پروفيسر هيروشيوڪاڻي
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي جو ڪتاب
سنڌي ناول جي اوسر
جگديش لڇاڻيءَ جي تازي ڪتاب ”سنڌي ناول جي اوسر“ (۲۰۱۸ع) تي جيئن ئي مون تنقيد لکڻ جو من بڻايو تيئن بي ساخته مون کي هڪڙي اهم ڪتاب
”ادب جا فڪري محرڪ“ ليکڪ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، هئين
تي هُري آيو. اهو ڪتاب مون کي اڄ
کان اٽڪل چوٽيهه سال اڳ منهنجي محبوب دوست شوڪت حسين شوري (ڪتاب جي سرورق تي هن جي
هٿ اکري ”دوست هيرو شيوڪاڻي لاءِ“) شوڪت شورو ۸۴/۱۱/۲۰ موجود آهي) مون تُرت پنهنجي شيلف مان اهو ڪتاب ڳولي هٿ ڪيو.
هن جائزي لکڻ لاءِ مون کي انهيءَ ڪتاب جي ياد ۽ ضرورت جا ڪي اهم ڪارڻ ضروري لڳا.
ادب جا فڪري محرڪ جون ۱۹۸۴ع لڳ ڀڳ ۴۰۰ صفحن ۾ ادب جي فڪري محرڪن تي هڪڙي
ڳوڙهي مطالعي، ادراڪ ۽ اصلوڪي سوچ وارو سنڌ توڙي هند ۾ پنهنجي نوعيت جو اڄ سوڌو
منفرد ڪتاب آهي. منهنجي هن اڀياس لاءِ خاص طور تي ان ڪتاب جو هڪ باب “”ادبي فڪر جا تاريخي رحجان“ (ص ۱۵۳-۱۸۱) اڄ اڃا به واسطيداري رکندڙ لڳو.
پنهنجي هن تجزيي جي بنيادي مقصدن جي وضاحت ڪريان، ان کان اڳ ڊاڪٽر ٻوهيي جو ان
نسبت ۾ هڪ حوالو غور ڪرڻ جوڳو آهي.
”هڪڙو طريقو آهي ادب کي تاريخ
جي مدد سان سمجهڻ جو ۽ ٻيو طريقو آهي تاريخ کي ادب جي مدد سان سمجهڻ جو. آ ڀانيان
ٿو ته اديبن جي لاءِ پويون طريقو مڙيوئي چڱو آهي. جو اُهي جنهن وسيلي کي ماهراڻي
نموني ڪم آڻي سگهن ٿا. سو بهرحال ادب ئي ٿي سگهي ٿو. پر هن طريقي ۾ مونجهارو رڳو
اهو آهي ته اڀياس جي لحاظ کان ادب جي حيثيت وڃيو ٿي ثانوي ٿئي ۽ جنهن جو مطالعو ڪيو
ٿو وڃي سا تاريخ ٿئي ٿي ۽ نه ادب، ان ڪري هي طريقو خاص طور تي ادب جي اڀياس
جي لاءِ ڪارگر ثابت نه ٿي سگهندو. هن ڳالهه جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته اسان لاءِ رڳو
هڪڙو رستو آهي ۽ اهو اِهو آهي ته اسان ادب کي تاريخ جي مدد سان سمجهون“
(ص ۱۵۴)
هي قدري وڏو حوالو مون ان ڪري عرض ڪيو آهي ته هڪ ته منهنجي هن جائزي آڌار ڊاڪٽر لڇاڻيءَ
جو ڪتاب ”سنڌي ناول جي اوسر“ ڪافي حد تائين ادب جي تاريخ جي مرحلي ۾ اچي ٿو. ٻيو
منهنجو رايو اهو آهي ته ادب جي مڪمل، مفصل ۽ مُستند تاريخ لکڻ لاءِ ان ادب جي ٻوليائي،
سماجي، معاشي ۽ سياسي تاريخ جا رحجان ڪيئن ۽ ڪيتري قدر ان جي ادب جي فني قدرن، ان
جي معيار تي ڪارفرما ٿين ٿا ان تي غور ڪرڻ.
