08/01/2020

امداد حسينيءَ جون ڪهاڻيون - نصير سومرو (Naseer Soomro)


نصير سومرو
امداد حسينيءَ جون ڪهاڻيون

ڪاليج جا ڏينهن هئا، پهريون پهريون فلم ڪنهن سينيما ۾ ڏٺم. فلم بينيءَ جو شوق يونيورسٽي جي شاگرديءَ تائين برقرار رهيو. ان کان پوءِ سئنيما واري گھرج ڊش ۽ ڪيبل ٽيليويزن جي ڳچ چئنلن مان پوري ٿيڻ لڳي. فلمي رومانس البت، جهڙو اڳ هو، تهڙو اڄ به آهي. رومانس، جيڪو گھڻا رومانس ڏيکاري ٿو. محبت جو رومانس، انقلاب جو رومانس... رومانس تي رومانس، خوابن وانگر آهي. خوابن جي ساڀيان پنهنجي حياتيءَ ۾ نه به ملي، منجھن ويساهه، اُتساهه ڏئي ٿو. اُتساهه ئي ته جيون رس آهي.
فلمي ڳالهيون ضروري نه آهي ته وڏيون هجن. ننڍيون ننڍيون ڳالهيون به حياتيءَ جي حسناڪين جا رنگ چٽين ٿيون. هوليءَ جي رنگن جيان حسناڪين جا چٽ پنهنجي چوڌاري ٽڙيل پکڙيل هوندا آهن، پر انهن ڏي ڌيان نه ويندو آهي. ڌيان لاءِ به تخليقي ڏات کپي. ڏات هوندي ته من اندر جو احساس اظهاري سگھبو. ڏات دل جو ڪڙو کڙڪائي ته ’امداد آهي رول‘ جهڙو تجربو ڪجي ٿو. سن 1976ع ڌاري ڇپجندڙ ان مجموعي، جنهن اياز جي شاعريءَ جهڙي ئي نوجوان ٽهيءَ ۾ مقبوليت ماڻي، جو خالق امداد حسيني آهي. سندس ٻيا مجموعا، ’هوا جي سامهون‘، ’ڪِرڻي جهڙو پل‘ پڙهندڙن کي مليا آهن.

