20/12/2017

ڪتاب: ’اسڪولي لسانيات‘ تي سرسري نظر - ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو (Dr Altaf Mehboob Jokhyo)

ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو

ڪتاب: ’اسڪولي لسانيات‘ تي سرسري نظر


سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 2017ع ۾ ’اسڪولي لسانيات‘ جو ڪتاب ڇپايو ويو آهي. تازو نومبر 14، 2017ع تي ڪريڪيولم رويُو ڪاميٽيءَ دوران مڙني ميمبرن جي هٿن ۾ ڏٺم. هڪ معتبر اداري پاران ڇپيل سو به ’اسڪولي لسانيات‘ جي نالي سان، دل سٽ کاڌي ته اهو خريد ڪري ڏسي وٺجي. بيشڪ، سنڌ جي ماڻهن يا عالمن وٽ منهنجي لاءِ اهو تصور هجي ته مون ڪو ’جڙي ٻوٽين‘ تي ڪم ڪري پي.ايڇ.ڊيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي، پر لسانيات ۾ دلچسپي رکڻ يا سنڌي ٻوليءَ جو ماستر هوندي، علمي تنقيد ڪرڻ جو حق رکي، چند خال بيان ڪري سگهان ٿو. 
ان ڳالهه کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ليکڪ ’سڪندر ساگر پنھيار‘ جي هن ۾ ڪا محنت ناهي يا ڪارگر ناهي، ليڪن ڪتاب جو شروعاتي حصو ڏسڻ بعد اهو چئي سگهجي ٿو ته هن ۾ ڪنھن ٻوليءَ جي علم رکندڙ ماڻهوءَ جي اصلاح موجود ناهي.
 
سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران ڇپجڻ جي صورت ۾ اهو به ذهن جڙي ٿو ته هي ڪتاب هڪ پراسيس مان گذريو هوندو يا ڪاميٽيءَ هن ڪتاب لاءِ ڪنھن ايڊيٽر جو نالو ضرور تجويز ڪيو هوندو. ڪتاب جي حالت ڏسڻ بعد اهو به خيال جڙي ٿو ته هن ڪتاب تي ايڊيٽر به ضرور نور نچويو هوندو، پر انهن علمي معاملن کي سمجهڻ سندس وس جي ڳالهه ان سبب نه هوندي، جو اهو ان علم جو ماڻهو ئي نه هوندو؛ بس هڪ وڏو اديب، دانشور، ڏاهو ۽ ڀلو مقرر هوندو. پوءِ ظاهر آهي ته ايڊيٽر پاران به ٻوڙ هاريو ويو هوندو. هونئن به اسان وٽ اهو رواج عام آهي ته هڪ ئي ماڻهو سڀني علمن جو ڄاڻو ۽ پارکو هجي ٿو. خبر تڏهن ٿي پوي، جڏهن اهڙو ڪم عوامي سطح تي سامهون اچي ٿو ته، هي ته نيم حڪيم وارو ڪم آهي! 
ڪتاب تي نظر ڌريندي ئي، اٿندي ’اسڪولي لسانيات‘ جو اصطلاح هڪ ته نئون لڳو ۽ عجيب به لڳو، ان حوالي سان ته ’لسانيات‘ هڪ علم آهي، اهو ’سنڌي لسانيات‘، ’انگريزي لسانيات‘ يا ’هندي لسانيات‘ نه ٿيندو. ائين ئي ’اسڪولي لسانيات‘ جو اصطلاح هٿرادو/ جعلي آهي. اها ڳالهه ان بنياد تي ڪجي ٿي ته ’فزڪس‘ هڪ علم آهي اهو ’سنڌي فزڪس‘ يا ’انگريزي فزڪس‘ نه ٿيندو، يا ’اسڪولي فزڪس‘ يا ’ڪاليجي فزڪس‘ نه سڏبو، ائين ئي ’اسڪولي لسانيات‘ ڪو اصطلاح (Term) ڪونهي. لسانيات جو اسڪول/ School of Linguistics ته چئي يا لکي سگهبو/ هجي ٿو، پر اسڪولي لسانيات/ Linguistics of school  يا School’s Linguistics/ Schools’ Linguistics نه ٿيندو. 
ٽائيٽل پيج تي تصوير، بيشڪ سھڻي ۽ وڻندڙ، ليڪن ڏيکاريل پٽِيءَ ۾ ’جهہ ۽ گهہ‘ جا اکر ’وسرڳي ـهہ‘ سان نه پر ’ملفوظي هه‘ سان لکيل آهن. جنھن سان پيغام ڏيڻ ۾ جهول محسوس ٿئي ٿو. 
