ابورافع
ناميارو ڪهاڻيڪار اخلاق انصاري چوي ٿو: مان اڪيلو واڪُ!
ڪهاڻيڪار جو نوٽ بوڪ، جيڪو پنهنجي اندر ۾ هڪ تخليقي ڪائنات سانڍي ويٺو آهي.
ساڍا ٽي ڏهاڪا اڳ لکيل هن نوٽ بڪ ۾ هڪ ڪهاڻيڪار، ناول نگار
۽ ڪوتاڪار موجود آهي، جنهن جون تخليقون يادگيريون، سفر عشق، ڀوڳ ۽ غصو گڏوگڏ هڪ برادريءَ وانگر رهيل آهن ۽ هڪٻئي سان دوستاڻو وهنوار ڪري رهيا آهن.
اهڙا تجربا جيتوڻيڪ سنڌي ادب ۾ ٿيا آهن پر
اهي ٻين ڪيترن ئي قصن، ڪهاڻين، نظرين ۽ احوالن تي ٻڌل آهن، جڏهن ته هن نوٽ بوڪ جو وڏو
حصو اهڙين احساساتي تصويرن تي ٻڌل آهي، جيڪي پڙهڻ کان پوءِ شخص کي گهڻو گهڻو ويچارڻ
ڏانهن، ماڻڻ ڏانهن يا ڀوڳڻ ڏانهن وٺي وڃن ٿيون.
هن ڪتاب (نوٽ بوڪ) جو نالو آهي ”مان اڪيلو اواڪُ“.
نهايت تخليقي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اخلاق انصاريءَ جو هيءَ نوٽ بوڪ، سنڌي ادب
۾ تخليقي سطح تي ياد ڪيو ويندو، جيڪڏهن ان کي ويچاريندڙ ۽ محسوسيندڙ ڪجهه پڙهندڙ ملي
ويا ته؟ جيڪي ڪتاب سفر کٽائڻ يا وقت ٽپائڻ لاءِ پڙهيا ويندا آهن هي ڪتاب انهن مان نه
آهي.
سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل جي روم نمبر 49 ۾ لکيل هن نوٽ بوڪ ۾ ان وقت
جي سنڌ يونيورسٽي ساھ کڻي ٿي، ان وقت جو ماحول سفر ڪري ٿو، ان وقت جي سياسي ڌارا ٿڌو
ساھ ڀارئي ٿي ۽ دوستن جا هڪ ٻئي سان رشتا ۽ محبتون ان وقت ڏسڻ لاءِ سڪائن ٿا، گهڻي
ڀاڱي نه وقت اهو رهيو آهي نه سنڌ يونيورسٽي اها رهي آهي، نه سنڌ جو ادبي ماحول اهڙو اُتساھ ڏيندڙ رهيو آهي ۽ نه سنڌ جي سياست اهڙي آبرودار
رهي آهي. جنهن جا عڪس هن ڪهاڻيڪار جي نوٽ بوڪ ۾ شامل آهن. اڄ ته اها سنڌ يونيورستي
به نه آهي جيڪا سچ پچ عظيم درسگاھ هئي، هاڻ ته اُن، درسگاهن جي بجاءِ وسيع قبرستان
بڻجڻ شروع ڪيو آهي، هن نوٽ بوڪ ۾ قلمبند ٿيل يونيورسٽي اها نه آهي، اڄ ان ۾ نه عمر
بورچي آهي، نه آتش سنڌي! نه احسان ميمڻ آهي ۽ نه اهي شاگرد آهن، جن هڪ کان وڌيڪ نسلن
کي نه رڳو پڙهڻ جو اتساھ ڏنو پر انهن کي لکڻ جو اتساھ به ڏنو.
ڪيتريون ئي يادگيريون آهن هن نوٽ ۾، جيڪي اخلاق انصاريءَ جي تخليقي لکڻيءَ معرفت اسان وٽ اڄ جي پڙهندڙن وٽ پهتيون
آهن جيڪي پڙهڻ جهڙيون ته آهن ئي، پر اهي کلائڻ جهڙيون به آهن ته روئارڻ جهڙيون به! ڇاڪاڻ ته اهي، لکيل ته آهن
پر اهي اهڙن احساسن جا عڪس آهن جيڪي فقط محسوس ڪبا آهن، هر ليکڪ جي لکڻ جي وس جا نه
هوندا آهن.
اخلاق انصاريءَ جي هن نوٽ بوڪ ”مان اڪيلو اواڪ“
۾ خاص طور ادب جي ان ٽهيءَ جا ڪيترائي واقعا آهن، جنهن ٽهيءَ مان اڪثريت اسان وٽ نه
رهي آهي. هيءَ ڊائري پڙهي انهن سڀني جا چهرا اکين اڳيان اچي وڃن ٿا.
