نياز پنھور
سائين قاضي خادم جو نئون شايع ٿيل ڪتاب
”حيدرآباد منهنجي سپنن جو شهر“
هڪڙو
وقت هو جڏهن آئون سمجهندو هئس ته تاج جويو، عبدالواحد آريسر يا رسول بخش پليجو اهي
ماڻهو آهن جن سنڌ جو چپو چپو گهميو آهي. منهنجي اها به راءِ هئي ته انهن ٽنهي ماڻهن جا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾
سوين نه بلڪه هزارين دوست ۽ واقفڪار ۽ ساٿي موجود آهن. اها ڳالهه تڏهن جي آهي جڏهن مون اڃا قاضي خادم
جي يادگيرين تي مشتمل لکيل ڪتاب نه پڙهيا هئا ۽ نه وري مون ساڻس آمهون سامهون ويهي
انهن شهرن، ڳوٺن، ماڻهن، روڊن، رستن، اسڪولن باغن، ٻنين ٻارن، قبرن ۽ مزارن بابت
ڪچهريون ڪيون هيون.
سنڌ
يونيورسٽي ۾ رهڻ ۽ هڪ سرگرم ادبي جيوڙي هئڻ جي باوجود منهنجون قاضي خادم سان نه
سندس يونيورسٽيءَ ۾ نوڪرين دوران ڪي ڪچهريون ٿيون، نه وري سندس رٽائرمينٽ جي ڪيترن سالن تائين حال احوال ٿيو. مون سندس ڪجهه ڪهاڻيون، ناول ۽ ڊراما پڙهيا
هئا، فنڪشنن ۾ اليڪ سليڪ ٿي هئي، پر نه ڪڏهن هڪ ٽيبل تي ويهي چانهه پيتيسِين، نه وري
ڪڏهن گڏجي ڪو سفر وغيره ڪيوسين، هڪ اڌ ڀيرو ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ميمبر طور ٻئي
ڪراچي ۾ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ شرڪت جي لاءِ بورڊ طرفان موڪليل سواري ۾ گڏ ڪراچي ويا
هونداسين، پر اها هجت، محبت، پنهنجائپ ۽ گهرائپ قائم نه ٿي سگهي، جيڪا تازو
گذريل ڪجهه سالن دوران سندس يادگيرين جا ڪتاب پڙهڻ بعد آئون سندس لاءِ محسوس ڪريان
ٿو.
مون
کي قاضي خادم جي شڪل ۾ هڪ اهڙو ته سيلاني، تاريخدان ۽ انسان شناس شخص جو تعارف ٿيو
آهي جيڪو سنڌ جي چپي چپي جو نه رڳو ڄاڻو آهي، پر وٽس اتي جي يادگيرين، ڳالهين،
واقعن ۽ تجربن جا سوين داستان آهن، اهو ان ڪري نه ته کيس ڪو شهر شهر گهمڻ جو شوق
رهيو آهي پر ان ڪري به ته هو پنهنجي والد صاحب جي نوڪريءَ سبب ٿيندڙ بدلين جي ڪري، ڪڏهن هڪ شهر ته ڪڏهن ٻئي شهر، ڪڏهن هڪ ضلعي، ته ڪڏهن ٻئي ضلعي ۾ رهائش اختيار ڪندو رهيو آهي. ان دوران هن سنڌ جي هر منظر، سنڌ جي هر صبح ۽
سنڌ جي هر شام جو مشاهدو ڪيو آهي. کيس سنڌ جي انهن شهرن جي مزاجن، رنگن ۽ خوشبوئن جي به خبر آهي. هو پنهنجي سيني ۾ اهي سڀ يادگيريون سانڍيندو
رهيو آهي ۽ جڏهن رٽائرمينٽ ورتائين ته سندس سيني جو اهو درياءُ ڪاغذن تي پلٽجي آيو
۽ ذري گهٽ ٽيهه هزار صفحا انهن
يادگيرين جا جرڪي اٿيا.