ڪتاب جي مھڙ ۾ اداري پاران ڏنل صفحي: ’ناشر پاران‘ تي نظر پئي. اٿندي ئي هڪ جملي وائڙو ڪري ڇڏيو ته ”سنڌي ٻوليءَ جي صوتيات، علم لسان ۽ لسانيات جو علم ٻارڙن کي پرائمري سطح تي ذهن نشين ڪرائبو ته ٻارن ۾ پڪي پختي ٻولي جنم وٺندي...“
لفظ/ اصطلاح جي حوالي سان واضح رهي ته ’لسانيات‘ مان مراد آهي ’علم لسان‘ يا ’لسان جو علم‘. ’لسانيات‘ ۾ پڇاڙي ’...ـيات‘ جي مراد ئي ’علم‘ آهي، ان سبب ’لسانيات جو علم/ علم لسانيات‘ نه ٿيندو. جيئن: ’حياتيات‘، ’شماريات‘، ’طبيعات‘ وغيره سان ’علم حياتيات‘، ’علم شماريات‘ يا ’علم طبيعات‘ ’علم صوتيات‘ نه ٿيندو. ائين ئي ’لسانيات جو علم‘ نه ٿيندو. 
وري جڏهن لفظي قطار ۾ ’صوتيات، علم لسان ۽ لسانيات جو علم‘ فقرو پڙهيم ته ان به اچرج ۾ وجهي ڇڏيو ته واقعي اهي ٽئي لفظ الڳ الڳ علم آهن! 
منهنجي ڄاڻ موجب، صوتيات، علم لسان يا لسانيات جي هڪ شاخ آهي، حصو آهي، ان ڪارڻ ان کي الڳ لکڻ مناسب ناهي. علمي اداري پاران ائين لکڻ سان هڪ وائڙو پيغام وڃي پيو ته شايد ’صوتيات، لسانيات ۽ لسانيات جو علم‘ ٽي الڳ اسم يا علم آهن. 
سبق نمبر 1 
پھريون سبق، ’اکر‘ جي عنوان سان ڏنل آهي. ڄاڻايل آهي ته: ”لفظ جو تمام ننڍو حصو جيڪو هڪ آواز کي ظاهر ڪري، ان کي اکر چئبو آهي، يعني ٻوليءَ جي آوازن کي جڏهن ڪنھن لکيل صورت ۾ ظاهر ڪندڙ نشان يا علامت ۾ آڻبو ته اهڙين لکيل صورتن کي اکر چئبو آهي.“
منهنجي ڄاڻ موجب لفظ ۾ آواز ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، هڪڙا: وينجن (Consonants)، ٻيا: سُر(Vowels). هاڻي جيڪڏهن چئجي ته ’لفظ جو تمام ننڍو حصو جيڪو هڪ آواز کي ظاهر ڪري ته ان کي اکر چئبو‘ واري ڳالهه اڻپوري يا کٽل آهي. 
هڪ ته ’آواز‘ ۽ ’اکر‘ کي الڳ ڏسڻ گهرجي. آواز جو تعلق ’صوتيات‘ سان آهي، جڏهن ته ’اکر‘ جو تعلق ’آئيويٽا/ رسم الخط/ صورتخطيءَ‘ سان آهي. لفظ ۾ ’تمام ننڍو حصو جيڪو آواز ظاهر ڪري‘ انهن مان هڪڙن کي ’وينجن‘ ٻين کي ’سُر‘ چئبو. ’اکر‘ ته صرف ’وينجن‘ لاءِ ڪم آندو ويندو آهي. ان ڪارڻ صرف ’آواز‘ کي ’اکر‘ نه سڏبو؛ زير، زبر، پيش يا مد وغيره به آواز ٿيندا آهن.
لفظ ۾ تمام ننڍو حصو جيڪو آواز کي ظاهر ڪري ته اهو وينجن ۽ سُر، ٻئي ٿي سگهن ٿا. واضح ائين هجڻ گهرجي ها ته ’لفظ جو تمام ننڍو حصو جيڪو ڪنھن مخرج وٽ رڪاوٽ ڪري اچارجي ٿو يا وينجن جي صورت ۾ اچارجي ٿو ته ان کي لکت جي صورت ۾ اکر چئبو.
سبق نمبر 2
هن ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”ٻوليءَ جي ماهرن اکرن کي ڪيترن ئي قسمن ۾ ورهايو آهي، ’نقطن وارا اکر‘، ’بنا نقطن وارا اکر‘، ’ترڪيبي اکر‘، ’مجرد اکر‘، ’مسروري اکر‘، ’ملفوظي اکر‘، ’مڪتوبي اکر‘.“ خبر ئي نه ٿي پوي ته ڪهڙن ماهرن، اکرن کي ڄاڻايل قسمن ۾ ورهايو آهي. 
