڙي
شاعري“ ۽ ”ٽٽل عڪس سونهن جا“ شامل آهن. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو، ”ڏيئا ڏات
جا“ 1976ع ۾ شايع ٿيو ۽ پنهنجي اظهار ۽ انداز جي سندرتا ۽ سلوڻائپ سبب پڙهندڙن ۾
ايترو مقبول ٿيو، جو 1997ع ۾ ان جو ٻيو ڇاپو به ڇپيو. ساڳيءَ ريت سندس شاعريءَ جي
ٻي مجموعي،”آجپي جي گيت جھڙي شاعري“ پڻ پاٺڪن ۾ چڱي مقبوليت ماڻي.
عبدالحڪيم
ارشد جي سموري شاعري پڙهڻ، پروڙڻ ۽ هينئن سان هنڊائڻ جھڙي آهي. هن جا پهريان ٻئي
مجموعا ڪافي عرصو اڳ پڌرا ٿيل آهن، جن تي وقت بوقت مختلف اديب ۽ شاعر دوست پنهنجي
راءِ جو اظهار ڪري ۽ ڪجهه تبصراتي ليک پڻ لکي چڪا آهن. پاڻ هتي سندس شاعريءَ جي
تازي آيل ڳٽڪي، ”ٽٽل عڪس سونهن جا“ تي هڪ طائرانه نگاهه وجھنداسين.
عبدالحڪيم
ارشد جي شاعريءَ جو هي مجموعو، شاعريءَ جي مختلف اَٺن صنفن ’غزل، گيت، آزاد نظم،
نظاماڻي نثر، واين، ڪافين، دوهن ۽ قطعن‘ تي مشتمل آهي. هڪ حساب سان سندس شاعريءَ
جو هي ڳٽڪو اهڙي گلدستي مثل آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت رنگ برنگي گل سجايل هجڻ سان
گڏوگڏ مختلف قسم جون سڳنڌون پڻ موجود ملن ٿيون، جن کي پَسڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ نه
فقط نيڻن کي تراوت ۽ تازگي نصيب ٿئي ٿي، پر هينئون پڻ هُٻڪارون ٿي وڃي ٿو. هن
مجموعي ۾ سائين ارشد جي شاعريءَ تي مختلف شاعرن ۽ اديبن، مقصود گل، مير محمد
پيرزادو، رحمت پيرزادو، بشير احمد هيسباڻي، اصغر تنها ۽ امداد رند جا رايا پڻ شامل
آهن، جن مان سندس شخصيت ۽ شاعريءَ بابت پڙهندڙ کي چڱي پروڙ پلئه پوي ٿي. ناميارو
شاعرو مقصود گل سندس شاعري ۽ شخصيت جي حوالي سان پنهنجي ليک، ”سُر رامڪليءَ جو
رمتو“ ۾ لکي ٿو، ”سائين ارشد تن جو ته سادڙو آهي، پر هو من جو به سادڙ انسان
آهي.... هو سائين جي ايم سيد ۽ ڪن ٻين صوفين سان ڪچهريون ڪري تصوف ڏي راغب ٿيو ۽
ترقي پسند ادب جو چڱو مطالعو ڪيائين. مون هميشه کيس ماڻهپي واري مذهب جو حامي ڏٺو
آهي..... سندس شاعري، طبيعت ۽ سُڀاءَ وانگر سادڙي ۽ سلوڻي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سچ
۽ سونهن به آهي، ته سنڌ سان محبت ۽ عقيدت جي اُپٽارا به ملي ٿي“.
مِٺي سنڌ تنهنجون
دعائون کپن
دعائن جي سايي ۾ ئي مان
جِيان.
غزل منجھ ڳالهيون سندس
ڇيڙجن
اها سوچ ارشد ويٺو
سوچيان!
(ٽٽل عڪس سونهن جو، ص43)
آ ته گلن جي سونهن
پَسون
مُکڙين لاٿو آ گھونگھٽ.
سونهن سراپا، آهي سنڌ
ٻي ڪا جنت مور نه مَٽُ!
