02/02/2015

ابن نديم جي نظر ۾ سنڌ جو علم و ادب - مختيار خاصخيلي (Mukhtiar Khaskheli)

ابن نديم جي نظر ۾ سنڌ جو علم و ادب
مختيار خاصخيلي
قديم دور کان وٺي سنڌ علم ۽ دانش جو مرڪز رهي آهي. پاڙيسري ملڪ ۽ رياستون علمي اڃ اجهائڻ لاءِ سنڌ جو رخ ڪندا هئا. سنڌ جي فتح کانپوءِ عربن ۽ سنڌين جي وچ ۾ باهمي تعلقات اڃا به وڌيا. عرب دنيا جا ڪيترائي عالم سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌي عالم عرب دنيا ۾ آباد ٿيا. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو ته ”عرب دور ۾، عرب حاڪمن ڪيترن سنڌي عالمن، طبيبن ۽ ودوانن کي بغداد پهچايو. جتي انهن جي ڏاڍي قدر داني ٿي. سنڌي عالمن، مترجمن جي مدد سان علم طب، علم نجوم، علم جوتش، علم رياضي ۽ ٻين علمن تي ڪتاب لکيا ۽ ڄاڻ کي عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو.“ عربن جي دور کان اڳ لکيل سنڌي ڪتابن کي نه صرف لائبريرين ۾ رکيو ويو بلڪه عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڪيترن ڪتابن جا حوالا ملن ٿا. جن ڪتابن کي گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ وڏو نالو ابن نديم جو به ملي ٿو.

