تبصرو: حسيب ڪانهيو (Haseeb Kanhyo)
هيڻن جو الله
The God Of Small
Things
ليکڪه: ارونڌتي راءِ
مترجم: منور سراج
جيڪڏهن هينئر تائين
اوهان ارونڌتي راءِ جو هي ناول نه پڙهيو آهي ته ممڪن آهي ته اوهان هن جي مشهوري
مان اهو اندازو لڳائيندا ته شايد انهي ناول جي ڪهاڻي بنهه نئين ۽ ڪمال جي هوندي يا
اوهان سمجهندا هوندا ته ليکڪه شايد ڪو اڻ ڇهيل موضوع کنيو هوندو يا اوهان اهو
اندازو لڳائيندا ته شايد هن ناول جي ترتيت يا اسلوب ڏاڍو خوبصورت هوندو. پر سائين
منهنجا هن ناول ۾ اهڙو ڪجهه به ڪونهي. هن ناول جي جهلڪ اوهان ڏسڻ چاهيو ٿا ته ليکڪه
جو پنهنجو حُليو ئي ڏسي وٺو.
هن ناول جي حالت سندس وارن جهڙي ئي بي ترتيب آهي، هن ناول جا باب به سندس شرٽ جي بٽڻن
جيان هيٺ مٿي ٿيل آهن ۽ هن ناول جي ڪهاڻي به هن جي چهري جهڙي آهي، بس نارمل.
هڪڙي هئي اموءِ، جيڪا
ميناچل ندي جي ڪناري آباد هڪ وسندي ۾ مماچيءَ ۽ پپاچيءَ جي گهر ۾ رهندي هئي. هن جي
شادي پنهنجي مڙس سان هلي نه سگهي هئي سو اها پنهنجي والدين وٽ رهندي هئي. هن کي ٻه
جاڙا ٻار آهن، راهُل ۽ ايسٿا. هن جو هڪڙو ڀاءَ آهي چيڪو، جنهن آڪسفورڊ ۾ هڪڙي انگريزڻ
مارگريٽ ڪوماچا سان شادي ڪئي پر اها به شادي هلي نه سگهي، کيس هڪڙي ڌيءُ هئي صوفي
مول. چيڪو پنهنجي زال ۽ ڌيءُ کي مسٽر جو حوالي ڪري پاڻ واپس ڀارت هليو آيو. هن
خاندان جي هڪڙي سانڌاڻن جي فيڪٽري هئي جنهن تي مزدور ڪم ڪندا هئا. انهن مزدورن ۾ هڪڙو
غيرمعمولي هنرمند ۽ چمڪندڙ جسم رکندڙ ويليوٿا به هو. ويليوٿا پنهنجي پوڙهي پيءُ ۽
معذور ڀاءُ سان گڏ ندي جي ٻئي پار رهندو هو. هي ڪهاڻي اموء ۽ ويليوٿا جي پريم ڪهاڻي
آهي پر جيئن ته ويليوٿا نيچ ذات جو شودر مليڇ آهي سو هنن جي محبت جو نه ڪو مستقبل
هوندو آهي ۽ نه ئي ڪا منزل. هُو فقط ’سڀاڻي‘
جي ملڻ جو واعدو ڪري روز رات جو پرهه ڦٽڻ کان اڳ ندي ڪناري هڪٻئي کان جدا ٿيندا
آهن. مسٽر جو جي اوچتي موت تي مارگريٽ صوفي مول جي دل ڌتارڻ خاطر ڀارت سندس پيءُ وٽ
ايندي آهي پر اتي رهندو صوفي مول ندي ۾ ٻُڏي مري ويندي آهي ۽ مارگريٽ روئيندي پِٽيندي
واپس هلي ويندي آهي. اموءَ ۽ ويليوٿا جي پريم ڪهاڻي جو انت اهو ٿيندو آهي جو ڳالهه
هُلڻ تي ممڻ مچندو آهي ته هڪ اوچي ذات واري ڇوڪري هڪڙي گهٽ ذات واري مليڇ سان ڪيئن
ٿي راتيون رنگين ڪري! نيٺ ڪوٽايام جي ڪوڙي پوليس کيس ڪوڙي ڪيس ۾ قيد ڪري تشدد
وسيلي ماري ٿي ڇڏي ۽ اموءَ اهو شهر ڇڏي ٿي وڃي. اموءَ جو موت هڪ ريلوي اسٽيشن جي
مسافر خاني ۾ ٿئي ٿو. ايسٿا کي پيءُ ڏانهن موڪليو وڃي ٿو ۽ راهل اتي ئي رهجي ٿي وڃي.
