08/12/2016

احمد سلطان کوسو: پُرخلوص شخص ۽ نرمل شاعر- ڊاڪٽر فياض لطيف (Dr. Fayaz Latif)

احمد سلطان کوسو: هڪ پُرخلوص شخص ۽ نرمل شاعر
ڊاڪٽر فياض لطيف

احمد سلطان کوسي جي شاعري مختلف سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ عرصي کان ڏسندو ۽ پڙهندو رهيو آهيان.سنڌ ۾ شاعرن جو تمام ججھو انگ آهي ۽ انهن جي اڪثر شاعري روزاني اخبارن ۽ هفتيوار رسالن ۾ ڇپجندي رهي ٿي. اخبار وارن کي اخبار جو پيٽ ڀرڻو هوندو آهي ۽ اڪثر شاعرن کي ڦوٽو سميت پنهنجي شاعري  اخبار ۾ ڇپجڻ ۽ ڏسڻ جو شوق هوندو آهي. ان طرح ٻنهي جو لايو سجايو ٿي ويندو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، ته اخبارن ۽ رسالن ۾ ٿوڪ جي حساب سان ڇپجندڙ انهيءَ شاعريءَ ۾ ڪجھ شاعرن جي اهڙي شاعري پڻ شامل هوندي آهي، جيڪا نه رڳو معياري ۽ متاثر ڪندڙ هوندي آهي، پر روح کي گرمائي ۽ تن جي تندن کي تڙپائي ڇڏيندڙ هوندي آهي.
حقيقت ۾ احمد سلطان جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندڙ شاعريءَ مون کي ڪڏهن پاڻ ڏانهن  تمام گھڻو متوجهه نه ڪيو ۽ نه ئي مختلف موقعن تي ڇپيل ۽ پڙهيل سندس شاعريءَ بابت آءٌ ڪائي ٺوس راءِ قائم ڪري سگھيس، ان جو وڏو سبب شايد اهو به هو، ته مون کي اڪثر سندس شاعريءَ جو ٽڙيل پکڙيل صورت ۾ مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪڏهن يڪجا صورت ۾ سندس شاعري ميسر نه رهي، جنهن جي بنياد تي ڪا حتمي راءِ ۽ ڪو سگهارو تاثر جوڙي سگهجي.

