سنڌو
پيرزادا
رخسانه پريت ۽ نگاهن جا سجدا
محترمه انيس هارون ڪتاب ”فيمينزم اور هم“ ۾ لکي ٿي ته ”پاڪستان ۾
عورتن جي جدوجهد ابتدائي مرحلي ۾ آهي، هتي عورت زندگيءَ جي بنيادي حقن مثال طور
تعليم جو حق، اچ وڃ تي پابندي نه هجڻ، پنهنجي مرضيءَ جو روزگار ڪرڻ، پسند جي شادي
ڪرڻ ۽ هڪ انسان جي حيثيت سان معاشري ۾ سڃاڻپ جو حق هجڻ کان به محروم آهي. غيرت جي
نالي تي قتل، ڪاروڪاري، عورت جي خريد فروخت، ڏي وٺ جي شادي ۽ سام رکڻ جهڙيون ڪڌيون
رسمون بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي جاري آهن. انهن سڀني رسمن جو ختم ٿيڻ ئي عورت جي عزت ۽
حيثيت جي بحاليءَ طرف پهريون قدم آهي.“
ان ئي حوالي سان ڊاڪٽر فاطمه حسن جو چوڻ آهي ته ”اڄ سڄي دنيا جون
عورتون ان ڳالهه تي متفق آهن ته صدين کان انهن کي ٻيائي ۽ بي عزتيءَ جو نشانو
بڻايو پيو وڃي، بحيثيت انسان انهن کي گهٽ ۽ ڪمتر سمجهيو ويو آهي، عورتن کي ذهانت،
عقل، فڪر، دانش ۽ علم کان محروم مخلوق ثابت ڪرڻ، اهل قلم جو مشغلو رهيو آهي. تهذيب
۽ تمدن جي تاريخ مان عورتن جو وجود غائب آهي. اهڙي منفي رويي کي تبديل ڪرڻ ۽ سماجي
رويي تي تنقيد ڪرڻ جيڪو اهڙي غير مساوي سلوڪ کي تقويت ڏئي، فيمينزم آهي“.
ڪشور ناهيد ان حوالي سان لکي ٿي ته ”اڄ ڪلهه جي زندگيءَ ۾ ملازمت
ڪرڻ واري عورت وزير اعظم ٿي به منهن تي چماٽ کائڻ واري عورت ۽ يارهن سالن جي ننڍڙي
نينگر جي اسي سال جي پوڙهي سان شادي ڪرائڻ وارن واقعن جا سڀ رنگ موجود آهن.“
مٿي ڏنل سڀني حوالن مان هڪ ڳالهه ته ثابت آهي ته اسان جو معاشرو
اڃا عورت کي زندگي گذارڻ جا بنيادي حق به نه ڏئي سگهيو آهي، ان پسمنظر ۾ رخسانه پريت جهڙيون عورتون يقينن اسان جو حوصلو وڌائن ٿيون. رخسانه پريت هڪ
شاعره جي حوالي سان وڌيڪ سڃاتي وڃي ٿي پر ”ويمن ايڪشن فورم“ جي پليٽ فارم تان مون
کيس هميشه عورتن لاءِ وڙهندي ڏٺو آهي. سندس جدوجهد سياسي، سماجي ۽ ادبي حوالي سان
مسلسل جاکوڙي رهي آهي، هو مون کي هميشه عورتن تي ٿيندڙ ظلم خلاف سراپا احتجاج نظر
ايندي آهي.
رخسانه پنهنجي شاعري ۾ به عورتن لاءِ سگهارو آواز اٿاريندي نظر اچي
ٿي، سندس ڪتاب نگاهن جا سجدا، جيڪو غزل جي صنف تي ڪنهن به عورت شاعره جو منفرد
ڪتاب آهي، ان ۾ به هن ڪيئن نه عورتن لاءِ آواز اٿاريون آهي ۽ غزل جهڙي پابند صنف ۾
به هوءَ پنهنجي مقصد کي ڪيتري نه خوبصورت انداز سان عورتن جي خلاف ٿيندڙ ظلم ۽
ڏاڍائي خلاف آواز اٿاريو آهي. عورتن جي حقن جي حاصلات لاءِ خوبصورت شاعراڻو اظهار
به ملي ٿو. هوءَ چوي ٿي ته :
جي من جو راز ٿي کوليان،
ٿي پنهنجو پاڻ کي روليان.
مان گهري گهاوءَ جيان آهيان،
ڪڇان ۽ پاڻ کي جهوريان.
ٿي ڪاري، مان اڃان ڪسجان،
جي چاهت چنگ ٿي چوريان.