انياءُ اهو به آهي جو مماچي پنهنجي زال بنا وري پُٽ چيڪو جي جنسي ضرروتن جي پورائي
جي لاءِ سندس ڪمري ۾ هڪ الڳ سان لڪل دروازو به ٺهرائي ٿي پر پنهنجي بنا مُڙس واري ڌيءُ
اموءَ جي ويليوٿا سان پيار تي پڄري ٿي پوي. ان کان علاوه هن ناول ۾ نام نهاد
سوشلسٽ ڪامريڊ پلائي ۽ بدنام پوليس آفيسر ميٿيو ٿامس جا به ڪردار ۽ ڪي ٻيا به شامل
آهن.
ڪهاڻي اها ئي آهي جيڪا مٿي هڪڙي
پيراگراف ۾ بيان ڪئي وئي آهي، پر هن ناول کي بڪر پرائز جهڙو انعام ان ڪري مليو آهي جو هن
اها ڪهاڻي 340 صفحن (سنڌي ترجمي ۾ 320 صفحن) تي اهڙي ته خوبصورت بي ترتيبي سان پيش ڪئي
آهي جو ناول پڙهندڙ کي وڻ ويڙهي جيان ويڙهي ٿو ڇڏي. هن ناول ۾ ليکڪه نه رڳو محبت،
درد ۽ معصوميت جي جذبن جي گهِراين کي ڇهيو آهي پر بيحسي، بدمعاشي ۽ مفادپرستي جي
وحشتن کي پُڻ اگهاڙو ڪيو آهي. هن ناول ۾ رڳو ٻن پريمين نه پر ٻن ڀاءُ ڀيڻ جي محبت ڪٿا
شامل آهي، راهُل ۽ ايسٿا جي محبت!
هي ناول لکي ارونڌتي
راءِ اهو دليل ڏنو آهي ته، رڳو ترتيب ۾ حُسن نه هوندو آهي. بي ترتيبي جو به پنهنجو
حُسن ٿيندو آهي، بنا ڦڻي جي گهنڊيدار وارن جو حُسن! هيٺ مٿي ٿيل شرٽ جي بٽڻن جو
حُسن! آڪاس ۾ بي ترتيب وکريل ستارن جو حُسن!
بهرحال، هي ناول پڙهندي
آئون ارونڌتي راءِ سان ان جاءِ تي ڏاڍو ڪاوڙيو هئس، جتي پوليس آفيسر ميٿيو ٿامس،
ننڍڙي ايسٿا کي قيدخاني جي ڪال ڪوٺڙي ۾ وٺي وڃي ٿو ۽ اتي هُو زخمي ويليوٿا کي مرڻينگ
حالت ۾ ڏسي بيبي ڪوماچا جو رٽايل جواب ’هائو‘ ئي ورجائي ٿو. آئون ڪيتري دير تائين اتي رڪجي ’نه نه نه!‘ ڪندو رهيو هئس.
خير، هن ناول جا
شروعاتي ٻه چار باب منجهائيندڙ محسوس ٿيندا آهن، پر جڏهن ڪهاڻي سمجهه ۾ ڌاڳي جو هڪڙو
ڇيڙهو هٿ ۾ اچي ويندو آهي ته پوءِ ڏاڍو لطف اچڻ لڳندو آهي.
ارونڌتي اسڪرپ رائٽر
هئي ۽ کيس اندازو ئي نه هو ته هن ڪتاب جي اچڻ سان سندس لاٽري کلي ويندي جو دنيا ڀر
جا پبلشر ساڻس رابطو ڪندا ۽ مٿس پئسن جي برسات ٿي ويندي.
