30/07/2019

ڄيٺي لالواڻيءَ بابت روشن گولاڻيءَ جي تحقيق جو تنقيدي جائزو - پروفيسر محمد سليم ميمڻ (Prof Saleem Memon)


پروفيسر محمد سليم ميمڻ
ڄيٺي لالواڻيءَ بابت روشن گولاڻيءَ جي تحقيق جو تنقيدي جائزو
(ڪتاب بابت رايو)
هند سنڌ ۾، علم ادب، تحقيق، لوڪ ادب ۽ ناٽڪ جي حوالي سان سٺي ساک رکندڙ ”ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻي جي زندگي، علمي ادبي جاکوڙ، لوڪ ادب، ٻاراڻي ادب“ بابت هڪ تحقيقي ۽ جامع ڪتاب سامهون آهي. دراصل اهو هڪ پي ايڇ ڊي جو مقالو آهي، جيڪو ڊاڪٽر روشن گولاڻي صاحب جي تحقيق جو ثمر آهي.

ڊاڪٽر روشن پنهنجي ليکي هڪ نوجوان ليکڪ، سٺو فنڪار، مترجم، ڪالم نگار ۽ سماجي ڪارڪن آهي. هن هندستان جي ڪيترن ئي سنڌي ساهتيه اڪيڊمين پاران ڪوٺايل سيمينارن ۾ پنهنجا تحقيقي مقالا پڙهيا آهن، جن کي وقت جي وڏن عالمن ۽ محققن پاران مڃتا ملندي رهي آهي ته ساڳئي وقت مختلف ادارن پاران کيس ستن اهم  ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آهي، جنهن ۾ ”ماستر چندر ايوارڊ 2012ع“ پڻ شامل آهي.

فياض ڏاهريءَ جي شعري مجموعي ”هينگ اوور“ جو مهاڳ - ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري (Dr Mubarak Lashari)


ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري

فياض ڏاهريءَ جي شعري مجموعي ”هئنگ اوور“ جو مهاڳ

1982ع ۾ زاڪ ڊيريڊا کان هڪڙي انٽرويو ڪندڙ پڇيو ته ”اوهان جي فلسفي ۾ ماءُ ڪير آهي؟“ ڇو ته زاڪ ڊيريڊا رد تشڪيل يا جديديت پڄاڻان واري فلسفي واري لاڙي جو سڀ کان منفرد ۽ انوکو فلسفي رهيو آهي، جنهن پنهنجي ساختيات پڄاڻان واري لاڙي ۾ رد تشڪيل جي ٽيڪنيڪ تحت ڳالهين، ڊسڪورس ۽ شين جو رد تشڪيل يعني خيال جا ٻيا ڪيترائي لڪل رخ پيش ڪري، سوچڻ ۽ فڪر جا انتهائي نوان ۽ اڻ ڇهيل زاويا ڏنا آهن. انهن زاوين سبب سموري دنيا جي ڊسڪورس جو محور ئي تبديل ٿي ويو آهي. ڄڻ ته روايتي طرح جيڪڏهن سج اوڀر کان اڀري رهيو هو ته بنهه گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته اهو سج اولهه، ڏکڻ يا اتر کان به اڀري سگهي ٿو. هي اُهو زاويو هو جيڪو ماڻهو صرف روايتي طرح رهي رهي ٻيو رخ ڀلجي ويا هئا ڄڻ ته انهن کي (رد تشڪيل ذريعي) نئين انداز ۾ سوچڻ جو رينائسان يعني نئين جاڳرتا ملي هجي. بيشڪ ته رد تشڪيل، پوسٽ ماڊرنزم ۽ ساختيات پڄاڻان سوچ ۽ فڪر جا هڪڙا نوان رينائيسان Renaissance  يعني نئين جاڳرتا جا پنڌ آهن.

26/07/2019

ڪتاب ”وقت بيهي نٿو...“ ــــــ هڪَ درد-ڪٿا - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

رياضت ٻرڙو
محمد علي پٺاڻ جو ’طويل نظم‘ تي مشتمل ڪتاب
”وقت بيهي نٿو...“ ــــــ هڪَ درد-ڪٿا 

هن جو قلمي سفر ته گذريل 44 سالن تي پکڙيل آهي، پر ان سفر ۾ صدين جون ڳالهيون ۽ واقعا آندل آهن. انهن صدين مان ڪي صديون گذري ويون آهن ۽ ڪي اڃا گذرڻيون آهن: ڇاڪاڻ ته وقتُ نه اڳُ ڪڏهن بيٺو آهي، نه آئنده ڪڏهن بيهڻو آهي ۽ نه ئي هلندڙ ٽاڻي بيٺل آهي. اها وقت جي خوبي به آهي ته خامي به، ته وقت کي بيهڻو آهي ئي نه!؟ جيڪڏهن وقت بيهجي ويو، ته ڪائنات ڪيئن هلندي؟ اها به بيهجي ويندي! شايد اُهو ئي سندس انجام هجي!
پر، ڇا سائنسي طور اهو ممڪن آهي، ته ڪائنات، يعني مادو ۽ توانائي بيٺل ۽ ڄميل هجن ۽ وقت هلندو هلي؟ اهو اڃا تائين ته ناممڪن آهي، ڇاڪاڻ ته مادي ۽ توانائيءَ جو مسلسل چرپر ۾ هجڻ ئي، اصل ۾ سندن وجود جو بقاءُ آهي، ۽ انهن جي چرپر منجهان ئي وقتُ پنهنجي موجودگيءَ کي محسوس ڪرائي ٿو. دنيا جا ٻه وڏا ڏاها انسان ۽ سائنسدانَ، ارسطو ۽ نيوٽن، مطلق وقت (absolute time) ۾ يقين رکندڙ هئا يعني منجهس گهٽ وڌائيءَ (variation) کي نه مڃيندا هئا. سندن ان يقين کي، ويهين صديءَ جي مَها سائنسدان ۽ مفڪر البرٽ آئنسٽائن اچي ٽوڙيو، جڏهن هن ’خاص نسبتي نظريو‘ (Special Theory of Relativity) پيش ڪيو. ان نظرئي موجب: وقتُ مطلق يا مستقل (constant) نه آهي، پر منجهس گهٽ وڌائي ممڪن آهي، جنهن جو دارومدار مادي جي رفتار تي آهي، يعني وقت جي خاصيت ۾ ساڳيائپ يا هِڪَ ڪَرائي نه آهي. هُن اهو پڻ ٻڌايو ته مادو ۽ توانائي ڪي ڌار ڌار ’هستيون‘ ناهن، پر هڪٻئي ۾ بدلجندڙ آهن. مادي ۽ توانائيءَ جي چرپر ۽ تبديل جي لقائن منجهان ڦُٽي نڪتل، هڪ ’شيءِ‘ جيڪا اڳتي ئي اڳتي هلندي رهي ٿي، ان کي سادن لفظن ۾ وقت سڏجي ٿو.

