ابن
خرداذبه ۽ سندس ڪتاب ”المسالڪ و
الممالڪ“
مختيار
احمد ملاح
سنڌ جي
اوائلي تاريخ ، تهذيب، سياست، سرحدن جي حد بندي، مذهبي معلومات، راجائن جو ذڪر ۽
طرز حڪومت وغيره عرب سياحن جي سفرنامن ۽ تاريخي ڪتابن ۾ محفوظ آهي. ضرورت آهي ته
انهن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي تاريخ نئين سر لکي وڃي. اهڙن
ماخذن جي تلاش ۾ هڪ ڪتاب جو نالو ” المسالڪ و الممالڪ“ يعني ”رستن ۽ ملڪن جو ڪتاب
آهي، جنهن جو ليکڪ ابن خرداذبه آهي.
ابن خرداذبه
جو اصل نالو عبيدالله بن عبدالله هو ۽ ”ابوالقاسم“ سندس ڪنيت هئي، سندس جنم 211هه
/826ع ۾ ٿيو. هو اصل ۾ ايراني نسل جو هو. سندس وطن خراسان هو.
ليڪن هو خراسان کي ڇڏي اچي بغداد ۾ آباد ٿيو. هن کي پنهنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏيو
ويندو هو. سندس نالي مان پتو پوي ٿو ته هو مجوسي هو، پر بعد ۾ برمڪين جي هٿان
مسلمان ٿيو هو. ابن خرداذبه بغداد جي خليفن
وٽ وڏو مان ۽ مرتبو رکندو هو. خورشيد احمد فاروق
سندس باري ۾ لکي ٿو ته ” ابن خرداذبه عباسي دور خلافت ۾ فارس جي صوبي ”جمال“ ۾ خبر
رساني اداري جو نگران اعليٰ هو، ۽ خليفي المعمتند (279هه/892ع) جي خاص صلاحڪارن
مان هو. جڏهن ته پير حسام الدين راشدي سندس باري ۾ لکي ٿو ته ” خليفي المعمتند جي
زماني ۾ ابن خرداذبه پوسٽ آفيس ۽ خفيه اطلاعات جي کاتي جو آفيسر هو.“ ابن خرداذبه
جو ڪتاب ”الماسلڪ و الممالڪ “ يعني ”رستن ۽ ملڪن جو ڪتاب ” عربي زبان جو پهريون
ڪتاب آهي، جيڪو جاگرافيءَ سان تعلق رکي ٿو. اهو پهريون جاگرافيءَ جو ڪتاب آهي،
جنهن ۾ هندستان ۽ سنڌ جو ذڪر ڪيو ويوآهي. اهو ڪتاب سن 232هه/846ع ۾ تنصيف ڪيو هو.
هن ٻيا به ڪتاب تحرير ڪيا هئا. ان سلسلي ۾ خورشيد احمد لکيو آهي ته” ابن خرداذبه
جا اهي ڪتاب ضايع ٿي ويا هئا، سندس موجوده ڪتاب پهرين ننڍي جو هڪ خلاصو آهي، جنهن
کي بعد ۾ ڪنهن نامعلوم شخص مختصر ڪري مرتب ڪيو. ان ڪتاب جو ترجمو باربئر ڊي مينارڊ
ترجمو ڪيو هو. ڪتاب جو ڪجهه حصو جرنل ايشياٽڪ ۾ 1865ع ۾ شايع ٿيو هو ، سندس ڪتاب سنڌ
جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ابن خرداذبه سن 300هه/912ع جي لڳ ڀڳ وفات ڪئي.