هن ناول جي آخري
باب تي اخلاق بگاڙڻ جو الزام به لڳو هو جنهن جو ڪيس سيشن عدالت ۾ داخل ٿيو هو.
هي ناول 1997ع ۾
شايع ٿيو ۽ سال 1997ع جي ستن وڏن واقعن ۾ به شمار ٿيو.
سنڌيڪا اڪيڊميءَ هي ڪتاب تڙ تڪڙ ۾ شايع ڪري ناانصافي ڪئي
آهي جو پروف جون ايتريون ته غلطيون آهن جو افسوس ٿو ٿئي! ان کان علاوه مترجم جو
ترجمو به اوپرائپ جو احساس ڏياري ٿو. ترجمي جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي
ٿو ته هن ڪتاب جي شروعات ۾ ئي عبدالقادر جوڻيجو صاحب جو ڪاوش ۾ ڇپيل ليک به لڳايو
ويو آهي جيڪو شروع ئي ناول مان کنيل ڪن پيرائن سان ٿئي ٿو ته عبدالقادر جوڻيجو ۽
منور سراج جي ترجمي ۾ به فرق محسوس ٿئي ٿو. جوڻيجي جو پهريون پيراگراف ڪتاب جي صفحي نمبر 27 تي ڏنل آهي، پر وري به منورسراج جا لک ٿورا جو هن اهڙو
بهترين ناول ترجمو ڪري پڙهڻ لاءِ ڏنو.
فياض چنڊ ڪليري
صاحب جو تاثر شامل آهي پر حيرت آهي جو ان سموري تاثر ۾ هن شاندار ناول جي حوالي
سان فقط آخري ٻه جملا آهن ۽ بس، باقي سموري تاثر ۾ ڪليري صاحب مترجم سان سندس
واسطي، هن جي طبيعت ۽ سندس تخليقي ڪم تي لکيو آهي.
خير، انهن سڀني ڳالهين
کي ڇڏي به هي ناول سونَ سريکو آهي. هر فرد کي پڙهڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ سنڌي نوجوانن کي ضرور، جيڪي
ناول لکڻ ٿا چاهين.
ناول مان ٽڪرا
• (ٿاڻي ۾ هڪ
پوليس آفيسر) ... ۽ پوءِ ڇڙيءَ سان اموءَ جي بُبن کي ڇهڻ لڳو. آهستي آهستي، ڄڻ ٽوڪريءَ مان
انب چونڊيندو هجي ۽ اندازو ڪندو هجي ته ڪهڙو انب خريد ڪجي ڪهڙو نه (پوليس کي اهڙي
چونڊ جو حق هوندو آهي). سندس پٺيان هڪ ڳاڙهو نيرو بورڊ لڳل هو جنهن تي لکيل هو پوليس POLICE جو مطلب؛
فضيلت Politeness
فرمانبرداري Obedience
وفاداري Loyalty
ذهانت Intelligence
لحاظ Courtesy
قابليت Efficiency
• هن تي اهو
الزام (بلڪل سچو) لڳايو ويو هو ته هوءَ درن جي پٺيان لڪي ٻين ڇوڪرين سان ڄاڻي واڻي پنهنجو جسم گسائي ٿي. جڏهن
پرنسپل کائنس پڇاڻو ڪيو ته آيا هوءَ اهڙو رويو رکي ٿي (ڪنهن جي پرھلائڻ جي ڪري ، زوريءَ يا
بک جي ڪري) ته هن نيٺ ٻڌايو ته ”مان ائين ان لاءِ ڪندي آهيان ته جيئن مون کي خبر پئي ته ڇا ڪنهن جي جسم سا گسائڻ ڪري ارهن ۾ سور ٿندو
آهي يا نه؟ انهيءِ عيسائي اداري ۾ ارهن جي وجود جي ڪا قبوليت نه هئي انهن جي وجود
جي ڪا ڳالهه ٻڌڻ جوڳي نه هئي. جڏهن انهن جي ’هئڻ‘
کان ئي انڪار هو ته پوءِ انهن ۾ ايذاءُ محسوس ٿيڻ ڇا ڇو؟!