14/07/2019

رسول ميمڻ جو ناول ”‌نجومي“ - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
رسول ميمڻ جو ناول ”‌نجومي“ ـــ هڪ ڏاهپ جو ڪتاب


هي ناول زخمي دلين، لتاڙيل ذهنن ۽ جهنم ۾ رهندڙ ماڻهن جي درد ڪهاڻي آهي. اهو جهنم جيڪو اڪثر ڪري انهن پاڻ ئي پنهنجي لاءِ تخليق ڪيو آهي. ڪٿي ڪثير وهمي ته ڪٿي قليل فهمي آهي. ڏوه ڪنهنجو آهي؟ معاشري جو، تربيت جو، حالتن جو يا فردن جو؟ پر سزا سڀني کي ملي پئي. ڀوڳين سڀ پيا. ڪيل توڙي نه ڪيل گناهن جي سزا.
هن ناول جا ڪردار بي نام آهن. نجومي، دفتري، فقير، ساڌو، اديب، قيدي، سبزي فروش وغيره. مصنف انهن جي سڃاڻپ نالن جي ڪري شايد ان ڪري نه ڪرائي آهي جو ماڻهو جي اصل سڃاڻپ انهن جي ڪم ۽ ڪردار جي ڪري ٿئي ٿي.

آرٿر ڪوئسلر جو ڪتاب ”تيرنهون قبيلو“ - رئوف نظاماڻي (Rauf Nizamani)


رئوف نظاماڻي
آرٿر ڪوئسلر جو ڪتاب ”تيرنهون قبيلو

تاريخ، ڏند ڪٿا ۽ قصن ڪهاڻين ۾ فرق ڪرڻ هڪ ڏکيو عمل رهيو آهي. ساڳي ريت گھڻن مذهبي ڪتابن وغيره ۾ بيان ڪيل قصن کي پڻ هڪ تاريخ جي حيثيت ڏني ويئي آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏ اهي ڄڻ مستند حيثيت جا حامل ۽ تاريخي ڄاڻ جو هڪ ذريعو ٿي ويا آهن. ساڳي ريت يهودين متعلق جيڪي پراڻي بائبل ۾ ڏنل آهي ته اٽڪل ٻه هزار سال اڳ يروشلم ۾ سندن سلطنت کسجڻ کان پوء کين اتان نڪرڻو پيو هو. ان حوالي سان ٻارنهن قبيلن جو ذڪر ملي ٿو جيڪي دنيا جي مختلف حصن ۾ پناه جي ڳولا ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ سندن يروشلم موٽڻ جي جستجو جاري رهي. ان سلسلي ۾ انهن کان سواء هڪ اڌ وڃايل قبيلي متعلق به مختلف اندازا لڳايا وڃن ٿا. ڪجھ محقق پٺاڻن جي حوالي سان به اها ڳالهه ڪن ٿا ۽ سندن خيال ۾ پشتو ۾ عبراني جي ڪجھ لفظن کي ان جي ثبوت طور پيش ڪري سگھجي ٿو. بهرحال مستند طور تي ان سلسلي ۾ ڪجھ به نه ٿو چئي سگھجي. ان ڪري يهودين جي عام طور تي انهن ٻارنهن قبيلن سان تعلق جي حوالي سان نسلي طور سڃاڻپ ڪئي ويندي آهي.

خادم گهراڻي جو ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“ - اظهر امر (Azhar Amar)


اظهر امر
خادم گهراڻي جو ڪتاب ”سمنڊ ڪنارو“

مان شروعاتي ڏينھن کان ڪوشش ۾ هوس ته ادبي جهان ۾ جيڪي به سرجڻهار آھن جن پنهنجي قلم سان ادبي حلقن جي بي باھه خدمت ڪئي آھي انهن شخصيتن کي ياد ضرور ڪيان، سندن ادبي خدمتن توڙي ادبي دنيا ۾ ڪيل قلمي پورهئي تي ٿورو گهڻو ضرور لکان. اڄ مان جنهن شخصيت جي ڪتاب تي لکي رهيو آھيان اُھو نه رڳو منهنجو محسن آھي، پر خبر نه آهي ڇو مان کيس پنهنجي پاڻ کان تمام ويجهو محسوس ڪندو رهيو آھيان.