متصّل/ ڳنڍجندڙ اکرن کي ترڪيبي ڪوٺيو اٿس، ان ۾ به ڪو حرج ڪونهي، جنھن جي مراد آهي ته اهڙا اکر جن جون چارئي صورتون ٿين ٿيون، جن جي اڳيان يا پويان ٻيا اکر ملائي لکجن جيئن: ’ب، ٻ، ڀ، ج وغيره‘ ان ۾ ’‍‍ء‘ (همزو) اکر به ڏنو اٿس. پوري سنڌي پٽِي/ آئيويٽا ۾ ’همزو‘ اهڙو اکر آهي، جنھن جون ڪل ٽي صورتون ’سالم، شروعاتي ۽ وچين‘ ٿين ٿيون، آخري صورت هن اکر جي نه ٿيندي آهي. مثالن ۾ همزي جي جيڪا آخري صورت (ئ) ڪري ڏني اٿس، سا ڪمپيوٽنگ ۾ ’شروعاتي صورت‘ جو اشارو آهي، جنھن سان ٻيو اکر ملائبو آهي، جيئن: مائٽ.
صوتيات ۽ صورتخطيءَ جي روشنيءَ ۾ اهو بحث ڪافي پراڻو ٿي چڪو آهي ته وسرڳي ’ـهـ‘ صرف وسرڳن سان لڳندي، جيئن: جهه، گھ، لهه، مهه، نهه، ڻهه، ڙـهـ، رـهـ، جڏهن ته ’هه‘ ملفوظيءَ جو صورتون به ان اکر سان ئي لاڳو ٿينديون، جيئن: هه، هـ، ـﻫـ، ـﻫـه.
لام (ل) جي آخري صورت ۾ ٻه شڪليون رکيون ويون آهن: ’ـل- ـلا‘. اها شڪل ڏيڻ به لازمي نه هئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن لام جي آخري صورت ۾ ’مد‘ وارو ’الف‘ ملائبو ته ’ـلا‘ ٿي پوندو. اها ته ڄڻ طئي ٿيل صورتن کان اضافي شڪل ٿي وئي. 
مجرد اکرن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”جيڪي اکر لفظ ٺاهڻ مھل ٻي (ٻئي) اکر سان ڳنڍجڻ کان پوءِ پنهنجي اصل صورت ۾ قائم رهن ۽ صورت نه مٽائن، انهن کي مجرد اکر چئبو آهي. سنڌي آئيويٽا ۾ ”مجرد اکر“ هيٺينءَ طرح آهن: ا، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز، و.“
ليکڪ مذڪوره اکرن جون جيڪي صورتون ڏنيون آهن تن ۾ به هن چارئي صورتون رکيون آهن. جڏهن ته انهن جون اصولي طور صورتون ئي ٻه ٿيون ٿين: سالم ۽ آخري. ان کان علاوه جنھن گروه ۾ مجرد اکر آڻي ٿو ان ۾ ’همزي‘ کي به شامل ڪرڻ کپندو هيس، ڇاڪاڻ ته ’همزي‘ جون به چار صورتون نه ٿينديون آهن، بلڪ ٽي صورتون: سالم، شروعاتي ۽ وچين.
باقي اها ڳالهه ڪونه ٿي ٺهي ته ’مجرد اصل صورت ۾ قائم ٿا رهن‘. صورت ته مٽجي ٿي، ليڪن همزي کان سواءِ انهن اکرن جون ڪل ٻه صورتون ٿين ٿيون.