• مرليڌرن بلڪل
الف اگهاڙو هو سواءِ ان ڊگهي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءِ جي جيڪا ڪنهن ماڻهو سندس مٿي ۾ اڇي
اجري بورچي جي ٽوپي جيان پائي ڇڏي هئي. کيس ٻيو ڪجهه به پاتل به هو. جنهن مان هو
لئنڊ اسڪيپ جو منظر ڌنڌلو، پر بنا ڪنهن خلل جي ڏسي پئي سگهيو. هو چاهيندي به اها ٽوپي هٽائي نه پئي سگهيو
ڇاڪاڻ جو هن کي ٻانهون نه هيون، سندس ٻئي ٻانهون سنگاپور ۾ 1942ع ۾ تڏهن ڪٽجي ويون هيون جڏهن هو
گهران ڀڄي اچي انڊين نيشنل آرمي جي ويڙهاڪ جٿي ۾ شامل ٿيو هو ۽ جنگ دوران فقط هڪ
هفتي جي اندر سندس ٻانهون ڪٽجي ويون. ملڪ جي آزاديءِ کان پوءِ هن پنهنجو اندراج
گريڊ ون ۾ فريڊم فائيٽر طور ڪرايو جنهنڪري کيس سڄي زندگيءَ لاءِ مفت ريل جي فرسٽ ڪلاس پاس ڏني وئي پر
اها پاس به هن کان (سندس دماغ جيان) وڃائجي وئي تنهنڪري هو گهڻو وقت ريل گاڏين ۾ ۽ ريلوي
پليٽ فارمن جي پرسڪون کاڌي پيتي وارن ڪمرن ۾ نه رهي سگهيو. مرليڌرن جو ڪو به نه
هو، وٽس تالو لڳائڻ لاءِ ڪوئي در نه هو، پر هن وٽ پراڻين ڪنجين جو هڪ چمڪندڙر ڇڳو
ضرور هو جيڪو ڏاڍي خبرداري سان سندس چيلهه سان ٻڌل هو. سندس دماغ ڪجهه خواهشن جي ڪٻٽن
سان ڀريل هو ۽ هو لڪل آرزوئن جي مونجهاري ۾ ورتل هو.
سندس خيالي خواهشن
جي ڪل موڙي فقط هڪ وڄندڙ گهڙيال، هارن واري ڳاڙهي ڪار، وهنجڻ لاءِ هڪ ڳاڙهو مگ، هڪ
هيرن جواهرن ۾ جنجهيل سهڻي زال، اهم ڪاغذن واري هڪ بيگ، هڪ آفيس کان گهر ڏانهن موٽڻ واري هلڻي،
هڪ I am sorry ۽ پنهنجن ننڍڙن
ٻارڙن لاءِ پٽاٽا چپسن جي فقط هڪ ٿيلهي هئي!
هن هزارين ڀيرا گاڏين
کي ايندي ۽ ويندي ڏٺو ۽ هزارين ڀيرا پنهنجون ڪنجون ڳڻيون، هن پنهنجي ملڪن جي حڪمرانن
۽ حڪومتن جا سج اڀرندي ۽ لهندي ڏٺا ۽ ايترا ئي ڀيرا هن پنهنجون ڪنجون ڳڻيون هن وڏين ڪارن
جي درين وٽان لنگهندڙ سنگهه ڳاڙيندڙ ميرڙا ٻار ڏٺا! بي گهر، بيوس، بيمار، ننڍڙا ۽
گهر مان وڃايل ڇوڪرا به ڏٺا هئا جيڪي سڀ سندس ماضيءِ جي يادگيرين جي دريءَ وٽ قطار ڪيو بيٺا هئا. هو اڃا پنهنجون ڪنجون
ڳڻي رهيو هو، هن کي پنهنجي چرپڻ جي ڪري اها پڪي خبر ۽ ان ڳالهه جي ڄاڻ نه هئي ته کيس ڪهڙو ڪٻٽ
کولڻ گهرجي ۽ ڪهڙي وقت تي کولڻ گهرجي. هو ڪيترن سالن کان ان پٿر تي ميرن ۽ اڻڀن وارن ۽ درين
جهڙن نيڻن سان ويٺو هو ۽ فقط ان تي خوش هو ته ڪجهه وقت لاءِ پري تائين ڪجهه نه ڪجهه
ڏسي پئي سگهيو. پنهنجون ڪنجون ڳڻي پئي سگهيو ۽ چيڪ ڪري پئي سگهيو.
