13/02/2015

جنهن دل پيتا عشق دا جام - فياض لطيف (Fayaz Latif)

جنهن دل پيتا عشق دا جام
 فياض لطيف
تصوف دل جي دنيا آهي ۽ دل جي دنيا کي، حُسن ۽ حقيقت جو هڪ پنهنجوحسين جهان هجي ٿو. دنيا ۾ جن ماڻهن دل جي راه ورتي آهي، انهن کي دنيا جا رند ۽ پنڌ راس نه آيا آهن ۽ جن دنيا جو دڳ ورتو آهي، انهن کان دل جو دڳ وڃايل ئي رهيو آهي.
دنيا جي دڳ ۾ ڪنڊا ۽ ڪدورتون آهن. دوکا ۽ فريب آهن، پر دل جي دڳ ۾ پيار ۽ پريت آهي. خواب ۽ خوبصورتيون آهن ۽ وڏي ڳالھ ته ان ۾ عشق جو آجپو ۽ آجپي جو عشق به آهي، ته موھ جي مجذوبي ۽ مجذوبيءَ جو موھ به. تڏهن ئي ته سچل، سرمست بڻجي، ان جو اظهار هن ريت ڪري ٿو:
گِھڙن جي گھيڙاءُ، تانگھو عشق تن جو
جن کي عشق عليل ڪيو،سي اينديون اوَتڙاءُ
جي سُور چَکنديون سُاءُ،ميهر سي ماڻينديون!

دنيا جي دڳ ۾ عقل ۽ فهم سان گڏ، وقت، حالتون، تجربا ۽ ٻيا انيڪ ماڻهو رهبر بڻجي، دنياوي رندن ۽ پنڌن سان آشنائي پيدا ڪرائيندا آهن، جڏهن ته دل جي دڳ ۾ فقط عشق ئي ڀرجھلو بڻجي، من جي رازن ۽ رمزن کان واقف ڪندو آهي ۽ روح جي ڪنڊ ۾ آباد وشال ڪائنات جا سچ ۽ سندرتائون پڻ پَسائيندو آهي. عشق جنهن جو امام بڻجندو آهي، دوئي ان کان دور ۽ وحدت ان جي ويجھڙو ٿي ويندي آهي. محبت ان جو مذهب، جاڳ ان جو جيون ۽ ننڊ ان جي عبادت بڻجي ويندي آهي. تون ۽ مون جا سمورا ويڇا پنهنجا وجود وڃائي ويهندا آهن. طمع ۽ طلب بي معنى ٿي پوندي آهي. موھ مومل ۽ روح راڻو بڻجي ويندا آهن، پوءِ نه ڪائي ڪاڪ رهندي آهي، نه ڪوئي لنڊاڻو..
لنگھيا لُنڊاڻو، ڪاڪ ڇڏيائون پوئتي
تاتي وڃي رَسيا، جاتي مومل نه راڻو
اُتي ٿيُنِ  ٿاڻو، جتي مون تون ناھ ڪا!
سچل سرمست جو نالو سنڌي شاعريءَ جي اتهاس ۾ اها وقعت رکي ٿو، جيڪا وقعت آڪاش ۾ سج ۽ چنڊ کي آهي. جئين سج جا ڪِرڻا پوري سنسار کي پنهنجي سَهائيءَ سان منور ڪن ٿا، ائين ئي سچل جي سرمست ۽ سرمدي  فڪر ۽ فلسفي، سنڌي سماج ۽ خاص ڪري تصوف جي مسلڪ سان وابستا ماڻهن کي موهيو ۽ متاثر ڪيو آهي. سچل سنڌ جو اهو مست ۽ الست شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ نه رڳو رِندي ۽ عاشقانه مستي پنهنجي اوج ۽ عروج تي آهي، پر هن جو آواز سماجي دقيانوسيت ۽ مذهبي اوچ نيچ خلاف هڪ انوکي بغاوت سان ڀريل آهي. هن جي شاعري هڪ طرف روحاني رازن ۽ رمزن کي عيان ڪري ٿي، ته ٻئي طرف اها سماجي مت ڀيد ۽ مذهبي جنونيت جي نفي ڪري ٿي، انهيءَ ڪري سچل جو پيغام ”پيهي پاڻ پروڙڻ“ سان گڏوگڏ ”جيئو ۽ جيئڻ ڏيو“ جي درس تي مشتمل آهي.
