ڊاڪٽرمشتاق ڦل
هڪ نظر عشق جي سرحدن تي بيٺل ليکڪ جون ڪهاڻيون
ماڻهوءَ سان ماڻهوءَ جو رشتو ناتو
ڪيئن ٿو جڙي، اهو به
ڪنهن راز کان گھٽ ناهي. هڪڙا فطري رشتا ٿين ٿا ۽ ٻيا سماجي رشتا. منهنجي تجربي هيٺ
سماجي رشتن سان نڀائڻ ۽ انهن کي مستقل مزاجيءَ سان هلائڻ به ڪنهن هنر کان گھٽ ناهي،
ڇو ته اهي رشتا جن سان ٻالڪپڻ جا ڏينهن گڏ گذريا هجن انهن
جي عادتن ۽ اسلوبن کان ماڻهو واقف ٿيو وڃي پر سماجي رشتن جو پهريون بنياد ڪنهن نه ڪنهن
ڪم ڪار بهاني، ذاتي دلچسپيءَ سبب جڙي ٿو. مان جڏهن سنڌي ادبي سنگت ۾ مرڪزي سطح تي نئون
نئون متحرڪ ٿيو هيم ته سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ ساخ جي دوستن ۽ خاص ڪري چانڊين جو ذڪر گھڻو
ٻڌو هيم ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي تي لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جي چانڊين سرڪش سنڌي، زخمي چانڊيو
۽ سرمد چانڊيو سان ته منهنجو اڻ ڏٺي جو ئي اهڙو ناتو جڙيل هيو جيڪو به ڄڻ ته رت جو
رشتي جهڙو هو. مون کي ياد آهي ته زخمي چانديو جي شهادت تي منهنجي اکين مان لڙڪ ائين
لڙيا هيا جيئن پنهنجي سڳي ڀاءُ شهيد پروفيسر فيض محمد ڦل، عرفان مهدي، سرمد سنڌي، بشير
قريشي ۽ ٻين قومي ڪارڪنن ۽ سڄڻن جي وڇوڙي تي لڙيا هئا. مون سوچيو پئي ته ماءُ جو رشتو،
ڀاءُ جو رشتو، ڀيڻ جو رشتو، پيءَ ۽ پٽ جو رشتو انهن جي لذت بيشڪ انوکي آهي پر علمي،
ادبي، سياسي ۽ سماجي رشتن جي لذت جو به انوکو مزو آهي.