(نگاهن جا سجدا : 127)
عورت جيڪا صدين کان سماج سان وڙهندي رهي آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو
ساڳيو ئي سفر جاري آهي، تاريخ گواهه آهي ته عورت سياست، حڪومت ادب ۽ مختلف شعبن ۾
پاڻ ملهايو آهي، پر اڄ به کيس ٻئي درجي جو شهري سمجهيو وڃي ٿو. هي سماج اڄ به عورت
کي هڪ مزدور وانگر برابري ۽ عزت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. عورت جيڪا پڙهيل لکيل آهي ۽
جنهن جي ڪا سوشل لائيف پڻ آهي، اها انهن پابندين کي ڄڻ ته وڌيڪ ڀوڳي ٿي. عورت جڏهن
گهر مان نڪري ملازمت ڪري ٿي ۽ هوءَ معاشري ۾ هڪ آزاد مزدور جيان سڀاءُ ڪرڻ چاهي ٿي
ته ان وقت هي احساس شديد ٿي ٿو وڃي ته اڃا شايد اهو وقت نه آيو آهي ته هو پاڻ کي
آزاد سمجهي سگهي
رخسانه ڪيڏي نه خوبصورتيءَ سان ان ڳالهه کي ورجايو آهي ته:
اُڃارا ايئن ڄڻ ته ٿر ۾ هئاسين،
ڏسڻ ۾ ته بادل جي ڀر ۾ هئاسين.
ڏسيو ماڻهو ڪهڙا جنين ماڳ ماڻيو،
اسان ڀي ته صديون سفر ۾ هئاسين.
هيون چار ديوارون ڇت ،ڀي الائجي،
هيو قيد ڪوئي يا گهر ۾ هئاسين. ( صفحه 53)
پاڻ سڃاڻڻ ۽ پائڻ جي جستجو ته انسان کي ازل کان رهي آهي، اها ئي
جستجو رخسانه پريت وٽ به نظر اچي ٿي. هوءَ چوي ٿي ته :
ڪوئي اهڃاڻ پئي ڳوليان،
مان خود کي هاڻ پئي ڳوليان
نه ڪنهن ڀي ڊوڙ ۾ شامل،
مان پنهنجو پاڻ پئي ڳوليان
جا مون کي ڀروسو بخشي،
مان، سا واکاڻ پئي ڳوليان. ( صفحه 60)
رخسانه پريت جي هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن تي شعر ملن ٿا جيڪي اسان جي
سماج جا اڄوڪا موضوع آهن ۽ جيڪي مسئلا اڄ ڪلهه جي پڙهيل لکيل ۽ حساس ماڻهوءَ کي
درپيش آهن، انهن جي نشاندهي به رخسانه نهايت خوبصورتيءَ سان ڪئي آهي. عورت جي محبت
۽ ان ۾ پيش آيل مختلف مرحلن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ سوايو آهي. عورت محبت کان پوءِ هن
معاشري ۾ ڪيئن ٿي ڀوڳي. جت عورت کي هڪ انسان ئي نه سمجهيو وڃي، ان معاشري ۾ عورت
جي محبت کي ڪير سمجهندو. رخسانه چوي ٿي ته:
اکين جون لاليون ڪوئي ته سمجهي،
اهي رداليون ڪوئي ته سمجهي.
ڦڻي نه ڦيريل چڳون هي الجهيل،
اکيون هي آليون ڪوئي ته سمجهي.
سمهي ته پيئي مگر اڪيلي،
اهي به ڳالهيون ڪوئي ته سمجهي. (صفحو 84)
مٿي بيان ڪيل سڄي پسمنظر ۾، هن گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾، هڪ معصوم
ڇوڪري جڏهن محبت ڪري ٿي ته، هوءَ ان ماحول ۾ ڪيئن ٿي پاڻ کي adjust ڪري.
جڏهن ماڻهو هن تي الزام ٿا لڳائين ۽ پيار جي هر قدم تي هوءَ ڄڻ ته عذاب ٿي سهي،
پوءِ به اگر هوءَ پنهنجي محبت سان گڏ رهي ٿي ته يقينن هن جي بهادريءَ کي سلام آهي.
رخسانه اهڙي ڇوڪريءَ جي جذبن جو اظهار هن خوبصورت انداز ۾ ڪيو آهي:
جتي پير ٿي هيء ڌري ڇوڪري،
ٿي ڳالهين جي وچ ۾ ڳري ڇوڪري.
