10/10/2021

ڊاڪٽر احسان دانش جو ڪتاب ”شاهه لطيفَ جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ - محمد عثمان جوڻيجو (Muhammad Usman Junejo)

 تبصرو: محمد عثمان جوڻيجو

ڊاڪٽر احسان دانش جو لکيل ڪتاب

”شاهه لطيفَ جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“

”ڏکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، اوڇِنگارُون اَچن.“

دنيا ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا اڻ ڳڻيا شيدائي ۽ پارِکُو موجود آهن، پر سنڌ ۾ شاهه سائينءَ جا جيڪي شارِحَ ۽ پارِکُو آهن، انهن مان محترم ڊاڪٽر احسان دانش به هڪ آھي. ھن  شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي پڻ ڪئي آهي، گڏوگڏ لطيفيات تي ٻيا به ڪتاب لکيا اٿائين. سندس تازو ڪتاب ”شاهه لطيفَ جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو“ جي عنوان سان شايع ٿيو آهي. جنھن ۾ درد جي موضوع تي لکيل سندس تحقيقي مقالا ڏنل آهن. ”شاهه لطيف، دردَ جي حقيقت، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جا لفظي روپ، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو فلسفو، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جون ڪيفيتون، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سورَ جي سونھن، شاهه لطيف جي سورمين وٽ درد جا انواعَ، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد ۽ عشق جو لاڳاپو ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جو سماجي ڪارج“ اهي موضوع آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ ڏنل آهن.

02/10/2021

ڪتاب ”ناوَ ۽ ناکُئا“ تي هڪ نظر - پروفيسر ستار سومرو (Prof. Sattar Soomro)

 پروفيسر ستار سومرو

منصور ٿَلهي جي تحقيقي ڪتاب

”ناوَ ۽ ناکُئا“ تي هڪ نظر


دنيا جي تاريخي ۽ قديم ڪتابن مان رگويد جي اسلوڪ ۾ سنڌو ندي جو ذڪر هن انداز ۾ ملي ٿو ته (اجھل اڻ موٽ سنڌو ٻل واري سگهاري سنڌو، ڏينھن رات ميدانن مان اپار پاڻي جو ڦهلائي جرڪندي ۽ ڪڙڪاٽ ڪندي وهندي رهي ٿي.) پاڻي زندگي آهي ۽ پاڻيءَ تي زندگي پلجي ٿي. انسان ذات جو پاڻي سان تعلق ابتدائي آهي، ڇو ته انساني زندگيءَ جا شروعاتي نشان ۽ آثار پاڻي وارن هنڌن تي مليا آهن. انسان پنھنجي گذر معاش ۽ واپار جو ذريعو به دريائن ۽ سمنڊن جي هنڌن تي ڳولي لڌو، ۽ اهو واپار وارو تسلسل دراوڙي نسل کان وٺي موجوده دور تائين جاري ساري رهندو آيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي قديم تھذيبن جو بڻ بنياد به پاڻي آهي. انهن ئي دريائن ۽ سمنڊن جي ڪنارن تي انساني تھذيب جو جنم ٿيو آهي. دنيا جي مختلف تھذيبن ۾ پاڻي جي پوڄا به ڪئي وئي آهي، جنھن کي (جل پوڄا) چيو وڃي ٿو. نديون، درياءَ ۽ سمنڊ انساني جياپي، وجود جي بقا ۽ خوشحالي جي اهڃاڻ آهن. ندين ۽ دريائن کي ماڻهو پاڪ ۽ پوتر سمجهندي دريائن کي ديوتائن جو درجو ڏنو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پاڻي، سمنڊ، دريائن ۽ دريائي جيوت تي سُر رچيندڙ اسان جو قومي ۽ محبوب شاعر لطيف سر سامونڊي، سر سريراڳ، سر گهاتو ۽ سر ڪاموڏ جھڙا پاڻيءَ جي موضوع تي سر ڳائي پاڻي جي اهميت ۽ افاديت ظاهر ڪندي سنڌ جي تھذيب ۽ ثقافتي اتھاس رقم ڪري ٿو. ڀٽائي اهڙين روايتن، سنئوڻ ساٺ ۽ جل پوڄا جو ذڪر هن انداز ۾ پيش ڪري ٿو:

اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَھُون وَڻجارنِ جون؛

آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي، سمُونڊ کي. (سر سامونڊي)

جَرَ تڙَ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُٽِيُون؛

اَلا! ڪانڌُ اچي، آسائِتِي آهيان! (سُر سامونڊي)

 سنڌي شاعريءَ ۾ ڀٽائيءَ کان علاوه ٻين شاعرن، اديبن، ليکڪن ۽ ڪھاڻيڪارن پنھنجي لکڻين، تحريرن ۽ تخليقن ۾ پڻ پاڻي جو ذڪر خوبصورت انداز ۾ ڪري ڄڻ ڀٽائي جي روايتن کي دهرايو آهي. اهڙي طرح سنڌي ٻوليءَ جو عظيم شاعر شيخ اياز پاڻيءَ جو ذڪر هن انداز ۾ ڪري ٿو:

 تون به پاڻي، مان به پاڻي، آ ته پرچون پاڻ ۾.

تار ۾ آ تک ڏاڍي، ناوَ منھنجي آ پراڻي

آ ته پرچون پاڻ ۾.

تون به آهين ڪا ڪھاڻي، مان به آهيان ڪا ڪھاڻي،

آ ته پرچون پاڻ ۾.

رات کي ٿي رات ڳولي، ڪو ستارو ناھ ساڻي،

آ ته پرچون پاڻ ۾.

لھر پنھنجا پھر جهاڳي، سير ۾ آخر سماڻي،

آ ته پرچون پاڻ ۾.

سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ٻي مشھور ۽ قومي شاعر ابراهيم منشي به درياءَ جي دهشت، ٻيل ٻيلاٽيون ۽ ناوَ جو ذڪر انتھائي خوبصورت انداز ۾ ڪري ٿو ته:

ويندو درياءُ ڇڏي دهشت بڻائي ٻيلا ٻيلاٽيون،

چڙهي ڪنھن ناوَ ننڍڙي تي انهن ٻيٽن ۾ ملندا سين.

شيخ اياز ۽ ابراهيم منشي کان پوءِ اسان کي الطاف شيخ جو نالو ملي ٿو جيڪو سفرنامن جو بادشاھ ليکڪ آهي، جنھن تاريخي سفرناما لکيا آهن ۽ انهن سفرنامن جو واسطو تقريبن پاڻيءَ جھڙي موضوع سان گهڻو رهيو آهي ۽ پاڻيءَ سان لاڳاپيل ڪردارن جھڙوڪ ٻيڙائتن، ناکئن، مير بحر ۽ ملاحن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ۽ عظيم ڪھاڻيڪار علي بابا جو يادگار ۽ تاريخي ڊرامو (دنگي منجهه دريا) پڻ دريائي جيوت سان لاڳاپيل آهي، جنھن کي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو هيو. موجوده دور ۾ اهڙي موضوع تي قلم کڻندڙ دريائي جيوت، بندرن، ٻيڙائتن ۽ ميرن ملاحن سان پيار ڪندڙ سڄاڻ ليکڪ، تخليقڪار ۽ محقق منصور ٿلهو به آهي جنھن تازو (ناوَ ۽ ناکُئا)  ڪتاب لکي جنھن عشق جو اظھار ڪيو آهي ان مان منصور مون کي ڀٽائيءَ جي سر سامونڊي جو ڪردار ۽ سر گهاتو جي هيرو ۽ مورڙي جي روايتن کي برقرار رکي ۽ سامونڊي بندرن تي رهندڙ ميرن، ڪوجهن، ناکئن، ٻيڙائتن ۽ ملاحن جي ترجماني ڪري ڄڻ ته ڀٽائي جا پنڌ ۽ پيچرا لتاڙيا آهن.  منصور جي اهڙي سامونڊيڪو سڱ جو اظھار ڀٽائيءَ جي هنن بيتن جھڙو لڳي ٿو:

سامُونڊِيَڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون؛

اَنگُن چاڙھي اَنگُ، ويو وَڻِجارو اوھِري!


سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان،

مون کي ٿي ماري، انين سندي ڳالهڙي!

هونئن ته ڀائُو منصور سنڌي ادب جي جهولي ۾ مختلف موضوعن جھڙوڪ ڪھاڻيون، ناول، لاڙ پٽن جي لغت ۽ سنڌي اسڪرپٽ جھڙن موضوعن تي چوڏهن ڪتابن جو ذخيرو ڏئي چڪو آهي. سندس هي پندرهون ڪتاب ناوَ ۽ ناکُئا آهي، جيڪو تحقيق جي پاسي ۾ سگهارو، ڳورو، لاڀائتو ۽ تاريخي ڪتاب ثابت ٿيندو. ڀائو منصور هن ڪتاب ۾ قديم ۽ قومي روايتن کي پنھنجي فن جي ذريعي جديد انداز ۾ پيش ڪري ڀٽائي واري کاڙي کيڙائو جھڙو کاهوڙي ليکڪ ۽ سٺو محقق نظر ٿو اچي. هي اهو منصور آهي جيڪو لطيفي روايتن کي دهرائيندي سامونڊي بندرن، تڙن تي ويھي ناکئن جي ناوَ جو ونجهه هلائي ٿو ۽ انهن ٻيڙاتئن ملاحن ۽ ميربحرن جي سڏڪن، دردن ۽ اهنجن کي پنھنجو درد سمجهي روح رچنديون ٿو ڪري.

اهڙو تحقيقي ڪم ڊرائنگ روم ۾ ويٺل اديب ۽ سرڪاري ليکڪ کان ڪونه پڄي سگهندو؟!

سکن واري سڌ متان ڪا مون سين ڪري،

اندر جنين اڌ ڏونگر سي ڏورينديون.

هي عملي ۽ جاکوڙ ڪندڙ محقق آمريڪا جھڙي رنگين ملڪ ۾ رهندي به اتان جي روشنين جي ور ناهي چڙهيو پر سندس اڄ به تڙپ، تانگهه، سڪ ۽ ڇڪ پنھنجي ڌرتي، وطن، ٻولي ۽ ماڻهن سان آهي. سندس روح مارئيء جيان سنڌ وطن لاءِ روئي ۽ رڙي ٿو.

سَنِھِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساهُ؛

ويٺي سارِيان سُومرا! گولاڙا ۽ گاهُ؛

ھِنئو مُنھِنجو ھُتِ ٿِيو، ھِتِ مِٽِي ۽ ماهُ؛

پَکَنِ منجهه پَساهُ، قالِبُ آهي ڪوٽَ ۾. (سُر مارئي)

ڀائو منصور جون شھر نصير آباد اندر علمي ادبي خدمتون پڻ آهن. پاڻ 1974 جي زماني ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ نصيرآباد جو سيڪريٽري هجڻ دوران ٻاراڻي ادب ۾ لطيف پبليڪيشن قائم ڪري روشني نالي علمي ادبي پرچو ڪڍيو هيو. اڄ اها سنڌي ادب سنگت شاخ نصيرآباد قائم دائم ۽ متحرڪ آهي ته ان ۾ ڀائو منصور جھڙن جاکوڙي اديبن ۽ ٻين شاعرن ۽ ليکڪن جو رت ست شامل آهي.