ابن خرداذبه
جنهن زماني ۾ هي ڪتاب تاليف ڪيو، انوقت سنڌ ۾ عربن جي حڪومت قائم هئي، جيڪا مضبوط
پڻ هئي، عربن جو سنڌ ۾ اچڻ وڃڻ عام هو. انصار عالم مطابق ” هو پاڻ سنڌ ڪونه آيو هو
پر هن سنڌ بابت معلومات سرڪاري اطلاعن ۽ پنهنجي عهدي ۽ منصب جي ذريعي حاصل ڪئي،
خاص طور انهن وٽان جيڪي واپار سانگي سنڌ ايندا رهندا هئا، جڏهن ته خورشيد احمد
فاروق منهنجي ڪتاب ”برصغير اور
عرب مؤرخين“ ۾ لکيو ته ” عباسين جي وزير يحيٰ بن خالد برمڪي سن 190هه/805ع ۾ هڪ وفد
سنڌ ۽ هند موڪليو هو. ان وفد جي تيار ڪيل رپورٽ پڻ ابن خرداذبه کي ڪتاب مرتب ڪرڻ ۾
مدد ڪئي“ محققن ابن خرداذبه جي ڪتاب جي باري ۾ لکيو آهي ته هو پاڻ ته سنڌ ۽ هند
ڏسڻ ڪو نه آيو هو، پر سندس ڪتاب ۾ جيڪي به احوال ملن ٿا، سي گهڻي قدر صحيح ۽ درست
آهن. هن پنهنجي ڪتاب ۾ شهرن جي جاگرافي، جاءِ وقوع، سياسي ڳالهين تي ڪافي روشني
وڌي آهي. ان کان علاوه هند ۽ سنڌ جي بحري ۽ خشڪي جي تجارتي رستن جو پڻ سٺو احوال
ڏنو آهي.ان سان گڏوگڏ مختلف ذاتين ۽ مذهبي فرقن جي احوال تي پڻ روشني وڌي وئي آهي.
ان سلسلي ۾ ابصار عالم لکيو آهي ته ” خرداذبه جي ڪتاب ۾ سنڌ ۽ هند جي راجائن جو
احوال ملي ٿو. خاص طرح راجا بلهراالجهل راءِ) جو گهڻو احوال ملي ٿو، جيڪو هڪ ڪراڙو
حڪمران هو. سنڌ جي هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين مفاصلو هو، پيداوار، مصنوعات، اهي
شيون جيڪي ڏيساور موڪليون وينديون هيون ۽ اهي شيون سنڌ ۾ ٿينديون هيون، تن جو ذڪر به
هن ڪيو آهي. هن هتان جي عام رهواسين جي رهڻي ڪهڻي، ڏوهن، مذهبي عقيدن جو تفصيل سان
ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب مان سنڌ جي معاشري، مذهبي زندگي ۽ عام ماڻهن جي ڌنڌن بابت
معلومات ملي ٿي.“ ابو زيد سيرافي هندستان
وڏي راجا لاءِ لکي ٿو ته ” هندستان جو وڏي ۾ وڏو راجا بلهراءِ آهي، جنهن کي
راجائن جو راجا سڏيو ويندو آهي، کيس منڊي پاتل هوندي آهي، جنهن تي هيٺيان لفظ لکيل
هوندا آهن، جيڪو ڪم پڪي ارادي سان شروع ڪيو وڃي، سو سوڀ سارو پورو ٿيندو آهي.“
ابن خرداذبه
سنڌ جي مختلف شهرن لاءِ لکي ٿو ته ”ڪرمان جي دنگ کان وٺي منصوره تائين اسي فرسنگ
پنڌ آهي. هي رستو کلت (جتن) جي ملڪ مان لنگهي ٿو، جيڪي هن رستي جي حفاظ به ڪندا
آهن. سجستان جي راڄڌاني زرانح کان
ملتان تائين ٻه مهينا لڳندا آهن. ملتان کي سون جو گهر
چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته حجاج جي سپهه سالار محمد بن قاسم کي هن شهر جي هڪ گهر مان
چاليهه بهار سون هٿ آيو هو. ان واقعي کانپوءِ هن شهر کي ”سون جو گهر“ جي نالي سان
سڏيو ويندو آهي.