• هن کي وليوٿا
سڏيو ويندو هو. ملايالم ۾ وليوٿا جو مطلب هو ڀورو. ڇاڪاڻ ته هو تمام ڪارو هو شايد ان ڪري ئي سندس نالو
اهو رکيو ويو هو. سندس پيءَ ويليا پاپين هڪ شودر هو جيڪو ڪڏهن ڪڏهن کجين جي ڳڀ کي
چير ڏئي، انهيءِ مان ’تاڙي‘
ڪڍندو هو. جيڪا پاڻ پيئو ٽن لڳو وتندو هو، هن جي اهڪ اک
شيشي جي هئي.... هڪ دفعي هو گرينائيٽ جو هڪ بلاڪ مترڪي سان تيار ڪري رهيو هو جو هڪ
ڇيت اُڏي وڃي سندس کاٻي اک ۾ پئي ۽ بنهه اندر گهڙي وئي جنهن جي ڪري سندس اها اک صفا
چلهه ٿي وئي هئي. ننڍڙي هوندي وليوٿا پنهنجي پيءُ ويلياپاپين سان گڏجي ايمينيئم
واري گهر جي پوئين در مان اندر وڻن مان پٽيل ناريل گڏ ڪرڻ لاءِ ايندو هو. پپاچي تمام سخت
طبيعت وارو ماڻهو هو، هو شودرن کي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندو هو. هنن کي
انهن شين کي ڇهڻ جي اجازت نه هوندي هئي جن کي اڻ اڇوت يا اوچي ذات وارا ڇهندا آهن،
هڪ لڱا مماچي ايسٿا ۽ راهل لکي ٻڌايو ته کيس اهو وقت به ياد آهي جڏهن شودرن کي پٺئين
پاسي رڙهندي ٻهاري سان پنهنجن ئي پيرن جا نشان ڊاهڻا پوندا هئا ته جيئن برهمڻ ۽
شامي عيسائي بي خياليءِ ۾ پنهنجا پير شودرن جي پيرن جي نشانن تي رکي پنهنجي پاڻ کي
پليد نه ڪري وجهن. مماچي واري دور ۾ شودر ٻين گهٽ ذات وارن مليڇن جيان عام روڊن تي
نه هلي سگهندا هئا. کين پاڻ سان ڇانو ڇٽي کڻڻ جي به اجازت نه هوندي هئي، ڳالهائڻ
وقت کين پنهنجو هٿ وات تي رکڻو پوندو هو ته جيئن پنهنجو گندو ساهه انهن اعلى ذات
وارن کان پري رکن جن سان هو ڳالهائي رهيا هوندا هئا. جڏهن برطانوي مالابار آيا تڏهن
ڪيترا ئي شودر (ٻين گهڻن ماڻهن سان گڏوگڏ وليوٿا جو ڏاڏو ڪيلان) عيسائيت ۾ داخل ٿيا
۽ انگريزن جي چرچ ۾ شموليت حاصل ڪيائون ته جيئن ’اڇوتپڻي‘ جي لعنت کان بچي سگهن، کين هر هنڌ ۽ هر محڪمي
۾ ٻين کان گهٽ ماني ڏني ويندي هئي، هو ’سارين وارا عيسائي‘ جي حوالي طور سڃاتا ويندا هئا، پنهنجو مذهب
بدلائڻ کان پوءِ کين اهو سمجهڻ ۾ گهڻي دير نه لڳي ته مذهب بدلائي دراصل اسان فرائي
پان ۾ پوڻ بجاءِ سڌو باهه ۾ ٽپ ڏنو آهي. عيسائي ٿيڻ جي باوجود عام عيسائين بجاءِ کين جدا چرچ،
جدا پادري عليحده مذهبي رسمون ادا ڪرڻيون پيون. مخصوص حمايت طور موراڳهين کين
پنهنجو جدا بشپ به مهيا ڪيو ويو.
