وحيد محسن
عابد مظهر جي ڪھاڻين جي ڪتاب
”محبت ۽ مايا“ جو اڀياس
عابد مظهر جو تعارف ڪھاڻيڪار ; شاعر ۽ محقق جي حوالي سان ڪرايو وڃي ٿو. اڄ منهنجي مطالعي ھيٺ سندس ڪھاڻين جو ڪتاب ”محبت ۽ مايا“ آهي. ڪتاب کي نئون نياپو اڪيڊمي ڪراچي طرفان شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو 128 صفحن تي ڦھليل آهي. سندس ملھ 200 روپيا رکيو ويو آهي. جنهن ۾ 10 فليش ڪھاڻيون ۽ 25 مختصر ڪھاڻيون شامل آهن. پبلشر نوٽ سنڌي انعام لکيو آهي ۽ مھاڳ ڊاڪٽر شير مھراڻيءَ لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب بابت ضياء ابڙي ۽ ساجده جبين پنھنجا رايا لکيا آهن. پنهنجي پاران ۾ ڪھاڻيڪار عابد مظهر لکي ٿو ته ”ھن مجموعي ۾ منھنجون نينو ۽ فليش ڪھاڻين سان گڏ دعا جي چمي کان وٺي محبت ۽ مايا تائين نيون ڪھاڻيون آهن جن ۾ محبت، تصوف، دھشتگردي ۽ مايا جي اڻت ۾ اڻيل جديد جذبن جو رنگ شامل آهي.“
ڪھاڻيءَ جو تعلق اسان جي زندگي سان سنئون سڌو سلھاڙيل ھوندو آهي جنهن ۾ ڪھاڻيڪار انهيَ وقت جي حالتن کي
پنهنجي تحرير ۾ آڻي ٿو. عابد
مظهر سھڻو ڪھاڻيڪار آهي.
ان جي ڪھاڻين ۾ اسان کي سماج جا ڪيترائي پاسا نظر اچن ٿا. ھن تخليقي
ڪاريگريءَ سان ڪردارن کي بھتر نموني پيش ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي جنهن ۾ ھو اسان کي ڪامياب نظر اچي ٿو.
بنيادي طور تي ڏٺو وڃي ته ڪھاڻيڪار ۽ شاعر
پنهنجي دور ۾ سماجي سائنس
جا وڏا عالم ھوندا آهن.
سندن ڪھاڻين ۽ شاعريءَ مان قاري کي سماج ۾ پلجندڙ اھڙن ڪردارن جا عڪس ملن ٿا ۽ اھي
پنهنجي ادراڪ سان سماج جي چٽي تصوير دنيا جي سامهون کڻي اچن ٿا !
عابد مظهر ھن سماج جو سجاڳ ڪھاڻيڪار آهي. سندس اکيون کليل آهن ۽ ھتان جي ماحول ۾ رھندي
ڪيتريون ئي ڪھاڻيون تخليق ڪري ٿو. گهڻو تڻو ھو اسان کي انهن ڪھاڻين ۾ پاڻ به نظر اچي ٿو ۽ مان سمجھان
ٿو ته اھا ان جي پنهنجي وطن سان ڪمٽمينٽ آهي جنهن جي ڪري ھو بيباڪي سان ڪھاڻين ۾
ڪردارن جي اڻت جو ھنر به رکي ٿو ۽ سندس ڪھاڻين جو مقصد فلسفي جي پوشاڪ سان نروار ٿئي ٿو ! اھا تخليقي حس ان کي ٻين کان مختلف ۽ الڳ رکي ٿي
جيڪا وڏي ڳالھ آهي.
دعا جي چمي: ھيءَ
ڪھاڻي علامتي انداز سان پيش ڪئي
وئي آهي جنهن ۾ ڪھاڻيڪار دنيا جي سياست تي گھري
نظر رکي ٿو ۽ ان سان گڏ دنيا جي ماڻهن جا تبديل ٿيندڙ نظريا، خيال ۽ انهن جي سوچ کي ظاهر ڪري ٿو! فڪشن ادب ۾
عابد مظهر ھن ڪھاڻي ۾ اھڙي نئين
۽ نڪور ٿيم پيش ڪئي
آهي جنهن کي قاري دلچسپي سان پڙھندو ڪھاڻي جي ڪلائيميڪس تي اچي وڏو ڇرڪ ڀريندو! ھن ڪھاڻي ۾ ٻه پروف جون غلطيون آهن لفظ داراغا - داروغا صحيح آهي ٻيو لفظ چپڙي. - چنبڙي
صحيح آهي.
