ڪتاب ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“ تي هڪ نظر
ارشاد ڪاغذي
سنڌ جي برجستي صحافي، شڪارپور ڄائي نسيم بخاريءَ جو ڪتاب ”جاگيرداراڻي
جبر هيٺ“ شايع ٿي ادبي دنيا ۾ پهتو آهي. نسيم بخاري گھڻي عرصي کان مختلف اخبارن
۽ رسالن ۾ لڳاتار لکندو رهي ٿو. هن پنهنجي لکڻين ۾ عوام جي اهنجن، ايذائن ۽ مسئلن جي
اپٽار ڪري پنهنجي فرض شناسائي جي روايت قائم رکي آهي. هن ڪتاب ۾ فاضل ليکڪ سنڌ جي سورن
۽ پنهنجي جنم ڀومي شڪارپور جي ڀوتارن جي ڀوائتي شڪل ڏيکاري آهي ۽ انهن جي ارادن ۽ وارداتن
کي عوام آڏو پيش ڪري وڏيرڪي ذهنيت کي وائکو ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ خليل مورياڻي
صاحب جو ڪتاب تي لکيل مهاڳ پڙهڻ جهڙو آهي. هن ڪتاب ۾ ليکڪ پاران ــ ”مون ڏات انوکي
آندي آهي“ ۾ لکي ٿو، ”مون شڪارپور بابت، هزارين گھڻ رخيون تحريرون لکيون آهن، انهن
کي جيڪڏهن ڪو گھرائي سان پڙهي محسوس ڪري ته اهي پنهنجي پسمنظر ۾ سڏ پڙاڏا آهن، ڪي سنيها
آهن ۽ سنجيده احساس آهن. اهي تحريرون شڪارپور جي ماضي، حال ۽ مستقبل بابت ڪيتريون ئي
اهم حقيقتون ۽ انڪشاف سانڍين ٿيون ۽ گذريل پنجويهن سالن کان شڪارپور جهڙي حال ۾ رهي
آهي، تنهن جي پوري پوري جهلڪ آهن. ان ايڏي عرصي ۾ جيڪو ڪجهه ۽ جهڙي ريت شڪارپور ۾ وهيو
واپريو آهي سو مون ڪتاب ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“ ۾ قلمبند ڪيو آهي. جنهن ۾ شامل ڪالم،
مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهن، جيڪي پنهنجي دور جي انمول تاريخ آهن، جيڪا سهيڙجي
هڪ ڪتاب ۾ جي صورت ۾ محفوظ ڪئي وئي آهي. اڄ جڏهن، ان ڪتاب بابت مان هي سٽون لکي رهيو
آهيان، تڏهن خوشي جهڙي ڳالهه اها آهي ته ان شڪارپور ۾ امن جي باک ڦٽڻ لڳي آهي، بدامني
وارو تعارف تبديل ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهو سک ۽ سلامتي سان ساهه کڻي رهيا آهن.“
نسيم بخاري جي امن جي باک واري ڳالهه سچي ثابت ٿي ۽ هن وقت
شڪارپور شهر ۾ امن ۽ امان جي صورتحال اڳي کان تمام بهتر ٿي وئي آهي. ڏوهاري، چور، لوفر
۽ بدمعاش هتان رَفُو چَڪر ٿي ويا آهن ۽ ڀوتارن جي به نٿي هلي.
هي ڪتاب مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مضمونن تي آڌاريل آهي،
آرٽيڪلز جو ڳٽڪو آهي. نسيم بخاري هڪ فرض شناس، همدرد، عوام دوست ۽ حساس دل رکندڙ شخص
آهي. سندس تحرير مظلوم عوام جي ترجماني ڪري ٿي ۽ سچ جي ساک ڀري ٿي. هن سماج ۾ جتي ماڻهو
پاڻ وڻائڻ ۽ خوشامند جي چڪر ۾ مٿي حاڪم طبقي، وڏيرن ۽ ڪرپٽ ڪامورن جي ساراهه ڪندي مقدس لفظن جي توهين
وارو عمل ڪري ٿو ۽ مقدس لفظن جي پائمالي ڪندي فخر محسوس ڪري ٿو، اتي نسيم لفظن جي پاسدارِي
۽ حرمت لاءِ سچي سپاهي وانگر چوڪس ۽ سجاڳ ٿي جاگيرداراڻي اڏوهي کاڌل سماج ۽ سرشتي تي حملا ڪري ٿو ۽ پنهنجي تحريرن سان
محڪوم ۽ مظلوم عوام ۽ وطن سان وفا جو وچن ورجائي ٿو. وڏيرا شاهي عوام جي نڙيءَ تي لت
رکيو ويٺي آهي ۽ خلق جو ساهه ڪڍي ڇڏيو اٿن، ان گُھٽ، ٻوسٽ ۽ جابرانا معاشري جي باري
۾ صحافتي ديانتداريءَ سان سائين نسيم بخاري ويڙهه جاري رکندو اچي ٿو.
