01/11/2017

عبدالقادر منگيءَ جو ڪتاب ’جي مون گهاريا ٿر ۾‘ - ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو (Dr Altaf Mehboob Jokhyo)

ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو
عبدالقادر منگيءَ جي ڪتاب
’جي مون گهاريا ٿر ۾‘ تي هڪ نظر

حيدر بخش جتوئيءَ جو چوڻ آهي ته ”سنڌ جي ساک کي اسان جي سياستدان، وڏيري، بيوروڪريٽ ۽ مُلي ڪافي هاڃو رسايو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي پاڻ کي قوم کان بالاتر سمجهي، ٻين جي ايجنڊا تي ڪم ڪندا آيا آهن.“
پر استاد بخاريءَ جي هن سِٽ ’جو سنڌ جياري اهو جيئندو رهندو‘ پٽاندر جن ماڻهن قومي ڌارائن تي رهندي سنڌي قوم جي خدمت ڪئي آهي ۽ سنڌ جي ساک کي برقرار رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي، انهن مان عبدالقادر منگي صاحب به پنهنجي هڪ نرالي حيثيت رکي سگھيو آهي.
ڪير ٿو اڄڪلهه ٺڪرن ڀترن کي پنهنجي آئندي جي ملڪيت سمجهي ان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ساهه ڏئي! گھاري ۾ رهيو، ڀنڀور ڪانفرنس ڪرائي، ان جي تاريخ تي ويچار جا در کولرايائين؛ ٿر ۾ رهيو اتي ٿر ڪانفرنس ڪوٺائي، ان جي پٺتي پيل عوام کي شعور بخشڻ لاءِ وس ڪيائين. هن قحط الرجال واري دؤر ۾ اهڙا سرڪاري آفيسر اسان گھٽ ڏٺا آهن.