مسروري اکر 
هن جز ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”هن قسم جو اکر لکڻ وقت هڪ صورت کي ظاهر ڪندو آهي، پر اچارڻ وقت هن قسم جي اکر مان ٻه آواز نڪرن ٿا، ٻيو آواز لکڻ وقت لڪل يا ڳجهو رهي ٿو.“ ان جي مثالن ۾ هيئن لکيل آهي:
لکڻ جي صورت: ب، ٻ
اچارڻ جي صورت: بي، ٻي وغيره
ليکڪ لکيو آهي ته: ”مٿي ڄاڻايل مثال ۾ ”ي“ جو آواز لکڻ وقت لڪل نظر اچي ٿو ۽ اچارڻ وقت ظاهر ٿئي ٿو.“ اضافي نوٽ به لکيو اٿس ته: ”استاد کي گهرجي ته شاگرد کي اچارڻ واري صورت جو هر هڪ اکر ڌار ڪري سمجهائي.“
هي معاملو اکر جي نالي جو آهي، جنھن مان هڪ کي Syllabogram ڪوٺبو آهي، جيڪي ٻوليءَ جي نبست پد (Syllable) جي صورت ۾ پڙهايا ويندا آهن؛ ته ٻئي کي Logogram چيو ويندو آهي، جيڪي طئي ٿيل نالن سان پڙهايا ويندا آهن. انهن ۾ اکري نالن جو مرڪز اڳيون اکر ئي هوندو آهي، ان ۾ هر هڪ اکر ڌار ڪري سمجهائڻ مان ڇا مراد؟ 
اکرن جي آوازن کي پڙهائڻ جا مختلف آئيويٽائن جا مختلف ڍنگ آهن، ڪن ۾ سڀ اکر هڪ ئي سُر يا مختلف سُرن سان پڙهائڻ جو تصور آهي، ڪن ۾ سُرن ۽ لفظي اچارن ٻنهي جو تصور موجود آهي؛ ليڪن ٻنهي ڍنگن ۾ مراد، گهڻي قدر، اڳئين آواز جي هوندي آهي. انگريزيءَ ۾ هن قسم لاءِ Acrophony جو اصطلاح ڪم ايندو آهي، جنـﮬـن جي مراد ڪنـﮬن لفظ جي شروع جو آواز وٺي باقي حصو حذف ڪيو ويندو آهي. اهي اچارِي نالا هِجي ڪونه ڪرائبا آهن.
ملفوظي اکر
هي اصطلاح ڪم آڻڻ ۾ به ڪو حرج ڪونهي، البت منهنجي ڄاڻ موجب ’ملفوظي اکر‘ ان کي ڪوٺيو ويو آهي، جيڪو ڪنھن لفظ ۾ ’چٽي آواز‘ جي نمائندگي ڪندو هجي، جيئن: ’هه ملفوظي‘ ۽ ’ـهه وسرڳي‘ يا ’ن ملفوظي‘ ۽ ’ن گهُڻو/ غنو‘. 
هن صفحي ۾ به اکر جا نالا ڏنل آهن، جنھن کي Logogram سڏيو ويندو آهي. اصل ۾ اهي جنھن ٻوليءَ کان آيل آهن، تن وٽ اهي معنادار لفظ آهن، جيئن: الف = هزار، جيم = مست اٺ، دال = ٿلهي عورت، ذال = ڪڪڙ جو موڙ، سين = ٿلهو- کنگهه ۾ ورتل ماڻهو، شين = ڊوڙندڙ ماڻهو، نون = مڇي- مس ڪپڙي- وڻ جو ٿڙ وغيره.
اهڙي خيال کان ’دال‘ يا ’ذال‘ کي ته Logogram چئي سگهجي ٿو، جو اهي اکري نالا جنھن ٻوليءَ مان آيا آهن، انهن سان ته ڪا ڇيڙ خاني ڪونهي ڪرڻي. البت، جڏهن ان رسم الخط/ آئيويٽا ۾ پنهنجي ٻوليءَ جا آواز وڌائبا ته ان کي پنهنجي ٻوليءَ جي مزاج مطابق پد (Syllable) ۾ رکبو/ اچاربو، جيئن: ’ب‘ جو عربيءَ ۾ نالو ’با‘ آهي ته لازمي ناهي ته اسان سنڌيءَ ۾ به ان کي ’با‘ چئون، بلڪ پنهنجي ٻوليءَ جي مزاج پٽاندر ’بي‘ چونداسين. 
سنڌي ٻوليءَ ۾ ’حرف جي اچاري پد‘ (Syllabogram) يا ’حرف جي اچاري لفظ‘ (Logogram) جي پڙهائڻ واري سلسلي ۾ دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي نسبت هڪ تضاد نوٽ ڪيو ويو آهي ته: ’ڌي‘، ’ڏي‘، ’ڊي‘ ۽ ’ڍي‘ کي ’دال‘ وانگر ’ڌال‘، ’ڏال‘، ’ڊال‘ ۽ ’ڍال‘ پڙهائڻ گهرجي! ان خيال کان ليکڪ پاران ڏنل ’ڌ- ڌال‘، ’ڏ- ڏال‘، ’ڊ- ڊال‘، ’ڍ- ڍال‘، ’ز- زال‘، ’ڻ- ڻوڻ، ’ء- الف همزه‘ معياري اکري نالا ناهن. ٻي صورت ۾ ان کي غلط به نه ٿو چئي سگهجي. جڏهن معياري صورت جو معاملو اچي ٿو ته انهن اکرن جي نالن کي پنهنجي ٻوليءَ جي مزاج پٽاندر ’ڌي، ڏي، ڊي، ڍي، زي، ڻي‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’همزه‘ جي بدران ’همزو‘ اچاريو ويندو. 
