ڪتاب ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ جا سادا اکر
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
لکمي کلاڻي ۽ ٻيا سنڌي اديب، انڊيا
کان سال ٢٠٠٦ ۾ آيل ھيا. نثار حسيني مرحوم پنھنجي جا تي سندن مان ۾ شام يا گڏجاڻي
رکي ھئي. اتفاق سان مان به آفيس جي ڪم سانگي ان ڏينھن حيدرآباد ۾ ھيس، جنھنڪري ناز
سنائي سان گڏجي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو ملي ويو.
سنڌ جا ڪيترا ئي اديب يا ادب دوست پڻ آيل ھيا. محمد نواز نوناري مرحوم پڻ مرحوم
حيدر علي لغاري سان گڏ آيل ھيو. ڏسندي ئي ڏاڍو اڪير سان
مليو. ملڻ شرط اپڪائي چيائين؛ ”اڄ جيڪڏھن مون وٽ ھلين ته ڪجھ ’سنڌو‘ جا پرچا ڏيان.“
’سنڌو‘ رسالي جي ڪن پرچن، جن ۾ جيڪب
آباد جي جھونن اديبن بابت معلومات ھجي، تن جي مون کي پڻ ڳولا ھئي. سال ١٩٣٩ع جا
جولا کان ڊسمبر تائين، جلد ٻڌل پرچا، نورالحق
جکراڻي جي سگِ سلطاني لائبرري مان اڌارا ورتا ھيم. اھڙو ئي ڇھن مھينن، جنوري کان جون ١٩٤٢ع، جو
سيٽ پڻ سائين الطاف گوھر پيچوھي صاحب ڏنو ھيم.
محمد نواز صاحب، ناز سنائي جي موجودگي ۾، جيڪي پرچا ڏنا سي مڪمل طرح ڀُتا ھيا. جلد به نڪتل ھين. ھٿ وجھڻ سان پنا
ڀور ڀور پئي ٿيا، پر ھيا پوري سال ١٩٤٢ع جا. منجھن آگسٽ ١٩٤٢ واري مخزن ۾ ھڪڙي
مضمون؛ ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ جي قسط نمبر چار ڇپيل ھئي، جنھن جي منڍ ۾ ايڊيٽر صاحب جو ھنن
لفظن ۾ نوٽ لڳل ھيو؛ ”ڳوٺاڻي ڳڙ جي چوٿين قسط، اتفاقًا رھجي وئي ھئي، سا ھيٺ ڏجي ٿي.“
چوٿين نمبر قسط ۾ ٣٥ پھاڪا/چوڻيون
يا ورجيسون، ١٠٦ نمبر کان١٤٠ نمبر تائين، درج ٿيل ھيا. جڏھن ته اصل ليکڪ، قسط جي
منڍ ۾ نوٽ اندر لکيو ھيو؛ ”ھن کان اڳ ٽي قسطون مٿئين سلسلي ۾ ڏنيون اٿم. ڪيترن
ساھتيه پريمي دوستن جي زوردار گھر تي، ھي سلسلو وڌيڪ ھلائڻ چاھيان ٿو. چوٿين قسط
عرض رکجي ٿي، باقي قسطون به جلد سنڌي ساھتيه جي سڌ يٿڙن اڳيان پيش رکبيون. ڳوٺاڻو ڳڙ،
جلد کائي کپائي ڇڏيو، آئينده جا ڀاڳ آئينده سان. وري موليٰ ٻيو ڏياريندو.“
قسط ڏسڻ ۽ نوٽ پڙھڻ شرط، اڳي ڇپيل
قسطن ۽ بعد ۾ ڇپيل قسطن ڳولھڻ ڏانھن ڌيان ھليو ويو. گھر اچي ڏٺم ته مون وٽ موجود ڪنھن
به پرچي ۾ يعني ١٩٤٢ع جي پھرين ڇھن ۽ ١٩٣٩ جي پوين ڇھن پرچن ۾، ڳوٺاڻو ڳڙ جي ڪا به
قسط ھليل نه ھئي.
ھاڻي انھن پرچن جي ڳولا ۾ لڳي ويس،
جن ۾ بقايا قسطون ڇپيل ھيون.