فلم ۾ همه گيريت جا هڙئي پاسا عيان ٿي آڏو اچن ٿا. سطحي به، ته سنجيدا به. پر زور وندر تي هوندو آهي. رسيلا گيت، کل ڀوڳ، رسڻ پرچڻ جا ماڻا، ڏکن سکن جا ٽاڻا، آس ياس جا ڪارڻ، ڀاڳ اَڀاڳ، مانُ مريادا، بغاوت ۽ ڀاڄ، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون حياتيءَ سان لاڳو آهن. وشالتا جا ايڏا سارا پاسا شاعريءَ ۾ ئي اظهاري نه ٿا سگھجن. امداد حسينيءَ نثر ۾ ڀلوڙ تجربا ڪيا.آهن. بنيادي سڃاڻپ شاعر واري اٿس. ٻين لفظن ۾ ته اندر ويٺل شاعر کي جيئرو رکيو اٿائين. فلمي گيت لکيائين، ريڊيو، ٽيليويزن لاءِ ناٽڪ ۽ اسڪرپٽ لکيائين، لسانيات سان واڳيل ادارن: سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ (جتان رٽائرمينٽ ورتائين)، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌيالاجي، ٻوليءَ جي بااختيار اداري، لطيف چيئر ۾ ادبي خدمتون سر انجام ڏنائين. ٽماهي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر رهڻ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ٻوليءَ تي ڪيڏي نه دسترس حاصل هوندس! سانول نالي سان ڪهاڻيون لکيون اٿس. شاعر هئڻ ناتي ڪهاڻين جي ٻولي، مڪالمن ۽ اڻت جو اسلوب شاعراڻو ٿس. ان ڪري ڪهاڻين ۾ به شاعريءَ جون سِڪون لاهي ٿو. منهنجي نطر مان ڪهاڻيون، ’پاڇا‘، ’بارود‘، ’مينهان ۽ نينهان‘، ’پپر جو وڻ‘، مون مطالع سپرين!‘، ’مهراڻ‘ ۽ ’ڪلاچي‘ گذريون. ڪهاڻي،’پاڇا‘ ۾ رت جي رشتن ۾ ڪيئن ٿي ٿڌائي اچي، ڪيئن ٿا پنهنجائپ جي احساس ۾ ڏار پون، اهي ڪيفيتن جا ڀاوَ نهايت فنائتي انداز ۾ چٽيا اٿس. وشواس جو اَوشواس ۾ بدلجڻ سان خوابن جي ڀڃ ٽٽ جنم وٺي ٿي.
امداد حسينيءَ جي ڪهاڻين ۾ گھربل خوبيون ملن ٿيون. فڪشن ۾ اصليت جو احساس اڀارڻ جي ڪاميابي، افساني جي ڪاميابي آهي. افساني ۾ ڪردار ڳالهائيندا آهن، داستان ۾ اها نيريشن راوي (story teller) جي هٿ ۾ رهي ٿي. سندس ڪهاڻين ۾ ڪٿي ڪٿي مضمون وانگر ڏنگين ۾ وضاحتي جملا به ملن ٿا، جنهن ڪري مڪالمن ۾ راوي جي مداخلت غير ضروري ڀاسي ٿي. جهڙوڪ:
”ڇا اندر اچن لاءِ نه چوندين؟ ۽ هو هٽي بيٺو هو. (ڪڏهن هن گھر ۾ ڪنوار بڻجي اچڻ جا سپنا ڏٺا هئائين). هن اندر گھڙندي سوچيو هو- ۽ ’اڄ‘، ’ڪلهه‘ نه رهي هئي...“
ناڻي سبب ننڍ وڏائيءَ جا ڪلور ڪيئن ٿا وسري سگھن:
تنهنجي ماءُ جي هڪ ئي جملي منهنجون سڀ راهون ڪپي ڇڏيون: ’توهان وٽ اسان جي ڇوڪريءَ جي رڳو ميڪ اپ جيترا پيسا آهن؟‘
امداد حسيني هڪ مڃيل ليکڪ آهي. اردو ۾ به شاعري ڪئي اٿائين. مون کي اعزاز آهي ته ساڻس گڏ مشاعرا پڙهيا آهن. سن 2010ع ۾ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ’امن جي آشا‘ سري هيٺ بين الاقوامي مشاعرو پڙهيو هيم. شاعريءَ ۾ وٽس جيون رس جا رنگ چٽڻ جو رومانس تري کان ٻوچ تائين ٽٻٽار ملي ٿو. فلمي ڪهاڻيءَ وانگر پنهنجن ڪهاڻين ۾ شاعري به ڏني اٿس.
منهنجو سپنو سچ ٿي ويندو
سانول سائين گھر ڏي ايندو
لايو نيٺ سجايو ٿيندو.
سو شاعر، شاعر ئي رهي ٿو. ڀل! ڪهاڻيون لکي.
اديبن جي گھڻين صنفن ۾ لکڻ جا گھڻا مثال موجود آهن. امر جليل شاعري ڪئي پر سڃاڻپ ڪهاڻيڪار جي اٿس، سراج ميمڻ شاعري به ڪئي پر سڃاڻپ فڪشن رائيٽر ۽ لسانيات جي ڄاڻوءَ جي اٿس. شيخ اياز جو ذڪر ته ٿي چڪو جنهن افسانا به لکيا، پر سڃاڻپ شاعر واري اٿس. تاجل بيوس ۽ ٻيا ليکڪ به کوڙ سارا آهن، هت سڀني جا نال ڏيڻ طوالت جو سبب بڻبو. انهن گھڻ صنفي گھاڙيٽن ۾ تجربا ڪيا، پر غالب سڃاڻپ، جنهن کي ڇاپ چئي سگھون، وٽن ڪانهي.