بذات خود جناب ٻوهيو، جنهن کي تاريخيت چوي ٿو،
اها صرف تفصيلن تي زور نٿي ڏئي، ٻي ڳالهه اها به چوڻي اٿم ته اسانجي سنڌي ادب ۾
هتي هند ۾ خواه سنڌ ۾ جڏهن يڪسان طور تي اسان وٽ مفصل، مڪمل ۽ مُستند ادبي تاريخ
ئي لکيل نه آهي، جنهن کي ڀر ۾ رکي اسين سنڌي ادب جي اوسر کي معتبر نموني ڄاڻي
سگهون. خود ٻوهيي صاحب به پنهنجي ان ڪتاب ۾ حقيقت جو اعتراف ڪيو آهي.
جگديش لڇاڻيءَ جي هن اهم ڪتاب تي انهي
تاريخي نسبت ۾ پنهنجو جائزو وٺان، ان کان اڳ به مون کي ٻه ٽي
ڳالهيون چوڻيون آهن.
وقت ۽ زمان جي نسبت ۾ ادب ۾ تبديليون ته
واقعي اڻ ٽر آهن ڇو جو ادب زندگيءَ سان واڳيل آهي، زندگيءَ ۾ سماجي، معاشي،
اقتصادي، توڙي تمدني بدلاءَ ۽ اوسر ٿيندا رهن ٿا.
ڏسڻو اِهو آهي ته ادب يا ان جي ڪنهن صنف ۾ فني ۽ انساني
قدرن جي اوسر/ بلندي ڪيتري ٿي آهي. ناول جي صنف کي کڻي پنهنجو موقف پيش ڪريان ته
اسان اهو مڃي ورتو آهي ته شاعري ۽ ڪهاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ ناول اسان وٽ ايتري اوسر حاصل
نه ڪري سگهيو آهي، ٻين لفظن ۾ چوان ته سنڌي ناول مغربي ناول نويسيءَ جو ئي نه، خود
برصغير جي ٻين ڪن اهم ٻولين جي ناول، جهڙوڪ اردو، بنگالي، مراٺي، ٻولين جي ناولن
جي اوچائيءَ تي به اڃا نه پهتو آهي، جڏهن ته اصلوڪي سنڌي ناول جي عمر به صديءَ کان
مٿي آهي.
مثال طور لڇاڻي صاحب خود نوٽ ورتو آهي ته سنڌيءَ
جو پهريون اصلوڪو ناول ”زينت“ ۱۸۹۰ع ۾
شايع ٿيو، ورهاڱي کان اڳ به ٻيا ڪيئي ناول آيا، ورهاڱي کان پوءِ سرحد جي آر پار سنڌ
توڙي هند ۾ ڳڻپ جي خيال کان اسان جي ٻوليءَ ۽ معاشري جي قدر موجب ڪافي ناول آيا
آهن، انهن ۾ ناول جي رٿابندي، پلاٽ، موضوع، حقيقت شناسي، ٻولي ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان
زماني انُوسار تبديليون به گهڻيون ۽ گونا گون آهن.
جگديش لڇاڻي واقعي خارجي نموني ورهاڱي تائين
سنڌ ۾ سنڌي ناول جي سفر ۽ بعد ۾ ڀارت ۾ سنڌي ناول جي اوسر جا، تاريخ جي وهڪري کي
زير نظر رکندي، الڳ الڳ بابن ۾ تمام تفصيلن سان، انهن جي موضوع، فڪر، رٿا ۽ ٽيڪنڪ
جا سڀ ممڪن پهلو ڌيان ۾ رکندي، سنڌي ۾ شايد پهريون دفعو نه رڳو انهن جي اوسر ڏيکاري
آهي، بلڪ مکيه ناولن جو ادبي نقطهء نظر
کان تجزيو به ورتو آهي، جنهن
لاءِ بيشڪ هو صاحب مبارڪباد جو مستحق آهي. اهو ۽ ايترو ادبي پورهيو، گهٽ ۾ گهٽ هتي
اسان وٽ هند ۾ ٻئي ڪنهن به ڪو نه ڪيو آهي. مون سوڌو ( ۲۰۰۷ع ۾ سنڌي
ناول تي منهنجو به هڪ تنقيدي ڪتاب ”سنڌي ناول ڪٺگهري ۾“ شايع ٿيو جنهن ۾ سلسليوار
ته نه البت سنڌي ناول جي چونڊ پڙاون تي منهنجا تنقيدي مضمون گڏ ڪري ڇپايل آهن). هتي اهو ياد ڏيارڻ شايد بي جاءِ نه ٿيندو ته خود نوجوان نقاد اسحاق سميجي،
پنهنجي ادبي رسالي ”سارنگا“ ۾ بيحد وڏو ادبي ۽ معياري جائزو لکيو هو. خير.