سنڌيءَ ۾ هن قسم جي نوٽ بوڪن جو رواج نه رهيو آهي، جيتوڻيڪ يادگيرين نما ڪيتريون
ئي ڊائريون توڻي نوٽ بوڪ سنڌيءَ ۾ موجود آهن پر تخليقي سطح تي هيءَ نوٽ بوڪ گهڻو مٿي
اڀري آيو آهي. جيڪ ظاهر آهي لکندڙ جو پنهنجو احساس اظهار اسٽائيل آهي،
جيڪو گهڻيو الڳ ٿلڳ آهي اخلاق انصاريءَ جي ٻين لکڻين جيان.
هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون
لاءِ حيرت جي ڳالهه رڳو اها نه آهي ته هڪ ئي وقت، هڪ ئي روم ۾ ٽي ڀائر پارٽنر ٿي زندگيءَ
جو چڱو عرصو رهيا آهن، پوءِ به اڄ تائين سندن هڪٻئي سان ڏتر سوان آهن، سنڌ ۾ اهو شايد
پهريون مثال آهي، ان کان وڌيڪ ٻڌيءَ جو مثال هن ڪتاب ۾ اهو به ملندو ته اخلاق انصاريءَ
کان جيڪي ڳالهيون لکڻ کان رهجي ويون آهن اهي، سندس ننڍي ڀاءُ ۽ اسان جي پياري دوست اسحاق انصاريءَ لکيون آهن،
جن جو پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ آهي. سچ ته اهو آهي ته اسحاق کي به
پنهنجي ڍنگ سان ان دور جون يادگيريون لکڻ گهرجن.
اخلاق انصاري جا ٽهڪ ته هن ڪتاب ۾ آهن ئي پر هن جا ڳوڙها سندس هڪ هڪ سٽ مان محسوس ٿي رهيا آهن. شايد ڏک کي ئي دائمي
اهميت آهي. انصاري ڀائرن جا ڏک سک ۽ سندن عظيم والد سائين انيس انصاريءَ جو ساڻن رويو
اهڙو جهڙو دوستن سان هوندو آهي. سچ پچ هو هن ڪتاب ۾ دوست ئي آهن. ۽ ڪٿي ڪٿي ڪجهه ناٽڪي به!
گهڻي وقت کان پوءِ سنڌي
ادب ۾ ڪو ماڻڻ جهڙو ڪتاب ڇپيو آهي. وضاحت وري به شايد ضروري آهي ته هيءَ ڪتاب هر پڙهندڙ
لاءِ نه آهي. ڪن ڪن ڪتابن جا پڙهندڙ خاص ٿيندا آهن. هونئن هر پڙهندڙ خاص ٿيندو آهي.
پر ھر پڙهندڙ جو مزاج، ويچار خاص نه ٿيندو آهي.
”مان اڪيلو اواڪ“ ۾ آيل يادگيرين
جي وضاحت ڪجهه تفصيلي، ڀاءُ مدد علي سنڌي، پيارو نصير مرزا ۽ اسحاق انصاري به پنهنجي
ڪتاب بابت تاثرن ۾ ڏيئي ويا آهن. هڪ اهڙو تاثر
جنهن جو اڄ واري سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪو به نالو نشان نه آهي. ڪتاب ۾ جيڪو موجود آهي
اهو پنجٽيهه سال اڳ تڏهن هئو، جڏهن اخلاق انصاري ۽ سندس دوست اتي موجود هئا، جن جو
ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ساڳي وقت عشق به اُتي موجود هئو ته انقلاب به اتي موجود هئو. ان ڪري ڪتاب پڙهڻ وقت اهو خيال
۾ آڻڻ تمام ضروري آهي، ڪتاب کي ماڻڻ جي لاءِ اهو ضروري آهي هيءُ پنهنجي نوعيت جو ڪتاب آهي جنهن ۾ ٽي سئو چار صفحا آهن، هڪ املهه ڪتاب جو مارڪيٽ جو ملهه ٽي
سئو روپيا آهي. ڪنول پبلڪيشن جي کاتي ۾ هڪ اهم ڪتاب جو اعزاز ۽ پڙهندڙن لاءِ هڪ بيحد
اهم ۽ سنڌي ادب ۾ ياد رکڻ جهڙو ڪتاب ”مان اڪيلو اواڪُ“ ائين
چوي ٿو ته اسان جو محبوب
ليکڪ دوست اخلاق انصاري ۽ ساڻس مددگار آهي، اسحاق انصاري، ان ڪري مون کي اهو چوڻ ۾ تڪسين ايندي ته انصاري يڪجهتي زنده آباد ۽ بس!
No comments:
Post a Comment