ادبي تنقيد جا محرڪ ۽ سماجي ڪارج
جامي چانڊيو
زندگيءَ جو ڪوبه شعبو ۽
انسان جو ذهني ۽ تخليقي پورهيو يا ڪم مڪمل، آخري ۽ ڪمزورين کان آجو ٿي نه ٿو سگهي،
ڇاڪاڻ ته سماج ۽ انساني شعور ۽ احساس هڪ مسلسل تبديل ٿيندڙ، متحرڪ ۽ زندهه عمل
آهي. ان ڪري زندگيءَ ۽ سماج جي هر سوچ، عمل، وهنوارُ ۽ مظهرَ جي لاڳيتي پرکَ ۽
ڇنڊڇاڻَ ٿيندي رهڻ گهرجي، ان بابت گفتگوءَ ۽ سوچَ وِيچار جو عمل هر سطح تي جاري
رهڻ گهرجي ۽ ان کي ئي سماج جو تنقيدي شعور چئبو آهي. جنهن سماج ۾ تنقيدي شعور نه
هوندو، يا اُهو متحرڪ، تخليقي ۽ ذميوار نه هوندو ته اُهو سماج عقلي، احساساتي،
ذهني ۽ فڪري ترقي ڪري؛ اِهو ممڪن ئي نه آهي. ان ڪري عقليت پسند ۽ سائنسيت توڙي
منطقيت جي حامل فلسفين ۽ مفڪرن هميشه تنقيدي شعور کي سماج ۾ مسلسل وڌائڻ تي زور
پئي ڏنو آهي، جنهن کانسواءِ انساني سماج اڳتي وڌي ۽ اُسري؛ اهو ممڪن نه آهي. اِن
حوالي سان تنقيدي شعور جو اطلاق ادب ۽ فن تي پڻ ٿئي ٿو، جنهن کي ادبي ۽ فني پرک يا
تنقيد چئجي ٿو.
ادبي تنقيد ڇا کي چئجي ٿو؟
ادبي ۽ فني حوالي کان
ادبي تنقيد به هڪ اهم ۽ بنيادي موضوع آهي، جنهن جو نه رڳو ادب ۽ فن جي اوسر ۾ اهم
ڪردار ٿئي ٿو پر ان کي خالص ادب جي حيثيت پڻ ڏني ويندي آهي. ڇاڪاڻ ته ادب ۽ فن ۾
پڻ جتي روشن خيالي، عقليت پسندي، جماليات، ترقي پسند سماجي شعور ۽ احساساتي سگهه ۽
سونهن آهي، اُتي ادب ۽ فن ۾ رجعت پرستي، توهم پرستي، عقيده پرستي ۽ جاهلانه خيال ۽
زندگيءَ مان ويساهه کڻائيندڙ احساس پڻ عام هوندا آهن. اِهو سوال ته ادبي تنقيد ڇا
کي چئجي ٿو؟ ۽ اِها ڇو ضروري آهي؟ ان جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا پاسا ٿين ٿا؟ ان جا ادب
تي ڪهڙا اثر پون ٿا ۽ ان جا همعصر توڙي
ايندڙ ادب لاءِ ڪهڙا نتيجا نڪرن ٿا؟ اِهي تمام بنيادي ۽ اهم سوال آهن، جن
کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ اديبن، شاعرن توڙي ادب جي پرک ڪندڙن لاءِ بيحد ضروري آهي. ادبي
تنقيد هڪ ڏاڍو وسيع، تخليقي، فڪري ۽ فني موضوع آهي. ان جو فلسفي سان به ڏاڍو گهرو
تعلق آهي ته ٻوليءَ، سماجيات، جماليات، سياست، سماجي لسانيات، انسانيات، نفسيات ۽
تاريخ سان پڻ گهڻ-طرفو لاڳاپو آهي. ادبي پرک يا تنقيد ان لاءِ به ضروري آهي ته اهو
ڏسجي ته ادب جي تصورن، فڪري ماخذن، لاڙن، قدرن ۽ محرڪن توڙي ان جي ٻولي، فني
ترڪيبن، گهاڙيٽن ۽ انهن جي مجموعي معيار ۽ سماجي ڪارج بابت پرک ۽ ڇنڊڇاڻ جو عمل
ڪهڙا دَڳَ ۽ گَسَ اختيار ڪري رهيو آهي.
ادبي
تنقيد کي سمجهڻ کان اڳ ضروري آهي ته پهرين اسان مختصر طور ادب کي سمجهون ۽ ان کان
پوءِ اِهو به سمجهئون ته فني ۽ فڪري طور ادبي تنقيد ڇا آهي؟ ڇو ۽ ڪيئن ٿيندي آهي ۽
سڀ کان وڏي ڳالهه ته اُن جو ادب، فن ۽ مجموعي طور سماج تي ڪهڙو اثر پوي ٿو؟ تنهن
کانپوءِ اِهو پڻ سمجهئون ته جڏهن انهن ٻنهي لفظن کي ملائجي ٿو ته پوءِ ان جي گڏيل
اصطلاحي معنيٰ ڪهڙي ٺهي ٿي؟
تخليقي ادب ڇا کي چئجي ٿو؟
ادب جون دنيا ۾ اڻ
ڳڻيون وصفون بيان ڪيون ويون آهن. اوهان جيڪي به ادبي لُغتون ۽ انسائيڪلوپيڊيائون
ڏسندا ته انهن ۾ به ادب جون مختلف وصفون ۽ معنائون لکيل هونديون. اصل ۾ ڪنهن به
تخليقي مظهر يا سماجي لقاءُ جي ڪا هڪ ڪائناتي وصف ٿي سگهي نه ٿي، حتمي وصفون رڳو
فطري سائنسن ۾ هونديون آهن. ادب بابت جيڪي
مختلف نظريا آهن، انهن سڀني جون پڻ ادب لاءِ پنهنجون پنهنجون ڌارَ وصفون آهن. ادب
جي لاءِ دنيا ۾ ڪابه هڪ وصف طئي ٿيل نه آهي. ادب جي باري ۾ دنيا ۾ ڪيتريون ئي
متفرق، مختلف ۽ متضاد وصفون بيان ڪيون ويون آهن. ان ڪري ادب جي ڪا هڪڙي ۽ سڀني
لاءِ قابل قبول وصف هجي، ايئن نه آهي پر انهن سڀني وصفن ۾ هڪ عام معنوي هڪجهڙائي
ضرور آهي ته ادب دراصل اسان چئون ڪهڙي شيءِ کي ٿا؟ ڏٺو وڃي ته ادب بنيادي طور ٻن
حصن ۾ ورهايل آهي، هڪ اُهو جيڪو پنهنجي ڳالهايل ٻوليءَ ذريعي زباني طور اظهارجي يا
ٻُڌائجي، جيڪو لکيل نه هجي ۽ نسل در نسل، هڪ دؤر کان ٻئي دؤر ۽ هڪ فرد کان ٻئي فرد
تائين زباني طور هلندو اچي، ان کي لوڪ ادب چئجي ٿو، معنيٰ ماڻهن جو گڏيل عوامي
ادب. لوڪ ادب جو ڪوبه هڪ تخليقڪار نه ٿيندو آهي، اُهو عوام جي ڪنهن نه ڪنهن گروهه
۽ طبقي جي اجتماعي ۽ مسلسل تخليق هوندو آهي، جيڪو مسلسل پيو وڌندو ۽ ويجهندو آهي.
جيئن ڳيچَ ۽ سَهرا آهن، اُهي مايون شادين ۾ ۽ پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ سڄو ڏينهن
ويٺيون ڳائينديون آهن پر اسان کي ڪابه خبر نه آهي ته اِهي لکيل ڪنهن جا آهن. سَهرا
خيالن ۽ احساسن جون اُهي رَلهيون آهن، جنهن ۾ ڪيترن ئي مختلف دؤرن ۽ ماحولن جي
تخليقڪارن/تخليقڪارائن پنهنجا پنهنجا رنگ برنگي ٽُڪرا ۽ ٻارا هنيا آهن. لوڪ ادب
جون دنيا ۾ سوين صنفون آهن. اسان جي سنڌي لوڪ ادب جي وڏي حصي کي ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ سهيڙيو آهي ته ان جا به ڪيترائي جلد شايع
ٿي چڪا آهن. لوڪ ادب دنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۾ موجود هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته
هر سماج پنهنجي خوشين، ڏکن، ارمانن، حَسرتن، خواهشن، خوابن ۽ ويندي پنهنجي اندر جي
ڪروڌ جو اظهار لوڪ ادب ذريعي مسلسل پيو ڪندو آهي، ان ڪري لوڪ ادب ڪنهن هڪ فرد جو
نه پر ان سماجي گروهه جي اجتماعي شعور، محسوسات ۽ داخلي وارتائن جي عڪاسي ڪندو
آهي.
تخليقي ادب جي ٻئي حصي
۾ تحريري ادب اچي وڃي ٿو، جيڪو پڻ انفرادي ۽ اجتماعي محرڪن جي عڪاسي ڪندو آهي.
جڏهن کان انسان لکڻ شروع ڪيو ۽ لکڻ جو علم ۽ فن سکيو، تڏهن کان تحريري ادب تخليق
ٿيڻ شروع ٿيو ۽ اُهو ادب به دنيا جي سمورين ٻولين ۾ آهي. دنيا جي اهڙي ڪابه ٻولي نه آهي جنهن ۾ ادب
تخليق نه ٿيو هجي يا نه ٿيندو هجي. ڇاڪاڻ ته ٻولي سماج جو مظهر آهي ۽ سماج هڪ
زندهه ۽ متحرڪ وهنوار آهي ۽ ظاهر آهي ته جڏهن سماج ۾ تنقيدي ۽ تخليقي شعور
اُسرندو، نِسرندو ۽ مُتحرڪ هوندو ته اُهو مختلف صورتن ۾ پنهنجو اظهار به ڪندو. ادب
جي تخليق جي حوالي کان دنيا جي ڪابه ٻولي گهٽ يا اعليٰ نه آهي، دنيا جون سموريون
ٻوليون برابر آهن ۽ دنيا جون سڀئي ٻوليون حَسين ۽ منفرد توڻي عوامي ڏاهپ سان
ٽِمٽار آهن، ڇاڪاڻ ته اُهي انسانن جون ٻوليون آهن. انسان جيڪي تنقيدي ۽ تخليقي
شعور رکن ٿا، انسان جيڪو سوچي، محسوس ڪري، پنهنجي ماحول کان روشناس ٿئي، خواب ڏسي،
تخيل ۾ تصور، وارتائون ۽ ڳالهيون آڻي، تصور ۾ شيون ڏسي ۽ تخليق ڪري ٿو/ ٿي.ان جو
ئي جمالياتي ۽ فني اظهار ادب ذريعي ٿئي ٿو.
اِها انسان جي علم، وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ، پنهنجي ماحول سان ڳُتجي ۽ ڳنڍجي
وڃڻ، ان کي سمجهڻ، حُسناڪيءَ سان اظهار ڪرڻ ۽ ان کي تبديل ڪرڻ جي هڪ تخليقي جستجو
آهي، جنهن کي تخليقي ادب چئجي ٿو.
ادب نثري، افسانوي ۽
غيرافسانوي به ٿيندو آهي ته منظوم به، جنهن کي شعري ادب چئبو آهي. شاعري سڄي منظوم
ٿيندي آهي، پوءِ ڀلي ان ۾ آزاد نظم ئي ڇو نه هجي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ به پنهنجو رِدم
هوندو آهي. نثري نظم جيڪو بظاهر سمورين منظوم بندشن کان آزاد ٿئي ٿو، اُهو به فارم
۽ خيال جي ڪنهن نه ڪنهن گهاڙيٽي ۽ نظام ۾ ضرور هوندو آهي، جنهن مان شعريت جو تاثر
اُڀرندو آهي. دنيا ۾ نثري نظم ڳايا به ويندا آهن. سنڌي شاعريءَ ۾ پهرين آزاد نظم
يا نثر ۽ نظم کي قبوليت گهٽ هوندي هئي پر پوءِ هڪ طرف شيخ اياز ان ۾ اهڙا ته حَسين
تجربا ڪيا جو اُنهن کي مڃتا ملڻ لڳي ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اِها صنف به عام ٿيڻ
لڳي. ٻئي طرف شمشيرالحيدريءَ به ان تي هڪ ڪتابچو لکي ان بابت سنڌي ادب ۾ فني
مونجهارا دور ڪيا.شيخ اياز کانپوءِ سموري دور ۾ آزاد ۽ نثري نظم سنڌي شاعريءَ ۾
وڏو تخليقي اؤج ماڻيو آهي. انسان جڏهن پنهنجي خيالن، تصورن، خواهشن، احساسن،
مشاهدن، تجربن، خوابن ۽ پنهنجي فڪر جو تحريري، منظم ۽ منظوم حَسين اظهار ڪري ٿو/
ٿي ته ان کي تخليقي ادب چئجي ٿو. تخليقي ادب ڪنهن به صنف يا گهاڙيٽي جو محتاج نه
آهي. ادب جي صنفن ۾ رڳو شاعري، افسانو، ناول ۽ مضمون يا سفرنامو ۽ آتم ڪٿا نه آهي،
پر ان ۾ هزارين صنفون تخليق ٿي چڪيون آهن ۽ ايندڙ دؤرن ۾ اڻ ڳڻيون صنفون تخليق
ٿيڻيون آهن. مثال طور اِٽليءَ جو پهريون اديب پيٽيارچ، جنهن چوڏهين صديءَ ۾ نئين
سجاڳيءَ جي دور ۾ ادبي ميدان ۾ بنيادي قدم کنيا، اُهو خَطَ لکندو هو جن کي اُن دور
۾ تخليقي ادب ۾ شمار ڪيو ويندو هو. شيخ اياز جو حَسين نثري ڪتاب “جي ڪاڪ ڪڪوريا
ڪاپڙي” به انهن خطن تي مشتمل آهي، جيڪي هن سائين محمد ابراهيم جويي کي سَٺِ جي ڏهاڪي
۾ لکيا هئا. اردو ادب ۾ جاويد اختر جي ماءُ صفيه اختر جا اُهي خط جيڪي هوءَ علي
ڳڙهه مان پنهنجي رولاڪ شاعر مڙس جان نثار اختر کي لکندي هئي، اُهي سندس موت بعد
“صفيه ڪي خطوط” جي نالي سان شايع ٿيا ۽ اُنهن کي اردو ادب ۾ اهم درجو حاصل آهي.
غالب جا خط ته ادبي شاهڪار ليکيا ويندا آهن. ڪافڪا جي پيءُ ڏانهن لکيل خط کي
تخليقي ادب ۾ ڳڻيو ويندو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي نفسياتي مونجهارن جو ذميوار پنهنجي
پيءُ کي ڄاڻايو آهي، جنهن جي ورتاءُ منجهس گهٽتائيءَ جو احساس پيدا ڪيو. ڪيترين ئي
ٻولين ۾ ڊائريءَ يا جيل ڊائرين کي پڻ تخليقي ادب ۾ ڳڻيو ويندو آهي. سنڌي ادب ۾ شيخ
اياز، رسول بخش پليجي، طارق اشرف، بدر ابڙي ۽ مولا بخش چانڊيي جي ڊائرين کي وڏي
ادبي حيثيت حاصل آهي. ايئن خاڪا نويسي، ماڻهن جي زندگين تي لکيل ڪٿائون پڻ ادبِ
لطيف ۾ ڳڻجن ٿيون. هر دؤر جو انسان پنهنجي دؤر جي حساب سان پنهنجي اظهار جون صنفون
تخليق ڪندو/ ڪندي آهي. مان نه ٿو سمجهان ته انسان جي اظهار جا جيڪي اسلوب آهن، تن
جي ڪابه حتمي حدبندي آهي. انسان جيستائين سوچيندو ۽ محسوس ڪندو، تيستائين هو
پنهنجي سوچ، تفڪر، احساس ۽ تخيل توڙي وجداني ڪيفيتن جي اظهار جا، پنهنجي دؤر جي
ماحول ۽ ترقيءَ جي اوسر جي بنياد تي اسلوب تخليق ڪندو رهندو. ان ڪري ادب ڪنهن به
مخصوص صنف يا فارم جو محتاج نه آهي. هاڻي اهو واضح ٿي ويو ته جيڪو به ڳالهايل يا
زباني ادب آهي، اُهو لوڪ ادب آهي ۽ ٻيو لکيل ادب آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ (Pure Literature)
يعني خالص يا عرفِ عام ۾ تخليقي ادب چوندا آهن. دنيا ۾ جيڪا به ڳالهه لکيل صورت ۾
آهي، ان کي عام طور لٽريچر چئجي ٿو پر ان کي اسان تخليقي ادب جي ذمري ۾ نٿا آڻي
سگهون. ادبي تنقيد جي حوالي کان اوهان پُڇي سگهو ٿا ته ادب ته تخليق ٿي ئي رهيو
آهي، شاعري تخليق ٿئي پئي، افسانا، ناول، مضمون، سفرناما، سوانح عمريون ۽ ڊائريون
وغيره لکيا پيا وڃن ۽ جڏهن اهي سڀ شيون لکيون ٿيون وڃن ته پوءِ آخر انهن جي پرک ۽
تنقيد جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اهو نه رڳو هڪ بنيادي پر ادبي تنقيد جي ڪارج جو سوال پڻ
آهي.
ادب جي تنقيد، حقيقت نگاريءَ ۽ تنقيدي
شعور جي نسبت:
سڄيءَ
ڪائنات ۾ زندگيءَ جا جيڪي به آثار آهن، انهن سڀني ۾ ممتاز فقط انسان آهي ۽ اهو ان
ڪري آهي جو هن ۾ اهڙو اڳتي وڌيل شعور آهي، جو هو تصور ڪري سگهي ٿو/ ٿي ۽ ان تصور
کي پورهيي يا تخليقي پورهيي ذريعي عملي صورت ڏيڻ جي ڪوشش ۽ جاکوڙ پڻ ڪري ٿو. ان
لاءِ ذهني، فڪري، جسماني، احساساتي، تخيلاتي، نفسياتي ۽ وجداني جهد ڪري ٿو/ ٿي.
دنيا ۾ اهڙو ڪوبه ٻيو جانور، پکي، ٻوٽو، گل ۽ فطرت جو زندهه مظهر نه آهي، جنهن
لاءِ پاڻ چئي سگهون ته اُهو انسان جيان تصور ڪري سگهي ٿو/ ٿي. جيڪڏهن جانور، پکي،
ٻوٽا، وڻ، گل ۽ ڪي به فطرت جا ٻيا لقاءَ تصور ۽ تخيل جي صلاحيت رکندا هجن ها ته
اُهي لازمي طور ان جو اظهار به ڪن ها. انسان ان ڪري ئي ٻين حيوانن ۽ ساهوارن کان
وڌيڪ اُسريل ۽ مٿانهون آهي، جو هو پنهنجي محسوسات ۽ تصورن توڻي تخيل جو حَسين ۽
تخليقي اظهار ڪري سگهي ٿو. اوهان لنڊن ۽ پيرس نه ويا آهيو، پر اوهان تصور ڪري سگهو
ٿا ته لنڊن ۽ پيرس ڪيئن هوندا؟ جيڪي شيون اوهان ڏٺيون نه آهن، يا ويندي جيڪي شيون
موجود ئي نه آهن، تن لاءِ به اوهان پاڻ مرادو تصور ڪري سگهو ٿا ته اُهي هِيئَن
هونديون يا هُونئنَ هونديون. اوهان چنڊَ تي نه ويا آهيو پر اوهان تصور ڪري سگهو ٿا
ته جي اوهان چنڊ تي ويا ته اُهو ڪيئن هوندو؟ اوهان شاعريءَ ۾ موسمن، منظرن ۽ دلڪش
حسينائن جا ذڪر پڙهو ٿا، ان وقت اوهان تصور ڪري سگهو ٿا ته اُهي سڀ ڪيئن هوندا؟
لطيف جي شاعريءَ ۾ جيڪي ڪردار ۽ داخلي وارتائون بيان ڪيل آهن، منهنجو خيال آهي ته
انهن مان ڪوبه حقيقت ۾ ايئن نه هو، جيئن کين لطيف بيان ڪيو آهي. هن جا بيان ڪيل
سمورا ڪردار يعني سَسُئي، مارئِي، نُوري، ڄام تماچي ۽ کاهوڙي اهڙا نه هئا، جيئن هن
کين بيان ڪيو آهي. اِها هڪ عظيم شاعر جي تخليقي افسانويت آهي. جيڪا هو تخيل جي
ذريعي تخليق ڪري ٿو. جيڪڏهن هو جهڙا هئا ۽ تهڙا ئي بيان ڪيا ويا آهن ته پوءِ ان ۾
ڪهڙو ڪمال ٿيو؟ هي ته لطيف جا پنهنجا تخليق ڪيل ڪردار آهن، جن کي لطيف تمثيلي
حوالي کان سسئيءَ، سهڻيءَ ۽ مارئيءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو، جن جي ذريعي لطيف پنهنجا
آدرشي ڪردار تصور ۽ رويا پيش ڪيا آهن. اها لطيف جي شاعريءَ جي ڪمال افسانويت آهي ۽
هونئن به عظيم ۽ غيرمعمولي شاعري بنيادي طور تي تفڪر، تخيل ۽ احساسَ جي افسانويت
آهي. جيڪڏهن شاعريءَ مان جمالياتي وڌاءُ، فڪري ۽ تصوراتي اختراع يا افسانويت کي
ڪڍي ڇڏبو ته پوءِ شاعريءَ ۾ وڃي رڳو ٺلهي عڪسبندي يا حقيقت نگاري (Realism) بچندي. پوءِ ته شاعري زندگيءَ ۾ موجود حقيقتن جي ادبي فوٽوگرافي
وڃي رهندي ۽ ان ۾ تخليقيت ڪٿان ايندي؟ انسان پنهنجي تخيلاتي سگهه (Imagination Power) جي ڪري ئي فطرت ۽ زندگيءَ جي ٻين مظهرن کان
اعليٰ ۽ منفرد توڻي تخليقي آهي. منهنجو اهو هرگز مطلب نه آهي ته ڪو ادب ۽ فن ۾
حقيقت نگاري غيراهم آهي، ڇاڪاڻ ته ترقي
پسند ادب جو بنياد ئي سماجي حقيقت نگاريءَ تي هو. منهنجو چوڻ اِهو آهي ته رڳو
زماني ۾ موجود خيالن، احساسن، روين، وارتائن ۽ ڪردارن کي فرضي انداز ۾ پيش ڪرڻ وڏو
ادب نه آهي. هيءَ دنيا، سماج، ماحول، رويا، سوچون، قدر، عمل، سورهيائي، ثابت قدمي،
جاکوڙ ۽ زندگي ڪيئن هئڻ گهرجي، اِهو ٺلهي حقيقت نگاريءَ کان وڌيڪ وڏو تخليقي ڪم ۽
منصب يا درجو آهي. باقي فڪر کان خالي عقيده پرست، توهم پرست ۽ ٺلهي خيالي افسانويت
جو ڪوبه مثبت ڪارج نه آهي. جيئن روايتي ادب يا داستانن ۾ هوندو هو يا هوندو آهي.