خير کوسي صاحب جي شاعريءَ سان اخبارن ۽ رسالن ذريعي اها ميل ملاقات جاري رهي، پر ساڻس روبرو ملاقات جو سال ڏيڍ اڳ موقعو مليو. اهو به عجيب اتفاق هو. منهنجو پنهنجي ڪنهن ذاتي ڪم سانگي ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻو وڃڻ ٿيو، جتي پهچڻ کان پوءِ خبر پئي ته، جنهن صاحب ۾ منهنجو ڪم هو، اهو ايڊيشنل ڪمشنر احمد سلطان کوسو هو. احمد سلطان کوسو، جنهن جي شاعريءَ سان ته منهنجي آشنائي پراڻي هئي، پر ايڊيشنل ڪمشنر احمد سلطان سان منهنجي ڪائي واقفيت ۽ آشنائي ڪونه هئي. ڪنهن شاعر ۽ سرجڻهار جي ڪنهن ليکڪ ۽ تخليقڪار سان آشنائي ته سڀاويڪ ۽ سونهندڙ هوندي آهي، پر ڪنهن بيروڪريٽ سان ڪنهن ڪوتاڪار جي شناسائي سچ ته اڪثر اَسڀاويڪ ئي محسوس ٿيندي اٿم. بهرحال مون کي ملڻو هو، سو پرچي لکي موڪليم. چند منٽن ۾ اندر گُھرايائون. آفيس ۾ جيئن ئي داخل ٿيس، پاڻ اُٿي آڌرڀاءُ ڪيائون. سندن سڀاءُ ۽ ورتاءُ ڪنهن به طور تي بيروڪريٽ وارو نه، پر هڪ سٻاجهي ۽ سچيت سرجڻهار وارو محسوس ٿيو. ڪجهه گھڙين جي گفتگوءَ کان پوءِ نه رڳو ائين ڀاسيو، ته کوسي صاحب سان هڪ شاعر جي حيثيت سان آشنائي آهي، پر سچ پچ ائين لڳو ڄڻ سالن کان ساڻس شخصي شناسائي ۽ پنهنجائپ واري تعلقداري آهي. پاڻ خلوص سان چانهه جي آفر ڪيائون، جيڪا گڏجي پيتي سون ۽ پنهنجي شاعريءَ جي ڪتاب، سرچاءُجي ڪاپي پڻ ڏنائون، جنهن جي سرسري مطالعي کان پوءِ ئي سندن هڪ سجاڳ، برجستي ۽ تخليقي شاعر واري حيثيت منهنجي سامهون اڀري عيان ٿي. ان پهرين ۽ ٻين ڪيترين ئي ملاقاتن کان پوءِ ساڻس محبت ۽ نيازمنديءَ جو اهو رشتو اڄ به جُڙيل آهي، ۽ اميد ته اهو هميشه قائم رهندو، ڇاڪاڻ ته ذهن ۽ ضمير جا رشتا پائيدار هوندا آهن.
کوسو صاحب جو اخلاق، رواداري، انڪساري، خوش پوشاڪي، ڪشاده دلي ۽ هر آئي جو احترام ۽ خلوص سان آڌرڀاءُ ڪرڻ سندس اهڙا گڻ آهن، جيڪي گھٽ ماڻهن ۾ هوندا آهن، خاص ڪري ڪامورڪي مخلوق ۾ ته تمام گھٽ ملندا آهن، پر لطيف سائينءَ چواڻي، “اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي....”، سو هر جاءِ تي چند ماڻهو اهڙا موجود هوندا آهن، جيڪي سينواريل ڍنڍ  جهڙي ماحول ۾ ڪنول جي احساس وانگر هوندا آهن.
احمد سلطان کوسي ۾ مون اهي خوبيون به ڏٺيون آهن، ته هو هڪ ته دل ۽ دسترخوان جو ڪشادو آهي. ٻيو ته گھڻو ڪري نه ڪنهن جي گلا ڪندو ۽ نه ئي ڪنهن جي گلا ٻُڌڻ پسند ڪندو آهي، جڏهن ته اسان جي اڪثريت ان مرض ۾ نه رڳو مبتلا آهي، پر گھڻن ماڻهن جو اهو محبوب مشغلو ۽ وندر ورونهن جو موضوع پڻ آهي. 
مون ڪيئي ناليوارا اديب، شاعر ۽ ڪامورا ڏٺا آهن، ڪيترن سان ويجھڙائي ۽ دوستيءَ جو رشتو به رهيو آهي، پر اڪثر گھڻي ’وڏي نالي وارن‘ جي ’ديهه ويران‘ ۽ ’ٻاهرين لباسين‘ جي ’اندر مرئي اڳڙيون‘ ڏٺيون اٿم. ڪي ماڻهو سالن جي سُٻنڌ کان پوءِ به اوپرا ۽ اجنبي لڳندا آهن، پر ڪي لمحن جي رفاقت ۾ سالن جا شناسا ۽ پنهنجا محسوس ٿيندا آهن.احمد سلطان کوسو جو سُڀاءُ ۽ سندس شخصي ڪردار اهڙو نماڻو ۽ نرمل آهي، جو گھڙي کن جي روح رهاڻ ۽ ڪچهريءَ کان پوءِ اجنبي به پاڻ کي سندس آشنا محسوس ڪندا آهن، اهو منهنجو ذاتي مشاهدو ۽ محسوسات آهي، ٿي سگهي ٿو، ڪنهن ٻي جو تجربو ۽ احساس مون کان مختلف ۽ منهنجي برعڪس هجي.