هي الزام ايڏا۽ ننڍڙي وهي،
ڪري ڀي ته ڇا، هيءَ ڪري ڇوڪري؟
ٿي مرڪي ۽ ڪنهن پل ٿي سڏڪڻ لڳي،
لڪي پيار ڪنهن سان ڪري ڇوڪري. (85 صفحو)
رخسانه پريت جي غزل ۾ مون کي مجموعي طور تي رومانوي رنگ ڇانيل نظر
اچي ٿو. رومانس جنهن جي اظهار لاءِ سماج ۽ نقادن عورت لاءِ ڄڻ ته حدون مقرر ڪري
ڇڏيو آهي ته عورت هن لڪير کان اڳتي نه ٿي وڌي سگهي. ان ماحول ۾ مون کي رخسانه پريت جو غزل ڪنهن حد
تائين سماج سان بغاوت ڪندي نظر اچي ٿو. هوءَ عام رواجي شعر چوڻ بدران غزل ۾ جرت آڻي
پنهنجي احساسن ۽ جذبن جو بيان بيباڪيءَ سان ڪري ٿي:
نه وڃ روح پنهنجو ڀريو ئي ڪٿي آ،
اڃا سج مٿان آ، لڙيو ئي ڪٿي آ.
نه رڙهه رات جلدي، پرهه ترس ٿورو،
اڃا پيار دل تي ڪيو ئي ڪٿي آ.
ٻئي غزل جو هڪ انتهائي خوبصورت شعر آهي ته:
سوچيو سيني اندر پٿر رکجي،
دل جي رکبي ته دل لڳي ٿيندي. (صفحو 65)
رومانس ۽ ان جو بي باڪيءَ سان اظهار رخسانه پريت نهايت خوبصروت
انداز سان ڪيو آهي، ان ئي حوالي سان سندس ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا:
هو ته سراپا من ۾ آ موجود رهيو،
ڏئي ويو آ تصوير الائي ڇا جي لاءِ.
جا ڀي دل ٿي پيار جو خواب ڏسڻ چاهي،
تنهن ۾ سئوسئو جهير الائي ڇاجي لاءِ. (صفحو 66)
پيار ۾ هو مدهوش سراپا ڏسجي پيو،
پنهنجا ڀي ڪجهه پير ٿڙيا جي ڇاٿي پيو؟
هن جي گهر ڏي ويندڙ رستو ياد رهي،
گس سمورا ٻيا وسريا جي ڇا ٿي پيو.
هڪ پل مون کي ڀانءِ سجايو ٿئي جيون،
سارا پل پو يار ڇڻيا جي ڇا ٿي پيو. (صفحو 183)
رخسانه پنهنجي جذبن جو ڪيڏو نه خوبصورتيءَ سان کلي ڪري اظهار ڪري
ٿي، بيباڪيءَ سان گڏوگڏ نواڻ به رخسانه جي شعرن جي خاص وصف آهي، هي بنهه ننڍڙو بحر
آهي:
سراپا خاڪ ٿيڻو آ،
مگر جي باڪ ٿيڻوآ.
رفوگر اڳ پيا ڳوليون،
هي دامن چاڪ ٿيڻو آ. (صفحو 110)
ڪڏهن تون شام ۾ ملجان،
جهُڪيل ڪنهن لام ۾ ملجان.
سڀئي سر تي کڻي ويندس،
تون هر الزام ۾ ملجان.
ٻٽيون ٿي وينديون مدهوشيون،
کنيل هر جام ۾ ملجان. (صفحو 117)
ساڳئي حوالي سان ڀٽڪيل خوابن جو ذڪر ۽ خوابن جي پورڻتا جي خواهش، جيڪا
هر ماڻهو جي دل ۾ رهي ٿي، جڏهن عورت جي دل ۾ خواب درد بڻجي ڌڙڪن ٿا ته پوءِ هو
ڪيئن ٿي ڀوڳي. اُها اندر جي پيڙا رخسانه ڪيڏي نه واضع انداز سان بيان ڪيو آهي،
هوءَ چوي ٿي ته:
ڀٽڪن خواب بسيرا ڳولن،
ڪنهن جي دل ۾ ديرا ڳولن.
اونداهين سان الجهي الجهي،
هاڻي نيڻ سويرا ڳولن.
