02/01/2018

همير چانڊيو ۽ سندس ڪتاب ”لٽيل تاريخ جو اداس شهر“ - حفيظ چانڊيو (Hafeez Chandio)

حفيظ چانڊيو
مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ
همير چانڊيو ۽ سندس ڪتاب
”لٽيل تاريخ جو اداس شهر“

منهنجي ڪيفيت اڄڪلهه مي رقصم واري آهي، اڪيلي هوندي پاڻ کي ڪنهن هجوم ۾ ٿو ڀانيان، هر ماڻهوءَ سان نه چاهيندي به پيار ۽ پاٻوهه ما ڀاڪي پائي ملي رهيو آهيان، ان جو سبب نوجوان ليکڪ همير چانڊيو جي دوستيءَ جو دم آهي، هو ڪو مصنوعي ڏاتيارو ناهي، فطري طور هڪ پڙهيو ڳڙهيو، کاهوڙي ڪردار جو ڌڻي آهي.
سنڌ ڌرتيءَ جي چپي چپي جي هڪ الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ موجود آهي، شڪارپور ضلعي جو نانءُ کڄڻ سان اياز، سامي، َقيوم منگي شهيد ۽ شهيد الابخش سومرو جي تصوير نه چاهيندي به اکين آڏو تري ايندي آهي. ڪي ڪي شهر ڪن شخصيتن جي نالي سان ساهه کڻندا آهن، جن جي ذڪر بنا شڪارپور جو تعارف اڌورو ۽ ڇسو آهي. اهڙن سهڻن حوالن مان سنڌ جو يگانو ڪردار صحافي، سهڻو ليکاري ۽ دانشور همير چانڊيو پڻ آهي، جنهن جو جنم پڻ هن شهر جي ننڍڙي ڳوٺ نوتن ۾ اعتبار چانڊيو جي ڪکائين گهر ۾ ٿيو، سندس ٻالڪپڻ ڀلي کڻي سندس ڳوٺ جي ڪشادن پڌرن ۾ راند روند ڪندي ڇو نه گذريو هجي، پر شڪارپور جي بند ڳلين ۾ به سندس انيڪ ساروڻيون پڻ سمايل آهن، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ لاتعداد خوشين جو سبب بڻجي، کيس عمل جي ميدان ۾ هڪ بردبار انسان طور هن سماج ۾ آڻي هڪ سياسي، سماجي اڳواڻ، هڪ سهڻي، برجستي ليکاري طور اسان سنڌ واسين آڏو بيهارين ٿيون.

همير چانڊيو پنهنجي پرائمري تعليم ڳوٺ ايوب چانڊيو مان پرائي، ۽ مڊل، ميٽرڪ، انٽر، ماسٽرس تائين شڪارپور مان حاصل ڪيائين. هن کي ننڍي هوندي کان وٺي ڪتابن پڙهڻ،محنت ۽ مزدوريءَ سان بي پناهه محبت رهي آهي. ان جو سبب سندس پورهيت خاندان ئي آهي، هو پنهنجي عظيم والدين جو ڇا ته شاندار پٽ آهي، جيڪو وٽن وفا، سرت ساڃاهه، سچ ۽ محنت ۾ عظمت جي سبقن کي سيني سان سانڍي زندگيءَ جي ڪٺن سفر ۾ ڪڏهن به ناهي ٿڪو، نه ئي ڪڏهن مايوسين وٽس ڪو گهر ڪيو آهي. ائين به ناهي ته ڪو هو دنيا جي اجگر مسئلن ۽ قبيلائي جهيڙن کان آجو رهيو هجي. سندس زندگيءَ ۾ سور ئي ته سندس ساٿي رهيا آهن، هر گهڙيءَ امتحان ۾رهندي حوصلي ۽ بردباريءَ سان معاملن کي سلجهائيندو اڳتي وڌندو رهيو آهي. هڪڙي ليکڪ طور هو شڪارپور سميت پوري سنڌ جي نمائندگي ڪندي روزاني ڪوشش اخبار ۾ پنهنجا مضمون لکندو ٿو رهي، شڪارپور سياستدانن جي نظرانداز ڪرڻ جي ڪري هاڻي مسڪين جي ڪنهن ٻار جيئن لاوارث ۽ ننڌڻڪي بڻجي