سچل سرمست جي شاعري دماغ جي شاعري نه، پر دل ۽ جذبن جي اُڻجھل اُڇل جو احساساتي ۽ وجداني آواز آهي، ان ڪري سچل سائينءَ جي ڪلام ۽ ان ۾ موجود رندي رمزن ۽ رازن کي سمجھي ۽ ساڃاهي به فقط اهي ماڻهو ئي سگھن ٿا، جن جي من محل جون دريون کُليل ۽ اندر آئيني جيان اجرو هوندو آهي. نام نهاد عقل جي اڪابرن، جن سچل جي سرڪشي ۽ سرمستيءَ کي صرف عقل ۽ روايتي فهم جي بنياد تي پرکڻ ۽ پُرجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن جون تشريحون ۽ تاويلون سچ ته پنهنجي فڪري وجود ۾ ئي اُلجھيل رهيون آهن. سچل ته اُها صدا آهي، جنهن کي پائڻ ۽ پُرجھڻ لاءِ هڪ سرمست دل درڪار هجي ٿي، ڇو ته سچل جي شاعري خارجي لقائن کان وڌيڪ داخلي احساس ۽ ادراڪ جي دنيا سان تعلق رکي ٿي.
جاڏي ڪِياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي
جاڏي مُهاڙي، سجدو تِتِ سهي ٿيو!
اسلامي تصوف ۾ ٻه مڪتبه فڪر آهن، جن مان هڪ کي جمالي صوفي ۽ ٻي کي جلالي صوفي چون ٿا. ابو هاشم عثمان بن شريڪ ڪوفي (جنهن کي پهريون ڀيرو صوفي جي لقب سان سڏيو ويو) کان وٺي حضرت سفيان ثوري ۽ شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ تائين سڀئي جمالي صوفي هئا. هِنن لاءِ تصوف جو مطلب، الله جي عبادت، انساني ڀلائي، نفس جي پاڪائي، اخلاق ۽ پاڪ دامني، قدرت جي ڪرشماتي صداقتن ۽ جلون جو درشن ڪري دل کي آنند ۽ اطمينان ۾ رکڻ هو.
حضرت ابو علي چواڻي، ”صوفي اهو آهي، جيڪو دل جي صفائيءَ سان، اُنَ جي اَلفي پائي ۽ نفساني خواهشن کي سختيءَ جو مزو چکائي ٿو“. صوفين وٽ درد جي وڏي وقعت آهي. هو درد جي راهن ۾ ئي راحتون تلاشيندڙ ٿين ٿا. هو رواجي ماڻهن وانگر ڏکن کان ڏور نه، پر انهن جي قرابت طلبيندا آهن. هنن لاءِ ڏک سکن جي سونهن هوندا آهن ۽ هو ڏکن بنا سکن کي ڇسو ۽ عبث سمجھندا آهن. تن کي تسيا ڏئي من کي باغ بهار رکندڙ، انگ اگھاڙن، مٽيءَ ۾ ڀڀوت ۽ سدائين سفر ۾ رهندڙ هنن سيلانن جو وطن ۽ سمورو سنسار هنن جي دل ئي هجي ٿي. صوفي سچ ته هن دنيا ۾ اهڙي سِر ڦري ۽ سِرفروش مخلوق آهي، جنهن جي من موجي ڪيفيتن ۽ جلالي جولانن کي جديد سائنس به سمجھڻ کان قاصر آهي. قطري کي قلزم ۽ قلزم کي قطري ۾ سمائڻ جي حقيقي حسناڪي فقط سرجڻھارن ۽ صوفين وٽ ٿئي ٿي.   