ساڳيو نوٽ ۽ ان کان اڳ جملو ته: ”ملفوظي اکر ۾ پٺيان اچاريل ٻئي آواز ڳجها رهن ٿا جيئن ”ي“ ۽ ”م“ جا آواز ڄاڻايا ويا آهن.“ ۽ نوٽ: ”استاد کي گهرجي ته شاگرد کي اچارڻ واري صورت جو هر هڪ اکر ڌار ڪري سمجهائي.“
پروف ريڊنگ ۾ تڪڙ ۽ بيھڪ جي نشانين کان لاعلمي ته الڳ معاملو آهي.
مڪتوبي اکر
هن صفحي تي ليکڪ لکيو آهي ته: ”هن قسم جا اکر لکڻ وقت هڪ صورت کي ظاهر ڪن ٿا. پر جڏهن اچاريا وڃن ٿا ته ان مان ٽي آواز ٻڌجن ٿا. جنھن ۾ پھريون ۽ ٽيون آواز هڪ جھڙو آهي. جيئن:
لکڻ جي صورت: ’م‘، ’ن‘، ’ڻ‘، ’و
اچارڻ جي صورت: ’م+ي+م= ميم‘،’ن+و+ن= نون‘، ’ ’ڻ+و+ڻ= ڻوڻ‘، ’ ’و+ا+و= واو‘.“
سادي ڳالهه آهي ته اهي اکر جا اچاري نالا آهن، جيڪي عربيءَ مان آيا آهن، ڇا جا مڪتوبي يا ملفوظي؟ ليکڪ اهي ساڳيا اچاري لفظ ملفوظي ۾ به ڄاڻائي چڪو آهي ۽ هتي وري ان کي مڪتوبي ۾ پيو ظاهر ڪري. هن صفحي ۾ مڪتوبي اکر جي عنوان سان ڄاڻايل وضاحت به فرسوده ۽ گمراه ڪندڙ آهي. 
سبق نمبر 3
هي سبق ’اعراب‘ تي مبني آهي. ليکڪ لکي ٿو ته: ”اعراب هڪ اهڙي نشاني آهي، جيڪا سُر ۽ وينجن ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. اعراب جي هڪ خاصيت اها به آهي ته جڏهن ڪا به اعراب سُر تي ايندي آهي ته سُر مٽجي وينجن ٿي پوندو آهي.“ 
ڇا چئجي يا لکجي! اهڙا جملا ته خود مسئلو آهن جن تي جيڪر ويهي نئين سري سان ڪتابَ لکجن. ”اعراب هڪ اهڙي نشاني آهي، جيڪا سُر ۽ وينجن ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي.“ ڪاش ليکڪ يا ڪتاب جو ايڊيٽر اکين سامهون هجي ته جيڪر هٿ ادب جا ٻڌي کيس ٻڌائجي ته ’اعراب، پاڻ سُر (Vowel) کي ظاهر ڪرڻ جي هڪ علامت آهي. ’سُر‘ ئي حرڪتي آهي، جيڪو ’وينجن‘ سان ملي حرڪت پيدا ڪندو. ’وينجن‘ (Consonant) کي حرڪت ڏيڻ وارو ئي سُر (Vowel) چورائيندو آهي، جنھن کي صورتخطيءَ جي دائري ۾ ’اعراب‘ چيو ويندو آهي. 
اعراب جي هڪ خاصيت اها به آهي ته جڏهن ڪا به اعراب سُر تي ايندي آهي ته سُر مٽجي وينجن ٿي پوندو آهي.“ هن جملي ۾ وري عجيب مشڪري رچايل آهي. يعني ليکڪ جو چوڻ آهي ته ’جڏهن ڪنھن به سُر (Vowel) تي اعراب (Diacritical Mark) لڳائبي ته اهو سُر (Vowel) مٽجي وينجن (Consonant) ٿي ويندو. شايد اڳتي هلي دنيا جو ڪو اهڙو ماهر تعليم يا ٻوليءَ جو ماهر پيدا ٿئي، جيڪو اهو لھڻ ۾ ڪامياب ٿئي ته ’اعراب لڳائڻ سان سُر، وينجن ۾ تبديل ٿي ويندو‘، في الحال اها ڳالهه غير سائنسي آهي. 