وڏڙن جي تربيت اهڙي رهي آهي جو ڪنهن به خانَ، خانَ جي پٽ جا ڪڏهن سلامي نه ٿيا آهيون؛ ڪنهن سرڪاري عملدار جي سلامي نه ڀريندا آهيون ۽ نه وري انهن کي دل سان گهرندا آهيون. ان جو اهم سبب ته اسان جو سرڪاري عملدار جڏهن ڀلي مانيءَ رسندو آهي ته پوءِ ان وٽ به انگريزن جو قائم ڪيل ڪلچر سامهون اچي ويندو آهي ته عام ماڻهوءَ کي نيچ سمجهڻو آهي، وقت سِر ماڻهن جو ڪم ناهي ڪرڻو، ڪو ملڻ اچي ته ان کي انتظار جي گھڙين ۾ رکڻو آهي، پاڻ کي وڏو ماڻهو سمجهڻو آهي. عبدالقادر منگيءَ سان ملندي اهڙو تصور چڪنا چور ٿي ويو. سندس ڪتابن سان شوق به ڏاڍو ڀلو لڳو.
منهنجو نالو ته الطاف حسين آهي، ۽ بابا سائين محبوب عليءَ جي نسبت پاڻ کي الطاف محبوب سڏائيندو آهيان، يا صرف الطاف جوکيو به، پر منگي صاحب مون کي سڏيندو ئي محبوب آهي. جڏهن به ڪٿي رستي تي ملندو ته گڏ ساٿين کي چوندو ته ’يار، پنهنجن محبوبن سان ته ملان.‘ اهڙي محبت ڪندڙ ماڻهوءَ جي هر ڳالهه صاف ۽ کري محسوس ٿيندي آهي، ان ڪارڻ مان سندس وڏڙن جيان احترام ڪندو آهيان.
گهر گهرائي ماني کارائيندو، ڪتابن جون سوکڙيون ڏيندو ۽ موڪلائڻ مهل به چڱو گڏ هلندو. ڪاش اهڙا سنڌ جا ڄاوا سنڌي ماڻهن سان اهڙيون محبتون ونڊين ته جيڪر ’قحط الرجال‘ وارو اصطلاح ئي نه رهي.
پاڻ سنڌي ڪلچر، فن ۽ ادب جو ذوقين آهي. جتي به رهيو، اتي ادبي ۽ ڪلچرل ميڙاڪا ڪرائڻ ۽ گمنام ماڻهن کي روشناس ڪرائڻ سندس مشغلو رهيو آهي.
تازو پنهنجي زندگيءَ جي ساروڻين کي لکڻ جو روپ ڏنو اٿائين، جنھن جو پهريون حصو ’جي مون گهاريا ٿر ۾‘ لکيو اٿائين. لکيو ڇا اٿائين، ڄڻ زندگيءَ جي سچي پچي تصوير سامهون رکي اٿائين.
’آتم ڪٿا/ ڪهاڻي‘ لکڻ ۾ فن کان وڌيڪ سچائيءَ جو عنصر هجڻ ضروري آهي. ان سان گڏوگڏ ان ۾ افسانوي ڇهاءُ به لازمي ٿي پوي ٿو. انهن لوازمات کان سواءِ لکيل آتم ڪهاڻي ڄڻڪ رُکي ماني کائڻ جي برابر ٿيو پوي. آتم ڪٿا ۾ ليکڪ ائين محسوس نه ڪري ته مان ڪو ٻين کي ٿو ٻڌايان، بلڪ ڄڻ پنهنجي اندر جا سور پنهنجو پاڻ  سان ٿو اوريان يا هڪ اهڙي رازدان کي ٿو ٻڌايان جنهن کي منهنجي سڄي حال جي معلومات آهي. اهڙو لکڻ ناممڪن نه، ته به ڏکيو ضرور آهي.
اهڙي آتم ڪٿا ۾ حقيقي ۽ افسانوي ڍنگ سان منگي صاحب جي هيءَ ڪٿا پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيو ته ليکڪ ضرور زندگيءَ جون اهم ڳالهيون ته لڪائيندو پر ڪجهه دل جو حال ضرور شيئر ڪندو. سندس ٿر ۾ گذاريل گھڙين جو هڪ ٽڪرو پڙهيم، سچ ته اکين مان ڳوڙها وهي آيا ۽ محسوس ٿيم ته واقعي محبت جو محور وسيع ٿئي ٿو، رڳو هڪ دائري ۾ نه ٿو رهي.
سنڌي سماج ۾ زال سان محبتن ۽ قدرن جي هڪ نرالي انداز کي ليکڪ هيئن لکي ٿو ته: ”15 سيپٽمبر 1976ع تي انيس ڄائو. مان گهر ڪونه هئس، جڏهن ڇٺيءَ واري رات گهر پهتس ته سندس خوشي ڏسڻ وٽان هئي. منهنجي سامهون آئي ته خوشيءَ ۽ شرم وچان سڄي ڳاڙهي ٿي وئي. مون مبارڪون ڏنيونمانس ته جواب به پوريءَ طرح نه ڏئي سگهي. آواز سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هو. ائين پيو ڀانئجي ته ڄڻ هوءِ ڪا نئين نويلي ڪنوار هجي. ڇٺيءَ تي پري ۽ ويجهي جا سڀ مائٽ سڏايا هيائين. انيس اسان سڀني جي پيار جو مرڪز هيو ۽ آهي، پر افسوس جو هوءَ نه رهي آهي.“