ان ڪري مڙئي فرضي ڳالهه اهم ناهي پر ان جي فڪري ڳَرُ ڇا آهي؟ اهو بنيادي سوال آهي.
اعليٰ تصور، تخيل، تخليق ۽ تنقيد منهنجيءَ نظر ۾ انسان جي شعور جون سڀ کان بلند
ترين صورتون آهن. هڪڙا ماڻهو سماج ۾ مختلف مسئلن کي ڏسن ٿا پر انهن کي مسئلن جو حل
يا متبادل نظر نه ايندو آهي. هو شين کي ان تناظر ۾ نه ڏسندا آهن ته شيون هيئن ته
آهن پر اُهي هونئن به ته هجڻ گهرجن يا هيئن به ته ٿي سگهن ٿيون. سماج ۾ غربت، بک،
بدحالي، مفلسي، بيروزگاري، بيوسي ۽ ڪسمپرسي آهي، ڏک، بيوسيون، سماجي، احساساتي ۽
معاشي ارمان، نااُميديون، نِراسائيون، مايوسي، قنوطيت، بندشون، ڪوتاهه نظري، ذهني
غلامي، جهالت جون اڻ ڳڻيون صورتون، عقيده پرستي، توهم پرستي نه رڳو پنهنجي جوهر ۽
ڪارج ۾ بدتر پر انسان جي توهين جون صورتون آهن- ته ڇا رڳو اُنهن جو بيان ڪبو؟ بس!
رڳو ادب ذريعي اُهي حقيقتون ۽ احساس لفظن سان چِٽبا؟ ڇا ادب ۾ اِهو پيش نه ڪبو ته اِهو
ڇو آهي؟ ان سان منهن ڪيئن ڏجي؟ انهن صورتحالن ۾ ڪيئن بيهجي ۽ ڪيئن اڳيان وڌجي؟
ڪيئن انهن تلخ حقيقتن کي اُبتڙ حقيقتن ۾ تبديل ڪجي ۽ فرضي ڪردارن ذريعي افسانويت
جو سهارو وٺي اِهو ڪري به ڏيکارجي. ايئن جيئن لطيف سائينءَ سهڻيءَ، سسئيءَ ۽ ٻين
انيڪ سُرن ۾ ڪيو آهي. اُهو به ايئن جو ماڻهوءَ کي سچ پچ لڳي ته اِهو بلڪل ٿي سگهي
ٿو، ايئن ڪري سگهجي ٿو، اهو سڀ ممڪن آهي. لطيف اِهو ئي ته ڪيو ۽ دنيا جي سموري
عظيم تخليقي ادب اِهو ئي ته ڪيو ۽ ان ڪري اُهو متروڪ نٿو ٿئي. عظيم ادب انهيءَ ڪري
ئي پراڻو ته ٿئي ٿو پر متروڪ ۽ مُدي خارج نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته اُهي خيال، ڪردار ۽
فرضي وارتائون هر دور جي ماڻهوءَ کي اُتساهين ٿيون. لطيف ان کي ئي ته چيو هو ته:
“وَکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي!” بي فڪر ٺلهي حقيقت نگاري هجي يا افسانويت
ٻئي پئي “پراڻيون” ٿي وينديون ۽ پس و پيش مُدي خارج ۽ متروڪ ٿي وينديون ۽ بدليل
حالتن ۾ اُنهن جو ڪارج به ڪو خاص نه رهندو. ترقي پسند ادب جيڪڏهن ويهين صديءَ ۾
سماجي حقيقت نگاريءَ کي موضوع بڻايو ته ان رڳو زندگيءَ ۽ سماج جي بي رحم حقيقتن جي
ٺلهي لفظن ذريعي عڪسبندي نه ڪئي پر فڪري گهرائيءَ سان اُن جي سببن کي چِٽو ڪيو، ان
جي پرک ۽ پروڙ ڪئي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اُنهن تي ٺلهو ماتم ڪرڻ بدران حالتن کي
تبديل ڪرڻ جو شعور پڻ بيدار ڪيو. لطيف جي ٻوليءَ ۾ ترقي پسند ادب “گوندر” کي
پرينءَ کي حاصل ڪرڻ جي “گَسَ” ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو، جيڪو ادب جي تاريخ ۾ هڪ تاريخي
ڇالُ هو.
تنقيدي ۽ تخليقي شعور اِهي سڀ شيون ڏسي چوندو ته
اِهي سڀ شيون ايئن ڇو آهن؟ اِهي ڪيئن پيدا ٿيون آهن؟ اِهي ڪهڙيءَ ريت تبديل
ٿينديون ۽ انهن کي تبديل ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ آهي؟ وغيره. اوهان جي چوڌاري، هن شهر،
صوبي، ملڪ ۽ سڄي دنيا جهان جو جيڪو ماحول آهي، اوهان ان کي ڏسو ٿا ۽ چئو ٿا ته اِهو
هيئن ته آهي پر هونئن ڇو نه ٿيڻ يا هئڻ گهرجي؟ اِهو تنقيدي ۽ تخليقي شعور آهي.
ماحول کي ته جانور به ڏسن ٿا پر ان کي تنقيدي اک سان ڏسڻ جو تخليقي شعور فقط انسان
کي آهي. منهنجيءَ نظر ۾ تنقيد جو مطلب آهي ته انسان جون سندس ماحول ۾ جيڪي شيون ۽
تصور آهن، انهن جا محرڪ سمجهي ۽ انهن جا متبادل به سوچي ۽ ڏسي. جيڪڏهن ڪا شيءِ
خراب آهي ته ڇو آهي ۽ ان کي بهتر بڻائڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ اِهو ممڪن آهي به يا نه
آهي؟ مطلب ته هر شيءِ کي پَروُڙي ۽ پَرکي، ان جي باري ۾ سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ ته اُها
ايئن ڇو آهي؟ مُدي خارج، دقيانوسي ۽ مروج ڏپ ڏئي ويل شين ۽ تصورن کي دل سان قبول
نه ڪرڻ ۽ انهن جي لاءِ متبادل تصور، خيال، احساس، خاڪا، وارتائون ۽ ڪردار تخليق
ڪرڻ تنقيدي ۽ تخليقي شعور جو فني اظهار آهي. ڇاڪاڻ ته تنقيدي شعور موجود ماحول يا
مروج سوچن، غلامانه احساسن ۽ معروضي حقيقتن جو غلام ۽ محتاج نه هوندو آهي، پر هو
پنهنجين تخليقي صلاحيتن سان ماحول کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو /ڪندي رهندي
آهي. تنقيد ۽ تخليق انساني ۽ سماجي شعور جي سڀ کان اعليٰ شڪل آهي. منهنجي خيال ۾ تنقيدي شعور تخليقي شعور جو ٻيو
نالو آهي. ڊاڪٽر احسن فاروقي ننڍي کنڊ جو تمام وڏو ادبي تنقيد نگار هو. هو ننڍي
کنڊ جي وڏي ناول نگار قرت العين حيدر جو استاد هو ۽ 1950ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ
جي انگريزي شعبي جو سربراهه پڻ هو. هن جا علامه آءِ آءِ قاضيءَ سان فڪري اختلاف
مشهور آهن. هن جو اردوءَ ۾ هڪ ڪتاب آهي، جنهن جو نالو “تخليقي تنقيد” آهي. ان جا
ڪجهه حصا مون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا هئا ۽ اُهي ڪينجهر رسالي ۾ 1994ع ۾ شايع ٿيا هئا. اُهو ڪتاب ادبي تنقيد جي حوالي سان پوري ننڍي کنڊ ۾
پڙهايو ويندو آهي. هن ڪتاب ۾ لکيو آهي ته جيڪو چئي ٿو ته تنقيد تخليقي نه ٿيندي
آهي، ان سان اسان اتفاق نه ٿا ڪريون، تنقيد به اهڙي ئي تخليقي صنف ۽ تخليقي ادب
آهي، جهڙو ڪو ٻيو تخليقي ادب آهي. اهو ئي سبب آهي جو خالص ادب ۾ تنقيد کي پڻ ڳڻيو
ويندو آهي ۽ ڪيترا اديب پنهنجي شاعري ۽ افسانن کان وڌيڪ پنهنجيءَ ادبي تنقيد جي
ڪري وڌيڪ مشهور آهن. جيئن ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ٽي ايس ايلٽ هو، يا جيئن فلپ
سڊني، ڪولرج، ميٿيو آرنالڊ يا ذيوتان ٽوڊورووُ ۽ ٻيا ڪيترا نقاد آهن. ويجهي ماضيءَ
۾ ايڊورڊ سعيد ايئن هو يا وليم ري بانڊ (William Raybond) آهي. اهو
به ممڪن آهي ته ڪنهن تنقيدي ليک ۾ ڪنهن غزل ۽ نظم يا ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ تخليقي جوهر
هجي. ٽي ايس ايليٽ هڪ تمام وڏو شاعر هو پر اڄ کيس سڀ ماڻهو هڪ ادبي نقاد طور وڌيڪ
سڃاڻن ٿا ۽ هن کي هڪ شاعر جي ڀيٽَ ۾ ادبي
نقاد جي حيثيت ۾ وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ڪيترائي نقاد تمام وڏا تخليقڪار رهيا آهن،
اهڙن تخليقڪارن جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي. وليم ورڊس اسان وٽ فطرت جي شاعر جي حوالي
سان مشهور ٿيو آهي پر ان سان گڏوگڏ هو تمام وڏو نقاد پڻ هو. شيلي جي زماني ۾ هڪ
فتنو اُٿيو هو ۽ چيو پئي ويو ته هاڻي ادب
جي وڌيڪ ڪا ضرورت نه آهي، ڇو ته سائنس، فلسفو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون اچي چڪيون
آهن. هاڻي ادب پنهنجي معنيٰ ۽ اهميت وڃائي
چڪو آهي ۽ هاڻي ان جو ڪوبه سماجي ڪارج نه رهيو آهي. جيئن ته شيلي بنيادي طور هڪ
شاعر هو، تنهن ڪري هن هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن جو نالو “Defence of Poetry”
يعني “شاعريءَ جو بچاءُ” آهي. ان ڪتاب ۾ هن لکيو آهي ته شاعريءَ جو سماجي ڪارج
ڪڏهن به گهٽجي نٿو سگهي ۽ ادب ڪڏهن به بي معنيٰ ۽ غيراهم ٿي سگهي ئي نه ٿو، جيڪڏهن
ان ۾ بهترين فڪر ۽ زندگيءَ ڏانهن بهترين تصور، تفڪر ۽ لطيف احساس موجود آهن. اهڙن
مثالن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي. جيڪو به باشعور انسان آهي ۽ اُهو تنقيدي شعور رکندڙ
آهي، ته اُهو پنهنجي ماحول جو ڪڏهن به تقليدي غلام ڪونه ٿيندو. جنهن ماڻهوءَ وٽ
تنقيدي شعور هوندو آهي، اُهو پنهنجي ماحول بابت نه رڳو پنهنجي راءِ ۽ سمجهه رکندو
آهي پر ان تي موٽ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي صلاحيت پڻ رکندو آهي. ان ڪري مون بار بار اها
ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته انسان جي شعور جو سڀ کان اعليٰ اظهار تنقيدي ۽
تخليقي شعور ۾ آهي. مان اها ڳالهه پنهنجي پوري ذميداريءَ سان ڪريان ٿو ته تنقيدي
شعور دراصل تخليقي شعور جو ئي هڪ مظهر آهي. تنقيدي سوچ جو حامل به اُهو هوندو جيڪو
تخليقي هوندو ۽ وري تخليقي به اُهو هوندو جيڪو تنقيدي شعور جو حامل هوندو. انهن ۾
“يا” جو ڪو مسئلو نه آهي. تخليقي رويو تنقيدي شعور کانسواءِ اچي ئي نٿو سگهي. امر
جليل چيو آهي ته دنيا ۾ ڪُل ڇٽيهه موضوع آهن، جن کي هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي
حساب سان ڦيرائي ڦيرائي پئي لکيو آهي. ساڳيو حُسن، ساڳي محبت ۽ عشق، ساڳيو انصاف،
ساڳيو ئي انسان ۽ ان جا ساڳيا ئي جذبا، ساڳيو انقلاب ۽ تبديلي وغيره، جيڪڏهن انهن
موضوعن کي پاڻ ڳڻيون به ته ڪيترا ٿيندا؟ مثال طور شاعر آهن، جيڪڏهن اسان ڪنهن شاعر
کي محبت جو شاعر ٿا چئون ته اُهو ڇو ٿا چئون؟ اُهي جيڪا محبت زندگيءَ ۾ ڪري رهيا
هوندا آهن، جيڪڏهن ان مان مطمئن هجن ها ته پوءِ شاعرن کي محبت جي رويي کي نئين سر تخليق ڪرڻ جي گهرج ڇو محسوس ٿئي ها؟ هن دنيا ۾
جيڪا محبت عام ماڻهو ڪري رهيا هوندا آهن، هو ان مان مطمئن نه هوندا آهن، جيڪڏهن ان
محبت جو اُهو ئي معراج هجي ها ته پوءِ هڪ شاعر کي ڪهڙي ضرورت پوي ها ته اُهو هڪ
عام ۽ مروج محبت جي تصور جا ويهي نغما لکي ها! هڪ تخليقڪار محبت جي لطيف جذبي ۾
لطافت، حُسناڪيءَ ۽ گِهرائيءَ سان افسانويت پيدا ڪري ٿو، جيڪا اهڙيءَ طرح دنيا ۾
نه ٿي ڪئي وڃي. محبت جي باري ۾ شاعر ۽ اديب نوان رويا تخليق ڪن ٿا. جيڪو محبت لاءِ
رويو لطيف، حافظ، مير، غالب، فيض، اياز ۽ بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو، جيڪڏهن اهو
رويو عملي محبت ۾ اختيار ڪيو وڃي ها ته پوءِ انهن جي شاعريءَ کي ڪهڙي اهميت ملي
ها؟ ۽ ڇو ملي ها؟ خواجه غلام فريد جي طويل ڪافي “ميڏا عشق وِي تون!” ڇا حقيقت
نگاري آهي؟ وارث شاهه جي “هير” ڇا واقعي ايئن سوچيندي ۽ محسوس ڪندي هئي؟ ڇا واقعي
هنگلاج ۾ جيڪي “جوڳي ۽ فقير” هوندا هئا، اُهي لطيف جا بيان ڪيل “کاهوڙي” هئا يا
آهن؟ نه ايئن هرگز نه هو. دراصل ان شاعريءَ ۾ حُسن ئي ان ڪري آهي، جو اها موجود
حقيقت کان اڳتي وڌي، ان ۾ تصوراتي گِهرائي ۽ وُسعت پيدا ڪري، ان جي اظهار ۾
جماليات جا رنگ ڀري، ان کي وڌيڪ حَسين
بڻائي، اوهان سان روشناس ڪرائي ٿي. مصوريءَ جي دنيا ۾ ڪڏهن به فطري منظر يا
پورٽريٽ ٺاهيندڙ آرٽسٽ کي ڪو وڏو آرٽسٽ نه چيو يا سمجهيو ويندو آهي. دنيا ۾ ان جو
رڳو هڪ مثال وان گاگ آهي، سو به ان ڪري جو هن لينڊ اسڪيپ سان گڏ، ان ۾ تخيل جو
استعمال به ڪيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به شيءِ کي جيئن جو تيئن پيش ڪرڻو يا ان جي ٺلهي
عڪسبندي ڪرڻي آهي ته پوءِ ان جي ڪهڙي غيرمعمولي اهميت ٿيندي؟ تخليقي آرٽ جو مطلب
آهي اُهو حُسن، احساس ۽ خيال جيڪو دنيا ۾ موجود آهي، ان کي پنهنجي اصل حُسن کان
وڌيڪ تصور ڪري تخليق ڪيو ۽ جڏهن اوهان ايئن تخليق ڪريو ٿا ته پوءِ دنيا واهه واهه
ٿي ڪري ته ڇا ته شيءِ تخليق ڪئي وئي آهي؟ ڇا ته ڪمال حُسن آهي! ان حُسن جي بيان ۾
جيڪو جمال هوندو آهي، اُهو ته اظهار، تخيل، تفڪر ۽ احساس جي افسانويت جو هوندو
آهي. اهڙيءَ طرح انصاف، خوشيءَ، ڏُکَ، ڪاميابيءَ، ناڪاميءَ، حسرت، سَڌَ، خواهش،
مزاحمت، انڪار ۽ محبت، عشق، رُسڻ، پرچڻ، موهجڻ، سِڪڻ، ياد ڪرڻ، ويساهه ڪرڻ،
اويساهيءَ، آزاديءَ، سرمستيءَ ۽ ڪيف جا موضوع آهن. انهن موضوعن تي دنيا ۾ تمام
گهڻو ۽ بار بار وَرجائي وَرجائي لکيو ويو آهي. جيڪو ڪجهه دنيا ۾ ٿئي پيو، جيڪڏهن
اهڙو ئي بيان ڪرڻو آهي ته پوءِ ادب ۽ آرٽ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مان چوڻ اِهو ٿو
چاهيان ته جيڪو ڪجهه جيئن موجود آهي، جيڪڏهن رڳو ان تي ئي اِڪتفا ڪبو ته پوءِ
نظمن، گيتن، غزلن، افسانن، ناولن، مضمونن ۽ ڪيترين ئي ٻين صنفن ۾ لکڻ جي ڪهڙي
ضرورت آهي؟ ادب جيستائين هڪ نئون جهان نٿو تخليق ڪري، نوان اُتساهيندڙ خيال،
احساس، ڪردار ۽ نيون فرضي ڪيفيتون ۽ ڌارائون نٿو تخليق ڪري، تيسين اُهو بلنديءَ جي
معراج کي نٿو رَسي سگهي. ان لاءِ ضروري آهي ته هڪ تخليقڪار گِهري تنقيدي ۽ اعليٰ
تخليقي شعور جو حامل هجي. دراصل احساس جو ناتو به شعور سان آهي، جنهن جو جيترو
شعور معياري، حُسناڪ ۽ گِهرو هوندو، ان جي محسوسات جي دنيا به اوترو وسيع هوندي ۽
گِهري به هوندي. اهو هڪ غلط مفروضو آهي ته ڪو شعور ۽ احساس ڪي مڪمل طور ڌار شيون
آهن. جڏهن ته ايئن بلڪل ناهي، اِهو نقطو سمجهڻ لاءِ توهان کي فلسفي جي هڪ شاخ علم
العلم (Theory of Knowledge) جو ڳُوڙهو اڀياس ڪرڻ گهرجي. تنقيدي ۽ تخليقي شعور جي معنيٰ
متبادل جي ڳولا ۽ اڻ ڏٺل جهان يا تصور ۽ تخيل ۾ آيل يا اچي سگهندڙ جهان جي تخليق
به آهي. تقليدي سوچ ماڻهوءَ کي ماحول، سماج ۾ مروج ۽ موجود تصورن ۽ روين جي نظام،
عقيده پرستيءَ ۽ اسٽيٽسڪو جو ڳيجهُو بڻائي ٿي، جڏهن ته تنقيدي ۽ تخليقي شعور انسان
کي هڪ پارکو اَک ڏئي ٿو، انسان کي پرکَ، ڇنڊڇاڻَ ۽ ڀيٽَ ڪرڻ جي ساڃاهه ڏئي ٿو ۽ سڀ
کان وڏي ڳالهه ته “رضا تي راضي رهڻ” بجاءِ اڳتي وڌڻ جا فڪري ۽ احساساتي گَسَ ڏئي
ٿو. انسان کي نئون اتساهه ۽ سگهه ڏئي ٿو. لطيف سائينءَ جيڪو چيو آهي ته “اَکِ
اُلٽيءَ ڌارِ وَنُ اُلٽو عامَ سين.” اُهو اِهو ساڳيو ئي تصور آهي، جنهن کي مان
تنقيدي ۽ تخيلقي شعور سڏيان ٿو.
