10/04/2016

دراوڙ دل جي تنهائي جو اڀياس - امر پيرزادو (Amar Pirzado)

اي درد قرب تنهنجا جو ساٿ تو نڀايو
اياز جاني جي ڪتاب دراوڙ دل جي تنهائي جو اڀياس
امر پيرزادو
فيبروري 2016 جو مهينو سنڌي شاعري لئه بهار بڻجي آيو هن مهيني ۾ سنڌ جي ٻن سرموڙ شاعرن روبينه ابڙو ۽ اياز جاني جي شاعري جو پهريون مجموعو شايع ٿيو . انهن ٻنهي ڪتابن جو شاعري سان عشق ڪندڙن کي وڏي وقت کان انتظار هيو.
ايازجاني مون کي درد جو شاعر لڳندو آھي. اهو درد ئي آھي جيڪو اياز جاني جي سموري شاعري جو اتساهه آھي. اهو درد ئي آھي جنهن زاتي زندگي ۾ جاني کي پريشان رکيو ۽ شاعري ۾ کيس جيئدان ڏنو . انور پيرزادي انور ابڙي جي نثري نظمن جي ڪتاب جي مهاڳ( جيڪو اڃا شايع نه ٿيو آھي) ۾ لکيو آھي ته نثري نظم جي گهاڙيٽي جو جيڪڏھن نالو رکجي ته اهو درد رکي سگهجي ٿو. مون کي ايازجاني جي سڄي شاعري جو تت به لفظ درد ۾ ئي ملي ٿو . مان هن ڪتاب جو نالو درد رکان هان. 7 جنوري تي منهنجي موبائيل تي ايازجاني جي نالي جي رنگ وڳي مون جيئن ئي موبائيل رسيو ڪندي ڪن تي رکي ايازجاني اوڇنگارون ڏيندي چئي رهيو هو اڙي امر منهنجو حسين گزاري ويو اڙي مان ڇا ڪيان يار.. منهنجي دل تي زور سان ڌڪ لڳو مون کي ڪو جواب نه پيو سجهي ڪا اٿت ساٿ نه پئي ڏي منهنجي واتان به بس اڙي يار ئي نڪتو. هڪ مجبور پي رئندو رهيو. اهو ڏينهن بابا جي ورسي جو ڏينهن هيو اهو ڏينهن شايد پار ڪڍڻ جو ڏينهن آھي. مون سوچيو ايڏو درد ملڻ کان پو جاني پاڻ کي سنڀالي نه سگهندو مري نه به ويو کري ضرور ويندو ذهني توازن وڃائي ويهندو ڇو ته هو اڳ ئي وڏا صدما سهي چڪو هو مٿان وري پٽ جو وڇوڙو. پر اسان ڏٺو سي ته ايڏي وڏي ڏک کان کيس بچائڻ وارو به درد ئي هو جنهن کيس لفظن جا ڳوڙھا ڳاڙڻ سيکاريا، جاني لکيو
اي درد قرب تنهنجا جو ساٿ تو نڀايو
ٽھڪن ڦٽي ڪيو جيئن لڙڪن ۾ تو لڪايو
جنهن وقت تو سڏيو پئي مصروف ئي رهيس مان
هاڻي پيو ٿو سوچيان ڇا آھ مون ڪمايو