(ٽٽل عڪس
سونهن جو، ص55)
سائين ارشد ڊارائنگ روم جو شاعر
نه آهي، پر عمل، جدوجهد، مزاحمت ۽ ماڻهن سان ميٺ محبت ۽ دوستانه تعلقات قائم رکي،
نوجوانن کي همت ۽ حوصلو ڏيڻ وارو تخليقڪار آهي. هو سنڌي ادبي سنگت ۾ پڻ تمام گھڻو
سرگرم رهيو آهي. خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت شاخ سڪرنڊ ۽ نواب شاهه جي نوجوان اديبن ۽
شاعرن جي فني تربيت ۽ فڪري اوسر ۾ سندس قابلِ تعريف ڪردار رهيو آهي، جنهن جو
اعتراف ڪندي نوجوان شاعر ۽ خوبصورت ليکڪ رحمت پيرزادو لکي ٿو، ”پاڻ انتهائي
سٻاجھو، مخلص ۽ ڪتابن ۾ لکيل اَورچ ڪردارن جھڙو انسان آهي... نئين ٽهيءَ جي اوسر ۾
سائينءَ جو انتهائي اهم ڪردار آهي. سندس شاعريءَ جا نقطا پڙهي، اسان زندگيءَ جو
سبق پِرايو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه زاويا هڪ رومانوي ۽ ٻيو انقلابي ۽ قومي آهي ۽
انهن ٻنهيءَ ۾ زندگيءَ جو درس ملي ٿو“.
مختلف اديبن
جي راين کان علاوه هن ڪتاب ۾ سائين ارشد پنهنجي پاران ”ڀري پيءُ جام محبت وارو“ جي
سِري سان پڻ هڪ خوبصورت ليک شامل ڪيو آهي، جيڪو سندس مثالي انڪساري ۽ سندر نثر جو
مظهر پيش ڪرڻ کان علاوه سندس شاعريءَ جي موضوع ۽ مقصد تي پڻ چڱي روشني وجھي ٿو. هو
لکي ٿو، ”ڪتاب جي نالي مان ئي اوهان ڪتاب ۾ موجود منهنجي شاعريءَ جي مرڪزي موضوع
جو آسانيءَ سان ادراڪ ڪري سگهو ٿا ۽ ان جو مطالعو اوهان کي ان نتيجي تي پهچائي
سگهي ٿو، ته هيءَ شاعري هڪ اهڙي بي حس، انڌي، ٻوڙي ۽ گونگي پٿر سماج ۾ هڪ اهڙي
زخمي، ڇيهون ڇيهون ٿيل وجود تي هر طرح جي ناڪامين، محرومين، درد، الم ۽ پيڙائن جي
پٿرن جي وسڪار جي آتم ڪٿا آهي، جنهن جون آرزوئون انگاسن تي لڙڪيل ۽ جنهن جا سپنا
چور چور ٿي ويا هجن. هي فقط هڪ فرد جي ڪهاڻي ناهي. هيءَ تاريخ آهي هن پٿر سماج جي،
ان مدي خارج سرشتي جي، جنهن جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ هزارين لکين انسانن جا ارمان
مُرادن جي منزل نه ماڻي سگھيا.....هيءَ شاعري آرسي آهي منهنجي اندر جي اُڌمن،
ڪلپنائن، آرزوئن ۽ پيڙائن جي. هيءَ شاعري منهنجي روح جي ٻولي ۽ دل جي ويران صحرا
مان اُڀري آيل صدائن جو پڙاڏو آهي.....آءٌ نهايت محبت، خلوص ۽ دل جي گھرائين سان،
محبت ۽ وفا جي راهه تي هلندڙ مسافرن جي قدمن ۾ هيءَ معمولي ڪاوش پيش ڪريان ٿو.