سائين احمد سلطان ۾ يقينن ڪي ڪمزوريون ۽ شخصي ڪميون به هونديون، ڇو ته انسان، فرشتو ناهي ۽ نه ئي فرشتو، انسان ٿي سگھي ٿو، پر مجموعي طور هن جو ڪردار، ورتاءُ ۽ خلوص اهڙو موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي، جن تان اهي ننڍڙيون ڪميون ۽ ڪوتاهيون آسانيءَ سان قربان ڪري سگهجن ٿيون.
احمد سلطان کوسو سُلڇڻو ۽ سهڻو سڀاءُ رکندڙ انسان ته آهي، پر هو هڪ سُچيت سرجڻهار ۽ نرمل شاعر پڻ آهي. حقيقت ۾ هي دور ادبي ۽ تخليقي حوالي سان سنڌ ۾ شاعريءَ جو دور آهي. اسين خوشنصيب آهيون، جو شاهه لطيف جھڙو عظيم شاعر اسان جو پيشرو ۽ رهبر آهي. شيخ اياز جھڙي مهان ڪوي جي دور ۾ پاڻ پيدا ٿيا آهيون ۽ ان جي هم عصر هجڻ جو شرف حاصل آهي. ٻي حوالي سان اها ڏاڍي آزمائشي ۽ ڪٺن صورتحال پڻ آهي، ڇو ته هڪ ئي ٻوليءَ ۾ ايڏي عظيم شاعرن جي شاعريءَ جي موجودگيءَ ۾ ڪائي جاءِ جوڙڻ ۽ پنهنجي شناخت پيدا ڪرڻ، نهن جي چوٽيءَ تي پاڻي بيهارڻ مترادف آهي.
سنڌ ۾ لکن جي تعداد ۾ شاعر آهن، ان انگ ۾ ڏينهون ڏينهن اڃا به اضافو ٿئي پيو، پر ايڏي وڏي تعداد مان تخليقي ۽ نمايان حيثيت تمام ٿورڙن کي حاصل آهي. ان جو سبب اهو آهي، ته جنهن جي شاعريءَ ۾ روحن کي گرمائڻ ۽ ذهنن کي جنجهوڙڻ جي شڪتي آهي، اها ماڻهن جي دلين ۽ دماغن ۾ زندهه رهي ٿي، باقي پنن جي ڪفن ۾ مدفن ٿي وڃي ٿي. مان ذاتي طور تي نمبر گيم جو قائل نه آهيان، ڇو ته شاعري ڪا پهلواني جي راند ڪونهي، جنهن ۾ طاقت جي ٻل تي کٽندڙن کي پهريون، ٻيو ۽ ٽيون نمبر ڏئي، انهن کي انعام ۽ اڪرام ڏجن، پر شاعري ته، پيار جو اهڙو پورهيو آهي، جنهن ۾ دل جي مزدوري درڪار هجي ٿي ۽ ان ۾ ڀٽائي جي سِٽَ، جو وهي، سو لهي جيان، جيڪو وڌيڪ خيال جو پورهيو روح جي مزدوري ڪندو، ان جي شاعريءَ ۾ سوز ۽ سرمدي پيدا ٿيندي.  
شاعري فقط سهڻي ۽ چونڊيل لفظن جي ترتيب ۽ فني سگهڙائپ جو نالو نه آهي، پر فڪر، اظهار، ترڪيب، تمثيل، تشبيهه، استعارو، تخيل، احساسُ ۽ ابلاغُ، ان جا اهڙا سگهارا ۽ اٽوٽ جزا آهن، جن جي امتزاج سان شاعري، ساحريءَ جو روپ ۽ رنگ اختيار ڪري ٿي. بقول اياز، شاعري موزون تڪبندي نه، پر زندگيءَ جو رياض ۽ شاعر جي گھري مشاهدي، وسيع مطالعي ۽ تخليقي وجدان جو نتيجو آهي.
احمد سلطان جي شاعري سادي، عام فهم، لفظي ٽڪساٺ ۽ مصنوعي سجاوٽ کان آزاد، گهريون فڪري ۽ فني ندرتون رکندڙ شاعري آهي. هن جي شاعريءَ جو اظهار ايترو سادو ۽ سليس آهي، جو اهو آسانيءَ سان عام توڙي خاص کي سمجهه ۾ اچي وڃي ٿو.   هو وڏي شاعر هجڻ جي نه پاڻ  ڪائي هام هڻي ٿو ۽ نه ئي مان کيس ڪو سستو ۽ بازاري سرٽيفڪيٽ ڏئي، مهان شاعر ڪوٺڻ جو پاپ ڪرڻ ٿو چاهيان، ڇو ته آءٌ ڄاڻان ٿو، ته احمد سلطان پنهنجي شاعريءَ وانگر سچ پچ سادو، سچو ۽ معصوم دل ماڻهو آهي. سچائيءَ ۽ معصوميت کي ڪنهن سرٽيفڪيٽ جي ضرورت نه هوندي آهي. مون کي خبر آهي، ته سلطان سائين فقط دل جو پورهيو ڪيو آهي، ۽ ان پورهئي کي عام ۽ روايتي شاعرن، اديبن ۽ ڪامورن وانگر هُن نه ڪڏهن پَچاريو آهي، نه ئي ان جو ڪو اجورو اُڳاڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڇو ته هو ڄاڻي ٿو، ته محبت جي مزدوري بنا معاوضي جي ڪبي آهي، جيڪي معاوضي جي طلب ۽ طمع رکندا آهن، اهي عاشق ۽ عشاق نه، پر ڪاروباري ۽ واپاري هوندا آهن.
طلب جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا!
ڌڪي ڪندئي ڌار، ڏئي مَڻيو مُٺ ۾. (شاهه)