من ۾ موهه لٿو آ جن جي،
ٻانهن جا ٿيون گهيرا ڳولهن. (صفحو 117)
پنهنجي ڌرتي ۽ ماروئڙن سان محبت جو اظهار پڻ رخسانه پريت جي غزل ۾
سوايو ملي ٿو. هوءَ ماروئڙن جي ڏکن، سورن ۽ مسئلن کان واقف به آهي ۽ انهن جو اظهار
به ڪري ٿي، ته سنڌ ڌرتيءَ کي درپيش خطرن جي نشاندهي پڻ ڪري ٿي. سنڌ کي ورهائڻ جو
جيڪو Issue بار بار اٿاريو وڃي ٿو ۽ سياست جيڪا هاڻ اسان کان پنهنجي ڌرتي تي
رهڻ ۽ سڃاڻپ جو حق به کسيندي پئي وڃي، ان سڄي صورتحال کي سنڌ جي عورت ڪيئن پئي
ڏسي، هوءَ ڪيئن پنهنجي ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي، پنهنجي ڌرتي جي وارثي ڪرڻ لاءِ ڪتاب
“نگاهن جا سجدا” ۾ عورت جو جيڪو روپ نظر اچي ٿو، اهو هي آهي ته سنڌ جي عورت ادبي،
سماجي ۽ سياسي حوالي سان سجاڳ آهي. ان حوالي سان رخسانه جي غزل جون ڪجهه سٽون آهن
ته:
حال ڪهڙي ۾ آ، وطن کان پڇو؟
ديس ڇا هي؟ جلاوطن کان پڇو!
اڄ ته سنڌو ندي به آ پياسي،
درد تنهنجو ته ساحلن کان پڇو.
منهنجي ڌرتي صدين کان آ منهنجي،
ڀل ته تاريخ جي صفحن کان پڇو.
هڪ ٻئي غزل جا ڪجهه شعر، ان تناظر ۾ آهن ته:
پنهنجو ٿي ڌار آهي،
ڪيڏو عيار آهي.
ڌرتي وڍڻ هليو آ،
ٿي پيو غدار آهي.
پنهنجو ته پريت نعرو،
ڌرتي يا دار آهي.
ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون جيڪي ناپاڪ ڪوششون ٿي رهيو هيون،
انهن تي رخسانه پريت جهڙي سجاڳ شاعره ڀلا ڪيئن ٿي خاموش ويهي سگهي:
ڪيئن نه ڌرتيءَ کي اڄ ورهائن پيا،
سياستن وحدتون کسي ورتيون.
تو کسي، هي آهي ڪراچي يا
جُوءِ کان جنتون کسي ورتيون.
رخسانه جي شاعريءَ ۾ ڪٿي ته جذبن جو اظهار واضح نظر اچي ٿو ته ڪٿي
وري الجهيل الجهيل جذبا اظهار جو روپ وٺي جهومندا نظر اچن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن وري هو
پنهنجي اظهار ۾ سراپا سوال بڻجندي ٿي وڃي.
ڪجهه ڀي نه ٿو بدلجي ڪا ڏات ۾ ڪمي آ،
ظلمن سان سينو ساهي تنهن ذات ۾ ڪمي آ.
پئي رات راڻي مهڪي چنڊُ هاري چاندني پيو،
پهلوءَ ۾ آ پرين ڪٿ، هيءَ رات ۾ ڪمي آ.
هڪ ٻي غزل جا شعر آهن ته:
وري ڪنهن سار الجهايو،
۽ وهمن وار الجهايو.
لهي پئي چنڊ جهوليءَ ۾،
ڪري دل آر، الجهايو.
رخسانه جي شاعري ۾ ڪٿي جذبن جو اظهار واضح آهي ۽ ڪٿي وري الجهيل
الجهيل جذبا اظهار جو روپ وٺڻ لاءِ تڙپندي نظر اچن ٿا. خوابن جي ساڀيا لاءِ هوءَ
ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اظهار ۾ سراپا سوال بڻجندي نظر اچي ٿي.
”نگاهن جا
سجدا“ ڪتاب جا غزل رخسانه
پريت جي اها خود ڪلامي آهن، جيڪا سندس زندگي، سندس محبت، سندس ازلي عشق، سندس سوچ
۽ لوچ ۾ پيڙجي محبت جي انتها کي ڇُهي وڃي ٿي:
محبت روح روڙيندي،
جلائيندي جواني آ.
اسان جي ئي ڪٿا ساري،
اسان جي ئي زباني آ.
اها سندس خود ڪلامي آهي، جيڪا سندس سوچ، فڪر، سياسي وابستگي، سماجي
شعور،
پنهنجي ٻولي لاءِ
جدوجهد ۽ محبت کي اظهاري ٿي. سندس ڪتاب ”نگاهن جا سجدا“
اسان جي دور جي سڄاڻ سنڌي عورت جي اظهار جو هڪ ڪامياب روپ آهي.
No comments:
Post a Comment