ادل سولنگي
پروفيسر اعجاز قريشيءَ
جو ڪتاب
سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽
مضمون
ڪتاب ۾ ناشر
پاران نوٽ، پيش لفظ سنڌ ۾ ٻولي ۽ سياست. سنڌي ٻوليءَ جو مقدمو، سنڌي ٻوليءَ جو
استعمال ۽ ترقي، سنڌي ٻولي ۽ سماج، سنڌي ٻوليءَ جو بگاڙ، سنڌي ٻولي: ماضي حال ۽
مستقبل، سنڌي مادري ٻوليءَ جي تعليم: تاريخ ۽ پس منظر، سنڌي ٻولي بحيثيت ڪاروباري
ٻولي، ون يونٽ دور ۾ سنڌي ٻولي، ادب ۽ تعليم، سنڌي ٻولي ۽ حيدر بخش جتوئي، ثقافت
جو ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي.
سنڌي ٻوليءَ
جي تاريخ، اهميت ۽ ضرورت، سماجي ڪارج، انتظامي ۽ ڪاروباري وهنوار کان ويندي تعليم
جو ذريعو، سنڌي ٻولي هجڻ ۽ ٻوليءَ جي واڌ ويجهه، ترقي بابت ليکڪ جي ٻولي جي مسئلي
تي حقيقي نگاهه رهي آهي. ٻوليءَ جو درد ۽ پيڙا محسوس ڪندي ٻوليءَ بابت انتهائي
اهميت جوڳا ويچا ونڊيندي پروفيسر اعجاز قريشيءَ اسان
جي ملڪ ۾ ٻولين سان ٿيندڙ ٻه اکيائي/ناانصافيءَ بابت انتهائي سنجيدگيءَ سان لکندي
فطري ٻولين کي نظر انداز ڪرڻ ڪنهن ٻي ٻوليءَ کي مٿانهون مقام ڏيڻ يا فطري قومي
ٻولين کي مقامي ٻوليون چئي نظر انداز ڪرڻ واري روش جو کلي دل سان اظهار ڪيو آهي.