هڪ ٻي غزل جي بند ۾ حسين جي وڇوڙي. هن جي معصوم راندين ۽ پنهنجي بيوسي کي لفظن سان پينٽ ڪري ٿو
منهنجو حسين بال ويو آھي کڻڻ
منهنجي اڳيان کولي دري آڪاس جي.
جاني جي حياتي مون کي ڀٽائي صاحب جي ان سٽ جهڙي ٿي لڳي
سرجيس ته سور ساماڻي ته سک ويا
جاني چوندو آھي ته ماڻھن کي ننڍپڻ وڻندو آھي پر مان ننڍپڻ وسارڻ چاهيندو آھيان. جاني جو پي جاني جي ننڍپڻ ۾ هن کان ڏار ٿي ويو هي معصوم ٻار شيون کپائي ڇولا کپائي پيٽ گزر ڪندو ھو. محبت ۾َ به سندس محبوبا روايتن ڪري در جي چائٺ ٽپي نه سگهي
در نه اورانگهي سگهي
در جي چائٺ تي
پٿر ٿي وئي ڇوڪري
هڪ ڀيري جاني مون کي چيو اسان جن کي چاهيو اهي اسان کي نه ملي سگهيا پر جن اسان کي چاهيو اسان انهن کي ڇو نه ملي سگهيا سي
غربت محبت جي ناڪامي سان گڏ هن کي وڇوڙا به گهڻا مليا پنهنجي ڀاء جي وڇوڙي تي هن غزل لکيو
وقت توسان وفا ڪري ٿا وڃون
تهمتون پاڻ تي ڌري ٿا وڃون
زندگي موت جي سواري آ
سا سواري اسان ڪري ٿا وڃون
ڏس اسان جو مٽي ڏئي نه ڏئي
پاڻ آڪاش کان پري ٿا وڃون
مان پنهنجي ڪار ۾ اھو غزل رحمت ميرالي جي سريلي آواز ۾ اڪثر ٻڌندو ويندو آھيان.
جاني دردن مان جان ڇڏائڻ بدران کيس پنهنجي طاقت ۾ تبديل ڪيو. اندر اي اهنج سانڍج سکائون ڪري
هن جي شاعري هن جي درد جو منظوم اظھار آھي اهو درد پو ڌرتي جو هجي. سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جو هجي انسانيت جي تذليل جو هجي يا رياستي جبر جو هجي اهو سڀ هو اظھارڻ م سڦلآھي. جاني جي شاعري کي ڪنهن نظرئي سان جوڙڻ کان پاسو ڪندي مان هن جي شاعري کي انسان جي بنيادي حقن جي شاعري چوندس. انسان جي اندر جي خواهشن پيڙائن محبت خوشين مايوسين جي شاعري چوندس. هو ڪنهن سياسي نعري لئه نه پر انسان ۽ انسانيت جي بقا لئه شاعري ڪري ٿو ان ڪري ان شاعري کي دوام آھي.
ايازجاني پنهنجي شاعري سان جديد سنڌي غزل کي تجريديت. غير ضروري لفاظي فڪري ابهام ۽ کوکلي رومانويت مان ٻاھر ڪڍي ان کي فڪر انگيز ۽ بامقصد بڻايو آھي. ستر ۽ اسي وارو ڏهاڪو سنڌي شاعري ۾ نظم جي ڪري وڌيڪ مضبوط رهيو جڏهن ته نوي واري ڏھاڪي ۾ نظم جا شاعر سياسي ڀڃ ڊاھ ڪري شايد پسمنظر ۾ ھليا ويا ۽ سنڌ ۾ گهڻو غزل لکجڻ لڳو. پر ان غزل تي نظم جا شاعر اها تنقيد ڪندا هئا ته وزن جي پورائي ۾ پورو غزل فڪري اڏام ۾ ڪنهن دام ۾ آيل ٿو لڳي. گهڻن شاعرن جو زور فن ڏانهن هيو. پر جيئن ته اياز جاني جي ادبي تربيت سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي اوج واري زماني ۾ ٿي هئي تنهن ڪري هن جي غزل ۽ واين پنهنجو فڪري معيار برقرار رکيو ۽ غزل جي ميلي ۾ ھن جو غزل پري کان پڌرو مختلف ۽ جرڪندو نظر ايندو رهيو. اڳتي هلي جديد سنڌي شاعر پاڻ سنڀاليو۽ سنڌ ۾َ خوبصورت غزل لکجڻ لڳو پر ان کان اڳ واري دور ۾ جاني ۽ ڪجهه ٻيا همعصر شاعر سنڏي غزل جي آبرو رکڻ ۾ ڪامياب ويا هئا. ايازجاني جي فڪرانگيز غزل جي جهلڪ هن جي هن سموري غزل ۾ نموني طور پسي سگهجي ٿي
هي ڪير آ مسافر جيڪو پڇي نه ٿو
هي پنڌ جستجو يا دوکو پڇي نه ٿو
ڪنهن ڇانو ۾ ته هاڻي ويهي رهو اکيون
هاڻي ته ڪو اوهان جو سپنو پڇي نه ٿو
ان جي وفا تي آڱر کڻجو نه رهبرو
جو ماڳ جو اوهان کان رستو پڇي نه ٿو
ٻرڪي نه لوڻ ٿو ڪا مرهم نه ٿو رکي
سمجهي ٿو بي رخي جو صدمو پڇي نه ٿو
هن کي ڪلها پٺاڙا هٿ پير ٿا کپن
هي شھر آھي ڪنهن جو چهرو پڇي نه ٿو
مسافر نيڻ آزادي، اداسي، خواب جاني جي شاعري جا استعارا آھن.
مان هي ڪتاب گزريل ارڙھن سالن کان پڙھي رهيو آھيان هن ڪتاب جا مختلف صفعا جاني مون کي گلش حديد ۾ آواراگردي ڪندي ڪڏهن گهٽين ۾ ڪڏھن هوٽل تي چانهن پئيندي ڪڏھن پهاڙي تي ڪڏھن مسلم ڪوچ ۾ ڪڏھن سنڌي ادبي سنگت گلشن حديد جي گڏجاڻين ۾ ڪڏھن موبائيل ايس ايم ايس ڪڏهن فون تي ٻڌائيندو رهيو آھي هاڻي هي ڪتاب مون کي انهن ملاقاتن جي ياد ٿو ڏياري هي ڪتاب اسان جي دوستي جو دستاويز لڳي ٿو هي ڪتاب مون لئه وزن بهر تز قافين ڇند وديا ناهي پر ڄڻَ ايازجاني جي دوستي ۽ زندگي جو ساٿ آھي. هي وري وري پڙهن جهڙو ڪتاب آهي. 
مان ڪتاب پڙھي ورايان ٿو ايازجاني جي تصوير بيڪ ٽائيٽل تي ڏسان ٿو هن جون اکيون مرڪڻ جي ڪوشش ۾ آھن. مون کي اياز جاني جو شعر ياد ٿو اچي:
هي نيڻ مون کي ڳوٺ کان آيل مسافر ٿا لڳن

ڪنهن سانوري جي مرڪ کان گهايل مسافر ٿا لڳن.

No comments:

Post a Comment