جهڙيءَ ريت ڪو افسانا
نگار، ناول نگار، آرٽسٽ، اديب ۽ شاعر دنيا ۾ موجود شين، ڪردارن، خيالن، احساسن ۽
وارتائن تي اتفاق نه ڪندو آهي. انهن کي ڏسي ۽ انهن جي مختلف پاسن جي پرک ڪري، نوان
خيال ۽ احساس توڻي رويا ۽ ڪردار تخليق ڪندو آهي ته ان کي پاڻ تخليق چوندا آهيون.
اهڙيءَ ريت ادبي تنقيد جو مقصد موجود ادب کي پرکڻ آهي ته اُهو تخليقي ۽ معياري آهي
يا نه؟ ڇا هن خيال کان وڌيڪ به ڪو اُوچو خيال، تخليقي تصور، گِهرو احساس ۽ تفڪر تي
ٻڌل تخيل پيش ڪرڻ ممڪن هو ۽ آهي؟ ڇا ان کان وڌيڪ حَسين ۽ ڪارج ڀرين خيالن، تصورن،
احساسن ۽ تخيل کي تخليق ڪرڻ ممڪن آهي؟ ۽ جيڪڏهن ان ۾ ڪي فني يا خيال، ٻوليءَ توڙي
احساس، تفڪر ۽ تخيل جا جهول آهن ته اُهي ڪهڙا ۽ ڪيئن آهن ۽ ان جي متبادل ٻيون
ڪهڙيون شيون ممڪن آهن يا ٿي سگهن ٿيون؟ يا اهو ساڳيو اظهار ٻيو ڪيئن ممڪن هو؟ ادبي
تنقيد يا پرک جو ڪم آهي ته اُها موضوع جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ان کي ڪيترو نڀايو ويو آهي
يا ان جو تخليقي اظهار ڪيو ويو آهي، اُهو ڏسي ۽ پرکي، ان جا سماجي، فڪري،
احساساتي، تخيلاتي، سياسي ۽ معاشي يا ثقافتي ۽ نفسياتي پاسا ڏسي ۽ اُنهن جي پرک
ڪري. ادبي تنقيد جو ڪم آهي ادب جي سماجي ڪارج کي ڏسي ۽ اُهو ڏسي ته اُهو هن طبقاتي
۽ متضاد معاشري ۾ پس و پيش ڪنهن جي نمائندگي ڪري ٿو، ڪنهن کي سگهه بخشي ٿو ۽ ڪنهن
کي هيڻو ڪري ٿو. ان ادب جا فڪري محرڪ ڪهڙا ۽ ڪنهن جي ڪم جا آهن؟ ياد رکڻ گهرجي ته
سماج مختلف ۽ متضاد مفادن جو مجموعو آهي ۽ ادب جي سوچ، فڪر، خيال، احساسن جي اُڻت
۽ ويندي ٻوليءَ جي به ڪانه ڪا سماجي ۽ فڪري نسبت ٿيندي آهي. سماج جو هر ڪم، شعبو،
خيال ۽ رويو ڪانه ڪا سماجي نسبت رکي ٿو ۽ ايئن تخليقي ادب به صفا اڻ ڌريو نه ٿو ٿي
سگهي.مثال طور جيڪو ادب ماڻهن کي اطاعت سيکاري، ماڻهن کي مروج نظام جو ڳيجهو
بڻائي، ماڻهن کي توهم پرست ۽ عقيده پرست بڻائي، سندن تنقيدي ۽ تخليقي شعور کي
اُسرڻ نه ڏي، جيڪو تدبير بجاءِ ماڻهن کي تقدير جا درس ڏي، جيڪو جهالت، ذهني
غلاميءَ ۽ هن طبقاتي سماج جا بنياد اُکوڙڻ لاءِ ماڻهوءَ کي نه اُتساهي، جيڪو
مرداڻي ۽ پدرشاهي سماج جي نام نهاد “مڙسيءَ” جا ڳُڻَ ڳائي، ڪوڙهيل رسمن خلاف ماڻهن جي نفرت نه جاڳائي ۽ جيڪو
ادب رڳو ماڻهوءَ کي سطحي ۽ خودفريب فراريت يا داخليت پسنديءَ جي ڪُنَ ۾ ڪيرائي،
اُهو ادب ظاهر آهي ته روشن خيال، حَسين، گِهرو، تخليقي ۽ اعليٰ ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟
ان ڪري رڳو اهو اهم نه آهي ته ادب جو اظهار يا گهاڙيٽو ڪيترو حَسين آهي پر بنيادي
طور اهو سوال به اهم آهي ته ان جو جوهر، ڪارج ۽ اثر ڪهڙو آهي ۽ هن متضاد سماج ۾
اُهو ڪنهن جي لاءِ آهي ۽ ڪنهن جي نمائندگي ڪري ٿو؟ ادبي تنقيد جو مقصد آهي ته اها ادب جو گهڻ-طرفو
جائزو وٺندي آهي ۽ ان جي ادبي ۽ فني گهرائي، معيار، ڪارج، تخليقيت، تجربيت ۽ فڪري
صحت ڏسندي آهي.
ادب جي فڪري تنقيد جا بنيادي عنصر:
اسان کي اطلاقي يا عملي
تنقيد (Applied Criticism) جي باري ۾ به اهڙيون ويهڪون رکڻ گهرجن، ته جيئن اسان کي خبر پوي
ته ادبي تنقيد جون فڪري ۽ فني تقاضائون ڪهڙيون هونديون آهن؟ منهنجو خيال آهي ته
هاڻي پاڻ ٿلهي ليکي اهو سمجهي چڪا آهيون ته ادبي تنقيد ڇا آهي؟ ادبي تنقيد جا ڪجهه
وڏا واضح ۽ بنيادي ماڻ ماپا پڻ آهن، جيڪي ڄاڻڻ انتهائي ضروري آهن. اِهي ڳالهيون
عام طور تي ڪنهن به هڪ ڪتاب ۾ لکيل ڪِين آهن، اِها هڪَ سمجهه آهي، جيڪا ان موضوع
جو وسيع مطالعو ڪرڻ ۽ پڙهڻ کانپوءِ پيدا ٿيندي آهي. جيئن اسان مٿي بيان ڪري چڪا
آهيون ته ادبي تنقيد رڳو ڪنهن هڪ رخ کان نه ٿيندي آهي، اُها انيڪ پاسن کان ٿي سگهي
ٿي ۽ ٿيڻ گهرجي. جيئن زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ خاص مهارت کي اهميت هوندي آهي، تيئن
ادبي تنقيد ۾ به مختلف پاسن جا ماهر ٿيندا آهن. ان ڪري ادبي تنقيد مجموعي به ٿي سگهي
ٿي ته مخصوص رخ کان جزويات ۾ به ٿي سگهي ٿي. ان سان گڏوگڏ ادبي پرک يا تنقيد جا
ڪجهه اهم ترڪيبي عنصر پڻ آهن، جن جي پرک يا جن جي ذريعي ڇنڊڇاڻ جي وڏي اهميت هوندي
آهي. اچو ته ان ڏس ۾ ڪجهه حال احوال ڪريون.
ادبي تنقيد ۾ جيڪو فڪري
نقاد هوندو آهي، اهو گهڻي ڀاڱي ڪنهن به تخليق جي ٻوليءَ، ان جي تجربن ۽ ٻين پاسن
کي گهٽ ڏسندو آهي. ادب ۾ جيڪا فڪري تنقيد آهي ان جو منصب ئي اِهو آهي ته اها ڪنهن
شيءِ جي فڪري محرڪن، فڪري موضوعن، فڪري روين ۽ فڪري نظرين کي ڏسندي ۽ ان جي ڇنڊڇاڻ
۽ پرک ڪندي آهي. فڪري تنقيد جيڪڏهن ٻوليءَ کي به پرکيندي ته ان جو گهڻي ڀاڱي
لسانياتي نه پر فڪري پاسو کڻندي، ڇاڪاڻ ته ٻولي پنهنجو سماجي اظهار پنهنجن فڪري
روين سان ڪندي آهي. مثال طور ماڻهو پدرشاهي معاشري جي سوچ جو اظهار پنهنجي متعصب
يا جنسي برتريءَ جي احساس جي ٻوليءَ ۾ ڪندو آهي يا طبقاتي برتريءَ يا ڪمتريءَ جي
رويي جو اظهار پڻ ٻوليءَ ۾ ڪيو ويندو آهي. اوهان مان جيڪڏهن ڪنهن کي فڪري نقاد ٿيڻ
جو شوق آهي ته اوهان پنهنجو مطالعو، پنهنجي مهارت ۽ پنهنجي گهرائي انهن فڪري موضوع
ڏانهن وڌيڪ وڌائيندا ته جيئن هن شعبي ۾ اوهان ماهر ٿي وڃو. جيڪڏهن اوهان کي ڪو
گيت، غزل، نظم، افسانو، ناول مضمون يا ٻي ڪنهن به صنف جي شيءِ ڏني وڃي ته اوهان ان
کي پڙهي، اهو ڄاڻي ۽ ان جي پرک ڪري سگهو ته ان تخليق جا فڪري رجحان، فڪري محرڪ ۽
سماجي اثر ڪهڙا آهن ۽ ان جون فڪري پاڙون ڪهڙي سوچ، مفاد، طبقي ۽ تصورن جي نظام سان
ڪيئن ۽ ڪٿي سلهاڙيل آهن؟ جيڪا ادبي تنقيد ادب کي فڪري حوالي کان ڏسي ۽ پرکي ٿي، ان
کي فڪري تنقيد چئجي ٿو. ان حوالي سان توهان مان جن کي انگريزي نه ٿي اچي، اهي گهٽ
۾ گهٽ هڪ اردو ڪتاب “ارسطو سي ايليئٽ تڪ”، ٻيو ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي صاحب جا ڪتاب
“ادب جا فڪري محرڪ” ۽ “تنقيدون”، پليجي صاحب جا ٽي مقالا “انڌا اونڌا ويڄ”، “سندي
ذات هنجن” ۽ “کنڊهر” ضرور پڙهڻ گهرجن.
انهن ڪتابن مان اوهان کي گهڻي ڄاڻ ۽ ادبي پرک جي سمجهه ملندي. هاڻي اچو ته جزويات
۾ ادب جي فڪري تنقيد جي مختلف پاسن تي ٿوري نظر وجهون.
ادب ۽ فن ۾ قدرن جي اهميت ۽ پرک:
ادبي تنقيد ۾ سڀ کان اڳ
۾ اسان اِهو ڏسندا آهيون ته ادب جا قدر (Values) ڪهڙا آهن؟ اهو ادب فرانس جو
هجي يا انگلينڊ، آمريڪا، روس يعني مغرب يا مشرق جو هجي، جڏهن اسان ادب جي پرک
ڪنداسين ته ان ۾ اهي عنصر ۽ ماڻ ماپا ڏسنداسين، جنهن ذريعي اسان تنقيد ڪري سگهون.
سماج ۾ قدرن جي اهميت ۽
حيثيت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. قدر دراصل ٻن قسمن جا ٿين ٿا، هڪڙا انساني قدر
مثال طور محبت، انصاف، برابري، سچ، ماڻهپو، احترامِ آدميت، صنفي برابري، ڪنهن جو
به حق نه کائڻ، ڪنهن کي غلام نه رکڻ، رشتن جي ساڃاهه پر ٻيا هر سماج، گروهه، قوم
يا طبقي جا ڪجهه خاص ثقافتي قدر پڻ ٿين ٿا. سماج ۾ هر فرد يا گروهه مادي حالتن سان
گڏوگڏ ڪجهه قدرن جي بنياد تي پنهنجي شعور سازي ڪري ٿو ۽ اُهي قدر ئي هن جي عمل،
سوچ، رويي ۽ ڪردار جو محرڪ پڻ بڻبا آهن. ٻيو ته اِهو به هڪ مفروضو آهي ته ڪو سماجي
قدر ڪائناتي يا ازلي ابدي هوندا آهن. سماج جي ڪابه شيءِ ازلي ۽ ابدي نه آهي، بلڪه
اُها نسبتي آهي ۽ وقت سان گڏ تبديل ٿئي ٿي، اڳتي به وڌي ٿي ته پنهنجو ڏَپُ ڏيئي
متروڪ پڻ ٿئي ٿي. اسان جي سماجي اخلاقيات، سوچ، ڪردار ۽ عمل ۾ قدر (Values) اهم ڪردار
ادا ڪن ٿا. مثال طور هڪ عقيده پرست ماڻهو “ايمان” يا اکيون ٻُوٽي ويساهه ڪرڻ کي
قدر سمجهي ٿو پر هڪ عقليت پسند يا تنقيدي شعور ۽ سائنسيت ۽ منطقيت جو حامل ماڻهو
ان جي اُبتڙ شڪ، تجربن، عقلي استدلال ۽ مادي حقيقتن کي بنيادي قدر سمجهي ٿو.
پدرشاهي سماج جي پسمانده سوچ مان اُسريل ماڻهوءَ لاءِ مختلف رشتن جي صورت ۾ ۽
مختلف شڪلين ۾ ماين کي هيسائي، پنهنجو مطيع ۽ غلام بڻائي رکڻ “مڙسيءَ” جو وڏو قدر
آهي پر هڪ آزاد خيال ۽ انصاف پسند ماڻهوءَ لاءِ انساني ۽ صنفي برابري هڪ قدر آهي.
نسلي، لساني، مذهبي، قومي، نظرياتي ۽ ڪنهن به قسم جي گروهي نرگسيت جي روڳ ۾ ورتل
ماڻهوءَ لاءِ برتريءَ جو احساس هڪ قدر آهي ۽ پاڻ کان مختلف ماڻهن لاءِ احساسِ
ڪمتري به هڪ قدر آهي. ان ڪري ادب جي حوالي سان اهو تمام اهم سوال آهي ته ان ۾ قدرن
جي نسبت، ماهيت ۽ مفهوم ڪهڙو آهي؟ ۽ اُهي قدر روشن خيال، انسان دوست ۽ آزاد آهن يا
اُهي سماج جي صدين جي پسماندگيءَ، اٻوجهائيءَ، گمراهيءَ ۽ جهالت جا علمبردار آهن.
جي ادب جا قدر مُدي خارج، دقيانوسي ۽ پسمانده آهن ته پوءِ ان حالت ۾ ادب جو
گهاڙيٽو، فارم ۽ اظهار جو اسلوب ثانوي اهميت رکي ٿو، ان جي ڪا بنيادي اهميت نه
آهي. پاڻ اُها فن جي حُسناڪي خيال ۽ احساس جي منفيت کي ويتر وڌائي ڇڏي ٿي. ادب جي
پرک ۾ قدرن جي نسبت ۽ صحت جي ڇنڊڇاڻ جو سوال تمام اهميت وارو آهي. ان ڪري ادب ۽ فن ۾ قدر وڏي بنيادي شيءِ آهن. هر
معاشرو ڪنهن نه ڪنهن ثقافتي قدرن جي نظام (System of Values) تي
دارومدار رکي ٿو ۽ ان جا پنهنجا رويا هوندا آهن. مثال طور جيڪي ثقافتي قدر ڊيره
بگٽيءَ جي ماڻهن جا آهن، اُهي اسان جا نه آهن، ۽ جيڪي قدر وري اسان جا آهن اُهي،
برطانيا يا ٻِن مغرب جي ماڻهن جا نه آهن. جيڪي قدر آفريڪا جا آهن، اُهي يورپ جا نه
آهن. ڪجهه گڏيل انساني قدرن کي ڇڏي، باقي هر سماج جا پنهنجا پنهنجا نسبتي قدر ۽
ثقافتون آهن، جيڪي ماڻهو پنهنجي سماجي ماحول ۽ اوسر جي ڏاڪي جي اعتبار کان جوڙيندا
آهن. قدر سُٺا به ٿيندا آهن، ته خراب به ٿيندا آهن ۽ ادبي تنقيد انهن جي به ڇنڊڇاڻ
ڪندي آهي. عام انساني قدرن کانسواءِ هر معاشري جا پنهنجا پنهنجا مخصوص قدر به
هوندا آهن. مثال طور زرعي سماج جا قدر شهري سماج کان گهڻو مختلف آهن. طبقاتي لحاظ
کان ٽنهي طبقن جا قدرن جا نظام ڌار ڌار آهن. پسمانده سماج ۾ صنفي اعتبار کان به
قدرن جا تصور ۽ نظام مختلف آهن يا جيئن آزاديءَ جو تصور آهي. اوهان جڏهن به ڪو ادب
پڙهو ۽ لکو ته ان ۾ ڏسندا ڪريو ته اهو ڪهڙن قدرن جي ڳالهه ٿو ڪري. اهو ادب ڪهڙن قدرن
تي ٻڌل آهي؟ اهي قدر پنهنجي جوهر ۽ ڳَرُ ۾ مثبت ۽ روشن خيال آهن يا اُهي پسمانده ۽
دقيانوسي آهن؟ جيڪڏهن ڪنهن به نظم، غزل، گيت يا افساني، ناول يا مضمون جي ٻولي
ڏاڍي پختي ۽ خوبصورت آهي، ان جون فني گهرجون، بندشون ۽ ترڪيبون ڏاڍي عمده نموني
سان نڀايل آهن، ان ۾ تشبيهون، استعارا ۽ منظرنگاري ڏاڍي سهڻي نموني بيان ٿيل آهي
پر جي ان جا قدر سماجي طور پسمانده ۽ دقيانوسي آهن ته پوءِ اسان ان کي مجموعي طور
اعليٰ تخليقي شيءِ ڪونه چونداسين، جڏهن ته ان جي ٻولي حَسين هوندي ۽ ان جون فني
گهرجن به پوريون هونديون. “هجر” ۽ “وصل” ۾ ڦاٿل شعري اردو ادب جو هڪ چڱو حصو ان جو
خاص مثال آهي. ماڻهو عام طور پنهنجين ثقافتن تي وڏو ناز ڪندا آهن ۽ اُنهن بابت هو
بيحد حساس هوندا آهن پر اُنهن کي اِها خبر نه هوندي آهي ته ڪنهن به قوم يا سماج جي
سموري ثقافت سُٺي، صحتمند يا روشن خيال نه هوندي آهي. هر ثقافت جو هڪ وڏو حصو رجعت
پسند ۽ دقيانوسي خيالن، روين ۽ ريتن تي ٻڌل هوندو آهي، جنهن جو اثر عوامي نفسيات
تي پوي ٿو ۽ اُن جو اظهار ادب ذريعي پڻ ٿئي ٿو. ادبي تنقيد قدرن جي پرک ۽ ڇنڊڇاڻ
وسيلي ادب جي جوهر ۽ ڪارج جي تَڪَ تور ڪندي آهي.
ادب ۽ فن ۾ محرڪن جي اهميت ۽ پرک:
قدرن کان پوءِ هڪ ٻيو
پاسو به ادب ۾ ڏسڻ ۽ پرکڻ ڏاڍو ضروري آهي ۽ اُهو ادب جي محرڪن (Dynamics) جو پاسو
آهي. دنيا جو ڪوبه ادب محرڪن کانسواءِ تخليق نه ٿو ٿي سگهي. جيڪو شخص چئي ته ادب
محرڪن کان ماورا تخليق ٿئي ٿو ته اُهو ڀُليل آهي، يا هن کي ان جو ادراڪ ناهي، پر محرڪن
جو دائرو ڏاڍو وسيع ٿئي ٿو. ادب جي محرڪن ۾ محبت به ٿي سگهي ٿي، محرڪن ۾ عشق،
آزادي، انصاف، حُسن، فرد، نظريو، سياست، معاشيات وطن، قوم، طبقو ۽ سماج به ٿي سگهن
ٿا. ڇاڪاڻ ته محرڪن جو ڪوبه طئي ٿيل مخصوص ۽ حتمي دائرو نه آهي. جڏهن ڪوبه
تخليقڪار ڪا تخليق ڪندو آهي، ته ان وٽ ان عمل جو ڪونه ڪو احساساتي، جمالياتي،
سماجي، سياسي، معاشي، نفسياتي يا ثقافتي محرڪ ضرور هوندو آهي. ڪنهن به شاعر، ليکڪ،
تخليقڪار ۽ اديب جي تخليق ۾ ڪي نه ڪي دٻيل يا واضح محرڪ ضرور هوندا آهن. اُهي محرڪ
داخلي به ٿي سگهن ٿا ته خارجي به ٿي سگهن ٿا. محرڪن جي جيڪڏهن پاڻ فهرست ٺاهڻ
ويهنداسين ته خبر پوندي ته انهن جو جوهر ۽ دائرو حتمي طور طئي ٿيل نه آهي. محرڪ
تمام عمده، بهترين ۽ اعليٰ به ٿي سگهن ٿا ته اُهي انتهائي سطحي، پسمانده، دقيانوسي
۽ روايتي به ٿي سگهن ٿا. دنيا جي وڏن شاعرن، ليکڪن، تخليقڪارن ۽ اديبن جي ادب ۾
اوهان کي هڪ ڳالهه هڪ جهڙي ضرور ملندي. اُها هيءَ ته انهن جا محرڪ غير معمولي ۽
غير روايتي رهيا آهن. ڇو ته هڪ اديب، شاعر، ناول نگار، افسانه نگار، مضمون نويس، آرٽسٽ ۽ ليکڪ وڏو
ٿيندو ئي تڏهن آهي، جڏهن ان جي فن سان گڏوگڏ سندس تخليق جا محرڪ به وڏا ٿين ٿا.
