30/08/2015

سلطانا وقاصي جو ڪالم ڪتاب - محمد سليمان وساڻ (Mohammad Suleman Wasan)

سلطانا وقاصي جو ڪالم ڪتاب
ڳالهيون پيٽ ورن ۾
تبصرو: محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي نامور ليکڪا سلطانا وقاصي جي ڪالمن جو ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾ٻن جُلدن ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. سلطانا وقاصيءَ جو نالو سنڌ جي انهن چند عورت ليکڪائن مان هڪ آهي جن پنهنجي قلم جي نوڪ ذريعي معاشري جي نا انصافين، ڏاڍاين ۽ نامناسب حالتن تي بي باڪي ۽ بهادريءَ سان لکيو آهي. سلطانا وقاصي سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊي آدم شهر جي هڪ زميندار گهراڻي سان رهيو آهي ۽ لاڏ ڪوڏ سان پڙهي آهي، سندس گهر ۾ ادبي ماحول رهيو ۽ سڀ ڪتاب کيس دستياب مليا. ڳوٺ ۾ رهندي به هن علم حاصل ڪيو جنهن جو سهرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وَڪي ڏانهن وڃي ٿو جيڪو پنهنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هيو. سلطانا وقاصي جي ناناڻي خاندان جو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ وڏو نالو رهيو آهي. ناميارو عالم علامه علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشهور ليکڪ جمال ابڙو سندس مامو آهي. اهڙي سکيي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سلطانه وقاصي اڳتي هلي زندگيءَ جا ڪيئي ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ اڪيلي ئي انهن جو مقابلو به ڪيو ۽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ جڏهن لساني فساد چوٽ چڙهيل هيا تڏهن به هن اڪيلي سر اتي ويهي حالتن سان مهاڏو اٽڪايو. سندس ڪردار ۽ تحريڪ ٻين عورتن لاءَ به اتساهه جو سبب بڻي ۽ اهڙي وقت ۾ هن قلم ذريعي ان وقت جي حالتن، ماضي ۽ مستقبل بابت سنڌي اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. هو هڪ جذباتي ۽ بهادر عورت آهي ۽ جذباتي عورتون هر جاءِ تي مصلحت پسندي کان ڪم ڪونه وٺنديون آهن. اهوئي سبب آهي جو سندس لکڻيون ڪيترن ادبي ۽ سياسي شخصيتن کي نه وڻيون. 