احمد سلطان پاڻ ۽ پنهنجي شاعريءَ بابت لکي ٿو، “مان عام ماڻهن جو ترجمان آهيان ۽ مون کي عام ماڻهو هجڻ تي فخر آهي. منهنجي شاعريءَ ۾ به عام ماڻهوءَ جو احساس سمايل ۽ عام ماڻهوءَ جي سادي ۽ سولي ٻولي استعمال ٿيل آهي. عام مسئلا ۽ عام ڳالهيون، مطلب ته جنهن جنهن شيءَ ۽ جذبي مون کي متاثر ڪيو، مون ان کي پنهنجي اظهار ۾ سمايو آهي، ان ڪوشش ۾ مان ڪيترو ڪامياب ويو آهيان، اهو پڙهندڙن تي ڇڏيل آهي. ها البته پڙهندڙن کي اها گذارش ضرور ڪندس، ته شاعري پڙهڻ مهل مون کي وڏو شاعر نه، پر شاعريءَ جو هڪ طِفلِ مڪتب سمجهي پڙهندا”.(سرچاءُ، ص6)
احمد سلطان سنڌي شاعريءَ ۾ مروج مڙني صنفن تي لکيو آهي.هن حمد، نعت، قصيدي ۽ منقبت کان وٺي وائي، گيت، غزل، نظم، ٽيڙو ۽ چوسٽي تائين جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر غزل هن جي مزاج ۽ موهه جي ڀرپور نمائندگي ڪندڙ صنف آهي، جنهن تي ئي پاڻ اڳتي هلي پنهنجي نقطه نظر جو مختصر اظهار ڪبو. احمد سلطان جي شاعري مجموعي طور هن جي سُلڇڻي سڀاءُ، صوفياڻي طبع ۽ رومانوي مزاج جي عڪاسي ڪندڙ آهي. اهو ئي سبب آهي جو هر صنف ۾ سندس شخصيت ۽ ذاتي سڀاءَ جي جھلڪ پَسي سگهجي ٿي. هيٺين حمديه ڪلام ۾ سندس عاجزي، انڪساري ۽ صوفياڻي مزاج جو هي انداز ڏسو:
اولهه اوڀر ڏکڻ اتر عرش فرش تي تون ئي تون
هِتڙي هُتڙي هيڏي هوڏي جاڏي ڪاڏي تون ئي تون.