جيڪڏهن مانَ واري پڙهندڙن مان ڪن جي دل ۾ ڇُپايل درد ۽ پيڙا جي ترجماني بڻجي،
منهنجا ڪي شعر انهن جي احساس کي ڇهندا محسوس ٿين، سندن نيڻ ڀرجي اچن ۽ انهن جا
جيءَ پنهنجي خاموش تنهائين ۾ بنا سُر ۽ آلاپ جي ڪا سِٽَ جھونگاري وجھن. جيڪڏهن
اوهان مان ڪن جو درد منهنجي درد سان هم آهنگ ٿي وڃي ۽ ڪنهن جي دل جي تار وڄي پوي،
ته آءٌ سمجھندس ته مون کي منهنجي ڪاوش جو صلو ملي ويو“.
ڪتاب جي ارپنا چئن عظيم صوفي
لاڪوفي سرويچ ڪردارن منصور حلاج، مخدوم بلاول، شاهه عنايت ۽ سرمد شهيد جي نالي ڪيل
آهي، جنهن مان شاعر جي فڪري روشن خيالي ۽ آدرشي ڪردارن سان اُنسيت جي سُڌ پوي ٿي.
توڙي جو هن ڪوتا ڪتاب ۾ سائين
ارشد شاعريءَ جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ پنهنجي طور تي هر صنف ۾
پنهنجي روح جي سڏ ۽ پڙاڏي کي سمائڻ جي ڪوشش اٿس، پر سندس شاعريءَ جي مجموعي مطالعي
مان مون کيس غزل جو سگهارو ۽ سيبتو شاعر محسوس ڪيو آهي. هن جي غزل ۾ ’غزاليت‘ جا
گڻ به آهن، ته ان جو پورو فڪري ۽ فني پورائو به ملي ٿو. هو اڪثر سنڌي شاعرن وانگر
غزل ۾ ’نظميت‘ ۽ نظم ۾ ’غزليت‘ جي آميزش جو قائل نظر نه ٿو اچي، پر هر صنف ۾ ان جي
گھربل تقاضا موجب پنهنجي جذبن ۽ احساسن جي اوت اوتي ٿو. هن جي غزل ۾ ’سونهن‘ ۽
’عشق‘ جي حقيقي ۽ اثرائتي جھلڪ پَسي سگھجي ٿي. جيئن:
عشق الستي سَين هنئي آ،
حُسن اڃا انڪاري آ
عشق حُسن جو رشتو
’ارشد‘ بنجي ويو تڪراري آ.
مُند بهاري، بوندا
باري، موسم پياري پياري آ
هاءِ! ويچاري اڌ ــ مئل
دل، ڏڍ نه ڪا دلداري آ.
هيل اسان وٽ ڪوتا آئي،
نينهن جو نئون سنديش کڻي
دل جي ويران کنڊر ۾
مون، ڏات ــ ڏياٽي ٻاري آ.
(ٽٽل عڪس سونهن
جا، ص33)
چنڊ تنهنجو نانءُ آ،
چانڊاڻ تنهنجو نانءُ آ
سونهن توکي ٿا سڏن،
سرهاڻ تنهنجو نانءُ آ.
دل ٻُڏي وئي، سڀ ڇڏي
ويا، پوءِ به ناهيان هيڪلو
آءٌ آهيان،مون سان گڏ
ٻيو، هاڻ تنهنجو نانءُ آ.
(ٽٽل عڪس سونهن جا، ص44)
سائين ارشد جي هن مجموعي ۾ ڪل 55
غزل آهن، جن مان پندرنهن وڏي بحر ۾ ۽
چاليهه غزل ننڍي بحر ۾ رچيل آهن. ننڍي بحر جي نسبت وڏي بحر ۾ سرجيل سِٽ ۾
ردم ۽ رواني سرس ۽ خيال هڪ حوالي سان پنهنجو ڀرپور تاثر ڇڏيندڙ محسوس ٿيندو آهي،
جيڪو سائين ارشد جي وڏي بحر ۾ لکيل غزلن ۾ بخوبي موجود ملي ٿو، پر ننڍي بحر ۾
سرجيل سندس غزلن ۾ ردم جي رواني ۽ خيال جي اُڇل پڻ موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي.