مون تاريخيت جي حوالي ۾ سنڌي ناول جي ادبي
معيار جو سوال ان ڪري اٿاريو آهي ته جيئن الهداد ٻوهيي تاريخ جي محرڪن
(Dynamics) جو ذڪر ڪيو آهي تيئن زندگيءَ جي نسبت ۾ ادب يا ادبي فن جا به محرڪ آهن، جيڪي
اديب جي ڏات، ڏانوَ، اڀياس ۽ شعور سان جڙيل آهن.
اول ۽ آخر ناول تخيلقي ادب جي اڄ هڪ اهم صنف آهي.
ناول بنيادي طرح حقيقي زندگيءَ ۾ ڪهاڻي، قصي
يا انسان کي پلاٽ بڻائي. جڏهن انساني ڪردار جي بيروني ۽ باطني تلاش ڪري ٿو ته ان ۾
ناول نويس جي پنهنجي احساس داري، انساني سور، فرحت، محبت يا ٻين ڪيترن جذبن جي
اظهار ۾ پائيداري خلقي، پڙهندڙ جي احساس يا حظ کي جاڳائي يا متاثر ڪري ٿو، ته ان ۾
ئي ناول نويسيءَ جي معيار جا درجا ڏسجن ٿا. حقيقت پسنديءَ جي خيال کان ناول ڀل ته
انساني زندگيءَ جي گوناگونيت سان ايماندار به هجي پر جيڪڏهن اهو احساس کي ڇهي يا
جاڳائي نٿو، ته اهو
فن يا ڪلا جي درجي تي پهچڻ بدران فقط تفصيلن جو جوڙ بڻجي رهجي ٿو وڃي يا محض وندر
جو ذريعو بڻجي وڃي ٿو.
سئو کان وڌيڪ سالن جي عمر تي پهتل سنڌي ناول
يا سنڌي ناول نويسيءَ تي اڄ هن ايڪويهين
صديءَ جي ٻئي ڏهاڪي ۾ مان ڊاڪٽر جگديش لڇاڻيءَ جي اهم ڪتاب” سنڌي ناول جي اوسر“ تي
تنقيدي بحث ڪرڻ لاءِ پنهنجي عمر جي هن نائين ڏهاڪي ۾ به آماده ٿيو آهيان ته لڇاڻيءَ
جو شڪريو ادا ڪندي ۽ اڳتي هلي هُن جي تشريحي قابليت جو تجزيو ڪندس، ته هتي پنهنجي
ئي مذڪوره ڪتاب جي ڪور جي پوئتان ڏنل هي
حوالو دهرائڻ کان سواءِ
اِن ڪري گريز نٿو ڪريان ته منهنجو
ليک شايد اول سنڌ جي ادبي اخبار يا رسالي ۾ شايع ٿيڻ وارو آهي، جيئن اڄ به سنڌ جا
اسان جا لهڻيئي سجاڳ، باشعور، دانشور سنڌي ليکڪ غور ڪن ته سٺو، باقي هتي اسان وٽ ته هاڻ سنڌي
پڙهندڙن جو ميدان ئي خالي آهي. لڇاڻيءَ ۽ مون پارا جيڪي مڙئي اڃا ٿورا گهڻا حيات
آهيون، اُهي پنهنجي ٻولي، ادب ۽ ثقافت جي عشق ۾ مڙيئي ڪجهه نه ڪجهه لکون پيا ۽ پڙهون
به پاڻ پيا. منهنجي
ڪتاب جو اِهو حوالو هن ريت آهي.