هن ان دوران 10 کان وڌيڪ ضخيم ڪتاب لکيا، ڇپرايا ۽ ان جي ملندڙ موٽ جي مزي کي
محسوس ڪيو. سندس يادگيرين جا اهي ڪتاب صرف سندس ذات جي ارد
گرد گهمندڙ ناهن پر هو انهن ۾ تاريخ، جاگرافي، ماضي ۽ حال کي گڏ کڻي هلندو لکندو
رهيو آهي. ان حوالي سان سندس تازو يادگيرين جو هڪ شاندار
ڪتاب ”حيدرآباد سپنن جو شهر“ جي عنوان سان ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. موهن مدهوش جي ڪويتا پبلڪيشن پاران ڇپرايل هي
ڪتاب 590 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾قاضي خادم حيدرآباد سان پنهنجي محبت ۽ انسيت جو
ذڪر ڪندي پنهنجي دل کڻي ٽيبل تي رکي آهي. اوهان ڪتاب پڙهندا وڃو، محسوس ڪندا وڃو، اوهان کي لڳندو ته اوهان
ڪا اهڙي فلم پيا ڏسو، جنهن ۾ هر طرف زندگيءَ جا خوبصورت منظر آهن، اوهان کي انهن ۾
ماڻهو جيئرا جاڳندا، گهمندي ڦرندي، کلندي ٽهڪ ڏيندي نظر ايندا. اوهان کي انهن جي اکين ۾ لڪل لڙڪ ۽ ڳلن تي
وهندڙ ڳوڙها به محسوس ٿيندا.
اوهان کي حيدرآباد جون شامون، حيدرآباد جون هوائون، حيدرآباد جا منگهه، حيدرآباد
جا لنگهه، درياءَ جو ڪنارو، حيدرآباد جون سئنيمائون، هوٽلون انهن ۾ مچندڙ محفلون،
پريسون، ان ۾ جيئندڙ ۽ ڪُڙهندڙ ماڻهو، حيدرآباد جا باغ، انهن ۾ هٿن ۾ هٿ ڏئي
گهمندڙ جوڙا، اکين اکين ۾ ٿيندڙ عهد پئمان، سونارا، مٺائي وارا، اُڀري ٻُڏي ويل
هستيون ۽ ٻڏندي تري آيل ماڻهو، ڪاروبار، ٽانگا، انهن ۾ ايندڙ ويندڙ اکيون، الائي
ڇا ڇا پڙهڻ لاءِ موجود ملندو.
قاضي خادم انهن يادگيرين ۾ الائي ڪيترن جاين تي پاڻ به کليو آهي ۽ ٻين کي به کلڻ
جو موقعو ڏنو اٿس ۽ ڪيترين ئي هنڌن تي پاڻ به رنو آهي ته ٻين کي به روئارڙيو اٿس.
مون کي اهو اعتراف ڪرڻ ڏيو ته آئون قاضي خادم جي حوالي سان پنهنجي پوري ادبي ۽ صحافتي زندگي ۾ بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ رهيو آهيان، پر سندس تازا ڪتاب پڙهڻ بعد مون کي جن ماڻهن متاثر ڪيو آهي، انهن ۾ قاضي خادم جو نالو مٿان مٿان رکڻ ۾ مون کي ڪو به حجاب ناهي. آئون قاضي خادم صاحب جي ٻين ڪتابن جيان سندس هن ڪتاب کي سنڌي ادب ۾ يادگيرين جي حوالي سان هڪ اهم اضافو سمجهان ٿو. جيڪي دوست ڪتاب پڙهڻ جو شوق رکن ٿا، جن کي ماضي انسپائر ڪري ٿو، انهن کي هيءَ ڪتاب ضرور پڙهڻ کپي. اهي هيءَ ڪتاب ضرور وٺن. کين مزو نه آيو ته مان ڏنڊ ڀرڻ لاءِ تيار آهيان. ڪويتا پبلڪيشن پاران ڇپيل هن ڪتاب جي قيمت 800 رپيا آهي، پروف جي غلطين کي ليکڪ بدران پبلشر جي حصي ۾ ڳڻائيندي، آئون قاضي خادم کي هن شاندار ڪتاب لکڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.
No comments:
Post a Comment