ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو“ ڪتاب جو تعارف
هيءُ
ڪتاب موجوده دَور جي نامياري محققه ۽ اديبه ڊاڪٽر فھميده حسين جي مختلف يارهن
مقالن جو ڳُٽڪو آهي، جيڪي ٻوليءَ، گرامر، لکيت، لغت ۽ ٻين لاڳاپيل موضوعن تي لکيل
آهن.
ان ڪتاب
جو پهريون ڇاپو 2012ع ۾، مجلد، ڊيمي سائز ۾، 1000 جي تعداد ۾، 217 صفحن تي مشتمل،
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران، پيڪاڪ پرنٽرس ڪراچيءَ مان ڇپجي، پڌرو ٿيو.
هن ڪتاب
۾، ”ناشر نوٽ“ (تنھن وقت اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور) ۽ ”پنھنجي پاران“ مصنفه پاران
لکيل آهن. ”ناشر نوٽ“ ۾، ڊاڪٽر فھميده حسين لکي ٿي: ”هي ڪتاب عمومي طور سنڌي
ٻوليءَ بابت تحقيق ڪندڙن لاءِ ۽ خصوصي طور يونيورسٽين ۾ تحقيق لاءِ نوان موضوع
تلاش ڪندڙن لاءِ هڪ ڪارائتو ڪتاب آهي.“ ”پنھنجي پاران“ ۾ ڊاڪٽر فھميده حسين لکي
ٿي: ”هن ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ڪيترن ئي حوالن سان بحث ڪري ڪن اهم پھلوئن ۽ مختلف
مسئلن تي روشني وڌي وئي آهي.“
هن ڪتاب
۾ هيٺيان مقالا ڏنل آهن: (1) سنڌي گرامر جا مسئلا، (2) سنڌي ٻوليءَ جون فطري
خوبيون ۽ سنڌي گرامر، (3) ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو سنڌي ٻوليءَ جو گرامر ـــــ هڪ
جائزو، (4) بيھڪ جون نشانيون، (5) سنڌي صورتخطيءَ جا ڪي حل طلب مسئلا، (6) صورتخطي
۾ هِجي جو علم Orthography، (7) علم اللغات ۽ سنڌيءَ ۾ لغت
سازيءَ جي روايت، (8) شاهه لطيف جي ٻولي: هڪ نقطه نظر، (9) ادب ۾ لفظ جي اهميت،
(10) فيمنزم جو لساني پھلو، ۽ (11) آٽوميٽڪ رومن ٽرانسلٽريشن.
هن ڪتاب
جي انهن مقالن ۾، لسانيات ۽ ان جي لاڳاپيل شاخن بابت، جن جو اندازو مٿين عنوانن
مان به ڪري سگهجي ٿو، ڪيئي تمام گهڻيون اهم ۽ ڪم جون ڳالهيون ونڊيل ۽ تجزئي هيٺ
آندل آهن.
لسانيات جو
اڀياس ۽ تحقيق ڪندڙن لاءِ هن ڪتاب ”سنڌي ٻولي: مختلف لساني پھلو“ جو مطالعو ضروري
آهي.
No comments:
Post a Comment