آزاديءِ کان پوءِ
کين پتو پيو ته هو ڪنهن به حڪومتي فائدي جا حقدار نه رهيا هئا، مثال طور بينڪن
طرفان گهٽ وياج وارن قرضن توڙي سرڪاري نوڪرين کان کين وانجهيل رکيو ويو، ڇاڪاڻ ته
سرڪاري طور تي ڪاغذن ۾ هو عيسائي ڏيکاريل هئا، تنهنڪري ’بي ذات‘ هئا. بس هاڻي ٻهاري سان پنهنجي پيرن جا
نشان ٻهارڻ کان معاملو ٿورڙو مختلف هو يعني هاڻي کين ٻهاري بنا پنهنجي پيرن جا
نشان ڊاهڻا پئجي ويا هئا.
• واش بيسن
جا نلڪا اسٽيل جا هئا. جن تي زنگ جا نشان لڳل هئا ۽ ان ۾ گهاٽن وارن جهڙا ڪيترائي ڦڏا
۽ منڌل چير هئا جيڪي ڪنهن ڳتيل آباديء واري شهر جي نقشي وانگر ڏسجي رهيا هئا.
• هوٽل وارن
مهمانن کي اهو ٻڌائڻ ۾ فخر ٿي محسوس ڪيو ته هي پراڻو ڪاٺ جو گهر جنهن ۾ هڪ سال جو
فوج جي کاڌي جو سامان رکڻ جي گنجائش موجود آهي، ڪامريڊ اي، ايم اي، اس نامبودريپد
جو اباڻو گهر هو، هي اهوئي نامبودريپد هو جيڪو شخص سندن خيال ۾ ’ڪيرالا جو مائوزيتنگ‘ هو، ان جي اباڻي گهر سان گڏ آيل فرنيچر جو
سامان به هوٽل جي استعمال هيٺ هو، جنهن ۾ هڪ ڦاٽل ڇانو ڇٽي، هڪ پراڻو ڪوچ، هڪ
ڪاٺ جي ٺهيل ڏاج جي صندوق جن تي ڪجهه عجيب قسم جا ليبل لڳل هئا شامل هئا، جيئن
روايتي ڇانوَ ڇٽي Traditional Umbrella * روايتي ڏاج جي صندوق Traditional dowry box. اهڙي طرح ادب ۽ تاريخ جو ڪجهه ڪچرو پڻ ان گهر ۾ موجود هو، ان هوٽل جو اهڙو
ماحول هو جو ائين پئي لڳو ڄڻ ڪارل مارڪس ۽ ڪرٽز هوٽل جا بيرا بڻجي هٿ هٿ ۾ ملائي ٻيڙين
ما لهندڙ امير مهمانن جو سواگت ڪري رهيا هئا.
• سندس پير
کيس ايئن زوري ندي ڏانهن ڇڪڻ لڳا ڄڻ سندس پير ڪا ڏوري هئا ۽ هو خود ڪو ننڍڙرو گلر
هو.
• ... هو ڪار جي شيشي مان ان منظر کي فلمبند ڪندڙ ڪئميرا
ڏانهن نهاري رڙيون ڪري رهيو هو. ”مان هينئر ته فقط پندرهن سالن جو آهيان جيڪڏهن مون کي به
سٺي تربيت ۽ تعليم ملي ها ته مان جهڙو هينئر آهيان، ان کان ضرور بهتر هجان ها. پر مان اهڙو نه ٿي سگهيو آهيان،.
توهان منهنجي درد ڪهاڻي ڇو نه ٿا ٻڌڻ چاهيو؟!“ پوءِ هن ٿُڪ جو هڪ ميزائل ڪئمرا جي لينس تي هنيو جيڪو
ريڳاڙيون ڪري هيٺ وهڻ لڳو.
***
No comments:
Post a Comment