وڪيل وشنداس جي لکيل
اسلام ڪوٽ شهر جي تاريخ
رکيل مورائي
ڪنهن
زماني ۾ ٿر جي ڇيڙي ۾ آباد هڪ، ”مئو“ نالي ڳوٺڙو، ٿرَ جي سوڍن آباد ڪيو هئو، جنهن
جي اڄ عمر ٽي سئو سال آهي ۽ اهو ڳوٺ اڄ اسلام ڪوٽ جي نالي سان سڃاپي ٿو، جنهن جي
آدمشماري ٽيهه هزار آهي. هن شهري کي
تازو ئي تعلقي جو درجو ڏنو ويو آهي.
هن
شهر کي ”مئو “ ڳوٺ مان ”اسلام ڪوٽ“ بڻجڻ تائين ڪيترو صفر ڪرڻو پيو آهي، اهو سمورو
سفر اسان کي، ان شهر جو ڄائو، وشنداس وڪيل ٻڌائي
ٿو پر زباني نه، لکت ۾. جنهن لکت کي ”اسلام ڪوٽ شهر جي تاريخ“ نالو ڏنو ويو آهي.
سوڍن
راڄپوتن جو هيءُ ڳوٺ، ميرن جي دور ۾ 1775ع ۾ مير فتح خان، پاران جوڙايل قلعي ”اسلام
ڳڙھ“ کان پوءِ اسلام ڪوٽ ٿيو، جيڪو اڄ پنهنجي سموري تاريخ سميت ٿر جو آخري ڇيڙي
وارو تعلقو آهي. ٿر جي تاريخ، ان جي هر ڀٽ ۽ هر ڏهر جي هيٺا وڇائي پئي آهي. پراڻو پارڪر ۽ تاريخ ريگستان،
جهڙا ٻه اهم ڪتاب ٿر بابت ئي آهن، جن ڪتابن کان پوءِ ڪيترائي اهم توڻي غير اهم
ڪتاب، مضمون ۽ مقالا ٿر جي تاريخ جو ڏس ڏين ٿا، جن مان هڪ ڪتاب هيءَ به آهي، جنهن
جو نالو ”اسلام ڪوٽ شهر جي تاريخ“ آهي.
محبت
پائي من ۾ لکيو ويندڙ ۽ ڇپايو ويندڙ هيءَ ڪتاب ليکڪ چواڻي هن پنهنجو اهو قرض لاهڻ
لاءِ لکيو آهي، جيڪو مٿس، هڪ شهري هجڻ سبب هئو، ايئن هن پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي ۽
هن شهر جو قرض لاٿو آهي ” فلحال هن اهو قرض قلم وسيلي لاٿو آهي، ممڪن اهي تاريخ جي
ڪنهن دور ۾ سندس وڏن هن شهر جي تحفظ لاءِ رت به ڏنو هجي.
ڇا به هجي اسلام ڪوٽ جي لکيل هي
تاريخ ايندڙ نسل کي اهڙو علم ڏئي ويندي، جيڪو اڳتي هلي تاريخ لکڻ ۾ سندس رهنمائي
ڪندو، سندس مدد ڪندو، جنهن لاءِ اسان جي بزرگ تاريخ لويس شريمان وشنداس وڪيل صاحب
کي گهڻو جس هجي، جنهن هڪ شهر جي تاريخ لکي آهي. الڳ الڳ شهرن جي تاريخ کي کڻي اسان
جا تاريخ لکندڙ سموري سنڌ جي اصلي تاريخ لکي سگهن ٿا. اها تاريخ جيڪا اسان جي
مخالفن نه لکي آهي، اسان جي مخالفن پنهنجي فتحن جي تاريخ ضرور لکي آهي پر انهن
اسان جي بهادري جي تاريخ نه لکي آهي، جهڙي اسان جي مانواري وشنداس وڪيل لکي آهي.
ٻه سئو ڇهن صفحن جي هن تاريخ جي ڪتاب تي ملهه ڄاڻايل نه آهي. پبلشر ليکڪ پاڻ آهي
ان ڪري کانئس ڪتاب گهرائي سگهجي ٿو.
No comments:
Post a Comment