مٺڙيون يادون، سُرهي
سار
ڪيڏي پياري سونهن پچار.
ڳوڙها بڻجي ڳڙندو
هانءُ،
ڇيڙ نه ڇورا! دل جي
تار.
منهنجون اکڙيون، تنهنجا
پير
سونهن سلامي، سجدا يار.
ڪاريون راتيون، روشن هٿ
ٺاهڻ ڊاهڻ جا ويچار.
(ٽٽل
عڪس سونهن جا، ص48)
مٿئين غزل ۾ ’مِٺڙيون يادون، سُرهي
سار، دل جي تار، سونهن سلامي، ڪاريون راتيون ۽ روشن هٿ‘ ڪهڙيون نه نڪور ۽ نرمل
ترڪيبون آهن. ان کان علاوه ’ڳوڙها بڻجي هانءُ جو ڳڙڻ، ڪاري راتين ۾ روشن هٿن سان
ٺاهڻ ڊاهڻ جا ويچار ۽ مٺڙي مٺڙي يادن ۾ سونهن پچار‘ جا احساس ڪيترا نه تخليقي ۽
سگهاري شاعراڻي تخيل جي ساک ڀريندڙ آهن.
سائين ارشد غزل ۾ عشق ۽ حسن جي
موضوع کان سواءِ زندگيءَ سان لاڳاپيل ٻين ڪيترين ئي خارجي ۽ داخلي سچائين کي پڻ
اظهاريو آهي. ڌرتي، وطن واسي، بک، بدحالي، ناانصافي، امن جي آشا، آزاد آجپو، بي
لوث محبت، خواب، خوبصورتيون، تصوف، ترقي پسندي ۽ روشن خيالي جا سمورا رخ ۽ رعنايون
سندس غزل جو موضوع آهن. شيخ اياز پنهنجي اظهار جي سگهاري اُڇل سان غزل جي روايتي
لب و لهجي، احساس ۽ آهنگ کي تبديل ڪري، ان ۾ نه رڳو سنڌيت جو حُسن ۽ هڳاءُ پرٽيو
هو، پر ان ۾ صوفيت جي رازن ۽ رمزن جون رنگينيون اوتي ان کي ’گيڙو ويس غزل‘ بڻائي ڇڏيو
هو. ساڳي روايت کي ڪنهن حد تائين سائين ارشد اڳتي وڌايو آهي، اهو ئي سبب آهي جو
پاڻ چوي ٿو:
ايرانڻ تي سنڌي ويس
سنڌي ٻوليءَ منجھ غزل.
عبدالحڪيم ارشد جي غزل ۾ ڪٿي ڪٿي
فارسيت جو رنگ پڻ ملي ٿو، جيڪو اَٽي ۾ لوڻ برابر آهي. مجموعي طور تي سندس غزل ۾،
ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي سڳنڌ ۽ سنڌ جي ڪلچر ۽ روايتن جو روح ڌڙڪندي محسوس ٿئي ٿو. پاڻ غزل ۾ نه رڳو پنهنجي اندر جا احساس ۽ اُڌما پوري
ڀرپوريت سان اظهاري سگهيو آهي، پر خارجي سونهن ۽ صداقت کي پڻ سهڻي سليقي سان سمايو
اٿائين. سندس غزل ۾انيڪ اهڙيون تشبيهون، استعارا، ڪنعايه، اشارا، تلميحون ۽
ترڪيبون ملن ٿيون، جن کي پڙهي ۽ پَسي روح تازو ٿي وڃي ٿو. ڪتاب ۾ هڪ نثري نظم ۽
گيت پڻ شامل آهي. گيت جا ٻول:
مند ملڻ جي آئي موٽي،
موٽي رت بهار
پوءِ نه اڃان تو واعدو
پاريو، ڪانه لهين ٿو سار
او پرديسي يار! يرَ! واڳ ورڻ جي
وار....‘ ايترا ته رسيلا ۽ سُريلا آهن، جو انهن جو تاثير ۽ سوز ڀريو انداز من کي
موهي وجھي ٿو. سائين ارشد جو مزاج سچ پچ ته گيت جي سوز ۽ گداز سان هم آهنگ ڀاسي
ٿو، پوءِ خبر ناهي الائي ڇو پاڻ هن مجموعي ۾ هڪڙو ئي گيت شامل ڪيو اٿائون. جي ڪجھ
ٻيا گيت به شامل هجن ها، ته نه رڳو انهن مان وڌيڪ محظوظ ٿي سگهجي ها، پر گيت وارو
ڀاڱو پڻ ڀريل محسوس ٿئي ها، هڪ عدد گيت سان ’گيت وارو حصو“ پڻ اڌورو ۽ اُٻاڻڪو ٿو
محسوس ٿئي. بحرڪيف ’هڪ رانجھو ئي لَکان دا مَٽُ“ جي مصداقت هڪ گيت ئي پنهنجو ڀرپور تاثر ۽ تاثير آڇي ٿو.