ليکڪ زبر لاءِ لکيو آهي ته: ”زبر کي عربيءَ ۾ ”فتح“ چئبو آهي، جنھن جي معنى آهي ”مٿي“. زبر ڏنل اکر مفتوح چئبو آهي. هن اکر جو اچار ”الف“ جهڙو ٿيندو آهي.“
ڄاڻ هجڻ گهرجي ته ’الف‘ هڪ اکر آهي، آواز ناهي. ان جو استعمال صورتخطيءَ ۾ ٻن اندازن سان ٿيندو آهي، هڪ: وينجن (Consonant)، ٻيو: سُر (Vowel) جي صورت ۾، جيئن: 
وينجن (Consonant): اَکِ (هن ۾ الف، وينجن جي نمائندگي ڪري ٿو.)
سُر (Vowel): ٻارُ (هن ۾ الف، ڊگهي سُر (Long Vowel) جي نمائندگي ڪري ٿو.)
ان معيار بعد ليکڪ ڪهڙي اکر لاءِ لکي ٿو ته ان جو اچار ’الف‘ جهڙو ٿيندو؟ ساڳيو حشر، زير ۽ پيش سان ڪيل آهي. اهڙي قسم جون ڳالهيون هوائي آهن، استادن توڻي شاگردن لاءِ گمراه ڪندڙ آهن.
سبق نمبر 4
هي سبق ’آوازن جا قسم‘ بابت آهي. وينجن (Consonant) لاءِ لکيو اٿس ته: ”اهڙا آواز جيڪي اچارڻ مھل وات واري کوپي ۾ هوا جي لنگهه کي روڪي پوءِ نڪرن انهن کي وينجن چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ 49 اکر وينجن لاءِ مقرر آهن. “ (هتي ’ا، و ۽ ي‘ کان سواءِ سڀ اکر ڏنا ويا آهن)
وينجن جي وضاحت مناسب آهي، البت اکرن بابت عرض ڪندم ته: سنڌي پٽي/ آئيويٽا ۾ 52 اکر آهن، جيڪي سڀ جو سڀ وينجن ۾ شمار ٿيندا. البت، الف ۽ همزو هڪٻئي جا نعم البدل آهن، جيڪي صورتخطيءَ ۾ الڳ ڪم آندا ويندا آهن. ان خيال کان سنڌي پٽي/ آئيويٽا ۾ ڪل 51 وينجن آواز آهن.
ليکڪ، ’ا، و ۽ ي‘ کي صرف سُرن ۾ شامل ڪري ٿو يا سُرن جي نمائندگي ڪندڙ سمجهي ٿو، جيڪو مناسب ناهي. ان لاءِ کيس وري ڪن ڪتابن يا استادن جي رهبري وٺڻي پوندي.
سُر، لاءِ لکيو اٿائين ته: ”اهڙا آواز جيڪي اچارڻ مھل نڙيءَ يا وات واري کوپي مان بنا ڪنھن رڪاوٽ جي اچاريا وڃن، انهن کي لکيل صورت ۾ ”سُر“ چئبو آهي. ا- و- ي بنيادي حرف يا اکر آهن جن جي مدد سان آ- اي- اِي- اَي- او- اَو- اِو- اُو- اَئُو وغيره سر ٺاهيا ويندا آهن.“
اِو ۽ اَئُو‘ الائي ڪهڙا سُر آهن، جيڪي لکيل صورت ۾ لکيا ويندا آهن ۽ ٺاهيا ويندا آهن؟
هي ته Blunder بدران Blender ٿي ٿو وڃي. دماغ ئي چڪرائجي ٿو وڃي ته اهي وري ڪھڙا سُر دريافت ٿيا آهن جيڪي اسان ڪڏهن نه ٻڌا، نه ڏٺا!
سُر جي ورهاست‘ جي عنوان ۾ لکيو اٿس ته: ”سُر آوازن کي ٻن حصن مفرد سُر ۽ مرڪب سُر ۾ ورهايو ويو آهي. مفرد جي معنى آهي اڪيلو يا هڪ. اهڙا اکر جن مان رڳو هڪ آواز ٻڌڻ ۾ اچي ان کي مفرد سُر چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي ٽي بنيادي اکر سُر جا آهن. مفرد سُر جا اکر: ا- و- ي.“
هي ’ا، و ۽ ي‘ ته حرف علت (Vowel Letter) آهن، جيڪي صرف ۽ صرف صورتخطيءَ پٽاندر ’ڊگهن سُرن‘ جي نمائندگي ڪندا آهن. ان کان سواءِ اهي ’وينجن‘ (Consonant) به آهن. ان سبب انهن اکرن کي سڌو سنئون ’سُر‘ نه ڪوٺبو. 
