مٺل جسڪاڻي
”ڪاش!“ جنهن ۾ درد
به آهي ته شاعري به آهي!
موسيقي روح جي غذا
آهي. ساز ۽ آواز گڏجي ان غذا کي وڌيڪ لذيذ، قوت بخش ۽ شفا ڏيندڙ ڪري پيش ڪندا آهن.
شاعر ان غذا جو راڌارو، موسيقار راڌاري جو معاون ۽ آلاپيندڙ وَڌ ڪرڻ وارو هوندو
آهي. علي محمد ’درد‘ سولنگي اهو شاعر آهي،
جنهن پاڻ ملهائڻ ۽ مڃائڻ، پنهنجي پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي مطمئن ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش
ڪري، پنهنجي جاءِ جوڙي آهي. سندس شاعري ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، جيڪو اڄ ڪلهه جي
شاعري ۾ عام ميسر آهي. ان جو مثال مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾، وقت به وقت شايع ٿيندڙ
سندس شاعري آهي، جيڪا پوءِ مجموعن جي صورت ۾ پڙهندڙن ۽ فنڪارن تائين به پهتي آهي.
”ڪاش“ علي محمد ’درد‘ سولنگي جو تازو ڇپجي آيل
شاعري جو مجموعو آهي، جنهن ۾ موجود هي ٻه سٽون به سندس سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن:
مِٺي
مُرِڪ تُنهنجي ڇڏيندي آ لاهي،
مايوسي سندو
ڄارو مايوسُ من تان.
يا وري سندس هي
سٽون پڙهو:
ڪڏِ
آفتاب وانگي، ڪڏِ ماهتاب وانگي،
اڀرِين ۽ تون
لهين ٿي، نيڻن جي ڀاڪُرنِ ۾.
’درد‘ جي شاعري ۾
موجود درد به پنهنجي نوعيت جو، پنهنجو مٽ پاڻُ آهي. ان جو اندازو سندس هنن شعرن
مان ڪري سگهجي ٿو:
هَڻِي
هَڻي بيههُ، مگر نه حلُ ٿئي،
ريَاضي
جون ڄڻ حسابُ اکيُون.
ڏسان
پڙهان ۽ چُمان ٿو تن کي،
مون لاءِ مقدس
ڪتابُ اکيُون.
پاڻ وٽ ڀيٽ ڪرڻ جو
رواج عام آهي، پر ڪنهن به شاعر يا ان جي شاعري کي ڪنهن سان به ڀيٽي نه ٿو سگهجي.
جيڪو به ڀيٽڻ چاهيندو، اهو ائين مُنجهي پوندو، جيئن علي محمد ’درد‘ جي هنن سٽن ۾
محسوس ٿئي ٿو:
ڪنهن
سان ڀيٽي ڪنهن سان ڀيٽيان،
سڀ
کان نِرالو تُنهنجو ڍنگُ.
چينُ
نه رهيو نِنڊ ڦِٽِي وئي،
نينهن جي نانگ
هَنيو آ ڏنگُ.
يا وري سندس هي
سٽون پڙهو:
جي
چئين ته کِلان جانم!
جي
چئين ته رُئان جانم!
تُون
جيئن چوين مون کي،
مان
تيئن ڪيان جانم!
هِي
پيارُ جَتايان ڪئن؟
لفظن
۾ ٻُڌايان ڪئن؟
ڪيڏو
ٿي وڻين مون کي،
مان ڪيئن ڏسيان
جانم!
مسئلا ۽ مونجهارا
پنهنجي جاءِ تي، هر ڪيفيت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. عام ماڻهو توڙي عام پڙهندڙ جي ڀيٽ
۾ تخليقڪار کي ڏانُ هوندو آهي، ته منهن ڏيڻ ۾ ڪا گهڻي ڏُکيائي نه ٿي ٿئي. علي محمد
’درد‘ وٽ من موهيندڙ ڏانءُ آهي، جنهن وسيلي ٽوڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪيل دل جي هر ٽڪري کي
هُو تحفو سمجهي اکين تي رکي ٿو:
جنهن
دل ۾ رُڳو تون هُئين،
تَنهن
دل جا ڪيئي ٽُڪرا،
ٽُڪرن
جا ڪري ٽُڪِرا،
ٽُڪرَن جا ڏنئي
تحفا.