هر جا تنهنجو حڪم هلي ٿو، دلبر هرجا تنهنجا ديرا
توکي ڄاتم هِن ڀر هُن ڀر ويس مان جاڏي تون ئي تون.

تنهنجو جوڙ نه ڪوئي جاني، ناهي تنهنجو مَٽُ ۽ ثاني
مسجد مندر گرجا گھر گھر ڏسان مان جاڏي تون ئي تون.

تو وٽ ئي سلطان سمورا سوالي تنهنجي در جا سڏجن
اعلى ادنى ابتر برتر ڏسان ٿو جاڏي تون ئي تون.
                                             (سرچاءُ، ص18)
پيغمبر سان پيار، علي ۽ ان جي اولاد سان عشق، سلطان سائين جي ڄڻ ته سرشت ۾ شامل رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سندس شاعريءَ ۾ ان جا عڪس ۽ اولڙا جابجا ملن ٿا.
سڀني جو سردار محمد
اَڙين جو آڌار محمد.

دنيا ۽ عقبى جو آقا
دلبر ۽ دلدار محمد.

خالق جي تخليق نرالي
سارو ئي سنسار محمد.

پنجتن ۾ ئي آهي پنهان
عشق عمل اقرار محمد.
                        (سرچاءُ، ص20)
احمد سلطان جي شاعريءَ ۾ جتي مذهبي عقيدت ۽ عشق جو صوفياڻو رنگ نظر اچي ٿو، اتي دنياوي ۽ مجازي عشق جي اُپٽار به اثرائتي ملي ٿي. هو محبت جي معاملي ۾ جلالي اظهار جو نه، پر جمالي احساس جو پيروڪار محسوس ٿئي ٿو. سندس هِن گيت جي سِٽن ۾ اظهار جي نفاست ۽ پيار جي پاڪيزگي هينئين سان هنڊائڻ ۽ اندر جي اکين سان پَسڻ جهڙي آهي.
گيت به تون سنگيت به تون
منهنجي من جو ميت به تون.

ناز به تون انداز به تون
انجام به تون آغاز به تون
منهنجي رسم ۽ ريت به تون.

پيار به تون اظهار به تون
انڪار ۽ اقرار به تون
سلطان جي هار ۽ جيت به تون.
                                (سرچاءُ، ص40)
احمد سلطان بنيادي طور تي غزل جو شاعر آهي، ڇو ته هُن جو مزاج صوفياڻو ۽ تخيل عاشقاڻو آهي. هو پنهنجي احساسن ۽ اندر جي اُڌمن کي غزل ۾ وڌيڪ آسانيءَ ۽ ڀرپوريت سان اظهاري ۽ اوري سگهي ٿو، اهو ئي سبب آهي، جو هن جي پهرين ڪوتا ڪتاب “سرچاءُ” ۾، ٻين صنفن جي نسبت غزل جي شاعري وڌيڪ ملي ٿي. هن جي غزل ۾ رواني ۽ رنگيني به آهي، ته تغزل ۽ احساساتي تازگي به. هن جا لفظ سادا ۽ سليس آهن، پر انهن ۾ شاعراڻي احساس، تخيل ۽ فني حُسناڪين جي اهڙي پالوٽ ٿيل آهي، جو انهن جو تاثير من کي موهي ۽ تخيل، سُرت ۽ سوچ کي ڇرڪائي ڇڏي ٿو. هر شاعر جا پنهنجا ڪجهه مخصوص ۽ مرغوب موضوع هوندا آهن. کوسي صاحب جا هونءَ ته زندگي ۽ سماج سان لاڳاپيل سمورا معاملا ۽ مسئلا سندس غزل جو موضوع آهن ۽ هن انهن تي پنهنجي انداز سان لکيو به آهي، پر غزل جي شاعريءَ ۾ سندس محبوب ۽ مرغوب موضوع “سونهن ۽ حُسن” آهن ۽ غزل جو اصل موضوع به “حُسن ۽ عشق” ئي آهن. ڇو ته عربي قصيدي ۾ غزل، ابتدائي حصي ۾ هوندو هو، جنهن ڪري ان کي “تمهيد يا تشبيب” چيو ويندو هو. ان جو موضوع گھڻو ڪري ثنا ۽ ساراهه هو، جيڪو عاشقاڻي ۽ جمالياتي نوع جو هوندو هو. ساڳيءَ ريت فارسي قصيدن جي تشبيب ۾ پڻ عشق، حسن ۽ شباب جو ذڪر عام ملي ٿو. سونهن فطرت جي هجي يا انسان جي، کوسي صاحب پڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ ان کي انتهائي موهيندڙ ۽ پياري انداز ۾ اظهاريو ۽ پيش ڪيو آهي. ان حوالي سان سندس غزلن مان چند مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا.  
سونهن تنهنجيءَ جو سارو اثر ٿو لڳي
خوبصورت تڏهن هر شهر ٿو لڳي.