جيترو ڪنهن اديب جو
خيال ۽ فڪر گِهرو هوندو آهي، اوترو ئي ان جا محرڪ به وڏا هوندا آهن. جيڪڏهن محرڪ
خصيص، روايتي ۽ سطحي آهن ۽ اوهان جو فن وڏو اعليٰ آهي ته ان سان ڪوبه فرق نه
پوندو. ياد رکڻ گهرجي ته گهاڙيٽو، فارم يا اسلوب دراصل ادب ۽ فن ۾ خيال يا موضوع
جو لباس ۽ اظهار جو ڏانءُ آهي، ان ڪري بنيادي اهميت لباس يا ڏانءُ جي ناهي پر ان
ڳالهه جي آهي، جيڪا هڪ اديب ڪرڻ چاهي ٿو/ ٿي. هينئر مان وري لطيف سائينءَ جو مثال
ڏيندس، سندس شاعريءَ جا سورهيه ڪردار گهڻي ڀاڱي عورتون آهن، هڪ اهڙو مرداڻو ۽
پدرشاهي معاشرو جنهن ۾ اڄ به عورت سُکَ جو ساهه نه ٿي کڻي سگهي، ۽ نه ئي ڪنڌ کڻي
هلي سگهي ٿي، ان دؤر ۾ هڪ دانشور ۽ مفڪر شاعر لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ عورتن جي
ڪردار کي کنيو ۽ سورميون ڪري پيش ڪيو. اوهان ڇا ٿا سمجهو، اها ڪا معمولي ڳالهه
آهي؟ هو اوهان کي ان ڪري عظيم شاعر لڳندو جو هن جا محرڪ به غيرمعمولي آهن. اهڙيءَ
طرح رومي، حافظ يا اردوءَ جي جديد شاعريءَ ۾ فيض آهن. تخيل ۽ فني اُڻت ۾ غالب مير
تقي مير کان گهڻو مٿي آهي پر محرڪن جي حوالي کان غالب جي ڀيٽ ۾ ميرَ کي شايد مان
مٿي رکان. اها وڏي تڪراري ڳالهه به ٿي سگهي ٿي، پر محرڪن جي حوالي کان بحيثيت هڪ ادبي
نقاد جي مون وٽ مير جو غالب کان وڏو مقام آهي. غالب جا به محرڪ سُٺا آهن پر ايترا
غيرمعمولي نه آهن. هن جو گهڻو زور تخيل، بيان جي شاعرانه نفاست ۽ شاعرانه تعليءَ
تي آهي. جديد سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز ۽
استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا محرڪ ڪمال آهن. انهن ۾ توهان کي فڪر، وطن دوستي،
قوميت، انسانيت، آزادي پسندي، جماليات، روشن خيال سماجي شعور، طبقاتي شعور،
سيڪيولر سوچ، وڏيءَ وُسعت ۽ گهرائيءَ سان ملي ٿي. سنڌي شاعريءَ جو جديد دور انهن
محرڪن ۽ روايتن کان بيحد متاثر ٿيو آهي، اياز ۽ بخاريءَ کانپوءِ نياز همايونيءَ،
نارائڻ شيام، تنوير عباسيءَ، امداد حسينيءَ، ابراهيم منشيءَ، سرويچ سجاوليءَ، محمد
خان مجيديءَ، جمن دربدر سان گڏ نئين نسل جي نمائنده شاعرن اياز گُلَ، آڪاش
انصاريءَ، حليم باغيءَ، حسن درس، احمدسولنگيءَ ۽ مظهر لغاريءَ سميت پوري هڪ نسل ۾
ملن ٿا. نثر ۾ به ايئن هو. جديد افسانوي ادب ۾ جمال ابڙي، امر جليل، آغا سليم،
سِراجَ، نسيم کرل، علي بابا، رسول بخش پليجي، عبدالقادر جوڻيجي، غلام نبي مغل،
نورالهديٰ شاهه ۽ غيرافسانوي ادب ۾ محمد ابراهيم جويي ۽ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي سميت
انيڪ اديب انهن محرڪن جا مُهندار هئا. جديد سنڌي ادب جو دور ان ڪري به سَگهارو
ثابت ٿيو جو ان جا محرڪ ٺلهي انفراديت پسنديءَ يا خودفريب داخليت پسنديءَ تي مبني
نه هئا، انهن ۾ گهرو سماجي شعور موجود هو. ادبي تنقيد ۾ محرڪن جي حوالي سان اِهو
سوال تمام اهم آهي ته ڪو اديب يا شاعر لکي ڇو ٿو؟ سوچي ڪيئن ٿو؟ محسوس ڪيئن ٿو ڪري؟
وجداني ۽ تخيلاتي ڪيفيت مان ڪيئن ٿو گذري؟ ڇا اهو رڳو هڪ فرد جو داخلي عمل آهي يا
هن جا ڏک، سُک، ارمان، حسرتون، خواب، آدرش، نفرت ۽ اتساهه سندس سماج سان به واڳيل
آهن؟ دراصل ان ۾ ڪا حدِ فاصل ناهي. تخليقي عمل انهن ٻنهي وارتائن، عنصرن ۽ محرڪن
جو تخليقي، احساساتي ۽ فڪري امتزاج آهي. ان ڪري هڪ تخليقڪار جي تخليقي عمل ۾
داخليت ۽ خارجيت ٻنهي جو امتزاج هوندو آهي. اهو ممڪن نه آهي ته ڪوبه خيال، جذبو،
ڪيفيت، عمل يا وارتا رڳو داخليت جو اظهار هجي ۽ ان جو سماج يا حالتن سان ڪوبه
لاڳاپو يا نسبت نه هجي ۽ ساڳئي وقت اهو چوڻ به غلط ٿيندو ته تخليقڪار رڳو سماج کان
متاثر ٿي لکي ٿو/ ٿي ۽ ان ۾ هن جي انفرادي محسوسات، تفڪر، خيال يا ڪيفيتن جو ڪو
عمل دخل نه آهي. ان ڪري ادبي تنقيد محرڪن جي حوالي سان ادب جي سڀ طرفي ڇنڊڇاڻ ۽
پرک ڪري ٿِي ۽ ان جا محرڪ چِٽا ڪري بيهاري ٿي. ايئن ناهي ته ڪوبه تخليقڪار ذهن ۾
رٿابنديءَ سان ڪي محرڪ رکي پوءِ تخليقون سِرجيندو آهي پر دراصل اُهي محرڪ هن جي
سماجي شعور جو حصو هوندا آهن. ان ڪري ڪابه تخليق دراصل پنهنجي تخليقڪار جي سماجي
شعور جو عڪس پڻ هوندي آهي. باقي جنهن ادب ۾ ڪو گهرو سماجي خيال ناهي ۽ اهو رڳو
عارضي ڪيفيتن جو ترجمان آهي، اُهو ادب جَر تي ڦوٽو ثابت ٿئي ٿو، اُهو سُتت ئي
متروڪ ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي همعصر سماج يا ايندڙ دور تي ڪوبه اثر نٿو وجهي، ڇاڪاڻ ته
ڪيفيتن کي ڪو دوام ناهي، مطلب ته:
“آهي يار ته منهنجو ايئنءَ،
ڪنهن مهل هيئنءَ ته ڪنهن مهل هونئن”
ڪيفيتن تي ڪهڙو اعتبار!
ماڻهو ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾. سچل سائين چيو آهي ته “ڪڏهن من آ ماڪوڙي، ڪڏهن
ڪيهر شينهن”. مون اڳ به چيو ته دراصل احساسن ۽ ڪيفيتن تي به انسان جو شعور
اثرانداز ٿئي ٿو ۽ ايئن ئي شعور تي به احساس اثرانداز ٿين ٿا پر شعور کي احساس ۽
ڪيفيت جي ڀيٽ ۾ جٽاءُ وڌيڪ آهي، تبديل اهو به ٿئي ٿو پر اهو ڪيفيتن وانگر گهڙيءَ
گهڙي مَٽجي نه ٿو. ان ڪري ادبي تنقيد ۾ محرڪن جي پرک کي وڏي اهميت حاصل آهي.
ادب ۾ تصور ۽ خيال جي اهميت:
جڏهن ڪنهن به افساني،
ناول، مضمون، نظم، گيت ۽ غزل تي تنقيد ڪبي آهي ته اهو پڻ ڏسبو آهي ته ان جا تصور ۽
خيال اعليٰ آهن يا رواجي ۽ سطحي آهن؟ جيڪڏهن ان جا خيال دقيانوسي، رواجي، پسمانده
۽ سطحي هوندا ۽ انهن ۾ ڪوبه غيرروايتي پڻو ۽ پُختو سماجي شعور نه هوندو ته پوءِ ان
جو اسلوب ۽ ان جا فني تجربا ڪيڏا به حَسين ڇو نه هجن، اهو ادب غيرمعمولي نٿو بڻجي
سگهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي چانهه ٺاهڻي آهي، ان کي چانهه ٺاهڻ لاءِ مِٺو پاڻي
گهرجي، ڇو ته سمنڊ جي کاري پاڻيءَ سان ته لذيذ چانهه نه ٺهندي آهي. اوهان ڪپڙا ٿا
وٺو، ڪپڙا وٺڻ کان اڳ ۾ اوهان اهو سوچيندا ته ڪپڙو سبرائڻ لائق به آهي يا نه؟ اهڙا
ڪيترائي عام مثال ٿي سگهن ٿا، ادب جو بنياد خيالن، تصورن، احساسن ۽ تخيل تي ٻڌل
آهي، ان ڪري ادب ۾ اِهو پڻ ڏٺو ويندو آهي ته خيال اعليٰ آهن يا سطحي آهن، ان ڪري
ڪنهن به شاعر، افسانه نگار، ناول نگار يا ڪنهن به صنف ۾ لکندڙ اديب جي خيال کي وڏي
اهيمت هوندي آهي، جيڪڏهن هنن جا خيال غيرمعمولي آهن ۽ اُنهن جو فني اظهار به حَسين
۽ تخليقي آهي ته پوءِ سندن ادب به غيرمعمولي مقام حاصل ڪندو ۽ جيڪڏهن هنن جا خيال
رواجي، سطحي ۽ دقيانوسي آهن ته ان جو مطلب آهي ته اهو ادب نه رڳو غيرمعمولي مقام
حاصل نه ڪري سگهندو. پر سماج کي اڃا وڌيڪ جهالتن ۽ گمراهيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڪيرائيندو.
ادب جو رڳو ادب هجڻ ڪافي ناهي، پر اها ڳالهه وڏي اهم آهي ته اهو ادب ڪهڙي سوچ،
خيال، تفڪر ۽ لاڙي جي ترجماني ڪري ٿو. رڳو پنا ڪارا ڪرڻ ڪافي نه آهي. لطيف سائين
انهيءَ ڪري ته چيو هو ته:
“ڪُٺيس ڪُويڄن، تن طبيبن نه گڏيا،
ڏيئي ڏنڀَ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.”
ڏيئي ڏنڀَ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو.”
ڏاهپ کان وانجهو ۽ بي
روح ادب ڪُويڄن وانگر ئي آهي، جيڪو سماج جي اڳ ئي ڏکويل ڏيلَ ۽ رُوحَ کي فڪري ۽
احساساتي ڏنڀَ ڏئي ٿو. ان ڪري مون قدرن سان گڏ محرڪن جي ڳالهه ڪئي ۽ محرڪن سان گڏ
خيالن جي ڳالهه ڪئي آهي. قدرن کي به ڏسڻ تمام ضروري آهي، محرڪن کي به سمجهڻ بنهه
ضروري آهي ۽ انهن سان گڏوگڏ خيالن کي به پرکڻ ۽ پروڙڻ تمام ضروري آهي. احمد فراز
سان منهنجو قُرب ۽ احترام وارو تعلق هو. غزل ۾ صنف جي حوالي کان هو تمام وڏو شاعر
هو. غزلن ۾ هن جو صنف جي حوالي کان فيض کان به وڏو مقام آهي. فيض جي غزل جو اسلوب
ڪلاسيڪل آهي، هن غزل جي ان ڪلاسيڪل اسلوب کي نه ڇيڙيو، هو غزل جي ان پراڻي ڪلاسيڪل
اسلوب جي اندر جديد دؤر جا نوان ۽ تازا ترقي پسند خيال کڻي آيو ۽ فيض، فيض بڻجي
ويو ۽ پنهنجي دور تي ڇانئجي ويو. صنف جي حوالي کان جتي فراز جو غزل بيٺو آهي ۽
جيترا فراز سُهڻا غزل لکيا آهن، ۽ غزل ۾ تجربا ڪيا آهن، اوترو فيض جي وَسَ جي
ڳالهه نه آهي. جيتوڻيڪ مون اهو ڄاتو پئي پر تنهن هوندي به مون فراز کان سنڌ ٽي
ويءَ لاءِ (2003ع ۾ ورتل) هڪ انٽرويوءَ ۾ ان بابت پڇيو هو. اهو انٽرويو
سنڌ ٽي وي تي ٻن قسطن ۾ ٻه دفعا هلي چڪو آهي. مون کانئس پڇيو ته، “فراز صاحب،
اوهان ٻُڌائيندا ته اوهان جي هيڏي وڏي مقام هوندي به فيض جو نالو اوهان کان اڳ ۾
ڇو ايندو آهي؟” ان حوالي سان عمر جو ته ڪوبه مسئلو نه آهي، غالب ۽ مير جي وچ ۾ به
هڪ پوري دؤر جو فرق هو. هونئن به ادب ۽ فن، علم، سائنس ۽ فلسفي ۾ انسان جي طبعي
عمر جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي. منهنجي ان سوال جي جواب ۾ فراز صاحب پاڻ چيو ۽
منجهس وڏو اخلاق هو. هن چيو ته، “فيض جا خيال ۽ فڪر منهنجي خيالن ۽ فڪر کان اعليٰ
هئا.” مجموعي طور تي جيڪڏهن غزل کي هڪ صنف طور الڳ ڪري پرکيو وڃي ته هڪ صنف طور ۽
فني تجربن جي حوالي کان جيترو فراز جو
مقام آهي، اوترو فيض جو نه آهي پر خيال جي حوالي کان فيض جي ڳالهه ئي ٻي آهي. مان
هڪ ادبي نقاد جي حيثيت ۾ چوندو آهيان ته فيض خيال جي حوالي کان هڪُ دؤر پارِ ڪيو.
هن جي فقط هڪ شعر کانپوءِ اردو شاعري اها ساڳي نه رهي،هڪ دور ٽِپي وئي. هن چيو ته:
اور ڀي غم هين زماني مين محبت ڪي سوا،
راحتين اور ڀي هين، وصل ڪي راحت ڪي سوا.
راحتين اور ڀي هين، وصل ڪي راحت ڪي سوا.
هن شعر کان اڳ ۾ مخدوم
محي الدين، اقبال، جوش ۽ ساحر جهڙن شاعرن کي ڇڏي سڄي جديد اردو شاعري ان ڳالهه ۾
ڦاٿي پئي هئي ته دنيا جو سڀ کان وڏو معراج محبوب سان ملڻ آهي ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو
عذاب ۽ تباهي محبوب کان وڇوڙو آهي. فيض صاحب انهن کان هَٽي ڪري اردو شاعريءَ کي هڪ
دؤر ٽِپايو. سنڌي، اردو ۽ انگريزي شاعريءَ اندر اهڙا ڪيترائي مثالَ آهن. دنيا ۾
شيڪسپيئر لاءِ تمام گهڻو لکيو ويو آهي. هو گهڻو پڙهيل لکيل شخص به نه هو. ان جي
مقابلي ۾ ميٿيو آرنلڊ تمام گهڻو پڙهيل لکيل ماڻهو هو. ڊاڪٽر جانسن تمام پڙهيل لکيل
ماڻهو هو پر انگريزي ادب ۾ شيڪسپيئر جو انهن کان مقام مٿانهون آهي. ان جو سبب اهو
آهي ته ادب ۾ خاص طور ڏٺو ئي اِهو ويندو آهي، ته ان ۾ وَڏَ-خيالي ڪيتري آهي.
هڪ ڏاڍي پراڻي ڳالهه
آهي، مان جڏهن ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندو هئس ته لاهور ۾ هڪ مضمون نويسيءَ جي
مقابلي ۾ وڃڻ ٿيو، اُتي مضمون جو موضوع “اقبال جو
تصورِ شاهين” هو. اتي مشهور نوجوان صحافي حامد مير جو والد پروفيسر وارث
مير ان مضمون نويسيءَ جي مقابلي جو جج هو. مون مضمون ۾ اقبال ۽ شاهه لطيف جو تقابلي
جائزو پيش ڪيو. جنهن ۾ مون چيو ته اقبال معاشري ۾ پنهنجو آئيڊيل پنهنجي “شاهين”
واري تصور ۾ ٿو ڏسڻ چاهي ۽ اهو تصور ڏاڍو حَسين به پيش ڪيو اٿائين:
دونون ڪي پرواز هَي ايڪ هِي فضا مين،
ڪرگس ڪا جهان اور، شاهين ڪا مقام اور.
ڪرگس ڪا جهان اور، شاهين ڪا مقام اور.
مون
ان ۾ تجزيو اهو ڪيو ته هڪ طرف شاهين آهي، جيڪو فضا ۾ پاڻ کان ڪمزور پکيءَ کي
برداشت نه ٿو ڪري ۽ انهن کي چيرڻ ۽ ڦاڙڻ جي عمل کي وڏي عمدي نموني سان بيان ڪيو
اٿائين. شاهين جي فضا ۾ ڄڻ هڪ بادشاهت ۽ دهشت آهي، جنهن ۾ هو پاڻ کان ڪمزور پکيءَ
کي برداشت نه ٿو ڪري. يعني شاهين پنهنجي ماحول ۾ طاقت ۽ تسلط جو اهڃاڻ آهي. اهڙيءَ
طرح لطيف وٽ تصور آهي ته:
هنج تِتَئين هوءِ.
سوال آهي ته هنج ڪٿي
آهي؟ هو چئي ٿو ته هنج اُتي ئي آهي:
هنج تِتَئين هوءِ، اُونهي ۾ اوڙاهه جي.
تون پڇين ٿو ته هنج ڪٿي
آهي؟ اهو جتي ڪٿي نه ويهندو آهي:
هنج تِتَئين هوءِ، اُونهي ۾ اوڙاهه جي،
اِيءُ ڪانيرو ڪوءِ، ڇَاڇَر ۾ ڇَيرُون ڪري.
اِيءُ ڪانيرو ڪوءِ، ڇَاڇَر ۾ ڇَيرُون ڪري.
اُهي
ٻَگها هوندا آهن، جيڪي ڪنارن جي پاڻيءَ ۾ ڪِنيون مئل مڇيون پيا کائيندا آهن. اهو
تصور ڏسو، مون ان جو مواخذو ڪيو هو ته هنج ۽ شاهين جي ڪردار ۽ علامتن يا تمثيلن ۾
ڪهڙو فرق آهي ۽ انساني معاشري کي هنج کپن يا شاهين کپن؟ پوءِ اتي مون کي ان مضمون تي پهريون ادبي انعام ڏنائون.
ادب
جي اندر جيڪڏهن تصور اعليٰ نه آهن، اهي رواجي، سطحي، روايتي ۽ دقيانوسي آهن يا
پنهنجي دؤر جي فڪري نظام جا غلام آهن يا پنهنجي دؤر جي مروج رسمن، روايتن ۽ رواجن
جا پابند آهن ته ان جو مطلب ٿيندو، اوهان مڙئي حالو چالو ادب ته تخليق ڪري سگهو ٿا
پر ڪو وڏو ۽ غيرمعمولي ادب تخليق ڪري نه ٿا سگهو. دنيا ۾ هر شيءِ جو پنهنجو هڪ معيار آهي. مان هڪ ڳالهه اڪثر چوندو
آهيان ته جيڪا جهالت غلط ڪتابن ڦهلائي آهي، اُها ڪنهن ٻئي نه ڦهلائي آهي. جيڪي
ڪتاب جهالت جا نمائندا هوندا آهن، اُهي جهالت ئي ڦهلائيندا آهن. ان ڪري ادب ۾ رڳو
خيالن کي نه ڏٺو ويندو آهي پر خيالن جي صحت، اهميت، گهرائيءَ، اُوچائيءَ، ڳَرُ،
جوهر ۽ ڪارج کي به ڏٺو ويندو آهي.