ابن نديم جو سڄو نالو محمد بن اسحاق بن ابي يعقوب النديم هو. ابوالفرج سندس ڪنيت هئي. پاڻ فارسي نسل جو مسلم عالم هو ۽ فهرست نويس هو. اٽڪل 922ع ۾ سندس جنم بغداد ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم بغداد مان حاصل ڪيائين. پنهنجي لکڻين ۾ هن پنهنجي ڪن استادن جو به ذڪر ڪيو آهي، جن ۾ السرافي (وفات 979)، المنجمند علي ابن هارون (وفات 963ع) ۽ فلاسافر ابو سليمان المنقي اهم آهن. حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن ڪجهه ملڪن ۽ شهرن جو سير ۽ سفر به ڪيو. ابن نديم جو والد  هنن ڪتابن جو واپاري هو. ابن نديم، پاڻ به ڪتابن جو نقل، ترتيب، تصيح،  خطاطي ۽ وڪري جو ڪم ڪندو هو. ابن نديم عيسائي عالم ابن الخمار جو معتقد پڻ هو، جنهن هن سان فلسفي ۽ ٻين علمن بابت بحث مباحثا ڪيا. ابن الخمار هن کي يوناني عالمن جهڙوڪ ارسطو ۽ هند جي سائنسي ۽ غير سائنسي علمن سان سرشار ڪيو. ابن نديم جڏهن ڪتابن جي دنيا مان ۽ علمي دنيا مان چڱيءَ طرح واقف ٿي ويو، تڏهن 377هه 987ع ۾ هن پنهنجو مشهور ڪتاب ”الفهرست“ لکيو.
ابن نديم جو ڪتاب ”الفهرست“ اسلام کان اڳ ۽ پوءِ جي يوناني، عربي، لاطيني، فارسي ۽ سنسڪرت علمن ۽ ڪتابن جي باري ۾ اهم معلومات فراهم ڪري ٿو. ان ڪتاب ۾ هن  لکيڪن جو مختصر احوال پڻ بيان ڪيو آهي. هن ڪتابن جا نالا ۽ انهن جي معلومات به تحرير ڪئي آهي. هن پنهنجي تصنيف ۾ سندس زماني تائين جيڪي به ڪتاب عربيءَ ۾ لکيا ويا هئا يا ٻين زبانن تان عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا هئا، تن جو احوال، مصنف جي سوانح سوڌو بيان ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ڪتابن، علمن، عالمن ۽ انگن جي علم جو ذڪر پڻ آيو آهي. ”الفهرست“ جا دنيا جي ڪيترين زبانن ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ابن نديم 17 سيپٽمبر 995 يا 998ع ۾ وفات ڪئي.
”الفهرست“ جي مهاڳ ۾ ابن نديم ڄاڻايو آهي ته سندس مذڪوره ڪتاب دراصل انهن ڪتابن جي لسٽ آهي. جيڪي عربي ۾ لکيا ويا آهن يا عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا آهن. انهن جا ليکڪ يا ته خود عرب آهن يا وري غير عرب آهن . ڪتاب ٻن جلدن ۾ لکيو هئائين. پهرين حصي ۾ اسلامي موضوعن وارن ڪتابن جو تفصيل ڏنل هئو ۽ ٻئي حصي ۾ باقي معلومات ڏنل هئي. ڪتابن کي هيٺين ڏهن علمن ۽ فنن جي معلومات جي لحاظ کان ورهائي سگهجي ٿو.
1.       مسلمانن، يهودين ۽ عيسائين جا مذهبي علم ۽ ڪتاب، خاص طور تي اسلامي قرآن ۽ حديث جي معلومات
2.       گرامر ۽ علم الانسان جي معلومات
3.       تاريخ، ادب، سوانح حيات، مشاهير ۽ نسب نامه
4.       علم عروض ۽ شاعري
5.       درس، تدرس ۽ دينيات
6.       قانون (فقهه) حديث
7.       فلسفو ۽ قديم سائنس
8.       سحر افسانا (ليجينڊ) جانورن جون ڪهاڻيون (فيبل)، جادو وغيره
9.       مذهبي عقيدا ۽ فرقا
10.    ڪيمياگري
ابن نديم جي هڪ خوصوصيت اها به آهي ته هن جي ڪتابن جي سائيز ۽ صفحن جو تعداد به وڏو آهي. هن اهو به ٻڌايو آهي ته ڪيتريون ڪاپيون ڪهڙي خطاط لکيون آهن. ليکڪن جا نالا، ڪتابن جي ٽائيٽل جي تفصيل، ڪتابن ۾ آيل باب وغيره به هن ڏنا آهن. جن ڪتابن جا لکيڪ نه ملي سگهيا اٿس ته  انهن لاءِ ”نامعلوم“ جو لفظ استعال ڪيو اٿائين. مطلب ته سڄو ڪتاب معلومات سان ڀرپور آهي.
ابن نديم جي ڪتابن ”الفهرست“ ۾ سنڌ ۽ هند جي علمن ۽ فنن جي ڪتابن ۽ مذهبن جي باري ۾ به  اهم معلومات ملي ٿي، جيڪا قديم سنڌ جي معلومات جو بنيادي ماخذ به آهي. سنڌ جي مذهبي معلومات جي باري ۾ ابن نديم جو ماخذ يحييٰ بن خالد برمڪي جي اها رپورٽ پڻ آهي، جيڪا هن سنڌ ۾ هڪ وفد موڪلي تيار ڪرائي هئي.
ابن نديم جو ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ سنڌي رسم الخط جي مطالعي جي لحاظ کان به وڏي اهميت رکي ٿو. هو سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکي ٿو ته ”سنڌ جا رهواسي مختلف ٻوليون ڳالهائين ٿا.“ اهو سنڌ ۾ عربن جو دؤر هو. سندس بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون رائج هيون.