ليکڪ ’مرڪب سُر‘ بابت لکي ٿو ته: ”جڏهن مفرد سُرن جي حرفن کي هڪٻئي سان ملائبو، يا ان سان ڪا به اعراب استعمال ڪئي وئي ته اهو مفرد سُر، خاص آواز ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، انهن کي ڊگها سُر چئبو آهي. مرڪب سُر: آ- اي- اِي- اَي، او- اَو- اِو- اُو- اَئُو. ا + و = او، ا + وُ = اوُ، ا + ي = اي، اِ + اِي.“
ان کي مرڪب سُر ڪوٺبو؟ اها، هاڻي ٿي خبر پوي. وري ساڳي ڳالهه ته ’اِو‘ ۽ ’اَئُو‘ ڪٿان سُر ظاهر ٿيا آهن؟ ڪنھن به ٻوليءَ جي ڄاڻو استاد اهڙي ڳالهه ڪونه ڪئي آهي. وري ’ا + وُ = اوُ‘ هڪ نئون مسئلو ٿو کڙو ڪري ته ’پيش الف تي ڏبو يا واؤ تي‘؟ ان جي پويان ’اُو‘ ڏيکاري چڪو آهي ته هيٺ وري ’اوُ‘. جيڪو پاڻ ئي واضح ناهي، اهو ڪيئن ٻئي کي رهبري ڏيندو. 
سبق نمبر 5
هي سبق ’سُر جا اچار‘ جي عنوان سان آهي. هن ۾ گهڻو خيال صورتخطيءَ جي لحاظ کان رکيو ويو آهي، ليڪن ان کي وري جڏهن ’سُر‘ سان ڀيٽجي ٿو ته خال محسوس ٿئي ٿو. ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته:
سُر الف ”ا“، اچار جي لحاظ کان الف ٻن قسمن جو هوندو آهي. هڪ الف ”ممدوده“ ۽ ٻيو الف ”مقصوره“.
هاڻي سُر الف ’ا‘ يا سُر واؤ ’و‘ ته اکر آهن، جيڪڏهن ’ا‘ جي ڳالهه ڪبي ته اهو ته وينجن به آهي. سُر تڏهن چئون جڏهن ان کي اکري صورت ۾ لکون، جيئن: ’اَ، اِ، اُ، آ، اي، وغيره‘. ليڪن انهن ڏيکاريل سُرن ۾ به ’الف‘ فرضي هوندو آهي. ان ڳالهه جي وضاحت ڪافي طول وٺي ويندي.
سبق نمبر 6
هن ۾ ’سُر جا قسم‘ جو عنوان رکيو ويو آهي، جنھن ۾ ڊگها سُر، ڇوٽا سُر ۽ ٻٽا سُر ٻڌايا ويا آهن. ڊگهن سُرن جا جيڪي مثال رکيا ويا آهن تن مان پتو پوي ٿو ته ليکڪ ’سُر ۽ وينجن‘ کان واقف ئي ناهي. 
لفظ: صادق. لفظن جو ڇيد: ص- ا- د- ق. ڊگها سُر: ا.“ ان ۾ آوازن جو ڇيد ڪيئن ٿيڻ گهرجي، ان ڊيگهه ۾ نه ٿو پئجي، کڻي تسليم به ڪجي ته اتي ’الف‘ ڊگهي سُر جي نمائندگي ڪري ٿو. جڏهن ڄاڻائي ٿو ته: ”لفظ: وسيم. لفظن جو ڇيد: و- س- ي- م. ڊگها سُر: و- ي... لفظ: وادِي. لفظن جو ڇيد: و- ا- دِ- ي. ڊگها سُر: و- ا- ي.“ حيرت ٿي ٿئي ته ’وسيم‘ ۾ هوندڙ ’واؤ‘ به ڊگهو سُر ٿي ٿو وڃي ۽ ’وادِي‘ ۾ به ’واؤ‘ ڊگهو سُر ٿي ٿو وڃي. منهنجي خيال مطابق اهڙو پيغام اسڪولن ۾ موڪلڻ انتھائي هاڃيڪار ثابت ٿيندو.