چڪي آهي جيڪا پنهنجي رهواسين کي بک، بيروزگاري، بي واجبين جي باهه ۾، اُرهه زوراين جي آويءَ ۾ پچندي ٿر جهڙي ڏڪار جي حالتن جيئن پنهنجي ديس جي عزت ۽ آبرو لاءَ، بهتر جياپي لاءِ ڪنهن مسيحا جي منتظر آهي، همير چانڊيو شهرين لاءِ حقيقي مسيحا ئي ته آهي، جنهن جي اندر ۾ دردن جو درياءُ ڇوليون هڻي تبديلي جي تڙپ کي وڌائي رهيو آهي. سندس ديس جي مسڪينن جي ٻچڙن کي ماني ڳڀي ۽ بهتر اجهي جي پريشانيءَ جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سندس لکڻيون اُميد جي هڪ روشنائي کي جنم ڏين ٿيون. همير چانڊيو ڌرتيءَ جي دنگن ۽ ننگن جي محافظ بڻجي مارئيءَ ۽ ٻاگهي جي لوئي لڄ ڪارڻ چنيسر ۽ خلجي علاولالدين سان الجهندو ٿو رهي. هو سنڌ جي ادبي منڊل جو سپهه سالار ليکاري آهي، جنهن کي قلم مان بارود جو ڪم وٺڻ جو ڪمال جو فن آهي. سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين جي ڀڙڀانگ ٿيل حالت، ٿر جي فطري حسناڪين، بيابانن، ويران ۽ ڏتڙيل منظر سندس لکڻين جو مرڪز رهيا آهن، هتان جي عوام دشمن سياستدانن لئه سنڌ ڌرتي قدرت جي هڪ حسين تحفي کان گهٽ ناهي. ائين لکجي ته سنڌ سياستدانن لئه هڪ سوني جهرڪي آهي ته وڌاءُ نه ٿيندو.
همير چانڊيو بحيثيت هڪ ليکڪ جي بهترين لکي رهيو آهي. سندس مطالعو به غيرمعمولي آهي. لکڻ جو ڏانءُ به هر ماڻهوءَ وٽ ٿورئي هجي ٿو، پر ڌڻي مٿس ڪجهه وڌيڪ مهربان آهي. هو جڏهن سنڌ جي ڏتڙيل عوام کي پيرن، ميرن ۽ ذاتين ۾ ورهايل ڏسندو آهي ته سندس روح مان رڙيون نڪري وينديون آهن. ڀوتارن وٽ غلاميءَ واري بدترين زندگي گهاريندڙ سنڌ جي اڻ پڙهي ماڻهن تي لکندي سندس قلم ڪڏهن مفاهمت مان ڪم ناهي ورتو، هو هڪ بهترين اڳواڻ ۽ باعمل انسان آهي. کوکلن نعرن ۽ لالچن کان کيس گرنهن ايندي ڏٺو اٿم، ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ لاءِ پتوڙيندڙ نوجوان ليکڪ سهڻو سڀاءُ رکندڙ همير چانڊيو کي ڪير نه سڃاڻي! هو سنڌ جي ماڻهن جي ّخوشحاليءَ جا انيڪ سپنا ساڻ کڻي، ساڀيائن لاءِ سرگرمِ عمل رهندڙ هڪ متحرڪ نوجوان آهي. سياسي، سماجي ماڻهن کان ليکڪن ۽ اديبن تائين کيس هر ساڃاهه وند هڪڙي بهترين انسان، باڪردار ۽ فرض شناس انسان طور سڃاڻي بي پناهه محبتن جا گُلاب آڇيندو ٿو رهي. سندس دورِ حاضر تي ڪيل ، تنقيدون ۽ تبصرا به ادبي تاريخ جو هڪ قيمتي حصو آهن. اسين جنهن خوبصورت نموني پنهنجي محسنن سان پيار جو اظهار ڪندا آهيون سو درحقيقت سندس عظمت لاءِ سرٽيفڪيٽ ٿو هجي. اهي قومون جيڪي پنهنجي محسنن جي ڪيل غيرمعمولي خدمتن کي آڏو رکندي کيس ڪو خراج پيش ڪنديون آهن، سي درحقيقت هميشه زندهه رهڻيون آهن.