پناھ جي ڳولا: ھن ڪھاڻي ۾ مون کي عابد مظهر چٽو نظر اچي ٿو جنهن جو روح پناھ جي
ڳولا ۾ رمندو رهي ٿو. حسن ۽
محبت جي ڳولا ۾ انسان پنهنجي سموري حياتي ائين گذاري ٿو ڄڻ ڪي زندگي ڪجھ پل آهي!
شراب ۽ انسان جي جنگ ڪا صدين کان وٺي ٿيندي اچي
ٿي ۽ حسين عورت جي تمنا مرد جي وجود تي حاوي رهي ٿي ۽ اھو سرابن ۾ ڪنهن جي ڳولا ۾
ڀٽڪندو رهي ٿو !
ھو شراب کي پنهنجي وجود ۾ اوتي ٿو ته ان جي وجود
۾ ازلي عشق داخل ٿي وڃي ٿو ۽ ھو پنهنجي رنگ ۾ رنگجي وڃي ٿو. ڪھاڻي جو ڪلائيميڪس شاندار آهي جنهن ۾ پٺاڻي خان جا ڳايل ٻول ڪنن ۾ ٻرن ٿا ته :
ميڏا عشق ڀي تون؛ ميڏا يار ڀي تون !
اھي ٻول ڪردار جي ڪنن تي پھچن ٿا ۽ ھڪ ھٿ ان کي
پنهنجي پناھ ۾ اچڻ جي واڌائي
ڏئي ٿو. اھا ڪھاڻي
ٽريٽمينٽ جي حوالي سان منفرد ڪھاڻي آهي ۽ ھن ڪھاڻي ۾ ٻه ٽي پروف جون غلطيون آهن.
محبت ۽ مايا: ھي ڪتاب
جي ٽائيٽل ڪھاڻي آهي. ھن ڪھاڻي ۾
ڪھاڻيڪار اسان کي منفرد نظر اچي ٿو. سندس ڪھاڻي جو اسلوب بلڪل انوکو آهي. ڪھاڻي جي ٽريٽمينٽ به خوبصورت آهي جنهن جي ٻولي سليس ۽ ڊائيلاگ سوچ جي ڀاڪر ۾ ويڙھي ڇڏين ٿا ۽ سڄي ڪھاڻي مايا
۽ محبت؛ عورت ۽ مرد جي نفسيات تي ٻڌل ڪھاڻي آهي ۽ ان سان گڏ دنيا جي ماحول جي
نفسيات کي عيان ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي
آهي جنهن ۾ ھو اسان کي ڪامياب نظر اچي ٿو.
ٽٽل عڪس: ھن ڪھاڻي
۾ عابد مظهر ماڻهوءَ
جي ويڳاڻپ کي بھترين نموني سان پينٽ ڪيو آهي جنهن ۾ ماڻهوءَ جي سوچ ۽ فڪر کي عيان ڪيو آهي ۽ ڪھاڻي ۾ خود
ڪلامي وارو رجحان به ڪافي دلچسپ لڳي ٿو. ھڪ ڪمزور انسان کي حوصلي جي سگھ ڏيئي جيئڻ
لاء اتساھي ٿو،
جيڪا ھن ڪھاڻي جي وڏي خوبصورتي
۽ جان آهي ۽ ان کان علاوه ڪردار کي پنهنجي ڀيڻ جي نصيحت ۽ وچن به ياد ڏياري ٿو
جنهن سان ڪھاڻي وڌيڪ اثرائتي
بڻجي وڃي ٿي.
مجموعي طور تي ھي ڪتاب ”محبت ۽ مايا“ ھڪ بھترين پڙهڻ جھڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪھاڻيڪار جي فڪري سگھ به سامهون اچي ٿي ۽ پنهنجي سماج جي منفي ڪردارن کي ھن بيباڪي سان وائکو ڪيو آهي.
No comments:
Post a Comment