ھڪ دفعي ناز سنائي، فون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي، ٻڌايو؛ ”سنڌالاجي طرفان ڇپيل ڪئٽالاگ، ١٩٤٧ کان اڳ وارن ڪتابن
۾ ”ڳوٺاڻو ڳڙ“ ڪتاب جو ذڪر ملي ٿو.“
ساڻس اتفاق سانگي شاھنواز ڀٽو
لائبرري لاڙڪاڻو ۽ سنڌالاجي وڃڻ ٿيو. ٻنھي ھنڌ، ڇپيل ڪتاب ته نه مليو،
البته سائين محمد انس راڄپر صاحب جي تعاون ۽ محنت سان ’سنڌو‘ جا اھي پرچا ملي ويا جن ۾ اڳيون قسطون شايع ٿيل ھيون. سائين سال ١٩٤١ع
جي پوين ڇھن مھينن جا پرچا کڻي آيو، جن ۾ پھريون ٽي قسطون؛ جولا، آگسٽ ۽ آڪٽوبر جي پرچن ۾، ۽ پنجين ۽ آخري
قسط ڊسمبر واري پرچي ۾ شايع ٿيل ھيون. منجھس ١٤١ کان ١٧٥ تائين داخلائون ھيون.
جڏھن ته سيپٽمبر ۽
نومبر جي مھينن وارن پرچن ۾ ڳوٺاڻو ڳڙ جي ڪا به قسط نه ھليل
ھئي.
سمورا پرچا گڏ ڪرڻ بعد، منجھن ڇپيل
ڳوٺاڻو ڳڙ جون قسطون ھڪ ھنڌ ڪٺي ڪيم ته جيئن الفابيٽ ترتيب ڏئي، ڇنڊ ڇاڻ بعد
تشريحون پوريون ڪري سگھجن.
رھنمائيءَ جي طور تي ليکڪ پنھنجي
قسطن ۾ ڪجھ نوٽس به ڏنا ھيا، تن جي مدد سان ھن ڪم جي تڪميل ممڪن ٿي سگھي. اھي نوٽس
پڙھندڙ محققن جي دلچسپيءَ لاءِ ھيٺ ڏجن ٿا.
پھرين قسط جي فوٽ نوٽ ۾ ليکڪ لکي ٿو؛
”اڃا ته اھڙا پھاڪا انيڪ ۽ اٿاھ لڳا پيا آھن. ڪو سونجھو ويھي سوڌي ۽ سنواري. وڌيڪ
پھاڪن ۽ ڳوٺاڻن اصطلاحن جي ڇنڊ ڇاڻ وري ڪنھن ٻئي وقت ڪئي ويندي.“
جنھن مان ظاھر ٿيو ته سندس ارادو وڌيڪ
قسطن لکڻ جو آھي.
ٻين قسط جي منڍ ۾ نوٽ اندر لکي ٿو؛
”ھن کان اڳ به ساھتيه پريمين جي پاڙي ۾ ڳوٺاڻي وستُن جو چپو ٺاھي گھور تي آيو
آھيان. ڳوٺاڻي ڳڙ جو ھوڪو ڏنو ھوم. الائي قدردانن وٽ قبول پيو يا نه، اھا ڪا ڪل ڪا
نه اٿم. وري به آس ڌري، گھورڙيو بڻجي، پنھنجيءَ ھٽيءَ آھر ھوڪو ڏيڻ نڪتو آھيان. ڳوٺاڻي
ڳڙ ۾ شھرن جو ميٺاڄ ۽ سواد موران ڪو نه آھي، پر جنھن ملڪ جي پيدائش آھي، اتي چڱو
چوکو نانءُ ناموس مليل اٿس. ڏسجي ته ڏور ڏيھن جي ساھتيه پريمين اڳيان ڪيتري قدر
قبول ٿو پوي. اڳ (۳۵) چوڻيون ۽ پھاڪا پيش ڪيا ھيم. ھن
دفعي (۳۵) ٻيا به ڀيٽ ڌريان ٿو.“
ان ئي قسط جي آخر ۾ فوٽ نوٽ اندر
وري رقمطراز آھي؛ ”اڃا ته ھڪڙي تر جو تڙ تانگھي، ڪناري تي پيل ڪوڏ ڪٺا ڪيا اٿم.