۽ دل ٽوڙي ٽڪرا
ٽڪرا ڪندڙ کي گَس ڏَسي ٿو:
لائي
سيني ساڻ هلين ها،
ڏاڍو
منهنجو خيالُ رکين ها،
غور
سان مون کي روزُ پڙهين ها.
ڪاش! ڪتابُ
هُجان ها مان.
علي محمد ’درد‘
سولنگي پنهنجي ذات ۾ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن ۾ مُرڪون به انيڪ آهن ته لُڙڪ به اڻ کُٽ
۽ اهي سڀ سندس شاعري ۾ لفظن جو روپ ڌاري عام اڳيان نروار به ٿيل آهن:
اکيُن
۾ اوجاڳا رهيا عمر ساري،
اسان
آهي هر راتِ لُڇندي گُذاري.
نه
خوابن جُون پَرِيُون ڪي نيڻن ۾ لٿيُون،
نه
ئي پلُ پَهرُ ڪو اکيون سک سان سُتيُون،
ازل
کان انهن کي ملي بيقراري.
اسان آهي هر
راتِ لُڇندي گُذاري.
اهڙي ۽ ايتري
بيقراري هوندي به، اهو علي محمد ’درد‘ سولنگي آهي، جنهن کي مُرڪُون وڻن ٿيون ۽ هُو
انهن مُرڪن کي پنهنجي انداز ۾ نمايان ڪري ٿو:
هَڻِي
ڇوليُون ڇُلنِ ٿيُون، هي سِنڌوءَ جي وهڪُرنِ وانگي،
وڏي اندازَ سان
وهندڙَ، اهي مُرڪون وڻنِ تُنهنجون.
علي محمد ’درد‘
سولنگي جي ڪهڙي شاعري اوهان سان ونڊ ڪجي ۽ ڪهڙي نه ڪجي؟
مون
ته ڳايل به ٻڌو، اوهان ٻڌو الاءِ نه؛
ڳل تي تُنهنجي
تِرُ او جاني! ڳل تي تُنهنجي تِرُ.
سنڌ جي هر شهر، هر
ڳوٺ، هر وسندي، هر واهڻ، هر گس، هر پنڌ ۾، اهي ٻول ٻُرندا رهيا آهن، پنهنجي مرضي
هجي نه هجي، ٽريڪٽر، چنگچي، سوزوڪي، وين، ڪوسٽر ۾ سفر ڪندي يا ڀر مان گذرندي اهي
ٻول علي محمد ’درد‘ سولنگي جا آهن ۽ پاڻ سڀني ٻُڌا آهن. علي محمد ’درد‘ سولنگي کي ڪڏهن ”هڪڙي سندر نارَ،
روز اچي ٿِي خوابَ ۾.“ ته لکي ٿو ۽ ڪڏهن نه ٿي اچي ته پڻ لکي ٿو:
هُن
جي اکڙُين ٺهي، سُرمي جي ٿي ڌارَ.
روزُ اچي ٿي
خوابَ ۾.
۽ لکي ٿو:
ڪا
شڪايت ڪينڪي هرگز ڪبي،
ماٺ وارو مرحَلو
رهندو سَدا.
هيئن به لکي ٿو:
ڪانگ
ڪبوتر جو دور ويو، فون جو ذڪر ٿيو؛
تنهنجي هڪڙي فون
جياري، ۽ خاموشي ڪمُ تمامُ!
علي محمد ’درد‘
سولنگي ته ذائقو به قلمبند ڪري ٿو:
ماکي، مصري کان
مِٺو، تُنهنجو آههِ لُعابُ.
۽ منٿ به پنهنجي
انداز ۾ ڪري ٿو:
جذبن
کي جا آ لڳل، آڳ انهي کي ٺار،
ماڻ ته ماڻيون
محبتون.
ائين ۽ اهڙو لکڻ جو
سبب علي محمد ’درد‘ سولنگي وٽ به اهو ساڳيو ئي آهي، جيڪو ٻين شاعرن وٽ آهي:
ها
سونهن ڏسي تنهنجي ٿا شعر چونِ شاعرَ،
ٿا بيتَ، غزلَ،
وايُن، گيتن جا اُڏن پوپٽ.