ادبي تنقيد ۾ نظرين جي اهميت:
نظرين
جو بظاهر ته ادب ۽ فن سان ڪوبه سڌو لاڳاپو نه هوندو آهي ۽ ضروري به ناهي ته ڪو
اديب، شاعر ۽ فنڪار هرو ڀرو ڪنهن خاص نظريي جو پوئلڳ هجي. تخليقڪار آزاد ٿين ٿا ۽
هنن تي اِها پابندي نه ٿي وجهي سگهجي ته هو لازمي طور ڪنهن نظريي جي طابع يا ان جو
ترجمان هجي. پر ادبي تنقيد ۾ ادب ۽ فن کي نظرين جي لحاظ کان به پرکيو ويندو آهي،
ڇاڪاڻ ته هر خيال جو سڌو يا اڻ سڌو لاڳاپو ڪنهن نظريي سان نه ته به ڪنهن نه ڪنهن
فڪري روايت سان ضرور آهي. ان لحاظ کان اسان کي پهرين ته اِهو سمجهڻو پوندو ته
نظريا پاڻ چئون ڇا کي ٿا؟ خيالن جي منظم ۽ وڌيڪ اُسريل شڪل کي نظريو چيو وڃي ٿو.
سادن لفظن ۾ اهو هيئن به چئي سگهجي ٿو ته خيالَ تجرباتي عمل مان گذري، انفراديت جي
دائري مان نڪري ۽ اُسري جڏهن ڪن اُصولن جي بنياد تي قائم ٿين ٿا ته اُنهن کي نظريا
چئبو آهي، جنهن کي نظامِ خيال يا System of Thought چئبو آهي. نظريا سماج ۾ ٻنهي قسمن جا آهن. نظريا بذات خود ڪي اهم
نه آهن. سوال وري به اهو آهي ته نظريا ترقي پسند، روشن خيال، انسان دوست ۽ سائنسي
توڻي منطقي آهن يا اُهي دقيانوسي، پراڻ پسند، مُدي خارج، توهم پرست، عقيده پرست ۽
تقليد پسند آهن. ڇاڪاڻ ته روشن خيال نظريا انساني سماج کي اڳتي وڌائين ٿا ۽ رجعت
پسند نظريا انسان ۽ سماج کي نه رڳو پوئتي ڌِڪين ٿا پر ان کي جهالتن ۽ زوال جي
اُونهاهين ۾ ڪيرائين ٿا. ان ڪري رڳو نظريي يا نظرين جو هئڻ ڪافي نه آهي پر اهو
سوال اهم آهي ته انهن نظرين جو بنياد، اُصولَ، ڳَرُ ۽ جوهر ڇا آهي؟ اُهي پس و پيش
انسان کي جهالت ۽ ذهني غلاميءَ ڏانهن ڌِڪين ٿا يا اُهي انسان جي عقلي استدلال،
منطقي شعور ۽ تخليقي صلاحيتن کي سگهارو ڪري سَچَ جي سگهه بڻجن ٿا؟ نظرين جي بنياد
۽ سماجي ڪارج جو سوال تمام بنيادي آهي. نظريا انساني سماج جي اوسر جي عمل کي
ڪاپاري ڌڪ به هڻن ٿا ۽ ان جي ارتقا ۾ ڇالَ جو ذريعو به بڻجن ٿا. ان ڪري نظرين جي
فڪري يا نفسياتي هيبت ۾ اچڻ جي ضرورت ناهي پر دراصل اهو ڏسڻ گهرجي ته انهن جو جوهر
۽ ڪارج ڇا آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڪنهن جي لاءِ آهي؟ مان هيءَ ڳالهه پنهنجي
پوري ذميواريءَ سان ڪريان ٿو ته جنهن اديب جو زندگيءَ بابت ڪو فڪر نظريو نه آهي ۽
جنهن لاءِ ادب رڳو دل جي وندر يا اظهار جو سهڻو ڏانءُ آهي، ان جو مطلب آهي ته اُهو
طفلِ مڪتب آهي. ڇو ته زندگيءَ کي سمجهڻ ۽ ان کي تبديل ڪرڻ لاءِ ضرور ڪو نه ڪو فڪر
يا نظريو گهرجي، ٻيو ته نظريا ڪي مقدس يا الهامي آيتون به نه هوندا آهن، جيڪي
سدائين جيئن جو تيئن هجن ۽ تبديل نه ٿين. نظريا تبديل به ٿي سگهن ٿا ۽ تبديل ٿيندا
به رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته معروضي حالتون به تبديل ٿين ٿيون پر پر انهن جو هجڻ ضروري
آهي. نظريا نه هوندا ته انساني فڪر جي اوسر جو سلسلو ٽُٽي ويندو. ان ڪري ادب کي ان
حوالي کان به ڏسڻ ضروري آهي ته ان ۾ فڪري محرڪ ۽
نظريا ڪهڙا آهن. اديب يا شاعر نظرين جو پرچارڪ ناهي هوندو پر اهو ڏسڻ گهرجي
ته اديب يا شاعر جو زندگيءَ ۽ سماج بابت فڪر يا نظريو ڇا آهي، ڇاڪاڻ ته سندس سرجيل
ادب تي ان جا اثر لازمي طور هوندا. هڪ رجعت پسند، غيرسائنسي، غيرعقلي ۽ عقيده پرست
اديب يا شاعر جي تخليقي ڪيل ادب ۾ سماج ۽ زندگيءَ بابت اُهي ئي خيال ۽ رويا هوندا،
جيڪي سماج کي پوئتي ڌِڪين ٿا، جمود جو شڪار بڻائين ٿا، ذهني تخليقيت ڏانهن نه پر
تقليد ڏانهن مائل ڪن ٿا ۽ پوءِ ان جو ڪارج به پس و پيش اهڙو ئي ٿئي ٿو.
ادب ۽ فن ۾ طبقاتي شعور:
انساني معاشرو بظاهر هڪ
معاشرو آهي، پوءِ ڀلي اهو معاشرو مغرب جو هجي يا مشرق جو، انسان جو جيڪو به معاشرو
آهي، اهو گهڻي زماني کان بنيادي طور تي هڪ طبقاتي معاشرو رهيو آهي ۽ ان جي مختلف
طبقن جا الڳ الڳ ۽ متضاد مفاد آهن. جيڪو مفاد جاگيردار جو آهي، اُهو هاريءَ جو نه
آهي، جيڪو مفاد سرمائيدار جو آهي، اهو مزدور جو نه آهي، جيڪو مفاد حاڪم جو آهي،
اهو محڪوم جو نه آهي، جيڪو مفاد عوام جو آهي اهو حڪمران طبقن جو نه آهي، انهن جي
وچ ۾ وڏو بنيادي تضاد آهي. ان ڪري ادب ۽ فن ۾ خاص طور تي اهو ڏسڻ انتهائي ضروري آهي
ته اهو ادب پنهنجي مزاج ۽ سرشت اندر ڪهڙي طبقي جي مفاد ۾ آهي؟ يا ڪهڙي طبقي جي
نظرياتي، احساساتي، سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ معاشي مفادن جي ترجماني ڪري ٿو ۽ کين
سگهه بخشي ٿو؟ اهو ادب بنيادي طور حڪمران طبقي جي مفاد ۾ آهي يا عوام جي مفاد ۾؟
مثال طور هڪڙو ادب چئي ٿو ته تقدير ۾ جيڪو لکيل آهي اهو ضرور ٿيندو، لکيي جو ليک
اڻ ٽر آهي، ماڻهو غريب آهي يا امير، غلام آهي يا آقا، محتاج آهي يا پاڻ وهيڻو،
جاهل آهي يا ڏاهو- اهو سڀ قدرت جي وس آهي ۽ ان تي انسان جو ڪوبه وَسُ نه هلندو.
هاڻي ٻُڌايو ته اهو ادب ڪنهن جي مفاد ۾ آهي؟ اهو ادب سڌي يا اڻ سڌيءَ ريت هن
طبقاتي معاشري جي اسٽيٽسڪو کي تقويت ڏئي ٿو يا نه؟ جيڪو ادب چئي ته هاڻي اسان ظالم
ماڻهن کي ڇا ڪريون؟ انهن کي خدا پاڻ ئي پُڄندو! جيڪو ماڻهو اهو چئي، پاڻ ڪجهه به
نه ڪري ۽ ماڻهن کي ايئن چئي پيو گمراهه ڪري ته اوهان جي خيال ۾ اهو ادب ڪنهن جي
مفاد ۾ هوندو؟ اهو ادب حرام خور، ڦورو ۽ ظالم طبقي جي مفاد ۾ هوندو آهي ته جيئن
اڪثريت ڪجهه به نه ڪري ۽ خاموش رهي ۽ ماڻهن کي ان ڳالهه ۾ يقين ڏيارائجي ته ان ۾
ڪنهن جو به ڪوبه ڏوهه نه آهي. سڀ ڪجهه قسمت جو کيل آهي، انسان جو ان تي وَسَ نه
هلندو، رضا تي راضي رهو، بس صبر ڪريو ۽ رڳو هر حال ۾ شڪر ڪريو. پنهنجي حال ۽ ماحول
جي محرڪن ۽ سببن تي غور نه ڪريو. ان جو مطلب ٿيو ته خدا ڪو اهڙو بي انصاف آهي جو
هزارن سالن کان جيڪي محنت ڪندڙ پورهيت ماڻهو آهن، اُهي مفلس، غريب، لاچار، بيمار ۽
بيوس آهن ۽ هو حرام خور طبقا هزارن سالن کان مفت ۾ مزا پيا لُٽين ۽ خدا اهڙو
غيرمنصفاڻو معاشرو ٺاهڻ ۾ وڏو خوش آهي! جنهن ۾ جيڪو ماڻهو محنت ڪري ٿو، اهو ڦاٿو
پيو ۽ ڪمزور آهي ۽ جيڪو ڦورو ۽ حرام خور طبقو آهي، ان کي سڀ ڪجهه آهي ۽ هو وڏن مزن
۾ آهي. اوهان انهن خيالن تي غور ڪندا ته اوهان کي خبر پوندي ته اهي خيال ضرور ڪنهن
نه ڪنهن طبقي جي حق ۾ آهن. اهو ممڪن ئي نه آهي، ته ڪوبه سماجي خيال سڀني متضاد
طبقن جي مفاد ۾ هجي، ڇو ته معاشرو متضاد طبقن ۽ انهن جي مفادن تي ٻڌل آهي. اوهان
جا خيال، اوهان جو ادب ۽ فن اوهان جون صلاحيتون ضرور سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت ڪنهن نه ڪنهن طبقي جي مفادن جي نمائندگي ڪن ٿا.
اسان جي لوڪ ادب ۾ موالي ۽ مُلان جو وڏو جهيڙو
ملي ٿو، اهو ڇا آهي؟ دراصل اسان جي معاشري ۾ ماڻهوءَ کي ته اها جرئت ئي نه
آهي ته اهو مُلان جي مقابلي ۾ سڌو اُٿي کڙو ٿئي، ڇو ته مُلن کي رياست جي به
پٺڀرائي آهي، مذهب جي نام نهاد نمائندگيءَ جي به اَڙَ آهي ۽ نتيجي ۾ هو پاڻ به وڏو
طاقتور آهي. ماڻهن ان جي خلاف هڪ ڪردار “موالي” تخليق ڪيو آهي، جنهن جي واتَ ۾ هنن
پنهنجي زبان وجهي ڇڏي آهي. هو مُلان جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چوڻ چاهين ٿا، مواليءَ جي
زباني چئي ڇڏين ٿا، هاڻي مُلان يا ڪو ٻيو مواليءَ کي ڇا ڪندو؟ جيڪو ٿيو ئي موالي،
موالي ته ايئن ئي هوندا آهن. اوهان ڏسندا ته مواليءَ جي ٻوليءَ ۾ جيڪو طنز آهي،
اهو عوام جي خواهشن يا تحت الشعور جي ترجماني ڪري ٿو. ڇو ته ماڻهو مُلان جي سامهون
سڌي ڳالهه نه ٿو ڪري سگهي. اهڙيءَ طرح اوهان کي ادب ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ملنديون.
ويندي مزاحيه ادب يا لوڪ ادب ان ۾ ٻئي رجحان هوندا آهن. هڪڙو مزاحيه ۽ لوڪ ادب
عوام جي مفادن، تخليقي سوچن ۽ روح جي ترجماني ڪري ٿو ۽ ٻيو مٿن ٽوڪون ڪري ٿو، کين
هيٺ ۽ حقير ڏيکاري ٿو ۽ حڪمران طبقن جي سوچن ۽ مفادن جي ترجماني ڪري ٿو. ادب لازمي
طور سڀني لاءِ ساڳيو اثر رکندڙ ۽ سڀني لاءِ نه هوندو آهي. ادب ضرور ڪنهن نه ڪنهن
طبقي جي ترجماني ڪندو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي، ته اوهان جو ادب ڪهڙي قسم جي خيالن
وارو ۽ ڪهڙي طبقي لاءِ آهي. ڇا اهو وسيع تر انسانن جي حق ۾ آهي؟ انهن جي آزاديءَ ۽
خوشيءَ جي واڌاري لاءِ آهي؟ يا اهو پنهنجي جوهر ۽ اثر ۾ ڪنهن مخصوص طبقي کي تقويت
بخشيندڙ آهي؟ اها ڳالهه ڄاڻڻ انتهائي ضروري آهي. ظاهر آهي ته اديب يا شاعر هر وقت
ڪنهن طبقي کي ذهن ۾ رکي ادب تخليق نه ڪندو آهي پر پوءِ به تخليقڪار جا سماجي
ويچار، احساساتي رويا ۽ محرڪ ۽ ويندي ٻولي ۽
ٻوليءَ جا سماجياتي محرڪ جيئن ته پنهنجيءَ سرشت ۾ طبقاتي جوهر رکن ٿا، ان ڪري ان
ادب کي به گهڻو متاثر ڪن ٿا. ان ڪري ادبي تنقيد ۾ اهو پاسو به ٿي سگهي ٿو ته ادب
ڀل ته بظاهر طبقاتي خيال جو نه هجي يا بظاهر ان جا محرڪ طبقاتي نه هجن پر تنهن
هوندي به ان جي طبقاتي نسبت جي پرک ٿي سگهي ٿي ۽ ٿيڻ به گهرجي. مثال طور ڪو ادب
ڀلي به بظاهر سماج ۾ عورتن جي حيثيت بابت اظهار نه ڪندو هجي پر ڇا ادب، ان جا
موضوع، ٻولي، تشبيهون، اشارا، ڪنايا ۽ ويندي احساس صنفي تعصب کان آجا هوندا آهن؟
ڇا پِدرشاهي سماج جي ٻولي ۽ مرداڻي سماج جي سوچَ ادب ۽ فن ذريعي پنهنجو تعصب به
اظهار نه ٿي ڪري؟ ضرور ڪري ٿي. ادبي تنقيد جو ڪم ۽ منصب اهو به آهي ته ادب جي پرک
طبقاتي ۽ صنفي خيال کان به ڪري.
پاڻ ادب ۽ ادبي تنقيد
جا پيراميٽرس ۽ ان جا قدر، محرڪ، تصور،
نظريا ۽ طبقاتي وابستگي بيان ڪري آيا آهيون، جنهن جو مطلب ادب جي فڪري تنقيد آهي
پر جيڪڏهن پاڻ ادبي تنقيد جي درجه بندي ڪنداسين ته اها ٿلهي ليکي ٻن قسمن جي آهي،
انهن مان ٻيو قسم آهي فني تنقيد. اچو ته ان جي مختصر لفظن ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪريون.
ادبي تنقيد جا قسم:
جيئن اسان مٿي چيو آهي
ته ادبي تنقيد جا مختلف انداز، پاسا ۽ قسم ٿيندا آهن ۽ انهن مان هر ڪنهن جا بنياد،
مقصد ۽ گهرجون توڙي نتيجا جزوي، معنوي ۽ ٽيڪنيڪي طور مختلف هوندا آهن، ان ڪري ادبي
تنقيد جي موضوعي پاسن تي اچبو ته پوءِ ان جا انيڪ قسم آهن، جن کي سمجهڻ ادبي تنقيد
جي شاگردن يا نقادن لاءِ تمام ضروري آهي. اسان ڪوشش ڪنداسين ته انهن بنيادي قسمن
تي مختصر طور روشني وجهون ۽ انهن جي اهميت ۽ نسبت کي گهرائيءَ سان سمجهون.
ادب جي سماجياتي تنقيد:
ادبي تنقيد جو هڪ اهم
پاسو ادب جي سماج تنقيد آهي. ادب جو سماجياتي نقاد ان جي سماجياتي پاسي جي ڇنڊڇاڻ
ڪندو ۽ هو ان شيءِ کي ڏسندو ته ان جي سماجي نسبت (Social Relevance)
ڪهڙي آهي؟ ان جي اندر سماج لاءِ ڪهڙا تصور آهن، اها شيءِ سماج جي ڪهڙن طبقن جي
سوچ، اهنجن، خوشين، خوابن ۽ ڪيفيتن جي نمائندگي ڪري ٿي. ڊاڪٽر جانسن هڪ تمام وڏو
ادبي نقاد هو، هن پنهنجي زماني ۾ ان ڳالهه تي تمام گهڻو زور ڏنو هو ته ادب ۾ ان جي
سماجي نسبت کي ضرور ڏسڻ گهرجي. اهو سوال بنيادي آهي ته ادب ڪهڙي قسم جو معاشرو
تخليق ٿو ڪري؟ ڪهڙي قسم جي معاشري لاءِ خواب ڏسي ٿو ۽ ڪهڙي قسم جي سماج جا رويا ٿو
پيدا ڪري ۽ سماج جي ڪهڙن حصن يا طبقن لاءِ اهو بهتر ۽ فائديمند آهي؟ ان ڪري ادب جي
سماجياتي نسبت کي ڏسڻ تمام ضروري آهي. جيڪڏهن ڪي به نقاد ادب کي ان حوالي کان
ڏسندا ته ان کي سماجي تنقيد چيو ويندو. مثال طور ادب پنهنجي دؤر جي هڪ سماجياتي
تاريخ به هوندو آهي. ڪنهن به زماني جي ادب مان اوهان کي خبر پوندي ته ان دؤر جو
سماج ڪيئن هو؟ ماڻهو محبت ڪيئن ڪندا هئا؟ سندن سماجي قدر، رويا ۽ تصور ڪهڙا ۽ ڪيئن
هئا؟
اهو بحث ته هاڻي پراڻو
ٿي چڪو آهي ته ادب سماج لاءِ ٿو تخليق ٿئي يا رڳو داخلي وارتائن، انفرادي خيالن ۽
شخصي تصورن جي فني اظهار لاءِ؟ اهو بحث “ادب براءِ ادب” ۽ “ادب براءِ زندگي” جي
حوالي سان گهڻو زمانو هليو پر حقيقت ۾ انهن ۾ ڪو ازلي ابدي تضاد به ڪونهي. ڪو
خيال، احساس، خواب، آدرش ۽ وارتا ماڻهوءَ جي انفرادي به ٿي سگهي ٿي ۽ ساڳئي وقت ان
جي علامتي طور سماجياتي نسبت ۽ اهميت به ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته فرد جو خيال احساس
سماج کان ڪٽيل نه ٿو رهي. قطعي داخليت ۽ قطعي خارجيت غيرمنطقي ۽ فلسفيانه خيال کان
غلط آهن. فرد جي داخليت ۽ سماج جي خارجيت وچ ۾ ڪا ديوار چين ناهي، اِهي هڪٻئي سان
تمام گهڻو ڳَنڍيل ۽ ڳُتيل مظهر آهن. ان ڪري “ادب جي سماجي ڪارج” جو سوال ويهين
صديءَ ۾ وڏيءَ اهميت سان اُڀريو ۽ ادبي تنقيد ان سوال کي گهڻ-پاسائين نموني هٿ ۾
کنيو. جيتوڻيڪ ادبي تنقيد جي پهرين ڪتاب “بوطيقا” (ارسطو) کان وٺي وليم ري بانڊ جي ڪتاب “Politics and Letters” تائين ادب جي سماجي ڪارج جو سوال ادبي پرک جي
حوالي سان اهم رهيو آهي پر ان سوال کي 19هين
صديءَ ۾ وڏي اهميت ملي جو سماجي سائنسن جي حوالي سان 19هين
صدي تمام اهم ثابت ٿي. سماجيات، اقتصاديات، انسانيات ۽ سياسيات جا علم 19هين صديءَ ۾ وڏيءَ علميت، سائنسيت
۽ اهميت سان اُڀريا ۽ ايئن ادب سميت زندگيءَ جي هر شعبي جي سماج سان نسبت جو سوال
اُڀريو. سائنس، فلسفي ۽ آرٽ جي اوسر پڻ ادب ۽ فن جي سماجياتي ڪارج ۽ نسبت کي
گهرائيءَ سان سمجهڻ جا بنياد فراهم ڪيا. 20هين
صديءَ ۾ اهو سوال ويتر اهميت سان اُٿيو. ادب ۽ فن ۾ حقيقت نگاري ته اڳ به هئي پر
سماجي حقيقت نگاريءَ جو دور آيو ۽ تصوراتي موضوعن بجاءِ زندگيءَ جون لطيف توڙي بي
رحم حقيقتون ادب ۽ فن ۾ موضوعاتي جاءِ والارڻ لڳيون. ويهين صديءَ جي ٽين ڏهاڪي ۾
ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ جي ذريعي اُها اُٿل پٿل ننڍي کنڊ جي ادب ۾ به آئي
۽ اردو، هندي، بنگالي، سنڌي، تامل، پنجابي سميت انيڪ ٻولين جو ادب ان تحريڪ کان
متاثر ٿيو. ان تحريڪ ادب جي محرڪن، موضوعن، ڪردارن، وارتائن، ٻوليءَ، فن ۽ سماجي
ڪارج ۾ هڪ نئون انقلاب آندو، جنهن جا سماج تي غيرمعمولي ۽ گهرا اثر اڄ تائين محسوس
ڪري سگهجن ٿا. هيءُ اُهو دور هو جڏهن ادب ۽ فن اختراع کان وڌيڪ جيئري سماج سان
وڌيڪ لاڳاپا قائم ڪرڻ لڳو.