بحر بيگانو لڳو پيو آھي. اونھون عميق ۾ ڪو نه ويو آھيان. ھي ساھتيه جي ساگر جون
سامونڊي سپون، لڙھ ۾ لڙڪائي اوھان اڳيان آنديون اٿم. وڌيڪ چوڻين ۽ پھاڪن جي ڇنڊ ڇاڻ
ڪنھن ٻئي وقت. --- اجازت کان سواءِ ڪو نه ڇپائي.“
ٽين قسط اندر نوٽ منجھ لکي ٿو؛ ”ڳوٺاڻي
ڳڙ جي سري سان ھن کان اول (۷۰) ڳوٺاڻين
چوڻين ۽ پھاڪن جي پيڙھ ڏني اٿم. ھن ٽين قسط ۾ (۳۵)
وڌيڪ سنڌي ساھتيه پريمين اڳيان رکان ٿو.“ جڏھن ته فوٽ نوٽ ۾ لکيو اٿائين؛ ”وڌيڪ ٻئي
دفعي.“
چوٿين قسط بابت مٿي ڄاڻائي آيا
آھيون.
پنجين قسط جي منڍ ۾ نوٽ طور لکيل
آھي؛ ”ڳوٺاڻي ڳڙ جي پنجين ڳوٿري پاٺڪن اڳيان ڀيٽ رکجي ٿي. اڳي (۱۴۰)
پھاڪن ۽ چوڻين جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي آھي. ھينئر (۳۵)
وڌيڪ ڏيئي، سلسلي کي حال في الحال اتي ختم ڪيو ٿو وڃي.“
جڏھن ته ان ئي پنجين قسط جي فوٽ نوٽ
۾ لکيو اٿائين؛ ”ڳوٺاڻو ڳڙ جو سلسلو ھن سان ختم ٿيو. آشا آھي ته سنڌي ساھتڪارن کي
ان کان چڱو ئي ميٺاڄ مليو ھوندو. اھڙا پھاڪا ۽ چوڻيون، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جام آھن.
اھڙين طرزن تي چيل ڪيتريون ئي اخلاق جي درجي کان ڪريل فاحش چوڻيون پڻ گھڻي تعداد ۾
ھٿ آيون آھن پر انھن کي سنڌي ساھتيه جي لڙھ ۾ پوئڻ چڱو نه ڄاڻي، نظر انداز ڪري ڇڏيم.
ھر ھڪ ڳوٺ ۽ شھر تي وري جدا جدا چوڻيون چيل آھن، سي وري ڪنھن ٻئي دفع سنڌي ساھتيه
پريمين اڳيان ڀيٽا رکبا. باقي رھيا ڳوٺاڻا اصطلاح ۽ الفاظ، جن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪنھن وقت
ڪئي ويندي.“
انھي نوٽ مان سمجھ ۾ آيو ته ڪتاب، سال ١٩٤١ع ۾ ئي پورو ٿي ويو ھيو.
اتفاق سان، منجھانئس چوٿين قسط ڇپجڻ کان رھجي وئي ھئي، جيڪا ايڊيٽر صاحب مٿيون نوٽ
ھڻي آگسٽ ١٩٤٢ع واري پرچي ۾ شايع ڪئي ھئي.
ھر قسط ۾ ٣٥ داخلائون ھيون. جملي ١٧٥
داخلائون ٿيون. اتفاق سان ٽي داخلائون نمبر ٣٥، ٧٠ ۽ ١١٥ واريون وچ ۾ ڇڏجي ويل
آھن. ٻه داخلائون ورجايل آھن. نمبر ٥٨ ۽ ١٣٥ تي ساڳي داخلا؛ منھن ملان جو، اکيون
چور جون، ڏنل آھي. نمبر ٨٦ ۽ ١٦٧ تي ساڳي داخلا؛ پيٽ ۾ نانھن روٽيان، سڀئي ڳالھيان
کوٽيان، ڏنل آھي. جڏھن ته ١٧٥ واري داخلا کان پو ٽي داخلائون وري بنا نمبر جي ڏنل آھن. انھي حساب سان ملائي سلائي ١٧٣ داخلائون بيھن ٿيون.