ساڻ آهين ته هر شيءِ ٿي ڏاڍي وڻي
اهڙو سهڻو تڏهن هي سفر ٿو لڳي.

ساٿ تنهنجو مِليو ڀاڳ منهنجو کُليو
ها حسين هر گهڙي هر پهر ٿو لڳي.

توتي سُلطانَ جڏهن ڪئي شاعري
لفظ هر شاعريءَ جو امر ٿو لڳي.
                                (سرچاءُ، ص67)

جڏهن کان ڏٺو آ هي جلوو حُسن جو
تڏهن کان ٿيو لازم آ سجدو حُسن جو.

اُڏي هوش ويندو آ ڏسندڙ جو هڪدم
صفا ‘طور’ جيان آهي تجلو هُسن جو.

رڳو هڪ نه پوڄاري سُلطان آهي
پرستار آهي ته هر ڪو حُسن جو.
                                (سرچاءُ، ص95)

مان تنهنجي محبت ۾ مخمور آهيان
پرين تنهنجي چاهت ۾ ٿيو چور آهيان.

ڪڏهن سِر جو سانگو، نه هرگز ڪيو آ
تنهنجي عشق مستيءَ ۾ مخمور آهيان.

آهيان تنهنجو عاشق ٿو سلطان سڏجان
تڏهن ملڪ ساري مشهور آهيان.
                               (سرچاءُ، ص146)

لڪائج ڀلي تون نقابن ۾ چهرو
ڍڪي ڇا ڍڪيندين حجابن ۾ چهرو.

تصور ۾ آهي سا تصوير تنهنجي
سدا تنهنجو خيالن آ خوابن ۾ چهرو.