”اسان جي سنڌي ناول نويسن هيل تائين اُهو ئي پئي لکيو آهي، جيڪو
صرف هُنن سان ٿيو آهي. يا اُهو لکيو آهي جيڪو هنن چاهيو آهي ته هوند هُنن سان ٿئي،
مگر نه ٿيو آهي ۽ اُهو نه لکيو آهي، جيڪو ويڪري روپ ۾ ٻين سان ٿيو آهي، اِرد گرد جي زندگيءَ ۾ ٿيو آهي. هُنن جي اِيئن نه
چاهڻ جي باوجود ٿيو آهي. ان ڪري شايد اسان جو ناول معمولي ۽ ميڊياڪر رهجي ويو آهي. يڪي سر ڀارتي ناول ساهتيه جي نسبت
۾، عالمي ناول ساهتيه جو ڪئنواس ته اسان لاءِ فقط حرص ڪرڻ جي سرحد تي آهي. (ص ۲۹) ادب ۾ (۽ ناول ۾ به) قدرن، اِنساني ۽ فني قدرن ۽ معيار تي بحث ڪرڻ، ادبي
تاريخ لکڻ لاءِ اسان کي
آماده ڪندو رهندو، اها منهنجي تمنا ۽
تقاضا آهي.
مبادا هيءُ طويل ڪتاب” سنڌي ناول جي اوسر“
اسان جي لڳاتار ٿيندڙ انهي تلاش جو
ته، سنڌي ادب ۾ معيار ماڻڻ جون اسان پنهنجون منزلون ڳولي لهون، اُن جو بنياد بڻجي
سگهي.
ڊاڪٽر جگديشن لڇاڻي هن ڪتاب لکڻ کان اڳ به
ادبي تاريخ لکڻ جي ڏِس ۾ ڪيترا ٻيا ڪتاب لکيا آهن: مکيه آهن (۱) سنڌي ادب جي روپ ريکا (۲) سنڌي
ڪهاڻيءَ جي اوسر (۳) نئون ساهيته (۴) ساهيته جي پرک وغيره. لڇاڻي صاحب سونهاري شاهه لطيف جي آفاقي شاعريءَ تي
به سٺا ڪتاب لکيا آهن. مون کي
اِها به ذاتي ڄاڻ آهي ته سنڌ سرڪار جي ثقافتي ڊپارٽمينٽ جي دعوت تي هن ٻه ئي دفعا ڀٽ
شاهه تي روبرو اچي هُن جي عرس تي شاهه جي ڪلام تي تخقيقي پيپرپيش ڪرڻ جو اعزاز
حاصل ڪيو آهي.
تازو هن سال ئي ڊاڪٽر لڇاڻيءَ جي ادبي ۽
تنقيدي خدمتن جو قدر ڪندي ڀارت جي مرڪزي ساهيته اڪادميءَ هُن کي شاهه صاحب تي لکيل
ڪتاب ”آڇندي لڄ مران“ تي ادبي اوارڊ سان نوازيو آهي.
”سنڌي ناول جي اوسر“ هُن جو ان
سلسلي ۾ تازه ترين سنڌي ڪتاب آهي، جنهن کي ٽن بابن ۾ ورهائي اول هُن ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي ناول نويسيءَ جا شجري وار تفصيل ڏنا آهن. قليچ بيگ جي اهڙي پهرئين طبح زاد ناول ”زينت“ (۱۸۹۰ع) کان وٺي مکيه ناولن، خاص ڪري ”چوٿ جو چنڊ“ (لالچند امر ڏنو مل)،
ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ جو تاريخي ناول ”نورجهان“، آسانند مامتورا جو پهرئين قسم جو منوگيان تي ٻڌل اهم ناول ”شاعر”“، گلي سدارگاڻيءَ جو ”اتحاد“، نارائڻ داس ڀنڀاڻي جا ٻه ناول ”مالهڻ“ ۽ ”غريبن جو ورثو“ ۽ رام
پنجواڻيءَ جي ناول ”لطيفا“ جو پورو واقعاتي مانڊاڻ، ڪِردارنگاري،
ٻولي ۽ پيشڪش جي تشريح ڪئي آهي.