ان سڄي پسمنظر ۾ ادب ۽
فن جي سماجياتي تنقيد نه رڳو ادب جي سماجياتي محرڪن ۽ نسبت کي پرکي ٿي پر سماج جي
هر وهنوار، لقاءَ يعني خاندان، راڄ، طبقي، ذات، ڪُڙم، قبيلي، مذهب، سماجي ڪِرت،
ٻوليءَ، سڃاڻپ، قدرن، سماجي ناتن ۽ مفادن
جي به گهڻ-طرفي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿي. اسان وٽ جيئن ته ادبي تنقيد اڃا ايترو اُسري ناهي ۽
خاص طور عملي ۽ اطلاقي تنقيد جي روايت تمام ڪمزور آهي، ان ڪري ان تي ڪم به گهٽ ٿيو
آهي پر هم عصر دور جي ادبي نقاد يا ايندڙ دور جي ادبي پارکن کي اهو ڪم هٿ ۾ کڻڻو
پوندو. مثال طور جيڪڏهن ڪو شيخ اياز جي شاعريءَ جو سماجياتي تنقيد جي اُصولن جي
روشنيءَ ۾ اڀياس ڪندو ته معلوم ٿيندو ته شيخ اياز عوام نه پر شهري وچين طبقي جي
رومانويت، يورپ جي آزاد خياليءَ، روشن خياليءَ، ٽين دنيا جي باغيانه مزاج ۽ وچولي
طبقي جي مٿاڇري انقلابيت جي ترجماني ڪندڙ شاعر آهي. مثال طور لوڪ ادب جو سماجياتي
تنقيد جي لحاظ کان اڀياس ڪبو ته معلوم ٿيندو ته اهو گهڻي ڀاڱي عوام جي موجود
روايتن، نفسيات، خوشيءَ ۽ غميءَ جي محرڪن جو سادو ۽ اجتماعي ۽ بي ساخته اظهار
هوندو آهي، ان ۾ لوڪ ڏاهپ ته هوندي آهي پر آدرشيت گهٽ هجي ٿي. ايئن اردو شاعري
گهڻي ڀاڱي قوم جي احساس يا وطنيت ۽ ثقافتي حُسناڪيءَ جي اظهار کان گهڻي ڀاڱي
وانجهيل نظر ايندي، ڇاڪاڻ ته اُها مغل دور جي اُڀرندڙ شهري سماج جي لشڪري ٻولي
هئي، ان ڪري اردو ٻوليءَ جو قومي سماج تاريخ ۾ نه ٿو ملي. ايئن انيڪ ٻيا مثال ٿي
سگهن ٿا.
ادب جي اخلاقياتي تنقيد:
اخلاقيات
ادب ۽ فلسفي جو بنيادي موضوع آهي. اخلاقيات فلسفي جي هڪ وڏي شاخ آهي ۽ ان جو ادبي
تنقيد سان به وڏو تعلق آهي. جيتوڻيڪ اخلاقيات بابت مذهبن وٽ به پنهنجو پنهنجو نظام
۽ اُصول آهن پر اخلاقيات جي سوال کي منطقيت جي بنياد تي فلسفي کنيو. ان جا ابتدائي
نشان اسان کي يونان ۾ سُقراط کان ۽ اوڀر جي فلسفي ۾ گوتم ٻُڌ، مهاوير، ڪنفيوشس،
تائو ۽ مختلف سماجن ۽ تهذيبن جي لوڪ ڏاهپ جي روايتن ۾ ملن ٿا. جيتوڻيڪ هر ٻئي
سماجي مظهر وانگر اخلاقيات به نسبتي ٿئي ٿي. ابتدائي گڏيل يا راڄوڻي سماج جي
اخلاقيات پنهنجي هئي، غلامداري سماج جا اخلاقي معيار پنهنجا هئا، جاگيردارانه سماج
جا اخلاقي اُصول ۽ رويا مختلف هئا ۽ سرمائيدار يا سماج واد سماجن جا اخلاقي نظام
پنهنجا پنهنجا آهن. مثال طور ڪنهن دور ۾ غلامي جائز هئي، پوءِ غلامن جا محدود حق
طئي ٿيا پر غلامي پوءِ به جائز هئي، پوءِ غلام پورهيتن جي محدود ڀائيواري طئي ٿي ۽
ان کي جاگيردارانه اخلاقيات چئجي ٿو. سرمايئدار سماج ۾ چٽاڀيٽي بنيادي قدر آهي پر
سماج واديت ٺلهي پيداواري چٽاڀيٽيءَ کي ناجائز ۽ انساني سماج ۾ بي انصافيءَ ۽ ڏڦيڙ
جو محرڪ سمجهي ٿي. ايئن ڏسبو ته اخلاقيات جا اُصول ڪائناتي نه پر نسبتي آهن. هڪ
ڳالهه طئي آهي ته اخلاقيات هڪ سماجي ضابطي ۽ نظام جو نالو آهي ۽ جيڪڏهن ادب ۽ فن
جي پرک ۾ اِهي محرڪ ڏسبا ته پوءِ ان کي ادب جي اخلاقياتي تنقيد سڏجي ٿو. دنيا جو هر معاشرو پنهنجي حوالي کان نيڪيءَ ۽
بديءَ جا تصور رکندو آهي. انهن وٽ ڪجهه ڪم نيڪي ليکبا آهن ته ڪجهه وري بَدي هوندا
آهن. ماڻهو چوندا آهن ته فلاڻو ڪم پيغمبراڻو ڪم آهي ۽ فلاڻو ڪم وري شيطاني ڪم آهي.
ان حوالي کان به ڊاڪٽر جانسن تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن چيو ته ادب ۾ اهو به ڏسڻ
گهرجي ته ان ۾ اخلاقيات ڪهڙي ۽ ڪٿي بيٺل آهي؟ اردوءَ جي تمام وڏن وڏن شاعرن به
اهڙي شاعري ڪئي آهي، جيڪا شايع ٿيڻ جي لائق نه آهي. ان کي هو هزل گوئي چوندا آهن.
ايئن ٻين به ڪيترين ئي ٻولين ۾ آهي. ادب ۾ اخلاقياتي تنقيد جو اهو ڪم آهي ته اها
ادب يا ان جي ڪنهن به صنف جي موضوع ۽ جوهر کي ان اعتبار کان ڏسندي آهي، ته ان جي
اخلاقي نسبت ڪيتري ۽ ڪهڙي آهي. اها معاشري
جي اوسر ۾ بهتريءَ ۽ تقويت پيدا ڪندڙ آهي يا بگاڙ پيدا ڪندڙ آهي. ڇاڪاڻ ته ادب ۾
انهن ٻنهي روين جو اظهار ٿيندو رهيو آهي.
هڪ اديب يا شاعر کي ڀل ته اها خبر نه پوي ته هو پنهنجي سرجيل ادب ۾ جنهن
اخلاقيات کي اُڀاري رهيو آهي ان جون پاڙون ڪهڙي سماجي ۽ فڪري نظام ۾ کُتل آهن پر
هڪ پارکو ۽ نقاد ادب جي اخلاقياتي تنقيد ذريعي اِهو پرکي وٺندو ته ان جو اخلاقياتي
نظام ڪهڙو آهي؟ اهو متروڪ، مُدي خارج ۽ رجعت پسند آهي يا جديد، روشن خيال ۽ سماج
جي تهذيبي ارتقا ۽ آزاديءَ جي تصورن سان هم آهنگ آهي. ادب ۾ تنقيد جي اِها تحريڪ 20هين صديءَ ۾ تيزيءَ سان اُڀري ۽
خاص ڪري ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کانپوءِ ان ۾ تيزي آئي.
ادب جي نفسياتي تنقيد:
ادبي تنقيد ۾ اسان کي
جيڪي سڀ کان پهرين آثار ملن ٿا، اهي افلاطون وٽ ملن ٿا. افلاطون اهو پهريون شخص
آهي، جنهن جي مڪالمن ۾ اهو ذڪر آهي ۽ افلاطون ته ايترو به چيو هو ته شاعر رياست جا
ناڪاره شهري آهن. هن جيڪا پنهنجي تصوراتي رياست ٺاهي هئي، ان مان شاعرن کي ڪڍي
ڇڏيو هئائين. هن جو چوڻ هو ته هو ڪجهه به نه ڪندا آهن. جڏهن ته افلاطون پاڻ فلسفي
هجڻ سان گڏ هڪ شاعر به هو. ان کان پوءِ هن جو شاگرد ارسطو آهي. هن جو شاعريءَ جي
تنقيد تي هڪ ڪتاب شعريت (Poetics) آهي ۽ ان
کي دنيا ۾ ادبي تنقيد ۽ پرک جو پهريون مستند ڪتاب چئي سگهجي ٿو. يعني علمِ تنقيد
جو پهريون اسڪالر ارسطو هو. ان کان اڳ ان
حوالي کان تمام گهٽ ڪم ٿيل آهي. ارسطوءَ کان پوءِ جنهن ماڻهوءَ ان شعبي کي تمام
گهڻو اڳتي آندو، ان جو نالو لاجائنس هو. هن اهو چيو ته ادب ۾ اهو ڏسڻ تمام ضروري
آهي ته اهو انسان جي احساساتي ۽ داخلي معاملن کي ڪيئن ٿو متاثر ڪري؟ فرض ڪريو
اوهان خوشيءَ جي ڪيفيت ۾ آهيو ۽ اوهان ڪو غم جو غزل ٿا پڙهو ته پوءِ اوهان غمگين
ٿا ٿي وڃو. ان جو مطلب ٿيو ته اوهان انفرادي طور پنهنجي خوشيءَ جي ڪيفيت ۾ هئا پر
جيڪو اوهان غزل، نظم، گيت، ڪهاڻي، افسانو
يا ناول پڙهيو يا ڪو ناٽڪ ڏٺو ۽ اوهان جي طبيعت تي ان قسم جو اثر پئجي ويو
يا جيڪڏهن اوهان ڪنهن غم جي ڪيفيت ۾ آهيو ۽ اوهان ڪو غزل، نظم، گيت، ناول يا
افسانو پڙهيو ۽ ان جي پڙهڻ سان اوهان ۾ ڪا اُميد اچي وئي، اوهان غم جي ڪيفيت مان
نڪري آيا ۽ خوش ٿي ويا، يا اوهان وڏا بزدل ۽ ڊڄڻا هئا، اوهان شاعري پڙهي يا ڪو ٻيو
ادب پڙهيو، جنهن سان اوهان جي مَنَ ۾ توانائي اچي وئي ۽ اوهان کي محسوس ٿيو ته
اوهان وڏا بهادر آهيو. عربن جي دؤر ۾
رزميه شاعري ٿيندي هئي، عربَ جنگ تي وڃڻ کان اڳ نغارن تي اها رزميه شاعري ڳائيندا
هئا ته جيئن جيڪڏهن ڪنهن جي مَنَ ۾ ڪا بزدلي هجي به ته اها جنگي نغمن ٻُڌڻ سان
نڪري وڃي. فوج ۾ به بينڊ باجا ان ڪري ئي هوندا آهن، ته جيئن سپاهين کي جذباتي ۽
احساساتي طور متحرڪ ڪيو وڃي. ڪهڙي خبر ته ماڻهو ڪنهن مايوسيءَ يا ڪنهن ٻيءَ ڪيفيت
۾ هجن. ادب ۾ جيڪو نفسياتي اثر آهي، مثبت يا منفي ٻنهي معنائن ۾ جنهن کي ادبي
تنقيد پرکيندي آهي، ان کي اسان نفسياتي تنقيد چوندا آهيون. ادبي تنقيد ۾ اهو پهلو
به انتهائي ضروري آهي. ادبي تنقيد جي هن انداز کي فرائڊ جي نظريي تمام گهڻي هٿي
ڏني. سوال آهي ته نفسياتي تنقيد جي ڪهڙي اهميت آهي؟ انساني زندگيءَ تي غور ڪبو ته
معلوم ٿيندو ته انسان جو شعور سندس شخصيت جو رڳو هڪ مظهر آهي پر اهو سندس مڪمل
وجود ۽ ان جي انيڪ نظر نه ايندڙ وارتائن، تصوراتي يا وجداني حالتن، احساساتي
ڪيفيتن يعني سندس Cognitive جهان جي مڪمل ترجماني يا عڪاسي نه ٿو ڪري. ساڳيءَ طرح انسان جو
لاشعور به آهي ۽ سندس تحت الشعور به آهي ۽ ماڻهوءَ جي دماغ جا ٽئي لقاءَ سندس
نفسياتي مظهر جي جوڙجڪ ڪن ٿا. بظاهر ڪيترائي ماڻهو اجايو خوش نظر ايندا آهن، ڪيترا
ماڻهو بي سبب اُداس يا اُٻاڻڪا لڳندا آهن، ڪي ماڻهو رجاعيت پسند يعني اُميد پسند
ٿين ٿا ۽ ڪن ماڻهن جي مزاج، سوچ ۽ احساس تي مايوسي يا قنوطيت وڌيڪ حاوي نظر ايندي
آهي. ڪيترا ماڻهو توڪلي ٿين ٿا ۽ ساڳئي وقت ڪيترا ماڻهو هر وقت خوف يا غيريقينيت
جي حالت ۾ رهن ٿا. اهو سڀ ڇا آهي؟ دراصل غور ڪبو ته اِهي انسان جون مختلف نفسياتي
حالتون آهن، جنهن جو لازمي ناهي ته هر ڪنهن کي ادراڪ هجي. نفسياتي تنقيد ادب کي ان
اَکِ سان ڏسندي آهي. مثال طور ڪنهن اديب جو ڪردار يا سندس پنهنجي سوچ ويڳاڻپ جو
شڪار ڇو آهي؟ يا ڪنهن به مخصوص نفسياتي لاڙي جي اثر هيٺ ڇو آهي؟ ڪافڪا هڪ چيڪ اديب
هو، جنهن جي لکڻين ۾ خوف ۽ اويساهي گهڻو حاوي آهي. نفسياتي تنقيد جي لحاظ کان سندس
ادب جي پرک ڪجي ته معلوم ٿيندو ته هو يهودي هو ۽ اهو دور يورپ ۾ فسطائيت جي اُڀار
جو هو ۽ هن جي ڪردارن ۾ اُهو ئي خوف آهي، جيڪو ان دور جو يهودي هر هنڌ محسوس ڪري
رهيو هو، يا هن کي پيءُ کان پيار نه مليو ۽ ان ڪمتريءَ جي احساسَ سندس سوچَ تي وڏا
اثر ڇڏيا. نسيم حجازيءَ جي ناولن جا ڪردار
فاتحانه نرگسيت ۾ ورتل آهن ۽ اهو دراصل انهن ڪردارن جو نه پر نسيم حجازيءَ جو نفسياتي روڳ هو، جيڪو سندس ڪردارن ۾
ٿي نظر آيو. اقبال اُها مذهبي نرگسيت پنهنجي تصوراتي ڪردار “مردِ مومن” جي صورت ۾
پيش ڪئي. ماڻڪ جي ناول “ساهه مُٺِ ۾” ۾ جيڪو خوف آهي، اُهو آمريتي دور جو هڪ فرد
تي نفسياتي اثر آهي، جنهن جي هن عڪاسي ڪئي آهي. وجوديت جي اثر هيٺ لکيل سمورو ادب
نفسياتي تنقيد جي دائري ۾ اچي ٿو. جيتوڻيڪ پليجي صاحب جو تنقيدي ڪتاب “سندي ذات
هنجن” وجوديت جي اثر هيٺ لکيل ادب بابت هڪ فڪري پرک جو ڪتاب آهي پر ان ۾ هن اهڙي
ادب جي ڪيفيتن جي نهايت گهرائيءَ سان ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. ٻين روايتن جيان سنڌي ادب ۾
نفسياتي تنقيد جي روايت به ڪمزور رهي آهي، جڏهن ته ان جا انيڪ موضوع سنڌي ادب جي
نقاد کي ملي سگهن ٿا.
ادب ۾ انسان جا داخلي
احساس، جذبا ۽ سوچون به هونديون آهن ۽ انسان پنهنجي ماحول جي منظرڪشي به ڪندو آهي.
هڪ ئي وقت ان ۾ ٻئي شيون هونديون آهن. ويهين صديءَ جي زماني ۾ يورپ ۾ وجوديت جي هڪ
لهر اُڀري هئي، جنهن ۾ ڪاميو، ڪافڪا ۽ سارتر کان ويندي ٻيا ڪيترائي ليکڪ شامل هئا.
جن زندگيءَ جي سڄي بي معنويت ۽ داخليت جي باري ۾ تمام گهڻو لکيو آهي. جيڪا ادبي
تنقيد ادب ۾ داخلي معاملن کي ڏسي، ان جو جائزو وٺي، ان جي پرک ڪري ته ان کي داخلي
تنقيد چيو وڃي ٿو. سرفلپ سڊني هڪ وڏو ادبي نقاد هو، هن ان حوالي کان هن تمام گهڻو
ڪم ڪيو آهي.
ادب جي ثقافتي تنقيد:
هر ٻوليءَ ۽ سماج کي
پنهنجي هڪ ثقافت ٿيندي آهي. هر ڪلچر جا پنهنجا پنهنجا قدر ٿين ٿا، پنهنجا رويا ۽
تصور ٿين ٿا. دنيا ۾ اهڙو ڪوبه ادب نه آهي، جنهن ۾ انهن جي ڪلچر جو ڀرپور ۽
گهڻ-طرفو اظهار ٿيل نه هجي. شاعريءَ ۽ ٻين سمورين صنفن ۾ ڪلچر جو ضرور اظهار هوندو
آهي. ادب پاڻ سان گڏ پنهنجي ٻوليءَ ۽ سماج جي ثقافت جو آئينيدار به هوندو آهي.
اهڙي ادبي تنقيد جيڪا اهو ڏسي ته ان جا ثقافتي رجحان ۽ بنياد ڪهڙا آهن، ان کي
ثقافتي تنقيد چئجي ٿو. ان حوالي کان ميٿيو آرنلڊ جو وڏو ڪنٽريبيوشن آهي، جنهن لاءِ
چيو وڃي ٿو ته هو پهريون ثقافتي نقاد هو، جنهن ادب کي ثقافتي حوالي کان تمام ويجهي
کان ڏٺو. ان حوالي کان ڊاڪٽر جانسن به ڪلچر کي وڏي اهميت ڏيندو هو. ثقافت ڪنهن به
سماج جي سوچ، روين، قدرن، نفسيات، لباسن، ريتن ۽ رسمن جي پوري هڪ نظام کي چئبو
آهي. ثقافت بابت ٻه نقطا سمجهڻ ضروري آهن، هڪ ته ثقافت ڪا مڪمل طور سُٺي يا خراب
نه هوندي آهي. ثقافت مثبت ۽ منفي روايتن ۽ عنصرن جو مرڪب هوندي آهي. ان ڪري ٺلهي
ثقافت پرستي هڪ مُدي خارج غيرسائنسي ۽ رجعت پسند تصور آهي. ٻيو ته ثقافت به سماج
جي ٻي هر مظهر جيان متحرڪ ۽ هر وقت تبديل ٿيندڙ هوندي آهي. ادب ڪنهن به سماج جي
ثقافت جي اظهار ۽ عڪاسيءَ جو وڏو اهم ۽ اثرائتو ذريعو هوندو آهي، جيڪو ادب جي
موضوع ۽ مواد سان گڏ ان جي ٻوليءَ ۾ به پنهنجو اظهار ڪندو آهي. هڪ ئي سماج اندر
متضاد ثقافتي روايتون، قدر، رويا ۽ ريتون ئي هونديون آهن، جن کي مذهب، طبقو، پيشو،
شعور جي سطح ۽ سماجي ماحول توڙي مادي حالتون متاثر ڪن ٿيون، ادب جي ثقافتي پرک ان
جي ثقافتي جوهر، ڳَرُ، قدرن، تصورن ۽ روين جي ڇنڊڇاڻ ڪندي آهي، جنهن سان اها پڻ
پروڙ پوندي آهي ته اهو ادب ثقافت جي مثبت ۽ روشن خيال عنصرن جي ترجماني ڪري ٿو يا
ان جي اُبتڙ پاسن جي عڪاسي ڪري ٿو.