ويو آ جڏهن ڪنهن به گلشن ۾ سلطان
ڏٺو آهي تنهنجو گلابن ۾ چهرو.
                        (سرچاءُ، ص112)
جديد دور ۾ غزل پنهنجي مڙني روايتي مفهومن ۽ مفروضن کان اڳتي وڌي ان نهج تي پهتو آهي، جو هن وقت زندگيءَ جو هر رخ ۽ راز غزل ۾ اظهارجي رهيو آهي. غزل جي ان موضوعي ۽ فڪري وسعت بابت واسديو موهي پنهنجي ڪتاب ‘ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل جو هئنڊ بوڪ ۾ لکي ٿو، “غزل ۾ سماجي، سياسي ۽ نه رڳو قانوني ڍانچن جون اوڻايون، شخصي ويڳاڻپ، بيگانيت وغيره اظهارجڻ لڳي آهي، پر ان کان اڳتي وڌي آسماني وستن (Heavenly bodies) توڙي زميني وستن (Terrestrial objects) يعني پرڪرتي (Nature) جي هاوَ ڀاوَ (Expressions) سان انساني دک سک، محروميون، مجبوريون وغيره جوڙي غزل پاڻ کي شاهوڪار ڪيو آهي.(ص16)
جديد سنڌي غزل جي ان منفرد موضوعاتي، فڪري ۽ فني سفر ۾ احمد سلطان کوسي پڻ پنهنجي حال آهر پنهنجو تخليقي، تخيلي ۽ فني تجرباتي حصو شامل ڪيو آهي. هن موضوعاتي لحاظ سان مسلسل ۽ غير مسلسل غزل لکڻ جا تجربا به ڪيا آهن، فني حوالي سان مردف، غير مردف، مطلع، بنا مطلع، مقطع ۽ مقطعي کان سواءِ غزل سِرجڻ جو ساهس پڻ ساريو آهي. غزل کي موضوعي خيال کان مختلف قسمن ۾ ورهايو ويندو آهي، جيئن: ‘عشقيه غزل، صوفيانه غزل، جمالياتي غزل، عڪسياتي غزل، احساساتي غزل، بياني غزل، سواليه غزل، خود ڪلاميه غزل، خمرياتي غزل، ريخته غزل وغيره. جڏهن کوسي صاحب جي غزليه شاعريءَ جو اڀياس ڪجي ٿو، تڏهن ان مان مجموعي تاثر اهو ملي ٿو، ته اهو گھڻو ڪري عشقيه، صوفياڻي، احساساتي ۽ جمالياتي رازن ۽ رمزن تي محيط آهي.
حقيقت ۾ غزل نج داخلي صنف آهي، جنهن ۾ شاعر خارجي اظهار کي به داخلي احساس جي لباس ۾ لپيٽي پيش ڪندو آهي ۽ احمد سلطان جي غزل جي به خاص خوبي اها ئي آهي. هن جي غزلن ۾ اهڙا انيڪ شعر آهن، جن جي احساس ۽ تاثر جي تازگي من کي انوکي آسيس ۽ آٿت آڇي ٿي. نموني طور چند شعر ملاحظه ڪريو.
مسجد پئي مُرڪي، مندر به پيو مهڪي
گِرجا ۽ ڪليسا ۾ تنهنجي سونهن لڪل آهي.

عشق سمنڊ ۽ دل آ دريا
گھڻا ٻُڏا هِن ٿورا تَريا.

پروانن پرواهه نه ڪائي
شمع ٻَرندي هي پڻ ٻَريا.

جيڪي ڏينهن ٻه چار آهي زندگي
ڏک سک سان ٽمٽار آهي زندگي.

معنى ٿيون بخشن ان کي محنتون
ورنه هي بيڪار آهي زندگي.

عشق سولو ته ناهي او سائين!
عشق ۾ ڀي قلندري ٿي کپي.

جيڪا سلطان کي گدا ٺاهي
اهڙي تونگري ٿي کپي.

رڳو نانءَ تنهنجي جي تسبيح پڙهان ٿو
هي ڪيڏي نه پياري عبادت ملي آ.