ورهاڱي بعد جي ڀارت ۾ لکيل سنڌي ناول جي اوائلي ترقي پسند دؤر ۾ سڀ کان گهڻا
ناول لکندڙ هردل عزيز ناول نويس گوبند مالهيءَ جي مکيه ناولن کان وٺي سندري
اُتمچنداڻيءَ جي ٻن اهم ناولن ”ڪرندڙ ديوارون“ ۽ ”پريت پراڻي، ريت نرلي“، ڪلاپرڪاش
(مکيه طور هند سنڌ ۾ لوڪ پر يه ناول نويس) اُن بعد ڀارت ۾ ٻين پيڙهيءَ جي ناول
نويسن ۾ گوورڌن ڀارتيءَ جي هڪ اهم ناول ”سُور جون سئو صورتون“ ( ۱۹۹۱ع) جو خاص ذڪر ڪيو آهي، ذاتي طور منهنجو اهو رايو آهي ته گوورڌن ڀارتيءَ جو
اهو هروجهه ڪلاسڪ ناول گهڻا سال دستخط طور هڪ پبلشر وٽ پيو رهيو، جيڪڏهن اُن وقت
ئي اهو شايع ٿئي ها ته مان ڀانيان ٿو، اسان گو بند مالهيءَ بجاءِ گوورڌن محبوباڻي ڀارتيءَ
کي ناول سمراٽ مڃڻ لاءِ هڪدم تيار ٿيون ها!
جگديش لڇاڻيءَ پنهنجي اِن دستاويزي اوک ڊوک
واري ڪتاب ۾ ٻين پيڙهيءَ جي ڀر ۾ آيل رومانوي ٽهيءَ جي اهم ناول نويس موهن ڪلپنا
جي ناولن جي به پوري قدر شناسي ڪئي آهي، خاص ڪري ”رڃ ۽ ڀاڇا“، ”آواره“،
”جلاوطني“ ۽ ”ماءُ“ جو رومانواد جي پُوري اُصولي وياکيا ڪندي، اُنهن کي پوري تاريخي شناس سان
پيش ڪيو آهي.
جديد سنڌي ناول نويسيءَ ۾ موهن ڪلينا جو
همعصر، سڀ کان گهڻا ناول لکندڙ، مفڪر ناول نويس لعل پشپ جي ناولن جي ناول نويسيءَ ۾ نوان آڻڻ لاءِ خاص جائزو ورتو آهي. لعل
پشپ لاشڪ ڀارت ۾ ئي نه بلڪ سنڌ ۾ به هڪ اهم ۽ لاثاني ناول نويس طور اڀريو
”هڪ سرد ديوار“ ناول کان وٺي ويندي هُن جي آخرين ناول
سيريز (آتم ڪٿا تي بيهاريل ناول سيريز ”حياتيءَ جا حصا“ ( ۲۰۰۲)، ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ (۲۰۰۳)، ”اَلهاس نگر واسي“ ( آگسٽ ۲۰۰۳) ۽ ۴
“ٽمورتي“
(۲۰۰۴) تي قابل تبصري نگار پورن
تفصيلن سان لکيو آهي، ياد هجي ته لعل پشپ کي هُن جي هڪ بهترين جديد ناول ”هُن جي آتم جو موت“ تي
ئي، ۱۹۷۴ع ۾ ساهيته اڪادميءَ جو انعام
مليو هو.