ادب جي جمالياتي تنقيد:
جيڪڏهن
ڪا ادبي تنقيد ادب کي ان حوالي کان ڏسي ته ان ۾ جمالياتي پهلو ڪيئن نمايان آهن يا
ادب ۾ جماليات ڇا آهي؟ جماليات تصورن ۽ خيالن جي آهي يا محرڪن، روين ۽ ڪردارن جي؟
صنف جي گهاڙيٽي جي آهي يا موضوع ۽ مواد جي؟ ادب ۾ جڏهن به ڪنهن شيءِ کي جمالياتي
حوالي کان ڏسجي ته ان کي جمالياتي تنقيد چئجي ٿو، ان حوالي کان ڊرائيڊن وڏو ادبي
نقاد هو. جماليات جيتوڻيڪ فطرت سان گڏ سماج ۾ ادب ۽ فن جو مظهر آهي پر ان جي پرک
جو نظام فلسفي وٽ آهي، ان ڪري جماليات کي فلسفي جي هڪ اهم شاخ سڏيو ويندو آهي،
جنهن کي يورپ ۾ ادب جي رومانوي تحريڪ کانپوءِ ادبي تنقيد ادب جي پرک لاءِ استعمال
ڪرڻ شروع ڪيو. هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جيئن زندگيءَ ۾ جماليات جو ڪو هڪ يا
مخصوص مظهر ناهي تيئن ادب ۽ فن ۾ به جماليات جو ڪو مخصوص مظهر ٿي نه ٿو سگهي.
جماليات خيال ۽ احساس ۾ به ٿي سگهي ٿي ته اظهار، اسلوب ۽ ٻوليءَ ۾ به ٿي سگهي ٿي،
اُها ڪنهن رويي، خواب، آدرش ۽ وارتا ۾ به ٿي سگهي ٿي ته فني ترڪيبن ۽ تجربن ۾ به
ٿي سگهي ٿي. اها فڪر ۾ به ٿي سگهي ٿي ته ان کي حُسناڪيءَ سان عڪسبند ڪندڙ فن ۽
گهاڙيٽي ۾ به، ان ڪري جماليات کي ڪنهن هڪ دائري ۾ بند يا محدود نه ٿو ڪري سگهجي. عام طور جماليات کي رڳو رومانويت تائين محدود
ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته جماليات رزميه شاعريءَ ۾ به ٿي سگهي ٿي، مزاحمتي ۽ انقلابي
ادب ۾ به ٿي سگهي ٿي. ادب ۾ جماليات رڳو ڪنهن موضوع، گهاڙيٽي يا صنف ۽ روايت تائين
محدود ناهي هوندي. جماليات حقيقت نگاريءَ ۾ به ٿي سگهي ٿي. جيئن ويهين صديءَ ۾ ترقي
پسند ادب ثابت ڪري ڏيکاريو ته اُها تصوراتي، تخيلاتي ۽ افسانوي ادب ۾ به ٿي سگهي
ٿي. لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات اهڙي قسم جي آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙا ڪردار حقيقت ۾ ته
اهڙيءَ طرح موجود ئي نه هئا ۽ نه ئي ٿي گذريا هئا. اِها لطيف جي تصوراتي جماليات
هئي، جيڪا هن انهن ڪردارن کي عطا ڪئي، جنهن ۾ سندس ٻوليءَ جو به وڏو عمل دخل آهي.
ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ بي ثباتي ۽ عاشقيءَ جي درجن جي جماليات آهي، کُنڀات ۾ حُسن
پروريءَ جي جماليات آهي، سامونڊيءَ ۽ سريراڳ ۾ سفر جي وشالتا جي حُسناڪي آهي،
سسئيءَ وٽ جدوجهد، جستجو ۽ ڳولا لاءِ احساساتي بهادريءَ ۽ سورهيائيءَ جي جماليات
آهي، سهڻيءَ ۾ بي پرواهه عاشقيءَ ۽ قربانيءَ جي جماليات آهي، مارئيءَ ۾ وطن
ودستيءَ جي جماليات آهي، کاهوڙيءَ ۽ رامڪليءَ ۾ آدرشن ۽ ذات جي نفيءَ جي جماليات
آهي ۽ ايئن انيڪ شڪليون آهن جماليات جون لطيف وٽ. ٻولي ته سندس سراپا جماليات آهي
۽ سندس فن تي جماليات جي ڪُکِ مان جنميو آهي. ڪيئن چئجي ته لطيف جي جماليات ڇا ۾
آهي ۽ ڇا ۾ نه آهي؟
ادب ۾ جمالياتي تنقيد
کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ تنوير عباسيءَ جي ڪتاب “شاهه لطيف جي شاعري” ۾ اسان کي ان
تنقيد جا اهڃاڻ ملن ٿا.
ادب جي تاريخي تنقيد:
هيرو ڊوٽس تاريخ ۾
تاريخيت کي تمام گهڻو چِٽو ڪيو، جنهن کي اڳتي هلي هڪ سماجي سائنس جو درجو ملي ويو.
تاريخيت رڳو ماضي نويسي ناهي پرحقيقت ۾ ماضي شناسيءَ جو هڪ علمي نظام آهي. تاريخ
انسان کي ماضيءَ جو ادراڪ ڏئي ٿي، مستقبل لاءِ دَڳَ ڏئي ٿي، حال کي سمجهڻ لاءِ معروضي
اک ڏئي ٿي. تاريخ دراصل ماضيءَ، حال ۽ آئيندي وچ ۾ پُل ٻڌي ٿي ۽ ان کان به وڌيڪ
اُها شعور ۽ مادي حقيقتن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ٿي. ان ڪري تاريخي شعور کانسواءِ سماج
چِٽائيءَ سان اڳتي وڌي نه ٿا سگهن.
اُها ادبي تنقيد جيڪا
ادب ۾ اِهو ڏسي ته اُهو ڪهڙي دؤر جي عڪاسي ۽ نشاندهي ڪري ٿو يا ان ادب ۾ پنهنجي
همعصر دؤر جا ڪهڙا پاڇا آهن، ان دؤر جي ان ۾ ڪهڙي عڪسبندي ڪيل آهي، يا ماضيءَ جو
ڪهڙو تاريخي شعور سمايل آهي. انهن ڳالهين کي پاڻ ڏسنداسين ته ان کي ادبي تنقيد ۾
تاريخي تنقيد چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ادب خيال ۽ احساس جي تخليقي ترجماني ڪري ٿو،
جڏهن ته تاريخ ماضيءَ جي مادي ۽ معروضي حالتن جي پيداوار آهي، جن جو بظاهر ادب سان
ڪو لاڳاپو نظر نه ٿو اچي پر تاريخي تنقيد جو ڪمال اهو آهي جو اُها انهن کي هڪ منصب
۽ مقصد تي آڻي بيهاري ٿي، ڇاڪاڻ ته ادب پڻ تاريخ کي پرکڻ جو اهم ذريعو آهي.
هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي
ته ادبي تنقيد منفيت، بحث براءِ بحث يا مناظري بازيءَ جو نالو نه آهي. اهو هڪ
نفيس، نازڪ ۽ بيحد سنجيدگيءَ وارو ڪم آهي، جنهن ۾ سطحي مناظري بازيءَ يا بي مقصد
منفيت جي ڪابه گنجائش نه آهي.
ڪنهن شخص ڊاڪٽر فرمان
فتح پوريءَ کان پڇيو ته، “اوهان تنقيد ۾ ڇا پسند ڪندا آهيو؟” هن چيو ته، “فضيلت.”
تنقيد جيڪا ايتري بيرحميءَ، جذويات، گهرائيءَ ۽ وسعت سان ادب جو جائزو وٺي ٿي ته
اتي ان جون ڪجهه تقاضائون ۽ اخلاقي اُصول به آهن. ادبي تنقيد ۾ ڪنهن به قسم جو
جيڪڏهن تعصب هوندو ته اها ڳالهه ناجائز هوندي. پوءِ اهو تعصب نسلي، مذهبي، لساني
صنفي يا ڪنهن به قسم جو ڇو نه هجي. ادبي نقاد جڏهن انهن کان متاثر ٿئي ٿو/ ٿي ته
پوءِ ادبي تنقيد جي ڪابه اهميت نٿي رهي. هونئن به تعصب انساني معاشري ۾ هڪ وڏي
لعنت آهي ۽ ادبي تنقيد ۾ اها ڳالهه انتهائي
معيوب آهي. ادبي نقاد جو اهو مقام ئي نه آهي ته اهو تعصب جي پاسي مان به گذري.
اهڙيءَ طرح اهڙو ڪوبه ماڻهو ادبي نقاد نٿو ٿي سگهي، جيڪو عقيدي پرست هجي. تنقيد
نالو ئي شڪ ۽ سوال ڪرڻ جو آهي. عقيدي پرست شخص تنقيد جي دائري ۾ داخل ٿي ئي نه ٿو
سگهي. ادبي تنقيد ان جو منصب آهي، جيڪو بنيادي طور تي تنقيدي ۽ تخليقي شعور رکندڙ
هجي.
اهڙيءَ طرح تنقيد Irrelevant نه هجي. فرض
ڪريو ته ڪنهن کي ڪو نظم فڪري حوالي کان تنقيد ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو هجي ۽ مان چوان ته
ان ۾ تشبيهون بهتر نه آهن، ايئن نه هجڻ گهرجي. ڪو ماڻهو جي ڪو چڱو ڪم ڪندو ته اڪثر
ڪري ماڻهو چوندس ته يار تون فلاڻو ڪم ڇو نٿو ڪرين؟ اسان جي معاشري ۾ فرمائشي
پروگرام به جام ٿا هلن ته هيئن ڇو نه ٿو ڪرين؟ هونئن ڪرين ها! اڳ ۾ ڇو نه پئي
ڪَيُئي! وغيره. تنقيد جي اهميت ئي تڏهن ٿئي ٿي جڏهن اها Relevant هجي ٿي.
تنقيد ۾ ذاتيات نه هجڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهان اقبال جي شاعريءَ تي تنقيد ٿا ڪريو ته
ان جي ذات کي تنقيد ۾ شامل نه ڪريو. ايئن اوهان غالب، فيض، لطيف، شيڪسپيئر يا ٻئي
ڪنهن به تخليقڪار تي به تنقيد ڪريو ٿا ته ان جي لکيل شيءِ تي تنقيد ٿيڻ گهرجي،
باقي اها ڳالهه معيوب آهي ته اوهان ليکڪ يا شاعر تي شخصي تنقيد ڪري رهيا هجو. هڪ
نقاد لاءِ ذاتيات کان پري هجڻ انتهائي ضروري آهي. هڪ لحاظ کان ادبي تنقيد فن هئڻ
سان گڏ سائنس جيئن پڻ آهي، سائنس ۾ اوهان اڳ ۾ نتيجا سامهون نه رکندا آهيو پر ان
کان اڳ ۾ نتيجن لاءِ جستجو ڪندا آهيو ۽ جيڪي نتيجا نڪرندا آهن، اُهي کڻي ايندا
آهيو. بيڪن ارسطوءَ تي تمام وڏي تنقيد ڪئي هئي ته، “ارسطو تمام وڏو فلسفي هو پر هن
جو الميو اهو آهي ته هن فلسفي ۾ عقيدي کي شامل ڪري ۽ سائنس ۾ نتيجن کي اڳ ۾ سامهون
رکي سائنس جي ترويج ۽ ترقيءَ کي روڪي ڇڏيو.”
ادبي تنقيد ۾ اوهان
تعصب رکي ڪا شيءِ ثابت ڪرڻ ويا آهيو ته پوءِ اوهان اها ثابت ته ڪري ويندا پر اها
ادبي تنقيد نه هوندي. سچي ادبي تنقيد اها هوندي جيڪا پهرين نتيجا اخذ نه ڪندي.
جيڪي نتيجا اوهان جي تنقيدي مرحلي مان گذري نڪرندا، اوهان اهي ئي سامهون آڻي
رکندا. ادبي تنقيد جي اخلاق جي نهايت بنيادي ڳالهه آهي ته اها اخلاق جي دائري ۾
هجي، ادبي تنقيد بداخلاقي برداشت ڪري نه ٿي سگهي. ادبي تنقيد جو هڪ وڏو منصب آهي،
ان ڪري ان جو پنهنجو هڪ اخلاق آهي. ميٿيو آرنلڊ جو هڪ مشهور مضمون آهي، جنهن جو
نالو آهي “ادبي تنقيد جو منصب”. هڪ نقاد لاءِ اهو بيحد ضروري آهي ته هن جي ٻولي
ذميواراڻي ۽ صاف هجي ۽ ان ۾ بداخلاقيءَ جو ڪوبه عنصر نه هجي.
مجموعي طور اسان چئي
سگهون ٿا ته ادبي تنقيد کانسواءِ ادب ۽ ٻولي وڌي نه ٿا سگهن. جنهن ٻوليءَ ۾ تنقيد
نه هوندي، ان جو ادب ۽ ٻولي ترقي نه ڪري سگهندا. جنهن ٻوليءَ ۾ تنقيد نه هوندي، ان
جي فڪري اؤسر نه ٿي سگهندي. شاهه لطيف وڏو شاعر آهي پر هو ٽن سئو سالن کان پير ٿيو
ويٺو هو، ڇو ته ان تي ادبي تنقيد نه ٿي هئي. جڏهن هن جي پرک ٿي ته خبر پئي ته هو
هڪ وڏو ۽ عظيم شاعر آهي. غالب لاءِ چيو ويندو هو ته اُهو درٻاري شاعر آهي ۽ هو هڪ
حد تائين هو به سهي، پئسن جي ڪري انگريزن جي شان ۾ شاعري پئي ڪيائين. جيستائين هن
تي تنقيد نه ٿي هئي، تيستائين هن جو اصل مقام سامهون نه آيو هو. شيڪسپيئر جي پاڙي
۾ هڪ مٺائيءَ جو دڪان هو، شيڪسپيئر غريب ماڻهو هو، ان وٽ پئسا ڪونه هئا، هو دڪان
تي ويو ۽ مٺائيءَ واري کي چيائين ته مون کي ڪجهه مٺائي ڏي. هن چيس ته پئسا ڏي.
چيائينس ته مون وٽ پئسا نه آهن. مٺائي واري کي خبر هئي ته هيءُ شاعر آهي ۽ ڊراما
به لکندو آهي. هن چيس ته پوءِ پنهنجا نظم ڏي ته توکي مٺائي ڏيان. پوءِ شيڪسپيئر
مٺائيءَ لاءِ پنهنجن نظمن جا ڍير پنا هن کي ڏئي ڇڏيا. ايئن ئي وان گاف لاءِ به
مشهور آهي ته هن وٽ پئسا نه هئا ۽ هن کي زوردار بُک لڳي هئي. هو هوٽل ۾ ويو ۽ هوٽل
واري کي چيائين ته مون وٽ پئسا نه آهن، مو ن کي ماني کاراءِ. هن چيس ته ٺيڪ آهي،
تون مون کي پنهنجي ڪا پينٽنگ ڏي ته مان توکي ماني کارايان. وان گاف هن کي پنهنجي
مشهور پينٽنگ “The Sun Flower” ڏئي ڇڏي. هن هڪ ويلي جي ماني کائڻ لاءِ پنهنجي اها پينٽنگ هوٽل
واري کي ڏئي ڇڏي، جيڪا ان هوٽل واري جي پونئرن نسل به نسل سنڀالي رکي ۽ مزي جي
ڳالهه ته 1994ع ۾ اها پينٽنگ چار بلين ڊالرز ۾ کپائي وئي.
ادب جي فني تنقيد:
ادب جي فڪري تنقيد ۾ ان
جي قدرن، محرڪن، خيالن ۽ نظرين جي پرک ڪئي وڃي ٿي. پر ان جي فني تنقيد ۾ ادب جي
ٻولي، اسلوب، تجربن، ترڪيبن ۽ بندشن يا صنفن جي پروڙ ڪئي وڃي ٿي. ادب جي فني تنقيد
جا ٽي چار پاسا ڏاڍا اهم آهن، ان ۾ سڀ کان پهرين ڳالهه ٻوليءَ جي آهي. ادب ٻوليءَ
جي پرورش ۽ اوسر جي نرسري آهي. اهو ادب ئي آهي، جنهن ۾ ٻولي نئون تخليقي جنم وٺي
ٿي ۽ جواڻ جماڻ ٿئي ٿي ۽ وَهيءَ چڙهي ٿي. شيڪسپيئر جي ٻولي انگريزي ادب جو نئون
جنم آهي. شاهه لطيف جي ٻولي سنڌي ٻوليءَ جو نئون تخليقي جنم آهي. غالب، مير،
اقبال، مخدوم محي الدين، فيض، ساحر ۽ فراز
جي شاعري اردو ٻوليءَ جو نئون جنم آهي. هر وڏي تخليقڪار جي ادب جي ڪري ان جي ٻولي
هڪ نئين دؤر۾ داخل ٿئي ٿي. عربي، فارسي، فرينچ، جرمن ۽ سڄيءَ دنيا جي ٻولين ۾ ايئن
آهي. مارٽن لوٿر ڪنگ جڏهن بائيبل جو جرمن ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، ان لاءِ چون ٿا
ته ان کان وڌيڪ عمده نثر جو فن پارو جرمن ٻوليءَ ۾ ٻيو ڪوبه نه آهي. هن بائيبل جو
ترجمو ايڏو ته عمدو ۽ تخليقي ڪيو جو ان جي حيثيت ادبي ٿي وئي آهي، جنهن تي پادرين
پاران بندش وڌي وئي هئي. هڪڙي ڳالهه ياد
رکو ته رڳو مصنوعي ۽ ڪاسميٽڪ يا روغني، چلڪڻي ۽ بي مغز لفاظيءَ تي ٻڌل ٻولي ادبي
ٻولي نه هوندي آهي. اها ڳالهه غلط آهي ته اوپري ۽ ڪاسميٽڪ ٻولي لکڻ سان، ڏکي ۽ بناوٽي ٻولي لکڻ سان ۽ ان ۾ وڏي اوپري ۽
مصنوعي چمڪ وجهڻ سان ۽ اجائي لفاظي ڪرڻ سان ادب جو معيار وڌندو آهي ۽ نه ئي اِها
ٻوليءَ جي سونهن سمجهي ويندي آهي. دنيا جا سڀئي وڏا اديب ۽ شاعر اهي ماڻهو آهن، جن
جي ٻولي پنهنجي، اصلي ۽ نِج نِبار هوندي آهي. ان ۾ تجربا ضرور شامل هوندا آهن، پر
دنيا جي سڀ کان عمده ٻولي اها هوندي آهي، جيڪا ان جو پنهنجو معاشرو ڳالهائيندو
آهي. جيڪا ٻولي ان معاشري جو عام ماڻهو ڳالهائيندو آهي. مڊل ڪلاس ماڻهوءَ جي ٻولي
ايڏي معياري ۽ نِج نِبار نه هوندي آهي. اهو دراصل ٽرانزيشن جو ڪلاس آهي، جيڪو
هيٺين طبقي مان ايندو آهي ۽ مٿين طبقي ڏانهن پيو ويندو آهي، جتي ان طبقي کي ٻيون
ڪئي محروميون هونديون آهن، اتي اهو عوام جي ٻولي ڳالهائيندي عيب سمجهندو آهي، ان
سان کيس گهٽتائيءَ جو احساس ٿيندو آهي ۽ نتيجي ۾
هن جي ٻولي به صحيح نه هوندي آهي. اهو طبقو عوام جي شاهوڪار، نِج نِبار ۽
تخليقي ٻوليءَ کي “ڄٽڪي ٻولي” سڏيندو آهي. شهري مڊل ڪلاس جي ٻولي عام طور عمده ٿي
ئي نه ٿي سگهي. ڇو ته اهو اهڙي مصنوعي ماحول ۾ رهندو آهي، جتي اصل ٻولي ڳالهائي ئي
نه ٿي وڃي. اصل ٻولي ماڻهن جي اڪثريت ڳالهائيندي آهي. اردو ٻوليءَ ۾ اوهان کي ٻن
قسمن جا وڏا تخليقڪار ملندا، هڪڙا اهي جيڪي تمام وڏا عالم هئا ۽ سندن ٻولي عام
ماڻهوءَ جي ٻولي هئي، نظير اڪبر آباديءَ جي شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ جيڪو ڪمال آهي،
اُهو اِهو آهي ته هن اچي چيو هو ته عمده ٻولي اها آهي، جيڪا عام ماڻهن جي ٻولي
آهي. ان کان اڳ ۾ اهو چيو پئي ويو ته شاعريءَ ۽ نثر جي ٻوليءَ کي ايڏو ڏکيو ٺاهيو
جو عام ماڻهو نه سمجهي سگهي، جنهن شاعريءَ جي ٻولي جيڏي ڏکي هوندي، معنيٰٰ اُها
اوڏي وڏي ڪمال جي هوندي ۽ اهڙي ڏکي نثر کي انشا پردازي چوندا هئا، جيڪو انهن لاءِ
ڪمال هو، جنهن جو مطلب هو ان کي عام ماڻهو نه سمجهي سگهي، جنهن کي نظير اڪبر
آباديءَ شاعريءَ ۾ ۽ سر سيد احمد خان نثر ۾ اچي تبديل ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌي ادب ۽
دنيا جي هر ٻوليءَ جي ادب ۾ به ايئن ٿيندو آهي. ڪو زمانو هو اسان جي شاعريءَ ۾ شاعر اهڙين شين جون
تشبيهون ڏيندا هئا، جيڪي هتان جي ماڻهن ته ٺهيو پر انهن پاڻ به ڪونه ڏٺيون هيون.
