08/12/2017

شو ڪيولراماڻي - رئوف عباسي (Raouf Abbasi)

رئوف عباسي
حشو ڪيولراماڻي
نه وسرندڙ شخصيت وطن جي بي بها انسان جو درد

سائين مدد علي سنڌي، ادبي کيتر ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. اڄ کان 50 سال اڳ جيڪا ٽهي، ٻولي، ادب ۽ قومي حقن لاءِ پرچارڪ ٿي ميدان عمل ۾ نڪتي هئي، مدد علي سنڌي انهن مان هڪ آهي. مدد علي سنڌيءَ جي نثر ۾ قرت العين حيدر جي نثر جهڙي خوشبو پئي جهلڪا ڏيندي آهي.
سندس قلم وڇوڙي جي وڍن، المناڪ تنهاين، محبوب جي جدائي، ڊگهن املتاس جي وڻن، هاسٽل جي جلاوطن زندگي، زندگيءَ جي بي معنيٰ هجڻ جي گواهي ڏيندو آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي منفرد اسٽائيل سان هوُ، اڄ به ناتو جوڙيو ٿو اچي. ساڳئي طرح صحافت، ٻولي ۽ قومي خدمتن جي عيوض، هو ڪيترائي ڀيرا لوهي پڃرن ۾به  واڙجي چڪو آ. سندس لکيل تازو ڪتاب ”حشو ڪيولراماڻي؛ نه وسرندڙ شخصيت“ سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ بي بها خزانو آهي.

اسان جي سرزمين سنڌ، بي هڪ اهڙي املهه هيري جي ياد ۾ لکيل هي ناياب ڪتاب آهي، جيڪو هيو ته هڪ وڏو گهراڻي جو فرد، پر حالتن جي جبر هن کي، پنهنجي ڌرتيءَ کان بي دخل ڪري شرنارٿي بڻائي ڇڏيو. هو، هڪ لاچار، بيوس ۽ غير اختياري طور، ڏاڍي ملڪ ۾ وڃي پهتو، توڙي جو هن اُتي به پنهنجي وس آهر. سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ پاڻ موکيو، اُن جي باوجود کيس اُها مان مريادا،  حيثيت، اهميت ۽ عزت ڪانه ملي سگهي. حشو ڪيولراماڻي، جتي پنهنجي وطن ۾ سائين جي ايم سيد، محمد ابراهيم جوئي، شيخ اياز ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو دوست هو، اُهو جڏهن هندستان ويو ته، اُتي جهڙوڪر اجنبي ديس ۾ اجنبي بڻجي ويو.
هن، ننڍڙي ڪتاب ۾ مدد علي سنڌي، حشو ڪيولراماڻي جي زندگيءَ جو احوال، سندس جا خط ۽ موهن ڪلپنا توڙي هند جي ٻين اديبن جا رايا /ويچار لکت ۾ آندا آهن. جيڪي حشمت راءِ، جي ويجهو رهيا. اها سڀاويڪ ڳالهه آهي ته حشو، هند ۾ پهرين سنڌي شارٽ اسٽوريز کي انگريزيءَ جو روپ ڏنو. حشو ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ڪوشش ۽ ڪاوش سان، لوڪ سڀا ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل ٿيو. هڪ اهڙو سُڃاڻ شخص، جيڪو لنڊن ۾ جوانيءَ جي زماني ۾ ريڊيڪل شخصيتن ايم.اين.راءِ جواهر لال نهروءَ جهڙن شهره آفاق هستين جي گرومنگ جو حصو آهي. جيڪو وطن جي آزادي، ٻوليءَ جي خودمختياري ۽ پنهنجي ماروئڙن جي حاصلات لاءِ بي چين آهي. اهو جڏهن انهن سڀني ڪارگذارين لاءِ، جدوجهد ۾ لهي ٿو، ته کيس وطن جي وڻن کي الوداع ڪرڻو ٿو پوي.
جيڪا وارتا ۽ ڪربناڪ صورتحال حشوءَ کي جوانيءَ کان پوءِ پيش اچي ٿي. اهڙي ئي صورتحال شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مولانا عبدالواحد سنڌيءَ کي به پيش اچي چڪي هئي، مذڪوره پوين ٻنهي هستين جو مذهبي عقيدو ته برابر مضبوط رهيو، پر سندن يادداشت مڪمل طور ختم ٿي وئي، ۽ حشو سان به ائين ٿيو.
اهڙو شخص، جيڪو قوميت جي بنياد تي وطن جي تشڪيل لاءِ جي ايم سيد کي هدايت ڪري، اهو زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ شمشان گهاٽن ۽ ريلوي پليٽ فارمن تي رات بسر ڪرڻ لاءِ پريشان هجي! ڪيڏي، المناڪ ۽ ٽريجڪ صورتحال چئبي، اسان جي اڪثر  ذهين شخصن سان اهو مسئلو رهي ٿو، يا ته سندن سٿ جا ساٿاري کين وساري ٿا ڇڏين، يا زماني جون ستم ظريفيون، انهن لاءِ بي رحميءَ جا پهاڙ ڪيرائن ٿيون.
هن ڪتاب جي جوڙجڪ، ترتيب ۽ فني گهرجن کي مدد علي سنڌي خوب مڪمل ڪيو آهي. ٻين ليکڪن ۾ سائين محمد ابراهيم جويو، موهن گيهاڻي، شوڪت شورو جا ليک شامل آهن.
هن ڪتاب جي وسيلي اهو راز به افشان ٿيو ته حشو، جي ذاتي فليٽ جو وارث، اڳتي هلي شيخ اياز ٿيو، شيخ اياز پنهنجي ڪنهن به آتم ڪٿا ۾ اهو راز افشان نه ڪيو آهي. ٻين، حشو جي گهڻگهرن به، هن جي ياد کي وقت جي دز ۾ دفن ڪري ڇڏيو. هن پار جي يارن دوستن، هُن پار جي يار کي وساري ڇڏيو.  اُن داخلي اڪيلائي، حشو کي نفسياتي طور ٻين رشتن کان به لاتعلق ۽ اڪيلو ڪري ڇڏيو.
جيءَ جي جلاوطني
ڪيڏي؛ ڏس بري آهي
ڄڻ ته ڪا ڇري آهي

(شيخ اياز)

No comments:

Post a Comment