هڪ ليکڪ طور همير چانڊيو کي مون سميت پوري سنڌ سڃاڻيندي آهي. سندس لکڻين کي پڙهندي وقت جا ڪرپٽ ۽ نااهل سياسي ماڻهن کي پنهنجي سياسي بتن ڀرڻ ۽ ڊهڻ جو خوف ويڙهي جهٽ پل لاءِ سندن حرام تي پليل وجود کي ڏڪائي وجهندو آهي. ملڪ جي سياستدانن جي ڪن لاٽار ۽ نااهليءَ سبب سنڌ سميت پورو ملڪ اقتصادي حوالي سان پٺ تي پيل آهي. اسان جا گهر هو پنهنجي ڪرپشن تحت ٻُهاريندا رهن ٿا، ۽ خبر تڏهن ٿي پوي جڏهن اسين سندن ڪيل ڪُڌن ڪرتوتن جي چٺو همير چانڊيو جهڙن ارڏن ۽ بي باڪ ليکڪن جي لکڻين ۾ پڙهندا آهيون. سندس مضمونن منجھ سنڌ جي سورن جي ڀرپور عڪاسي ٿيل هوندي آهي، هو مونکي پنهنجي ارادن ۾ هميشه هماليه جيئن مضبوط ۽ اڏول لڳندو آهي. سندس متحرڪ وجود تبديليءَ لاءِ هميشه آتو رهندو آيو آهي. اهو سندس شعور ئي آهي جنهن کيس سينواريل سماج کي صحتمند بڻائڻ لاءِ رڪ جيئن مضبوط بڻائي ديس واسين جي ارمانن ۽ لاتعداد اُلڪن کي زبان بخشي ايمانداريءَ سان ڪيس عالمي ڌرين تائين پهچائي، ڪمال جي وارثي ڪئي آهي. بدبودار سياست کي پيرن سان ٿڏيندڙ سنڌ جي هن نوجوان وٽ هڪ وڏو متبادل سندس من جو محور بڻيل هوندو آهي. هڪ وڏي عوامي طاقت رکندڙ سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ جيئن ڀلي کيس عوامي حمايت حاصل نه به هجي پر سندس سچائي واري تشنگيءَ آڏو سندس ضلعي جي سياسي قدآور شخصيتن جو قد هن جي تحريرن توڙي عملي ميدان آڏو صفا ننڍڙو لڳندو آهي. سندس مضمونن ۾ سنڌ جو روشن آئيندو آهي، هو مزاجن هڪ سچو ليکاري آهي، وٽس شعوري لاٽون آهن، جنهن سان استحصالي قوتون ڇرڪي وڃن ٿيون، سندس علمي وسعت کي ڪير قيدي بڻائي نه ٿو سگهي. وٽس آبائي شهر شڪارپور لاءِ سمنڊ جي گهرائيءَ جهڙي سڪ سمايل هوندي آهي. هڪ پاسي پورو ملڪ خصوصن سنڌ تي خراب حڪمرانِيءَ جي نتيجي ۾ هڪ وڏي تباهي برپا ٿي، سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين کي کنڊر جهڙو بڻائي ڇڏيو آهي. ان لاپرواهيءَ ۽ سياسي ماڻهن جي من مانيءَ واري ڳنڀير حالتن ۾ همير جو پنهنجي ديس جي شهرن توڙي ٻهراڙين جي حالتِ زار تي قلم جنبش ۾ اچي بهترين وڪالت ٿو ڪندي نظر اچي. خراب حڪمرانيءَ جي گهيري ۾ آيل سنڌ لاءِ رات ڏينهن لوچيندڙ ڏات جي ڏيهه جو هيءُ راڻو ڳوٺ ”نوتن“ ۾ جنم وٺي ٿو، ماضيءَ ۾ سندس چوڌاري ابوجهل جي اولاد جي اڪثريت جي ڪري طويل حڪمراني رهي، جنهنڪري تعليم ۽ ترقيءَ جو ڪو تصور ئي ناممڪن هيو، جيڪو ڏاڍو سو گابو واري چوڻي هن جي ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جي ماڻهن جي ڏاڍ ۽ ڏمر جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهوري ماڻي جيڪا اڄ پڙهيل لکيل نوجوانن، اديبن، شاعرن ۽ نامور تعليمدانن جي پيدا ٿيڻ بعد آخري هڏڪين ۾ آهي. سندس مامي ۽ سنڌ جي سهڻي شاعر زخمي چانڊيو تعليمي ادارن جي کولرائڻ لاءِ پير پٿون ڪيا. سندس ڳوٺ ۽ آسپاس ۾ ترقي ۽ فلاحي ڪمن لاءِ سنڌ جي ارڏي ۽ اڙٻنگ سندس مامي جي شهادت جو بنيادي ڪارڻ به جهالت کي پاڙئون ختم ڪرڻ ئي هيو. اڄ سندس ڳوٺ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ تعليمي ادارن ۾ سوين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بي خوف تعليم پرائي رهيا آهن. تعليمي حوالي سان تازو مون کي همير چانڊيو فون تي ٻڌايو ته ڪو سپريم ڪورٽ حڪمرانن مٿان ڇوهه ڇنڊيندي ڪجهه هينئن چيو پئي ته سنڌي حڪمران!شايد سنڌ جي مسڪين مارن کان نفرت ٿا ڪن، جو بايو ميٽرڪ جي آڙ مهذب ۽ پيغمبري پيشي سان واڳيل استادن سان حشر ڪري کين رٽائرمينٽ تي مجبور ڪيو آهي، سچ به اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هوندو آهي ته پهريان ان کي تعليم کان وانجهيل رکيو ويندو آهي.