جيڪي گل ايران جي فارسي شاعريءَ ۾ هوندا هئا، اُهي هي سنڌي شاعريءَ ۾ به کڻي آيا،
هتان جي ماڻهن نه ڪڏهن گلِ لاله ڏٺو ۽ نه ٻيا اهڙا گل ڏٺا پر هتان جا شاعر چوندا
هئا ته ٻيو ته ڇڏيو پر پنهنجي شاعريءَ ۾ گل به اهي استعمال ڪرڻا آهن جيڪي فارسي
شاعريءَ ۾ آهن. هنن سڄي سنڌي شاعريءَ کي فارسي آميز ڪري ڇڏيو. هونئن ته فارسي ٻولي
دنيا جي حَسين ترين ٻولي آهي ۽ منهنجي ته ڄڻ گهر جي ٻولي آهي، منهنجو بابا فارسي
ٻوليءَ ۽ ادب جو وڏو اسڪالر ۽ شاعر هو، پر هر ٻوليءَ جي پنهنجي به هڪ تقاضا هوندي
آهي ته ان جي پرورش ان جي پنهنجي ماحول ۾ ٿئي. اسان جي به شاعريءَ جي 1950ع ڌاري فارسي اثر مان
جان ڇُٽي ۽ اهو ڪارنامو شيخ اياز ڪيو. ٻوليءَ جو نِج نِبار ۽ اصلي هجڻ انتهائي
ضروري آهي. ان ڪري ڪنهن به ٻوليءَ جي مصنوعي اثر کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هڪڙي ڳالهه
سمجهڻ گهرجي ته ادب ڪنهن به ٻوليءَ جي مصنوعيت ۾ نه پر ادب جي خيالن، تصورن،
احساسن ۽ تخيل ۾ هوندو آهي. اوهان جي ادب جي حيثيت اوهان جي خيالن ۽ ان جي
گهرائيءَ سان ٺهندي آهي. اوهان جي فن ۽ فڪر سان ٺهندي آهي. ٻوليءَ جي مصنوعي هجڻ
سان ڪجهه نه ٿيندو آهي. ان ڪري ادب جي فني تنقيد ۾ ٻوليءَ جو نج ۽ تخليقي هجڻ به
هڪ وڏو معيار آهي.
مون
کي جديد سنڌي ادب ۾ ممتاز مرزا ۽ عبدالقادر جوڻيجي جي نثر جي ٻولي ڏاڍي وڻندي آهي،
سندن ٻولي ڪمال جي آهي، ڇو ته هنن اها ٻولي لکي، جيڪا عام ماڻهو ڳالهائي ٿو.علي
محمد راشديءَ جي ادبي ٻولي ۽ اسلوب ڏسو، رسول بخش پليجي جو نثر ڏسو، شاعريءَ ۾
ابراهيم منشيءَ، سرويچ سجاوليءَ ۽ محمد خان مجيديءَ جي ٻولي ڏسو. سنڌي ادب ۾ اهڙا ڪيترائي ليکڪ آهن، جيڪي ذاتي
طور مون کي نه وڻندا آهن پر هنن جو نثر ڪمال جو آهي. مونکي هونئن غلام رباني آگرو
بطور انسان جي نه وڻندو آهي، جو هو ضياءُ الحق جهڙي آمر جا ڳُڻَ ڳائيندو هو، اهو
هن جو شخصي ڪردار هو، پر هن جو نثر زبردست آهي. ادب جي معاملي ۾ ڪوبه تعصب هجڻ نه
گهرجي. ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته پڙهندڙ ڪنهن وڏي تخليقڪار جي شاعري يا لکڻي
پڙهي سمجهندو آهي ته هيءَ ته بلڪل عام ڳالهه آهي، ايئن ته مان به ڪري سگهان ٿو، پر
هر ماڻهو ايئن نه ٿو ڪري سگهي. دراصل هنن وڏي محنت سان پنهنجي فن کي ايترو آسان
بڻايو آهي، جو عام ماڻهن کي اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهو سولو ڪم آهي. اردو شاعريءَ ۾
ناصر ڪاظميءَ جو مثال آهي. هن کان اڳ ۾ وڏن وڏن بحرن ۾ شاعري ڪئي ويندي هئي پر هن
اچي مختصر بحر ۾ شاعري ڪرڻ جي روايت قائم ڪئي. هن چيو ته:
ساري بستي سو گئي ناصر،
تو اب تڪ ڪيون جاگ رها هي.
تو اب تڪ ڪيون جاگ رها هي.
هاڻي ڪو چئي سگهي ٿو ته
يار اهو به ڪو شعر آهي! ان شعر ۾ ڪهڙو ڪمال آهي؟ اوهان ناصر جا غزل پڙهندا ته
اوهان کي نظر ايندو هن جا غزل بلڪل به عام فهم آهن. اهڙا غزل ڪنهن ٻئي شاعر نه
لکيا آهن. ادب ۽ شاعريءَ ۾ ان شيءِ کي زندگي ۽ دوام ملندو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهن
جي ٻولي استعمال ٿيل هوندي. ان ڪري ادب جي معاملي ۾ ٻوليءَ جو اصل اسلوب (Original Form)
۾ هجڻ انتهائي ضروري آهي. هاڻي اوهان چئي سگهو ٿا ته جيڪا ٻولي عام ماڻهو ڳالهائي
ٿو، جي اها ئي ڪو شاعر استعمال ڪري ٿو ته پوءِ ان ۾ سندس ڪهڙو ڪمال آهي؟ اديب ۽
شاعر جو ڪمال اهو هوندو آهي ته هو ٻوليءَ کي اصل اسلوب ۾ رکندي ان ۾ نوان تجربا
ڪري. ان جو مثال شاهه لطيف جي شاعري آهي. هو چئي ٿو ته:
ڪُسَرَ نسرياءِ......
ڪُسَرَ لفظ شاهه لطيف پاڻ
ٺاهيو آهي. اصل لفظ سَرُ آهي. ڪُسَرُ جي معنيٰ کريل سَرُ آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن
به لفظ جي اڳيان ڪُ ملائڻ سان لفظ اسم يا صفت جي نفي ٿي ويندي آهي. لطيف چئي ٿو:
ڪُسَرَ نسرياءِ......
معنيٰ، اهي سَرَ جيڪي
نسرڻا ئي نه هئا، اُهي به نسري ويا آهن، تون اڃان نه آيو آهين. لطيف پنهنجي
شاعريءَ ۾ ٻولي پاڻ ٺاهي ٿو. چئي ٿو ته:
کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا.
اها “کاري کيڙائُو”
واري عبارت پاڻ ٺاهي اٿائين. جيڪو زمين کيڙي ٿو اهو هاري آهي، جيڪو پاڻي کيڙي ٿو،
اهو ملاح آهي ۽ جيڪو سمنڊ جو کارو کيڙي ٿو اهو “کاري کيڙائُو” آهي.
کاري کيڙائُو، مٿي مِٺي موٽيا،
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو،
موتي جي مهراڻ جا، تن جا تامائو،
سامونڊي سائو، لنڪا لُٽي آيا.
سودو ڪن نه سون جو، وڏا وهائو،
موتي جي مهراڻ جا، تن جا تامائو،
سامونڊي سائو، لنڪا لُٽي آيا.
سر بروو سنڌيءَ ۾ چوي
ٿو:
ڪٿان سکئين سپرين، ڪاسائڪي ڪار؟
تِکي ڪاتي هٿ ڪري، مُنيءَ سين مَ مار،
چوري چاڪَ نِهار، سُورن سانگهيڙا ڪيا.
تِکي ڪاتي هٿ ڪري، مُنيءَ سين مَ مار،
چوري چاڪَ نِهار، سُورن سانگهيڙا ڪيا.
درد جو اهو مقام جتي
سُور سَلن وانگر ڦُٽي اندر ۾ سانگهيڙا ٿا ڪن، ڇا ته ٻولي آهي ۽ تصور آهي. يا
کاهوڙيءَ ۾ چوي ٿو:
“ڪُپيريءَ ۾ پيرُ، ڪنهن پاتو پيرين.”
“ڪُپيريءَ ۾ پير”- ڪيڏو
نه حيرت انگيز تصور ۽ ٻولي آهي. اهو ساڳيو تصور سر آسا ۾ “اک اُلٽي ڌار” جي صيغي ۾
پيش ڪيو اٿائين. لطيف جي سموري شاعري خيالن ۽ فڪر سان گڏوگڏ ٻوليءَ جي تخليقي
اظهار ۽ ٻوليءَ جي نئين سر معنوي ۽ جمالياتي تخليق ڄڻ ته هڪ ادبي ڪرشمو آهي، ڪو
معجزو آهي.
مون کي لفظ حُسناڪ ڏاڍو
وڻندو آهي. مان پنهنجين تحريرن ۾ به اڪثر اهو لفظ استعمال ڪندو آهيان. اهو لفظ حُسناڪ
به مون لطيف کان اڳ ٻئي ڪنهن وٽ نه ڏٺو آهي. لفظ، حَسين آهي، حُسن آهي پر اهو لفظ
لطيف پاڻ ايجاد ڪيو آهي، جيڪو ڏاڍو با ڪمال آهي.
دنيا جا جيڪي به وڏا
شاعر آهن، اهي زبان کي نج رکندي، ان جي تخليقيت ۾ نوان تجربا ڪندا آهن، اتان ئي
ٻوليءَ جي پرورش ٿيندي آهي ۽ ٻولي شاهوڪار ٿيندي آهي ۽ ڄڻ ته نئون جنم وٺندي آهي.
اهڙيءَ طرح ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌاري جو سلسلو شروع ٿيندو آهي. لطيف تشبيهن ۾ به
ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. هن “اوڻٽيهين جي اونداهيءَ” کي به تشبيهه طور استعمال ڪيو آهي.
ان کان پوءِ ئي اياز ان تشبيهه کي کنيو آهي. ان جو مطلب ٿيو ته لطيف جو مشاهدو
ايڏو گهرو هو جو اوڻٽيهينءَ جي رات جو جيڪا اونداهي ٿئي ٿي، ان جهڙي اونداهي ٻي
ڪنهن رات جو نه ٿيندي آهي، تنهن کي تشبيهه ڏئي تخليقي انداز سان ڪم آندو اٿائين.
تشبيهون، استعارا، اشارا ۽ ڪنايا ڪنهن شاعر ۽ تخليقڪار جو وڏو فني هٿيار هجن ٿا.
هڪ وڏو شاعر تخليقي ۽ عمده انداز سان ٻوليءَ جي اصليت سان گڏ نوان معنوي، جمالياتي
۽ سماجياتي تجربا به ڪندو آهي. شاعر تمام
وڏا تخليقي ماڻهو هوندا آهن. هو لفظن کي وڏي تخليقي انداز ۾ پيش ڪندا آهن. ڪجهه
اهڙا لفظ آهن جن جو تاثر غير شاعراڻو هوندو آهي، جيئن هڪ لفظ آهي ڪاروبار، جنهن جي
ذهن ۾ اچڻ سان ماڻهوءَ جو ذهن دڪان ۽ بازار وغيره ڏانهن هليو ٿو وڃي. ان لفظ ۾
ڪابه رومانويت، حُسن ۽ جماليات نه آهي پر جڏهن ان کي فيض استعمال ڪيو ته اُن جي
معنيٰ ئي بدلجي وئي. هن چيو ته:
چلي ڀي آئو ڪي گلشن ڪا ڪاروبار چلي.
ان هڪ لفظ فيض وٽ اچي
ڄڻ هڪ نئون جنم ورتو. ان جي معنيٰ ئي مٽجي وئي. هاڻي جڏهن اسان ڪاروبار لفظ کي اتي
پڙهون ٿا ته هڪ ٻيو احساس اُڀري ٿو. اهو هڪ شاعر جي فن جو ئي ڪمال آهي.
ادبي
تنقيد جو اهو ڪم آهي ته اها اهو ڏسي ته ٻوليءَ کي اصل حالت ۾ رکندي، ڪيئن نوان
تخليقي تجربا ڪيا ويا آهن. ادب جي جيڪا به صنف هوندي آهي، ان جو هڪ ته پنهنجو
مواد، خيال ۽ ان جي اندر ڪيل ڳالهه هوندي آهي. ٻيو ان جي صنف جو ڍانچو (Form) هوندو آهي، جنهن ۾ گيت، غزل، نظم، وائي، بيت ۽ ٻيون کوڙ ساريون
صنفون آهن. انگريزي ادب ۾ سانيٽ آهن. جپانيءَ ۾ هائيڪا آهن ۽ عربيءَ ۾ رباعي آهي،
ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ بيت آهي، ڪافي ۽ وائي آهي. ان کان علاوه نثر ۾ ناول،
افسانو، مضمون، سفرنامو، سوانح عمريون ۽ ٻيون ڪيتريون ئي صنفون آهن، جيڪي دراصل
ادب جو لباس آهن. انهن سڀني جو پنهنجو هڪ خاص گهاڙيٽو هوندو آهي. ادب ۾ پنهنجي
گهاڙيٽي جي حوالي کان جيڪڏهن ڪا عمده کان عمده شيءِ به بيهجي وئي ۽ ان ۾ ڪا تبديلي
نه آئي ته پوءِ اها به وقت گذرڻ سان پنهنجو اثر وڃائي ويهندي. ان ۾ جيڪو حُسن ۽
موههُ هوندو، اهو ساڳيو نه رهندو. زندگي هڪ مسلسل تبديل ٿيندڙ شيءِ آهي. زندگيءَ ۾
ئي تغير آهي ته پوءِ انسان جي سوچ، ان جي تصورن، احساسن، اظهار جي انداز ۽ اسلوب ۾
به تخليقي تغير هجڻ گهرجي. هڪ آرٽسٽ، شاعر ۽ ليکڪ جو ڪمال اهو هوندو آهي ته اهو
مسلسل نوان نوان تجربا ڪندو/ ڪندي آهي ۽ اُهي پنهنجي ٻولي، سماج ۽ پنهنجن ماڻهن کي
حَسين کان حَسين صنفن (Forms) جي تخليق ڪري ڏيندا آهن. مون فراز صاحب ۽
فيض صاحب جو مثال ڏنو، فيض صاحب جو غزل گهاڙيٽي جي حوالي کان ڪلاسيڪل آهي. غزل کي
فارم جي حوالي کان ناصر ڪاظمي، جون ايليا، منير نيازي، احمد فراز، ساغر صديقي ۽
ٻين ڪيترن ئي شاعرن اچي تبديل ڪيو. ترقي پسند شاعرن جي پهرين کيپ ۾ جيڪو مخدوم محي
الدين ۽ علي سردار جعفريءَ جو نظم آهي، انهن موضوعن کي جڏهن فيض صاحب کنيو ته انهن
کي ڪمال پَدَ تي وٺي ويو. ادبي تنقيد جتي ٻوليءَ، ان جي اوريجنلٽيءَ، ان جي تجربن،
فني جوڙجڪ، تمثيلن، تشبيهن، ڪناين، اشارن کي ڏِسي ٿي، اُتي ان جي فارم کي به ڏسي
ٿي. سنڌي شاعريءَ ۾ شيخ اياز جو مثال آهي.
ان حوالي کان هن جا تمام وڏا ڪارناما آهن. اسان وٽ غزل فارسي عروض جي بندشن تحت
لکيو ويندو هو. اياز ان کي هندي ڇندَ ۾ لکڻ شروع ڪيو، ڇو ته شاعريءَ ۾ جيڪا نغمگي
۽ تغزل آهي، اهو ته موسيقيءَ سان وابسته آهي. جيڪڏهن اوهان جي شاعريءَ ۾ نغمگيءَ ۽
تغزل هڪ قسم جو آهي ۽ ان جي موسيقي ۽ رڌم ٻئي قسم جي آهي ته پوءِ مزو نه ٿيندو.
اياز پنهنجي غزل ۽ گيت کي ڇندَ تي ان ڪري لکيو جو ان جو اسان جي موسيقيءَ سان گهرو
واسطو هو، ان ڪري اياز جي شاعريءَ کي ڳائڻ آسان آهي، ڇو ته هتان جا موسيقار ڇند جا
ڄاڻو آهن. اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته فارسي عروض تي لکيل شاعري ايتري ڇو نه ٿي
ڳائي وڃي. ان ڪري جو ان جو فني بندشون
ايران مان آيل آهن ۽ اهي ايران جي موسيقيءَ سان سلهاڙيل آهن. ايئن اياز پنهنجي
نظمن، گيتن ۽ هر صنف کي ڇندَ تي لکيو. اياز هڪ ٻي به ڏاڍي زبردست ڳالهه ڪئي. هن جپاني
هائيڪي، پنجابي ماهيي ۽ سنڌي
بيت لاءِ چيو ته انهن ۾ تمام ٿورڙو فرق آهي. هن انهن ٽنهي صنفن ۾ فرق واضح ڪري
نوان تجربا ڪيا. ادبي تنقيد ۾ فارم کي ڏسڻ به انتهائي ضروري آهي. فني تنقيد جو
آخري پهلو فارم ۾ ڪلاسيڪيت، جدت ۽ تخليقيت کي ڏسڻ آهي. اوهان بحيثيت هڪ ادبي نقاد
يا ادبي تنقيد جي شاگرد جي حيثيت ۾ جڏهن به ڪنهن شيءِ جو جائزو وٺو ته ان ۾ اهو به
ڏسو به ته ان ۾ ڪهڙيءَ شيءِ جو اثر آهي يا وڌيڪ آهي. ان تي ڪلاسيڪيت حاوي آهي يا
ان تي جديديت حاوي آهي، يا اڃان ڪا نئين شيءِ آهي. جيئن مون اڳ ۾ به چيو هو ته
ادبي تنقيد جا ٻه پاسا آهن، هڪ فني حوالي کان ته ٻيو ته ان جي مواد جي حوالي کان
آهي. ان ڪري ادبي پرک ۾ فني پاسو تمام گهڻي بنيادي اهيمت رکي ٿو، جنهن ۾ ٻولي،
گهاڙيٽو، بندشون، تشبيهون، تمثيلون، استعارا، اشارا، ڪنايا ۽ ٻوليءَ جا سماجياتي
معنوي پاسا اچي وڃن ٿا.
جيستائين ادبي تنقيد نه
هوندي آهي، ته ڪنهن کي خبر نه هوندي آهي ته ادب، شاعري ۽ پينٽنگز ڇو عمده آهن؟ اها
تنقيد ئي آهي، جنهن جي ذريعي اسان کي ادب ۽ فن جي خبر پئي ٿي. تنقيد کانسواءِ
اوهان نه ڄاڻي سگهندا ته جنهن ادب جي اوهان ڳالهه پيا ڪريو، ان ادب جي همعصر دؤر
جا رجحان ڪهڙا هئا. فڪري، جذباتي، احساساتي، سماجي، سياسي ۽ معاشي لاڙا ڪهڙا هئا؟
ادبي تنقيد کانسواءِ ادب ۾ تنقيدي شعور پيدا نه ٿو ٿي سگهي. ادبي تنقيد جو جيڪو
عام ماڻهوءَ تي اثر آهي، ان کي ماپڻ جو ڪم به ادبي تنقيد جو آهي. ادبي تنقيد
کانسواءِ اوهان ڄاڻي نه سگهندا ته ڪنهن به ادب جو پنهنجي همعصر دؤر ۾ ۽ ان کان
پوءِ ڪهڙو اثر رهيو آهي. مختصر لفظن ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته ادبي تنقيد نه رڳو ادب
جي پرک ڪري ٿي پر ان تي اثرانداز پڻ ٿئي ٿي ۽ خاص طور اُها پرک ۽ پروڙ وسيلي ادب ۽
ان جي تنقيد جي سماجي ڪارج کي پڻ واضح ڪري ٿي. اسان جي ادب کي پڻ بيحد ڏاهن ادبي
پارکن جي ضرورت آهي.
(سنڌ جي نوجوان ليکڪن ۽ شاعرن کي ايس پي او حيدرآباد ۾ هڪ ڏينهن جي ٽن ويهڪن ۾ ڏنل ليڪچر – 7 مارچ 2003ع)
splendid, brief and comprehensive piece of writing on literary criticism. i loved that.
ReplyDeleteHelpful for young generation
ReplyDelete