هيڏي هُوڏي نه نهار، تنهنجي ويڙهي يار وَسي ٿو
ساڻ سدا آ تنهنجي سپرين، نه آهي ڪنهن ٻي پار
ڦولهي لهج پاڻ مان، ڇو ٿو وڃين وڻڪار
”وَفي اَنفسڪُم اَفلا تبصرونَ“، ويجھو ڪيم وسار
سَچُو پاڻ سنڀار، پرينءَ نه پُڇج پنڌڙا !
تصوف ۾ جلاليت جي روايت اٽڪل نائين صديءَ ڌاري سڀ کان پهريان بايزيد بسطامي وڌي، جنهن ”سبحاني ما اعظم شاني“ جو احساس اظهاري پنهنجي جلال ۽ جولان کي عيان ڪيو. تنهن کان پوءِ جنيد بغدادي، منصور حلاج ۽ ويندي سچل تائين ان سرمدي ۽ سرمستيءَ جون صدائون ٻڌڻ ۾ آيون.
صورت سڀ انسان، اٿئي عشق اصل
”خلق آدم الا صورته“ جزو جھهڙو ڪُل
”الانسان سري وانا سره“ سچ، سچا پيو سل
 ڀُلَ نه ٻي تون ڀُلُ، هِتي هُتي هڪ اٿئي !
سچل صوفياڻي فڪر جي حوالي سان هم اوست ۽ وحدته الوجود جو پيروڪار آهي ۽ وحدته الوجود ان سچ ۽ صداقت جو نالو آهي، جتي ”مون“ ۽ ”تون“ جا سارا تفاوت مِٽجي ”تون ئي تون“ ٿي وڃن ٿا. جتي سَنڌنِ ۽ سرحدن جي ڪائي وقعت ڪونه ٿي رهي. جتي سڏ ۽ پڙاڏو پاڻ ۾ مِلي هڪ ٿي وڃن ٿا، جتي تند، ڪٽارو ۽ ڪَنڌُ ٽئي پاڻ ۾ پرچي پرينءَ جو پار بڻجي وڃن ٿا.
مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان
بجلي بادل سان، آهي جيئن سپرين!
سچل سائينءَ جو جنم 1739ع تي راڻي پور جي ننڍڙي وسندي درازا ۾ هڪ الله لوڪ ميان صلاح الدين جي گھر ۾ٿيو. سچل اڃان ننڍڙو ئي هو، ته سندس والد هي جھان ڇڏي ويو، انهيءَ ڪري سندس تعليم ۽ تربيت جو زمو چاچي ميان عبدالحق پنهنجي سِر تي کنيو. ميان عبدالحق، سچل جي نه صرف دنياوي تعليم ۽ تربيت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پر هُن هِن جي روحاني حوالي سان به ڀرپور رهنمائي ڪئي، جنهن ڪري سچل سرمست نه فقط سندس چاچي ۽ سهريءَ جي حيثيت ۾ تعظيم ڪئي، پر هن استاد ۽ روحاني رهبر طور به هميشه کيس قبول ڪري احترام ڪيو.
سچل جو ڇٺيءَ جو نالو عبدالوهاب هو، پر ننڍپڻ ۾ ئي سچي ۽ خود دار هجڻ ڪري کيس سچل ۽ سچيڏنو سڏيو ويو. اڳتي هلي جڏهن عشق جي ريٽي رنگ ۾ رتو ۽ پيار جي پيالي مان پِي پرينءَ جي پار پُڳو، تڏهن سچل مان سرمست بڻيو.