علي محمد ’درد‘
سولنگي ڪهنه مشق شاعر آهي. هن به سندس شاعري ۾ تجربا ڪيا آهن. هڪ غزل ۾ نِت نئون
تجربو ڪري، ان ۾ ڪافي ۽ گيت جي به لذت شامل آهي، اوهان به پڙهجو، مطلع اٿس:
تُون
ڄاڻين ٿي مان پاڳل هان،
پاڳل
کي ڇو تڙپائين ٿي؟
تُون
ڄاڻين ٿي مان ڦاٿل هان،
ڦاٿل کي ڇو
ڦٿڪائين ٿي؟
مون کي هي به علي
محمد ’درد‘ سولنگي جو هڪ نئون انداز محسوس ٿيو آهي:
وارن
کي ورائي ڇڏِ!
ڳلڙن
کي ڇُهن ٿا پيا.
ڳلڙن
کي ڇُهي تُنهنجي،
چپڙن کي چُمنِ
ٿا پيا.
علي محمد ’درد‘
سولنگي جو غزل، گيت، وائي يا نظم ئي ڇو، سندس ٽيڙو به ڪمال جو آهي!؟ هڪ هي ٽيڙو
هتي ئي پڙهي وٺو:
تو
بن ڪهڙي پِرههَ،
نڙيءَ
۾ ڦاسيو پَونِ،
کاوان جيڪي
گرهَه.
علي محمد ’درد‘
سولنگي به، جيئن ذهن ۾ اچيس ٿو، تيئن لکي ٿو، لکي ٿو ته لڪائي نه ٿو:
اچِن
ذهن ۾ جي، لکون ٿا سِٽوُن سي،
وزنَ
۽ بحر آهي ڇا؟ ڪِين ڄاڻون.
اسان
دشمنن کي بهِ ڏيون ٿا دُعائون،
اجاڙڻ ڇپر ۽ ڇنا
ڪِين ڄاڻون.
علي محمد ’درد‘
سولنگي جو هر نئين نوجوان لاءِ لکيل هي غزل، اوهان به پڙهو:
ڪجهه
لکڻ لئه ويهان يا پڙهڻ چاهيان،
ذهن ۾ تون رُڳي،
چينُ لُٽجي ويو.
جديد دور جي جديد
سهوليت به ڪنهن ڪنهن وقت ڪم جي نه ٿي رهي. مون کي اهڙو احساس علي محمد ’درد‘
سولنگي جون هي سٽون پڙهي ٿيو:
مُحب
موبائيل تي، تنهنجي هر هڪ ڳالهه تي،
قلب کي ڪيئن
ڪورجي.
علي محمد ’درد‘
سولنگي کي پرکڻ جي خواهش رکندڙ، سندس هي ڏيڍ سٽو ضرور پڙهن:
ڳاڙهاڻ
رُڳي آهي،
ڪينجهر ۾ لٿيون
پرِيُون يا باههِ لڳي آهي.
علي محمد ’درد‘
سولنگي پاڻ اڃان جوان آهي، جواني ۾ پيري محسوس ڪري لکيائين يا پوڙهن لاءِ لکيائين،
ڇو به يا جيئن به لکيائين، لکيو اٿس، پڙهو:
ها
ڏينهن گهڻا ٿي ويا،
انتظار تنهنجو،
ڏِسُ! وارَ اڇا ٿي ويا.
جيتوڻيڪ علي محمد
’درد‘ سولنگي ان لاءِ لکيو آهي، جنهن سان سندس روح جو رشتو آهي، پر هن ته انهن
سڀني لاءِ به لکيو آهي، جن جو ڪنهن نه ڪنهن سان روح جو رشتو آهي:
تولئه
وايُون ۽ غزل، بيت لکان ۽ گيت.
توسان رشتو روحَ
جو.
علي محمد ’درد‘
سولنگي صرف ”ڪاش!“ ۾ ئي نه، ڪيترن ئي پنن تي سور سليا آهن، شاعري جا ڪجهه ڪتاب به
لکيا آهن: بس پننِ ساڻُ سُور سلياسين، شاعري جا ڪتاب لکياسين. علي محمد ’درد‘
سولنگي جي شاعري پڙهي به آهي، ٻڌي به آهي، سندس شعر سادا ئي سهي، انهن ۾ درد به
آهي ته شاعري به آهي، اميد ته اڃان به لکندو رهندو، ته ٻڌبو به رهبو، پڙهبو به
رهبو.
No comments:
Post a Comment