سائين ارشد جي آزاد نظم ۾ پڻ هڪ
اُڇل ۽ بي ساختگي آهي. سندس آزاد نظم ’ياد، ڏوراپو، سوال، گيت گلن جو، عشق حسن جو
فلسفو ۽ تون ڇا ڄاڻين‘ انتهائي سندر ۽ دل جي دوار تي دستڪ ڏئي، نيڻن کي اوجاڳا
ارپڻ جي شڪتي رکندڙ آهن. سندس واين ۽ ڪافين ۾ عارفاڻو ۽ صوفياڻو رنگ ۽ احساس جھلڪي
ٿو.
حق اناالحق الا او!
صورت، صورت منجهه
سمايو!
پاڻ وڃائي پاڻ سڃاتم،
لاهي دل جو شڪ الا او! .
...........
عشق اسان جو پيش امام،
صورت کي ئي سجدو آهي
صورت احمد، صورت عيسى،
صورت گوتم، صورت رام،
صورت کي ئي سجدو آهي!
(ٽٽل عڪس سونهن جو، ص118،119)
هن شعري
مجموعي ۾ سائين ارشد جا دوها ۽ قطعا پڻ پڙهڻ وٽان آهن. سندس اڪثر دوها اهڙا آهن،
جن ۾ تسلسل، رواني ۽ رنگيني نظم جھڙي آهي ۽ ان کي پڙهڻ سان هڪ ئي وقت ٻنهي يعني
دوهي جي اختصار ۽ نظم جي ڪٿائي انداز ۽ نرملتا جو لطف ۽ مزو ماڻي سگھجي ٿو.
چار ڪلر ٽائيٽل، معياري پيپر، پڪي بائنڊنگ ۽ 144 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي
قيمت 150 روپيه، جيڪو ساهتي اڪيڊمي نواب شاهه چپرايو آهي. ٽائيٽل تي هڪ جاذب ۽
موهيندڙ وينگس جو دلفريب عڪس ڏنل آهي، جيڪو ڪنهن به طور تي سونهن جو ٽٽل عڪس ته
پيش نه ٿو ڪري، پر موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ رقص محسوس ٿئي ٿو. بهرحال ڪتاب جي عنوان
سان متضاد هجڻ جي باوجود شاعريءَ سان ميچ کائيندڙ ٽائيٽل ڀرپور آرٽيسٽڪ تاثر پيش
ڪندڙ ۽ جمالياتي حظ ڏيندڙ آهي ۽ ان سان گڏوگڏ هن مجموعي ۾ موجود شاعري پڻ پڙهندڙ
تي پنهنجا سمورا ڪيف ۽ سرور تاري ڪرڻ جي سگهه رکندڙ آهي، جيڪڏهن اوهان به ان مان
محظوظ ۽ مسرور ٿيڻ چاهيو ٿا، ته پوءِ هن سُندر شعري ڳٽڪي جو مڪمل مطالعو تمام
ضروري آهي.
No comments:
Post a Comment