جھڙو آهين، تهڙو هوندين، فاني ٿيندين ڇا؟
سُڌ پنهنجي سِرَ جي، ڪامل پيڙءِ ڪا
ڳاۡلھ نه سمجھئي سا، آوازي اناالحق جي!
سچل سرمست حافظِ قرآن سان گڏوگڏ، اردو، سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ عالم پڻ هو. پاڻ ستن زبانن ۾ شاعري ڪيائين، جنهن ڪري کيس ”هفت زبان“ شاعر به چيو ويندو آهي. تصوف سان عشق ۽ اُنس هئڻ ڪري شيخ فريدالدين عطار، شمس تبريزي، رومي، جامي ۽ لطيف سائينءَ جي فڪر ۽ فلسفي جي ڪٽوري مان خوب پيتائين ۽ پِرايائين، انهيءَ ڪري سندس شاعريءَ ۾ رندي، مستي ۽ بي باڪي به آهي، ته ڌرتيءَ سان نيهن ۽ ناتو به. سچل انساني حُسن ۽ حقيقت جو مشتاق به آهي، ته قدرت جي سحر ۽ سندرتا جو معترف به.
سچل سرمست نه فقط دل جي دنيا ۽ ان جي رازن ۽ رعنائين کان آشنا  هو، پر هو پنهنجي ڌرتي، ان جي ماڻهن جي ڏکن ۽ ڏاکيڙن کان پڻ واقف ۽ باخبر هو، انهيءَ ڪري هو پنهنجي شاعريءَ ۾ تصوف جي روحاني رمزن ۽ منزلن جي اُپٽار سان گڏوگڏ ڌرتي ۽ ڌرتيءَ واسين جي سک، سڪون ۽ سلامتيءَ لاءِ  پڻ دعاگو نظر اچي ٿو.
والي وسائيج دردمنديءَ جو ديس
پرين مون پرديس، اُٺي ايندم اوڏڙا !
سچل جنهن دور ۾ جنم ورتو، اهو سياسي توڙي مذهبي حوالي سان انتشار، افراتفري ۽ فڪري تضادن جو دور هو. هڪ پاسي ڌرتيءَ مٿان ڌارين جون يلغارون هيون، نادر شاھ سنڌ تي ڪاھ ڪري، ان کي لٽي، ڦري ۽ ماڻهن کي بيگناھ قتل ڪري رهيو هو، ته ٻي طرف حاڪمَ، لٽيرن کي ڏن ڏئي فقط پنهنجي جان جي پناھ لاءِ پڪارڻ ۾ پورا هئا. عام ماڻهو جبر جي ٻن پُڙن ۾ پيسجي رهيو هو. سماجي، ثقافتي ۽ ذهني طور تي ماڻهو عجيب ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار هئا. انهن مڙني حالتن، سچل جي حساس دل ۽ ذهن تي گھرا اثر وڌا ۽ سچل ان سماجي ڪُند ذهني، مذهبي ڪٽرپڻي ۽ طبقاتي ويڇن جي خلاف پنهنجي شاعراڻي اظهار جو آواز بلند ڪيو، جيڪو گھڻن لاءِ انتهائي ڏکيو ۽ کين ناگوار گذريو، پر سچل الاعلان چيو،
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي
ڪوڙي دوستيءَ جو دم، بڻي نه بڻي!
نتيجي ۾ سچل جي سچائي ۽ سرمستي تي انيڪ آڱريون اُڀيون ڪيون ويون، پر سرمست، جنهن جي من عشق جو جام پيتو هو، جنهن جي نيڻن ماڻهن سان انيڪ ناانصافيون پَسيون هيون، اها دل مستو مست مدام رهي ۽ حالتن سان بغاوت ڪري، اها منصوري راھ اپنائي، جنهن ۾ موت، محبوب جي وصل جيان ۽ جياپو، مسلسل جاکوڙ ۽ جستجو وانگر هوندو آهي. سچل مُڙي مشرڪ ٿيڻ بدران هميشه ڪُڇي ڪافر ٿيڻ کي اوليت ڏني آهي.