کوسي صاحب جي شاعري جيتري ڇَپي آهي، ان کان وڌيڪ مختلف سُريلي راڳين جي آواز ۾ ڳائي وئي آهي. صادق فقير، الطاف سمون، سڄڻ سنڌي، ديبا سحر ۽ سليم رضا ڪنڀر کان وٺي، طاهر عباس، روبينه ڪاوش، سڄڻ مائري، جگر جلال، عبدالمجيد سيال ۽ تبسم وارثي تائين مڙني معروف فنڪارن سندس شاعري ڳائي آهي.  ان حساب سان صوفيا ڪرام ۽ جديد دور جي ڪجھ شاعرن کي ڇڏي ڪري، هو اهڙن ٿورڙن خوشنصيب شاعرن منجھان آهي، جن جي لفظن کي سُر، ساز ۽ مڌر آواز نصيب ٿيا آهن. شاعري کي پڙهي به لطف ماڻي سگهجي ٿو، پر اها جڏهن سُر ۽ آواز جو سنگم ماڻي ٿي، تڏهن ان جو مزو ۽ لطف ئي ڪجھ اوور ٿئي ٿو. مون احمد سلظان جي شاعري، خاص ڪري سندس غزل کي پڙهي به حظ حاصل ڪيو آهي، ته مختلف راڳين جي سُريلن آوازن ۾ ان کي ٻُڌي به محظوظ ٿيو آهيان. جڏهن صادق فقير جي آواز ۾ “لڪائج ڀلي تون نقابن ۾ چهرو....”، الطاف سمي جي مڌر سُرن ۾، “هيڏي نه ٿو اچين جي، تصوير ڏي اُماڻي”، سڄڻ سنڌيءَ جي ورلاپن ۾، “پرين تون منهنجو نصيب ٿي وڃ” يا ديبا سحر جي سحرانگيز ۽ سوزيلي انداز ۽  آواز ۾، احمد سلطان جا سرجيل ٻول، “چهري تي تنهنجي نظر جو پوي ٿي”، ٻُڌجن ٿا، تڏهن سچ پچ ته من تي عجيب سحر تاري ٿي وڃي ٿو، آواز ۽ تخيل جي لهرن ۾ ماڻهو پنهنجي سموري وجود سميت لمحي ٻُڏڻ ۽ لمحي اُپڙڻ لڳي ٿو.
احمد سلطان سنڌي سان گڏوگڏ اردو، سرائڪي، بلوچي ۽ پنجابي ٻولين ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي، جيڪا مختلف فنڪارن ڳائي آهي ۽ اها مختلف چينلس سان پيش به ٿي ٿي آهي، پر حقيقت اها آهي، ته هن جي سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو رس ۽ چس آهي.
تنهنجي محفل ڇڏي، مئڪشي ڇا ڪندس
پنهنجي منزل ڇڏي، زندگي ڇا ڪندس.

فلسفو هو خوشين جو توسان ئي گڏ
تو بنا جا ملي سا خوشي ڇا ڪندس.

جي جلوه پَسي جيءُ نه جھومي اُٿي
اهڙي منظر سندي دلڪشي ڇا ڪندس.

جا وفا کان صفا يار وانجهيل هجي
اهڙي سلطان پو دوستي ڇا ڪندس.
                                 (سرچاءُ، ص97)

احمد سلطان کوسو شخصي طور کِلڻو مِلڻو ۽ تخليقي طور سهڻو ۽ سيبتو سرجڻهار آهي. هن جي شاعري ۾ سادگي ۽ سادگيءَ ۾ سچائي آهي. هو توڙي جو هن وقت وڏي سرڪاري عهدي تي فائز آهي، ڪيترن ماڻهن لاءِ هن جو اهو رتبو اهم ۽ اُتم هوندو، پر مون لاءِ سچ ته هن جو شاعراڻو حوالو ۽ حيثيت اهم آهي، ڇو ته شاعر ۽ ڪلاڪار دلين جي سلطنت جا شهنشاهه ۽ محبتن جا امين هوندا آهن. سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ڪامورا هوندا، جن وٽ ادب ۽ آرٽ کان سواءِ ٻي سموري ڌن ۽ دولت هوندي، اها ڌن ۽ دولت جيڪا مُئي پڄاڻان سندن ڪنهن ڪم جي ڪونه هوندي آهي، پر سنڌ ۾ احمد سلطان کوسي جھڙا ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سرجڻهار هوندا، جيڪي ادب ۽ آرٽ جي فقيريءَ ۾ حقيقي اميري جو احساس ماڻي سگهندا آهن.

No comments:

Post a Comment