وڏيرا شاهي جي مڪمل خاتمي کان سواءِ ظلم، زور ۽ زبردستي ختم
ٿئي اهو ممڪن ئي ناهي! جيئن فرانس انقلاب جي اچڻ ڪري جاگيرداري جي پاڙ پٽجي وئي ۽ هڪ
نئين روشن خيال معاشري جي راهه هموار ٿي. تنهن ڪري وڏيرڪي نظام کي ڊاهي ان جي جاءِ
تي نئون نظام قائم ڪرڻ سان مسئلا حل ٿي سگھن ٿا. سماجي سائنس جو قانون، طبقاتي فطرت
۽ نظرئي ۽ ارتقا جو قانون، مطالعو ۽ مشاهدو ٻڌائي ٿو ته ٻن طبقن جي ويڙهه ۾ هڪ طبقو
نيٺ هارائيندو ۽ ان جي بدران هڪ ٻيو سسٽم پيدا ٿيندو. سائنس ۽ انقلابي سائنس کي سمجهڻ
بنا ڪوبه نتيجو اخذ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. انقلابي سائنس ڏاڍي ڏکي ۽ پيچيده سائنس آهي
تنهن کي سمجهڻ ضروري آهي ۽ ان کي اهوئي چڱي نموني سمجهي ۽ سمجهائي سگھي ٿو، جيڪو ان
۾ ڀڙ هوندو.
”جاگيرداراڻي جبر هيٺ“ ۾ نسيم بخاري ڏوهه ۽ ڏوهارين کي پڌرو ڪيو آهي.
اهي ڏوهاري ڀلي ڌاڙيل ۽ بدمعاش هجن يا پوليس وردي وارا هجن، انهن سمورن کي چٽي نموني
نشابر ڪيو آهي. وڏيرن، ڏوهارين ۽ ڪامورن جو پاڻ ۾ ست سڱ وارو تعلق ۽ رشتو آهي! هو هڪٻئي
جا ساٿي ۽ يار آهن ۽ وري جيڪڏهن وڏيرو پاڻ سرڪار آهي ته پوليس ۽ ڌاڙيل سندس حڪم تي
هلي ٿو. پوليس ڪامورو ته ڄڻ هن جو ٻڌو ٻانهو آهي. هن ڪتاب ۾ مصنف شڪارپور ۽ سنڌ جي
ڏوهاري دنيا جي اها تصوير چٽي آهي جنهن ۾ غريب عوام ڦورن جي رحم ڪرم تي آهي. هي ڪتاب
وقت جي تاريخ آهي جنهن جي ابتدائي رپورٽ نسيم بخاري لکي ڪري واقعن ۽ لقائن کي دائميت
بخشي آهي. منهنجي توريل تڪيل راءِ آهي ته ليکڪ جي لکڻ جو انداز سادو ۽ چٽو پٽو آهي
۽ هن وٽ لفظن جي کاڻ آهي جن سان هو پنهنجو مدعا بيان ڪري ٿو ۽ هڪ ئي موضوع جي مضمون،
واقعي، واردات ۽ لقاءَ کي لفظن جي مهارت ۽ چاشني سان اهڙو ته ٺاهي ٺڪي بيان ڪري ٿو
جو ايئن نٿو لڳي ته ڪو ورجاءُ ڪندو هجي، نه ته اڪثر هڪجهڙي موضوع تي لکڻ سان وري وري
چوڻ يا دهرائڻ جو تاثر اڀري يا ان ورجاءَ جي ڪري ماڻهو ڪڪ ۽ تنگ ٿي پئي پر ايئن ناهي،
ڇاڪاڻ ته فاضل ليکڪ لفظن جو ڀَنڊاري آهي. هن وٽ الفاظن جو وسيع خزانو آهي، جيڪو مناسب
موقعي ۽ مهل سان استعمال ۾ آڻي ڪتاب کي شاندار بڻايو آهي.
No comments:
Post a Comment