ڇوٽا سُر جي حوالي سان جيڪو ڇيد ڏنل آهي سو پڻ هڪ ته غير علمي ٻيو وري ايڊيٽر جي لاپرواهي:
تِڏِ: ت + اِ- ڏ +اِ. ننڍا سُر: اِ (هي طريقو بھتر آهي)
مَڇَرَ: م + اَ- ڇ + اَ- ر + اَ. ننڍا سُر: اَ (هي طريقو به بھتر آهي)
ڪُڪُڙُ: ڪ + اُ- ڪ + اُ- ڙ + اُ. ننڍا سُر: اُ (هي طريقو به مناسب آهي)
وَڻُ: وَ + اَ- ڻُ + اُ. ننڍا سُر (هن ۾ وري ’و‘ ۽ ’ڻ‘ تي اعراب، جڏهن ته اڳين لفظن ۾ اهڙي ڪار ڪونهي)
صُبُحَ: صُ + اُ- بُ + اُحَ + اَ. ننڍا سُر (هن ۾ به کچڻي بڻايل)
اِسڪُولُ: اِ + اِس- ڪُ + اُ- و- لَ + اَ (هن لفظ جي ڇيد ۾ به ڇيد)
مٿين ڏنل لفظن جي ڇيد مان پتو پوي ٿو ته ليکڪ پھرين لفظن جي ڇيد ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ويو آهي ليڪن آخري ٽن لفظن جي ڇيد ۾ پاڻ به پريشان ٿي ويو آهي ته پڙهندڙ کي به پريشان ڪري ٿو. ان مان پتو پوي ٿو ته ليکڪ لفظ جي ڇيد ڪرڻ ۾ به واضح ناهي ته اهو معاملو ڇڏائبو ڪيئن!
ٻٽا سُر ۾ لکيو اٿس ته: ”ڊگها سُر ۽ ٻٽا سُر گڏ ڪري لکبا ته ٻٽا سُر ٺھن ٿا:
ڳاءِ: ڳ- ا- ءِ. ڊگها سُر: ڳا. ڇوٽا سُر: ءِ...“ 
ليکڪ ان لفظ جي ڇيد کي سمجهي نه سگهيو آهي، ’ڳا‘ ۾ بيشڪ ڊگهو سُر آهي، ليڪن ’ڳا‘ ڊگهو سُر ڪونهي، بلڪ هڪ ’پد‘ (syllable) آهي، ائين ئي ’ءِ‘ ۾ ڇوٽو سُر آهي، ليڪن ’ءِ‘ ڇوٽو سُر ناهي. 
سبق نمبر 7 
هن سبق جو عنوان ’نون‘ رکندي ليکڪ لکي ٿو ته: ”نون کي به ٽن نمونن سان اچاري سگهجي ٿو، هڪ چٽو (متحرڪ) ۽ ٻيو اڻ لکو (ساڪن) ۽ ٽيون گهُڻو يا غنو.
متحرڪ نون: جنھن لفظن ۾ ’ن‘ جو آواز چٽو هجي. هيٺين لفظن ۾ ”ن“ متحرڪ آهي. 
نَڪ، ڪَنَ، نيٺُ، نِمازَ، مانِي... ٻارنِ وغيره.
ساڪن يا اڻ لکو: ساڪن ”ن“ ٻن قسمن جو هوندو آهي، هڪ ”غنو“ ٻيو ”ساڪن“.
ليکڪ کي اها به خبر ناهي ته ’نون گهُڻي/ غني‘ جِي، آواز جي نسبت، ڪھڙي حيثيت آهي؟ اهو جملو پڙهندي ۽ اهو تصور ڪندي ته هن ڪتاب جي ذريعي اها ڳالهه اسڪولن ۾ ويندي ته ”ساڪن يا اڻ لکو ’ن‘، ٻن قسمن جو هوندو آهي هڪ غنو، ٻيو ساڪن“ ته، سچ ته پنهنجي قومي ٻچن جي ويچارگي اکين آڏو اچي وڃي ٿي، جيڪي صدين کان وٺي تقليد جي بنياد تي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. 
اڃا ته اڳتي وڃجي ٿو ته ’اڌ آواز‘ واري ڳالهه به آهي جيڪا لکندي يا ڄاڻائيندي به هٿ ڏڪن ٿا ته اها ڳالهه ڪنھن سان سلجي ۽ ڪيئن سلجي!

بس ان معاملي کان نڪرندي پنهنجي عام پڙهندڙ ۽ خاص طور استاد طبقي کي عرض ڪندم ته هي ڪتاب خريد ڪري ضرور پڙهو ته جيئن ان تي اوهان جو ڪو فيڊبيڪ سامهون اچي. وڌيڪ لاءِ خاص طور استادن اڳيان عرض رکندم ته جيستائين ٻوليءَ جي علم بابت ٿورو ڪجهه ڄاڻي وٺو، تيستائين ان انداز کي قوم جي ٻچڙن تائين رسائڻ ۾ تڪڙ نه ڪجو.

2 comments:

  1. ڪتاب تي مختصر ايترو ئي لکي سگهجي ٿو.. باقي اسان جي ماڻهن کي اهو احساس ڏيارڻ به لازمي هوندو آهي ته دل جي تڪليف واري مريض کي اديب رضويءَ جي گردن واري اسپتال ۾ موڪلڻ سان ڪهڙو حشر ٿيندو

    ReplyDelete