ھٿ آيل پرچا اٿلائڻ سان، ڄاڃي لال ڊي
آھوجا طائر بابت ٻي ڪا معلومات ته ڪا نه ھٿ اچي سگھي، باقي منجھن سندس نالي سان ھيٺ ڄاڻايل
ڪجھ مضمون شايع ٿيل ھيا. تن مان سندس علم داني جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
ترجما: شريبت پرڀات
ڪمار مکو پاڌيه (بنگال) جي ڪتاب ڪايا پلٽ جون ٻه قسطون؛ ڪايا پلٽ-۳
(نومبر ۱۹۴۰ع، ص ۴۳
کان ص ۵۰ تائين) ۽ ڪايا پلٽ-۴ (ڊسمبر
۱۹۴۰ع، ص ۴۳
کان ص ۵۰ تائين)
سوانح: بين ڪنگ
(آمريڪي شاعر) (جنوري ۱۹۴۱ع، ص۹۲
کان ص ۱۰۱ تائين)
مضمون: ۱.
بيماريون ۽ ڀرم (مارچ ۱۹۴۰ع، ص ۳۱
کان ص ۳۷) ۲.
اھا ئي سچي عادت (ھندو مسلم ايڪتا لاءِ) (اپريل ۱۹۴۰ع)
۳. ھي ڦير ڇو انسان جو؟ (ھندو مسلم ايڪتا لاءِ)
(جون ۱۹۴۰ع، ص ۶۳
کان ص ۷۰) ۴.
شعر: ساھتيه جو روح (نومبر ۱۹۴۰ع، ص ۱۴
کان ص ۱۹) ۵.
شيراز- فارسي شاعريءَ جو ھندورو (ڊسمبر ۱۹۴۱ع، ص ۴۸
کان ص ۵۳)
شعر: ۱.
پنھل منھنجا پيارا ڪٿي آھين تون؟ (مئي ۱۹۴۰ع، ص۷۰
کان ص۷۱ ) ۲.
اڄوڪا ھند ڄاوا، ڪريون ملڪ جي خدمت (بزم مشاعرھ سي ايس ڪاليج ۾ پھريون نمبر انعام
مليل) (ڊسمبر ۱۹۴۰ع) ۳.
چاھنا (نومبر ۱۹۴۱ع، ص ۱)
۴. سھاڳ رات (آڪٽوبر ۱۹۴۱ع،
ص ۳۴ کان ص ۳۵)
۵. ماھيه (پريتم) (آگسٽ ۱۹۴۳ع،
ص ۲۵ کان ص ۲۷)
۶. پايل جي جھنڪار (اپريل ۱۹۴۴ع،
ص ۶ کان ص ۸) ۷.
راجڪماري (مئي ۱۹۴۴ع، ص ۸)
ڪتاب جو نالو، ان دور جي رواج
مطابق، ڪنھن مٺي شيءِ سان نسبت ڏئي رکيل آھي. ڇو جو ان وقت تائين پھاڪن جا ڇپيل ڪتاب
ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ جو ”گلشڪر“ ۽ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جو ”گلقند“ نالي
سان ادبي ميدان ۾ مشھور ھيا. ھيءُ نالو پڻ انھن سان ميچ ۾ رکيل ٿو نظر اچي. جيئن
مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”پھاڪن جي حڪمت“ جي تتبع تي پوين ليکڪن/محققن پنھنجين محنتن
جا نالا ائين رکيا آھن. جھڙوڪ؛ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ ”پھاڪن جي پيڙھ“، الله بخش ٽالپر
”پھاڪن جي پيڙھ“، عبدالڪريم سنديلو صاحب ”پھاڪن جي پاڙ“، تيرٿ داس پيسومل ”پھاڪن
جي پاٻوھ“ ۽ شمس الدين تونيو لاڙڪاڻويءَ ”پھاڪن جي پروڙ“ وغيرھ.
ھن ڪتاب جي تصحيح ٿيل مسودي ۾، مٿي
ڄاڻايل مڙني دوستن جو تعاون شامل رھيو آھي. انھن جي تعاون ۽ خاص ڪري سنڌالاجي ۾ ڪم ڪندڙ غلام قادر گھانگھرو
جي مدد کان سوا ڪم ھيلتائين مڪمل نه ٿي سگھي
ھا. ھيءُ ڪتاب پڙھندڙن جي ھٿن تائين پھچائڻ ۾ مٿي ڄاڻايل مڙني صاحبن جو احسان آھي.
سڀني جا لک ٿورا.
No comments:
Post a Comment