رومانس ۾ ڪير ڪيتري ٿو سيڙپ ڪري، وقت اوتري موٽ ڏئي ٿو. وقت طرفان موٽ از خود موٽ آهي، جيڪا ’مهم جوئيءَ کان مٿانهين رهي ٿي.‘ ڀٽائيءَ ڪهڙا نمبر شايع ڪرايا هئا! پر سندس شاعريءَ جي گونج  سرحدون اورانگھي مغرب ۾ پڙاڏو ڪيو. ارنيسٽ ٽرمپ، ’شاهه جو رسالو‘ جرمنيءَ مان ڇپرايو. ايس. ٽي. سورلي شاهه تي تحقيق ڪئي ۽ انگريزي ۾ سنڌي ادب، تاريخ ۽ ثقافت کان دنيا کي اگاهه ڪيو.
سنڌ جي جاگرافي ئي آهي، جو صوفيت ۽ حب الوطني جا آفاقي قدر، هر مول متي کان مقدم ۽ مقدس ٿي وڃن ٿا. انگريزن سنڌ ۾ راڄ ڪيو ته تاريخي ڪم به ڪيائون. جان مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي ۽ ٽن جلدن تي ٻڌل ڪتاب، سنڌ جي قديمي آثارن متعلق قلمبند ڪيو. اڄ موهن جو دڙو يونيسڪو جي هيريٽيج لسٽ ۾ شامل آهي. هي جان مارشل جو سنڌ تي وڏو احسان هو. ايڏيون مهانتا جون شاهد ڳالهيون ليکڪ کي رومانس ته آڇينديون!
سنڌڙي تنهنجو عاشق صادق
آهيان آهيان ها ها آهيان!
هوند راءِ بلواڻيءَ جي بقول، ’1853 ۾ هاڻوڪي آئيويٽا ٺهي ته ڪيتريون ڪهاڻيون ڇاپي هيٺ آيون. پر اُهي گھڻو ڪري ٻين ٻولين تان ترجمو يا اُلٿو ٿيل هيون. جي اصلي هيون ته اُهي ڪهاڻيءَ کان گھڻا ڪوهه پري به هيون. تن ڏينهن ۾ انهن کي ڪهاڻي نه پر قصو يا ڳالهه چوندا هئا.‘
ڪهاڻيون اُلٿو ڪندڙ هندو سنڌي هئا، جيڪي تعليم ۾ مسلمانن کان قدري اڳتي هئا. جدت جي حامي تحريڪ، جنهن جو اثر سنڌي ادب تي اَوَس پيو، سا انجمن ترقي پسند مصنفين هئي. ’ريگستاني ڦول‘ نالي جيڪو ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ڇپيو هو، اهوگوبند مالهيءَ سوڀي گيانچنداڻي جي صلاح سان شايع ڪيو. منجهس هڪ ڪهاڻي، ’حليمان‘ جيڪا شيخ عبدالستار جي نالي ڇپي، سا سوڀي جي لکيل هئي. هي اعتراف روزاني ڪاوش کي انٽرويو ڏيندي ڪيو هئائين. ترقي پسند ادب، سنڌي ۾ ڪيئن متعارف ٿيو، تنهن بابت غلام رباني آگرو پنهنجي ڪتاب، ’سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جا اثر‘ ۾ پيرائتو لکيو آهي.
حالتن سان همڪنار وابستگيون، سدائين ساڳيون نه ٿيون رهن. تخليق جٽادار آهي. امداد حسينيءَ جي نظرياتي وابستگي، سنڌيت جي آئوٽ لائين آهي. جديد ليکڪ ته آهي، ان ڪري جدت جا جيترا رنگ ٿي سگھن ٿا، وٽس چٽيل ملن ٿا.
مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ
امداد جي مٿئين شعر ۾ ’ڏيئو‘ اميد ۽ آس جو مشهور استعارو آهي، جيڪو ترقي پسنديءَ جي لاڙي ڏانهن اشارو به اهي. هوا، ڏيئي جو ضد آهي. جدوجهد جي ڪيميا ٻڌائي ٿي ته خير لاءِ نڪربو ته شر سان مهاڏو اٽڪائڻو پوندو. اوندهه، يعني شر، هر هنڌ، هر وقت موجود رهي ٿو. پر روشني ڪرڻ لاءِ ڏيئو ٻارڻو پئي ٿو. ڪهاڻي جي ڪردارن ۾ جنم وٺندڙ ڇڪتاڻ (conflict) جا ڪارڻ نظرياتي تڪرار آهن. ٻن فڪري مڪتبن جي وچ ۾ تڪرار، ٻن تضادن مان هر هڪ تضاد کي وائکو ڪري ٿو. هي جھيڙو ازل کان هلندو اچي ٿو.
فلمي ڪهاڻيءَ ۾ مک ڪردار هڪ هيرو ۽ ٻيو ولن ڏيکارجن ٿا. جڏهن ته ٻيا ڪردار ڪهاڻيءَ جي چوڌاري فرندر ڀرتي ڪردار هوندا آهن. ڪهاڻي افسانوي (من گھڙت) پر ڇڪتاڻ سبب سماج سان لاڳو ٿئي ٿي. سماج معني لوڪ... لوڪ ڇا چوندو؟ اها آهي روايت جي مدي خارج ڪسوٽي، جنهن جي اڌارڪ اسان سڀ متڀيد، اڻ برابريءَ جي وهڪري ۾ وهي وڃون ٿا. بهرحال ڪهاڻيءَ جو اصل ڪردار ماڻهو آهي ۽ ماڻهو ئي پرک جي ڪسوٽي آهي.
Man is the measure of all thing.
امداد حسيني شاعر آهي، ڪهاڻيڪار آهي، نقاد آهي، پر هو جيڪو به لکي ٿو، ان مان آرٽسٽ لڳي ٿو. آرٽ - جنهن جو انداز سائنسي هجي، سائنس - جنهن جي اوسر آرٽ سان ٿئي، بنهه هلچل، تبديل، شعور ۽ جماليات جي شرح آهي. آرٽ جي  شرح، جيون جي شرح آهي. جيون جيڪو جيون رس سان آهي، تنهن جا رنگ چٽڻ ۾ امداد حسينيءَ پاڻ ملهايو آهي ۽ بس!

No comments:

Post a Comment