هي ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ 672 صفحن تي مشتمل آهي جيڪو امبر پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. ڪتاب ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي. هن بلڪل صحيح لکيو آهي اسان جو معاشرو جيڪو مردانه معاشرو آهي، جتي عورت کي ايتري اهميت ناهي ملي سگهي. پر ساڳي وقت هڪ شيءِ جي گهٽتائي نظر اچي ٿي ته هو ڪٿي به اهڙن عورت ڪردارن جي خلاف لکندي نظر ڪانه آئي جيڪي به عورت تي تشدد ۽ ڏاڍ جو حصو رهيا آهن. هوءَ وڏيرياڻين، ظالمن ۽ پئسي وارن جي زالن تي به ڪجهه ڪانه لکي سگهي آهي جيڪي پنهنجي مڙسن سان گڏ ظلم ۾ ڀائيوار آهن.
سلطانا وقاصي جي ڪالمن جو هڪ وڏو حصو سنڌ سان عشق ۽ سنڌ جي وحدانيت تي ڪيل وار تي لکيل آهي. پاڻ سنڌ کي سنڌ مُلڪ لکي اهو ثابت ڪري رهي آهي ته اسان جي ثقافت، ٻولي ۽ وجود هزارين سالن کان هلندو اچي، تنهنڪري سنڌ وارن کي پنهنجي ڌرتي کي هڪ ملڪ طور ثابت ڪرڻو ئي پوندو. پناهگيرن ۽ مهاجرن جي گهيري ۾ آيل سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي هاڻوڪي بيوسي تي ليکڪا جتي رنجيده آهي اتي سندس احساس، سندس سوچون ڀور ڀور ٿيندي نظر اچن ٿيون، پر پوءِ به هوءَ ڪٿي به اميد جو دامن ڪانه ٿي ڇڏي، ننڍڙيون ننڍڙيون ڪوششون به کيس اميد جا ڪرڻا پيون لڳن. سندس نوي جي ڏهاڪي ۾ لساني وڳوڙ ن ۾ قتل ۽ تشدد ٿيل سنڌين ۽ ان وقت جي حالتن تي لکيل ڪيئي ڪالم پڙهڻ جهڙا آهن. سياستدانن جي مايوسين تي عوام کي جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿائين پر سنڌي عوام اگهور ننڊ مان اٿڻ کان قاصر ٿو نظر اچي. هو ءَ پناهگيرن جي روين ۽ سياست کان بيزار نظر اچي ٿي پر بيوس به نظر اچي ٿي جو اسان جا سياستدان ٽَڪي پيسي تي وڪامجي، ڪرسي جي پويان هلندي سنڌ جي مفادن جا پل پل تي سودا ڪندا رهيا آهن. 
سلطانا وقاصي پاڻ اديبا، ليکڪا ۽ شاعره هجڻ ڪري سنڌي ادبي سنگت ۾ گهڻي متحرڪ رهي آهي، تنهنڪري پاڻ ادبي سنگت ۽ اديبن جي سياست، ڪردار ۽ تحريڪن تي خوب لکندي رهي آهي. هوءَ ڪافي جاين تي اديبن ۽ ادبي سنگت جي ڪردار کان مايوس لڳي ٿي، اهوئي سبب آهي جو تنقيدي ڪالم لکيا اٿس پر ساڳي وقت هو تنقيد براءِ تنقيد بجاءِ ڪيترائي حل پيش ڪندي رهي آهي. پر جڏهن ويڪائو اديب سنڌ جي مفادن خلاف نظر اچنس ٿا ته انهن خلاف بغير خوف ۽ ڊپ جي لکندي رهي ٿي. اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي اديب کيس پسند ڪونه ٿا ڪن. ساڳي وقت هوءَ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن تي به لکي ٿي، انهن جي تبديلي تي لکي ٿي. اتي موجود شخصيتن جي منفي ۽ مثبت ڪردان تي لکي ٿي. هوءَ تعليم ، هنر، چٽاڀيٽي ۽ ميرٽ تي يقين رکندڙ آهي، اهوئي سبب آهي جو ڪيترين جاين تي هن ڪوٽا سسٽم جي مخالفت ۾ به لکيو آهي ۽ هوءَ چوي ٿي ته ڪوٽا بجاءِ چٽاڀيٽي ۽ قابليت جي بنياد تي اڳتي وڌجي. پر انهيءَ حقيقت کان به منهن موڙڻ ڏُکيو آهي ته شهر ۽ ڳوٺن جي تعليمي سرشتي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي جنهن کي ڪيئن ختم ڪجي.
سياسي حالتن ۽ شخصيتن تي چِٽو موقف رکي لکندڙ سلطانا وقاصي جا ايم ڪيو ايم جي هيڊ ڪوارٽر نائن زيرو تي وڃڻ وقت محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڄام صادق علي جي دور ۾ ايم ڪيو ايم کي ڏنل ڍيل ۽ اختيارات بابت سندس ڪالم لاجواب آهن جن ۾ هن سانگهڙ، دادو ۽ لاڙڪاڻي جي شخصيتن تي ڪمال جي تنقيد نگاري ڪئي آهي. ان وقت جي اخبارن جي ايڊيٽرن کي به جس ڏيڻ گهرجي جن اهڙا بولڊ قسم جا ليک اخبارن ۾ شامل ڪيا.
جيتوڻيڪ ڪافي سارن ڪالمن ۾ يڪسانيت به آهي جيڪا پڙهندڙ کي بور ڪندي پر پوء به هي ڪالمن جو ڪتاب هڪ تاريخ آهي. جيڪا سنڌ جي ان وقت جي حالتن جي شاهد آهي. ڪالمن جي پنهنجي افاديت هوندي آهي، ڪيئي ڪالم وقت ۽ حالتن وقت لکبا آهن جيڪي پوء پنهنجو اثر وڃائي ويهندا آهن پر ساڳي وقت اهڙا لا تعداد ڪالم به موجود آهن جيڪي اهو ظاهر ڪن ٿا ته ليکڪا جو مشاهدو ڪيڏي ڪمال جو هيو جو اڄ جون حالتون ان وقت جي ڪالمن ۾ لکيون ويون آهن. سنڌ جي علمي ادارن، ادبي ادارن، درسگاهن، سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهرن، سنڌي عورتن، معاشرتي براين، ڪارو ڪاري جهڙي ريتن ۽ رسمن، بدلي جي شادين، سنڌ جي نوجوانن، سنڌ جي عورتن، سنڌ جي سياستدانن، سنڌي اديبن، سنڌ جي عوام ۽ ووٽرن، سنڌ جي جوڌن ۽ قومي هيرن، سنڌ جي سماجي خدمتن جي تنظيمن، ادبي تنظيمن، سياسي تنظيمن، بهارين، بنگالين، برمين ۽ افغانين سميت سنڌ ۾ آيل پناهگيرن سميت روز مره جي سڀني واقعن تي ليکڪا جا احساس ۽ سوچون پڙهڻ وٽان آهن.
جيتوڻيڪ اڄڪلهه سلطانا وقاصي تمام گهٽ لکي رهي آهي پر پوءِ به سندس هي ڪتاب سنڌ جي ادبي ۽ صحافتي حلقي ۾ ضرور مقبوليت ماڻيندو.

No comments:

Post a Comment