ليکڪ، سرڪاري ڪاموري هجڻ جي نسبت ڏاڍ ۽ بيجا روين جو قائل نه رهيو آهي. اهڙي هڪ ڳالهه پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي اٿس، جيڪا سرڪاري طور تي مس اوبيڊنسي ۽ مس ڪنڊڪٽ ۾ شامل ٿئي ٿي ليڪن انسانيت جي حوالي سان ڳالهه اتم آهي. هو لکي ٿو ته: ”منهنجو سڀني سياسي ڌرين سان ويجهو رابطو ۽ واسطو رهيو. سڀني کي عزت برابر ڏبي هئي، سڀني جو خيال ڪبو هو. ڄام صاحب جي حڪومت ۾ ارباب صاحب ۽ جيلاني صاحب ڄام گروپ ۾ هئا، جڏهن ته چونڊيل نمائندن ۾ گل محمد لاٽ، غلام محمد ميمڻ، لاٽ جي پٽ جو وري پي پي سان تعلق رهيو. جڳديش ملاڻي ’پ.پ مٺي شهر جو صدر هيو ۽ عنايت راهمون ضلعي صدر هيو. هڪ ڏينهن حڪم آيو ته جڳديش ملاڻي ۽ عنايت راهمون کي جيل ڀيڙو ڪيو. ڪجهه دير ۾ عنايت مون وٽ اچي پهتو. اسان جي روايات ۾ شامل ناهي ته گهر آيل مهمان کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪجي. راهمون صاحب چانهن پيتي، ڪم ٻڌايو، موڪلائڻ لاءِ اٿيو. چيومانس ته جيترو جلد ٿي سگهي، اوترو جلدي ٿر مان نڪري وڃ. سياڻو ماڻهو هو، ڳالهه سمجهي ويو. گرفتاريءَ کان بچي ويو.“
منگي صاحب ٿر کي رنگينيءَ ۾ بدلائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا سي ڪنهن کان به ڳجها ناهن. ٿر ۾ رونق وڌائڻ ۽ دنيا اڳيان نمودار ڪرڻ لاءِ هڪ سيمينار ڪرايو. ان بابت لکي ٿو ته: ”ائين شروع ۾ ئي مون هڪ ننڍي ٽيم ٺاهي ورتي، انهن سان اسان جون مختصر غير رسمي گڏجاڻيون هلنديون رهيو. پروگرام جو خاڪو ٺهندو ويو. جولاءِ آگسٽ ۾ ٽن سالن کان پوءِ ٿر ۾ بارش به پئي، ماڻهن مون کي گهر ۽ آفيس تي مبارڪون ڏنيون ته اسان ٿر وارا ان آفيسر کي سڀاڳو سمجهندا آهيون، جنهن جي ايامڪاريءَ ۾ ٿر ۾ برسات پوندي آهي. مان خوش ٿي ويس. ٿر سيمينار لاءِ راه هموار ٿي رهي هئي. برسات جي ڪري آبادي به ٿي ۽ برپٽ به سائو ٿيو. ٿر کان ٻاهر بيراج ايراضيءَ ۾ ويل مال ۽ ماڻهو موٽڻ شروع ٿي ويا هئا. جيڪي ٿري هتي ٿر ۾ هئا، انهن جي منهن تي سرهاڻ ۽ مرڪ هئي. ڄڻ بارش سڀني جا منهن ۽ دليون ڌوئي صاف ڪري ڇڏيون هيون.“
منگي صاحب جي لکڻيءَ جو اسلوب به ڪمال جو آهي، ٻه- اڍائي لفظ: ”او، بيوٽيفل! جيئن ئي نئون ڪوٽ وارو قلعو مَٽي گاڏي جهول کائي هيٺ ڏهر ۾ ڀڄڻ لڳي ته چوڌاري ڪشادي وادي ڏسي منهنجي واتان بيساخته نڪتو. ڊرائيور هاشم بجير گاڏي به هلائي رهيو هو ۽ منهنجن مسلسل سوالن جا جواب به ڏيئي رهيو هو. هن ڪجهه نه سمجهندي ڪنڌ ورائي مون ڏي ڏٺو، ڄڻ پڇندو هجي ته مون کانئس ڇا پئي پڇيو. هن جي اڻ اچاريل لفظن کي نظر انداز ڪندي آئون واريءَ جو جائزو وٺڻ لڳس. تراکڙا واريءَ جا پهاڙ، ڄڻ ڪنهن ڪنڀر وڏيءَ ڪاريگريءَ سان هڪ ڪشادو پيالو ٺاهيو هجي. کپ، ٻوهه، ڪرڙ، آڪ ۽ ڪنڊيءَ جا اڇا ساوا، اڌا سڪل ٻوٽا ۽ وڻ واديءَ کي والاري بيٺا هيا. ٽن چئن سالن جي خشڪ ساليءَ جي ڪري ورياسي ڀٽن تان ٻوٽا ساهه ڇڏيندا پئي ويا، پر پوءِ به زمين سان پنهنجي پريت جي ريت نڀائڻ ۾ رڌل هيا.“

بهرحال منگي صاحب جي آتم ڪٿا جو هڪ حصو ’جي مون گهاريا ٿر ۾‘ ڏاڍو دلچسپ ۽ رنگين لڳو، سندس لکڻيءَ ۾ خطي جي سماجي، سياسي ۽ معاشرتي تاريخ جا اولڙا به ملن ٿا ته زندگيءَ جا لاها چاڙها به افسانوي انداز ۾ سامهون اچن ٿا. دوستن کي هن سماجي، سياسي ۽ معاشرتي انداز جي لکيل آتم ڪٿا جي پڙهڻ لاءِ اڪسائجي ٿو.

No comments:

Post a Comment