همير چانڊيو سنڌ جي ٻرندڙ اشوز تي جنهن نموني ايمانداريءَ ۽ وڏي بهادريءَ سان قلم کنيو آهي سو يقينن هڪ تاريخساز ڪم سان گڏ ساراهه جوڳو عمل پڻ آهي. همير چانڊيو جي تحريرن ۾ ڪامورن جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿل سنڌي عوام جي دانهن پنن تي پرٽي پنهنجي مضمونن ۾ بيان ڪئي آهي، سندس هر هڪ تحرير ۾ سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن جو درد سمايل آهي، ميرٽ جي تباهي هجي، يا باصلاحيت سنڌ جي نوجوانن جي بورڊن ۾ سندن ٽيلينٽ دشمن رويو هجي، نوڪرين لاءِ چونڊيل نمائندن جي درن تي ڌڪا کائيندڙ نوجوانن جي روزگار جي تنگيءَ هجي يا وري امن امان جي صورتحال ڳنڀير ڇو نه هجي پر هڪ ليکڪ طور همير چانڊيو ذڪر ڪيل سڀني موضوعن تي ڀرپور نموني لکي هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي. سندس ديس ۾ وڌندڙ ڏوهارين جو تعداد بنيادي سبب غربت ئي آهي. سندس ديس ۾ گلن جي تازگيءَ ۽ گيتا جي گيان جهڙن پوتر معصوم ٻارڙا وحشي ماڻهن جي هوس جو نشانو بڻجڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانهي ڪا! مسڪينن جي ڀوتار پاران ٿاڻي تي سندن ڏاڙهيون پٽائڻ وارو معاملو، مٿن زوري ڏنڊ وجهرائڻ، اقليتي قوم سان ناروا سلوڪ رکندڙ مذهبي جنونين جون جٺيون، سيٺ قسم جي ماڻهن جي تر جي ڀوتار کي ماهوار ڀتو نه ڏيڻ تي ناراض ٿي ويل ڀوتار جي چرچ تي رستي ويندي کيس اغوا تائين، جديد دور ۾ به ڪڌين ريتن رسمن جهڙوڪ ڪاروڪاري کي هٿي وٺرائندڙ نام نهاد ڀوتارڪي سوچ رکندڙ ماڻهو همير چانڊيو جا روزاني ڪوشش ۾ ڇپجندڙ مضمون پڙهندي ننڍ ڦٽائي ويهي رهندا آهن. هو خوف ۾ ويڙهجي ويندا آهن، ته متان سندن مڪروهه چهرن تان هي پردو نه کڻي وجهي ، هي اهو ديس آهي جتي ڪو به ماڻهو پاڻ کي سلامت نه ٿو سمجهي، هي اها سنڌ ناهي جتي ماڻهو، ماڻهوءَ جي ملڻ لاءِ رات جي وڳڙي ۾ ڌڻيءَ در دعا ڪندو هو ته بلائن کان بهتر آهي ته ڪو ماڻهو سندس منهن پوي، پر اڄ ساڳيو ئي ماڻهو رات جو دير ڪنهن ماڳ مڪان تان گذرندي چوي ٿو ته بلائون ڀل منهن پون پر خدا ڪري ڪو ماڻهو منهن نه پوي! هي ستون لکندي اکين مان آب جاري آهي، وقت ۽ حالتن جي مٽجڻ ۾ ڪا ويرم ئي نه ٿي لڳي، اڄ پوري سنڌ شام ٿيڻ کان پوءِ ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي حوالي لڳي پئي آهي. مغوين جي آزاديءَ لاءِ پوليس پارٽين عادي بنيادي ڏوهارين تي هٿ رکندي کين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پاٿاريون قائم ڪرائي امن کي گولي هڻي گهايل ڪري وڌو آهي. همير چانڊيو سنڌ ڌرتيءَ جو هميشه هڪ محسن طور لکندو رهيو آهي، سندس