ابن نديم سنڌي ۾ رائج رسم الخطن جي باري ۾ به انتهائي اهم معلومات فراهم ڪري ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته ”سنڌ جي ماڻهن جا ڪيترائي رسم الخط آهن ۽ عمومن انهن وٽ  نَوَ(9) رسم الخط باقاعده رائج آهن. سنڌ کان سواءِ پاڙي واريون قومون به اهو ئي رسم الخط استعمال ڪن ٿيون، ڇاڪاڻ ته انهن وٽ پنهنجو ڪو به رسم الخط موجود نه آهي.
ابن نديم سنڌي رسم الخط کان علاوه دليلن سان اهو به ثابت ڪيو آهي ته حسابن ۽ انگن جو علم سنڌ ۾ عام جام هو. هن پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌي انگن جو نمونو پڻ ڏنو آهي.
اسان کي خبر آهي ته قديم زماني کان سنڌ ۾ ڪيترائي عالم،  شاعر ۽ اديب پيدا ٿيا آهن، جن ڪيترائي ڪتاب لکيا. اسلام کان اڳ سنڌ ۾ اڻ ڄاتل عالمن جا ڪتابن هئا، جن جو ذڪر ابن نديم سميت مختلف عرب سياحن ۽ مؤرخن ڪيوآهي. انهن مان هڪ ڪتاب آهي ”ڪليله و دمنه“ جيڪو نهايت اهم آهي. هن ڪتاب لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته اخلاق ۽ تهذيب بابت لکيل آهي. ان ڪتاب لاءِ ابن نديم لکيو آهي ته اهو چيو وڃي ٿو ته اهو ڪتاب اسڪاني بادشاهن جي تصنيف آهي ۽ هڪ روايت مطابق اصل فارس وارن جي تصنيف آهي ۽ اهل هند  وارا ان کي پاڻ ڏانهن منسوب ڪن ٿا.“ هڪ ٻيو مشهور ڪتاب ”سندباد“ آهي، جنهن لاءِ ابن نديم لکيو آهي ته ”هي ڪتاب اهل سنڌ وارن جي تصنيف آهي.“ ”انوار سهيلي“ نالي ڪتاب کي اوائلي افسانه نگاري ۾ اهم مقام حاصل آهي. هن ڪتاب جا پڻ دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. سنڌيءَ ۾ محمد بخش واصف ان ڪتاب کي ترجمو ڪيو هو. ابن نديم ان ڪتاب جو ذڪر سنڌي افسانن ۾ ڪيو آهي، جيڪي عربي زبان ۾ ترجمو ٿيا هئا. اهڙي طرح عرب سياحن، ٻين به ڪيترن ڪتابن جوذڪر ڪيو آهي ۽ انهن کي سنڌي زبان جا ڪتاب ڄاڻايو آهي. ابن نديم انهن ڪتابن جي معلومات پنهنجي ”الفهرست“ ۾ ڏني آهي، جن مان ڪجهه ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
ڪتاب هابل في الحقمت (عقل ۽ دانش بابت)
ڪتاب ديبڪ في الرجل والمئراه (مرد ۽ عورتن بابت)
ڪتاب الهند في هبوط آدم (حضر آدم عليه السّلام بابت)
ڪتاب حدود المنطق (متطق جي علم بابت)
۽ انهن ڪتابن جا علاوه ٻين به ڪيترن ڪتابن جو ذڪر ملي ٿو. ڪتابن جي ذڪر کان علاوه ابن نديم، ڪيترن، ئي عالمن ۽ شاعر جو ذڪر به ڪيو آهي. سندي بن صدقه لاءِ ابن نديم لکيو آهي ته ”هو شاعر، عالم، فاضل ۽ ڪاتب هو. اصل سنڌ جو رهاڪو هو. سندس عربي شاعريءَ ۾ هڪ سئو صفحن جو ڪتابن مليو آهي. ڪٿا جم سنڌيءَ لاءِ ابن نديم لکيو آهي ته ” هيءُ نائين صديءَ جو هڪ مشهور عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي سندس والد جو نالو شاهڪ سنڌي هو  هن جو هڪ ڪتاب 200 صفحن جو نظم ۾ ۽ ٻيو ڪتابن نثر ۾ ملي ٿو.“ ابو ضلع جي ديوان ۽ شاعريءَ جو نمونو ابن نديم پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو آهي. انهن کان علاوه به ابن نديم سنڌ جي ڪيترن عالمن ۽ شاعرن جو ذڪر پنهنجن ڪتاب ۾ ڪيو آهي، جن عربي علم ۽ ادب ۾ به نالو ڪمايو.
ابن نديم پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي مشهور حڪيمن ۽ طبيبن جو ذڪر به ڪيو آهي. هو لکي ٿوته  عباسي خليفي جي وزير يحييٰ بن خالد برمڪي جي ڪوشش سان سنڌ جا حڪيم ۽ پنڊت بغداد پهتا هئا ۽ اتي جي طبي ادارن ۾ وڏن وظيفن تي مقرر ڪيا ويا هئا.  هو ساڳي سلسلي ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته يحييٰ بن خالد برمڪي سنڌ مان حڪمين جي هڪ جماعت گهرائي هئي، ان جماعت ۾ منڪه، آنڪو، بازيڪر، قنلبر قل ۽ سندباد جهڙا حڪيم شامل هئا.

مطلب ته ابن نديم جي ”الفهرست“ جي ڪيترن ئي حوالن سان اهميت آهي. ان ۾ ڪتابن جا نالا، تاريخي حوالا، ادب، لکتون، طب، مذهب، سائنس، عالم، مشاهير، گرامر، افسانا، عقيدا، فرقا ۽ ٻي هر قسم جي معلومات ملي ٿي، هن ڪتابن ۾ سنڌ سميت عرب دنيا، هندستان ۽ ٻين مغربي ۽ مشرقي ٻولين جي ڄاڻ پڻ ملي ٿي، هن ڪتاب جي هڪ اهميت اها به آهي ته ان دور ۾ ٻيو  ڪو به اهڙو ڪتاب موجود نه هو، جنهن ۾ هڪ ئي وقت گهڻن علمن ۽ عالمن جي معلومات ڏنل هجي. ابن نديم جيڪڏهن ”الفهرست“ نه لکي وڃي ها ته دنيا جي گهڻن ئي ڪتابن جي معلومات سدائين لاءِ وقت جي دز هيٺ گم ٿي وڃي ھا.

No comments:

Post a Comment