مان هتي اِهو به نوٽ وٺڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان، ته رڳو سندري اُتمچنداڻي ۽ ڪلاپرڪاش جا ناول سنڌ ۾ وري وري پئي ڇپيا آهن،
بلڪ موهن ڪلپنا جي ناولن جا به سنڌ ۾ ايڊيشن آيل آهن ته لعل پشپ، جي انهن اهم
ناولن کي سنڌ ۾ اسان جي
دوست شوڪت شوري گڏي وڏي جلد ۾ شايع ڪرائي، سنڌي ادب ۾ سرحدن جا ليڪا اورانگي وڏو
ادبي ڪارج ڪيو هو.
پنهنجي هن تنقيدي ڪتاب جي آخرين صفحن ۾ ڊاڪٽر
جگديش لڇاڻي بعد جديد ناول نويسيءَ ۾ ڌماڪي سان داخل ٿيندر آنند کيماڻي جي پهرئين ناول ”هڪ شخص جي واسنا“ کان وٺي
هُن جي ٽرالاجي جي: (۱) ”انترياترا“ (۲) ”رشتن جو ڌنڌ“ ۽ (۳) ”اڻ لتاڙيل پيچرا“ ۲۰۰۳ کي ئي ڪو نه سمايو آهي پر هن جي پوين ناولن جو به ذڪر ڪيو آهي.
ايئن به ناهي ته ڊاڪٽر لڇاڻي هيترن سارن سنڌي
ناولن جي (جيڪي هتي ڀارت ۾ ڇپيا آهن) جي سلسليوار رڳو پُوري پئرافريزنگ ڪئي آهي،
بلڪ اُنهن جي گهاڙيٽن ڪردارنگاري، ٻولي ۽ ٽيڪنڪ تي به رائزني ڪئي آهي. خاص ڪري ڪتاب
جي پوين صفحن ۾ هُن نهايت بي باڪيءَ سان، خاص ڪري آنند کيماڻي جي ناولن تي اُگهاڙپ
يا فحاشيءَ جا جيڪي الزام صادر ٿيا تن تي، ٻين اڀياسين جا به رايا ڪوٽ ڪندي خوب
لکيو آهي ۽ پنهنجا تاثرات پيش ڪيا اٿس، جنهن ۾ لڇاڻي صاحب جي اونهي ادبي مطالعي،
تحقيقي سمجهه ۽ بي رواداريءَ جي ساک ملي ٿي.
ناول اڄ هن ايڪويهين صديءَ ۾ دنيا ۾ گهڻو پڙهيو
ويندڙ ۽ عالمي سطح تي مڃتا حاصل ڪيل فارم آهي. ڪٿا يا واقع نگاريءَ جي عناصر سبب
هونئن به ناول پڙهڻ وارن جو تعداد، رڳو وندر لاءِ ئي نه، پر زندگيءَ سان روبرو ۽
دوبدو ٿيڻ جي ناول جي مکيه مقصد ڪري هر دل عزيز شاخ آهي.
۽ اِن ڏس ۾ جگديش لڇاڻيءَ جو هي
ڪتاب، تاريخي توڙي تنقيدي نقطهء نظر
کان گهڻي اهميت رکي ٿو.
منهنجي تقاضا ۽ دلي تمنا اِها آهي ته، هن ڪتاب کي پڙهندي ۽ پُرجهيندي اسين سرحد جي
ٻنهي طرفن جي ادب جا پانڌيئڙا، اهو به غور ڪريون ته سنڌي ناول جي معيار کي برصغير
جي ناول نويسيءَ سان ڪلهو ملائي يا اڃا به عالمي سطح تي اُن کي اوچو کڻي اچڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانو کان سواءِ ٻيو
ڇا ڇا ڪرڻ جڳائي؟ ادبي تنقيد اڻ کُٽ سلسلو آهي: هتي اسان وٽ نه ته سنڌ ۾ جاري
رهندو، وڌندو اهڙي نيڪ اُميد جاڳائڻ جو سَلو هن ڪتاب اسان لاءِ مُهيا ڪيو آهي، اِن ڪري مان اُن جي آجيان ٿو ڪريان ۽ چوان ٿو ته ”سنڌي ناول
جي اوسر“ ان ۾ اهم ۽ يادگار اضافو آهي.
No comments:
Post a Comment