هن سنڌ جي
حدن ۾ مختلف ملڪن جو ذڪر ڪيو آهي، جن مان اڪثر ان زماني ۾ ننڍيون ننڍيون رياستون
هيون، پر اهي نالا عرب اچارن ۾ اچڻ
کانپوءِ وري فرانسيسي ۾ لکيا ويا، ان کان پوءِ وري انگريزي ۾ لکيا ويا
آهن ۽ آخر ۾ سنڌي ۾ لکيا ويا آهن. ايترين ٻولين جي تبديليءَ جي ڪري اهي پنهنجي
اصليت وڃائي ويٺا آهن. هن سنڌ جي حدن ۾ هي ملڪ ڏنا آهن. الڪئروئيا، مڪران، المند،
قنڌار، قيصران، نوڪان، قندابيل، ڪنزبون، ارمابيل، ڪمبلي، سهبان، سدوساڻ، ديبل،
راسڪ، الدور (اروڙ)، وانڊان، ملتان، سندان، مانڊل، سالمان، سئراسب، ڪرج، روملا،
ڪوئي، قنوج، بروچ، (ٻروچ)“
ابن فرداذبه
سنڌ جي ڪيترن ئي فنون لطيف جو به
ذڪر ڪيو آهي. هو علم نجوم جي باري ۾ لکي ٿو ته ” چين وارا علم نجموم مان ضرور واقف
آهن، پر سنڌ ۾ هي علم وڌيڪ آهي.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”هتي جي عابدن ۽ عالمن کي
”برهمڻ“ سڏيندا آهن. سڄي ملڪ ۾ نجومي، فلاسفر، ڪاهن، فالن وجهڻ وارا، شعبده باز،
جادوگر، طلسمات ۽ تخليات ۾ ڪمال جي درجي تي پهتل ۽ طرح طرح جون ايجادون ڪرڻ وارا
ملن ٿا.“
هُن سنڌ ۾
ڳائڻ ۽ محلفن لاءِ لکيو آهي ته ” ڊوم ذات وارا ڳائڻ وڄائڻ جو ڪم ڪندا آهن ۽ محلفن
۽ مجلسن ۾ کيل تماشا ڪري ماڻهن کي وندرائيندا آهن. هنن جي چمڙي ڪڻڪ رنگي آهي. سنڌ
۾ هن ذات کي ميراثي چوندا آهن.“
ابن خرداذبه
سنڌ جي وڻج واپار جي به اهم معلومات ڏني آهي. هو لکي ٿو ته ” سنڌ
مان بيد، بانس لاک گهرائي ويندي آهي. مهراڻ کان بڪار جيڪو هند جي دنگ سان واقع
آهي، چئن ڏينهن جو سفر آهي اهڙي طرح هو اهو به ٻڌائي ته عرب واپار سانگي سنڌ ۾ ڇا
کڻي ايندا آهن. هو لکي ٿوته ”عرب سنڌ ۾ شراب، ريشمي ڪپڙو، سمور، پوسٽينو، تلوارون،
عطر، بيدمشڪ جو عرق وغيره وڪري لاءِ کڻي ايندا آهن. اروڙ شهر جي فصلن لاءِ لکي ٿو،
ته ”الدور ۾ ڪڻڪ ۽ کارڪون جام ٿينديون آهن.“
هو
سنڌودرياھ جي ڇوڙ لاءِ لکي ٿو ته” ابن ڪوان کان آرمون تائين ستن فرسنگن جو فاصلو
آرمون کان نارماسرا ستن ڏينهن جو سفر آهي ۽ پويون شهر سنڌ ۽ ايران جو دنگئي شهر
آهي. نارماسرا کان ديبل تائين اٺن ڏينهن جو پنڌ ٿيندو آهي ۽ ديبل کان مهراڻ جو
سمنڊ ۾ ڇوڙ ٻه فرسنگ پري آهي.“
هن سنڌ ۾
مختلف مذهبن ۽ فرقن جو ذڪر به ڪيوآهي. سندس سڄو ڪتاب تاريخي، ڄاڻ جي لحاظ کان وڏي
اهميت رکي ٿو.
No comments:
Post a Comment