سياسي قبلو سنڌ جو مسڪين عوام جو درد آهي، مصروفيتن ۾ گم ٿي ويل هي اسان جو يار ڪتابن پڙهڻ ۽ لکڻ جو وقت ڪيئن ٿو ڪڍي، ڪڏهن ڪڏهن سندس مصروف زندگيءَ کي ڏسندي ائين لڳندو آهي ته هو ڪو دنيا جهان جي ڪري ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ کي وساري ويهندو پر ائين بلڪل به ناهي هو وقت جي نبض تي هٿ رکندي گهر جي ذميوارين کي خوب نڀائيندو ٿو رهي،. پوري ديس سان نينهن نڀائڻ ۾ سڀ کان اڳرو رهندي هر معاملي تي سراپا احتجاج ٿي ننڍ پيل قوم کي گهنڊڙيون وڄائي جاڳائڻ جا جتن ڪندو ٿو رهي. سندس ديس لاءِ پيار ۽ پنهنجائپ واري رويي کي ڏسندي فخر ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته همير چانڊئي جي اکين ۾ ديس واسين جي خوشحالي جي خوابن سان گڏ انسانيت سان بي پناهه پيار جو ڇلڪندڙ ساگر به سمايل آهي. باوقار انسان جيئن هو هن سينواريل سماج ۾ پيار جي اڙانگي پنڌ تي پيار جو پورهيو ڪندي سينواريل سماج منجهه اياز جي سٽن جيئن لڳندو آهي ته هن سر جي گدلي سينور ۾، هي نيل ڪنول به ته ڏوهي آ، هي ڏوهه نه آ هن ماڻهوءَ جو، مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ همير! سراپا سچ آهي. هو دل جي ويجهو رهندڙ دلبر دوست ۽ پڦاٽ پڻ آهي، هن معاشري ۾ رهندڙ هر ماڻهوءَ سان بي پناهه پيار ڪندڙ همير ئي ته آهي، جيڪو ڪنهن به ماڻهوءَ کي سندس ذات ۽ قبيلي کان وڌ سندس سماج ۾ ادا ڪيل ڪردار کي اوليت ڏيندي اتساهيندو آهي، فقير منش انسان، اسان جو يارڙو! محبتون ۽ مانُ ڏيندڙ ، پروان کي پنهنجو ڪرڻ جو وٽس سهڻو فن آهي، ٻين جي اهنجن ۽ ايذاءُ تي سندس روح زخمي ٿي پوندو آهي، هو ٻين جي دردن کي پنهنجائي جيئڻ وارو هڪ شاندار شخص آهي.
سندس تخليقي پورهئي ”لٽيل تاريخ جو اداس شهر“ جي عنوان سان سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. سندس هي ڪتابي پيار ڀريو پورهيو مظلوم ماڻهن جي حمايت جو تاريخي دستاويز آهي ۽ استحصالي ڌرين جي مُنهن تي هڪ زوردار چماٽ پڻ آهي. هي تاريخ جي اها هڪ گهري چيخ آهي، جيڪا يقينن هڪ ڏينهن ڌرتيءَ تان ڏاڍ ۽ ڏمر جو خاتمو آڻي، خوشحال ۽ امن واري سنڌ جي قيام ۾ بنياد واري سر رکڻ جو ڪم ڏئي تاريخ کي اڏيندي.

ڪرپشن جي ڪوڙڪي اڏيندڙ ڪامورن لاءِ همير چانڊيو جو هي مضمونن وارو ڪتاب آرسي جهڙو آهي، جنهن ۾ هو پاڻ کي ضرور پسي، سوچڻ تي مجبور ٿي ويندا. تاريخي طورتي هي ڪتاب سنڌ جي لٽيل شهرن جي مٿان ڇانيل اداس پاڇن جو هڪ تاريخي نوحو پڻ آهي: سونھري اکرن سان هوندس تاريخن ۾ آءٌ سدائين، تنھنجو نانءُ به نيٺ ته هوندو، ڇو جو تون هڪ قاتل آهين.

No comments:

Post a Comment