ڪُڇان تان ڪافر، مُڙان تان مشرڪ
انهي وائيءَ ور، ڪو سمجھي سچيڏنو چوي !
صوفي ازم جو بنيادي مقصد، انسان ذات سان محبت ۽ ان جي فلاح ۽ بهبود رهيو آهي. سنڌ ۾ وحدت الوجودي صوفين ۽ شاعرن پنهنجي درس کي فقط تاليفِ قلب ۽ تدريسِ ذات تائين ڪڏهن به محدود نه رکيو آهي، پر انهن سدائين ماڻهن جي زندگيءَ جي مامرن ۽ مسئلن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ کان علاوه رياستي جبر ۽ جاگيرداري خلاف عملي طور جاکوڙيو ۽ جھيڙيو به آهي.
جوڳن اوري جوءِ، جي لوڪان لال لِڪي ويا
لاهوتي لنگھي وڃي، حر پيا ۾ هوءِ
راسخ روبروءِ، وڃي ناميا ٿيا ناڦ جي !
سچل سرمست جي شاعري، جيئن ته هڪ سرمست دل جي سرگوشي ۽ هڪ سرڪش روح جو سڏ ۽ پڙاڏو آهي، انهيءَ ڪري ان جي گھرائيءَ مان مقصد ۽ مطلب جا گوهر حاصل ڪرڻ لاءِ سُچيت ذهن ۽ پُرديد دل درڪار آهي، جنهن کان سواءِ سچ ۽ سچل کي سمجھڻ ناممڪن آهي.
مُنهن محراب محبوب جو، جامع سڀ جھان
اُڏامي اُتِ ويو، عقل ۽ عرفان
سمورو سبحان، ڪنهن کي وڃي نيتيان !
  چون ٿا ته سچل کي ڀٽ ڌڻي ننڍي عمر ۾ ڏسي چيو هو، ”اسان جيڪو ڪُنو چاڙهيو آهي، ان جو ڍڪڻ هي نينگر لاهيندو“. لاکيڻي لطيف جي اها پيشن گوئي، اڳتي هلي سچ ثابت ٿي ۽ سچل نه رڳو تصوف جي دميل ديڳ جو نه فقط ڍڪ لاٿو، پر ان ۾ موجود صوفياڻي رازن ۽ رمزن کي سرعام ماڻهن ۾ ونڊيو ۽ ورهايو. ڀٽائيءَ جي شاعري ۾ سمنڊ جھڙي گھرائي ۽ چانڊوڪي رات جھڙي سانت ۽ سندرتا آهي ۽ سچل جي شاعريءَ ۾ سمنڊ جھڙي سرڪشي ۽ خيام جي رباعين جھڙو حُسن آهي. سچل جي شاعريءَ ۾ سرمستي ۽ بي خودي آهي ۽  ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ فڪري نفاست ۽ جمالياتي نرملتا.
ڪڪر منجھ ڪپار، جھڙ نيڻان نه لهي
جھڙا منهنجا سپرين، تهڙا ميگھ ملهار
کڻ اکيون کل يار، ته وڃن سور سندا ڪيون.
 مجموعي طور تي سچل جي شاعري، خود ۾ خدا ۽ خدا ۾ خود شناسيءَ جو درس ڏئي ٿي، انهيءَ ڪري ئي هو هميشه ڪنهن ٻي تي انحصار ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ تي ڀاڙي، منصور بڻجي منزل ماڻڻ جي تلقين ڪري ٿو.
پُٺيءَ ڄڃ مَ ڄُلُ، منجھ تماشي نه پوين
گھوٽ ڪري تون پاڻ کي، ڪر هنگامو هُلُ

ڀُلَ ٻي مَ ڀُلُ، پڇج حال حلاج جو !

No comments:

Post a Comment