جسارت الياس جوکيو
وري وسڻ آئيو، ڪينجھر پيتو
کِير
(علي زاھد جي شاعريءَ
جي ڪتاب ”عدم کان اڳتي“ جو تحقيقي جائزو)
ڪائنات ۾ ڌرتيءَ وانگر ٻيا به ڪيترائي گرھ ۽ سيارا ڳوليا ويا آھن، جن مان ھر ھڪ کي پنھنجو ھڪ يا گھڻا الڳ چنڊ آھن، جڏھن ته تارن ۽ ڪھڪشائن جو تعداد ڳڻپ کان ٻاھر آھي. ائين ئي موھن جي دڙي جي ديس جي علمي ۽ ادبي آسمان تي پڻ ڪيترائي گرھ ۽ سيارا ڇانئيل آھن، جن جا پنھنجا پنھنجا چنڊ ۽ تارا آھن. اھا ڳالھ عالم آشڪارا آھي ته شاھ لطيف سنڌي شاعريءَ جو سج آھي، جنھن جي روشني، سنڌي ادب جي ھر گرھ ۽ انھن جي اڻ ڳڻين چنڊن تائين پھتل آھي. وري به جيئن ڌرتيءَ تي جيون گھارڻ جو پنھنجو رنگ ۽ ڍنگ آھي (۽ ھاڻي مريخ تي به زندگيءَ جا آثار ملن پيا)، تيئن شاھ لطيف جي فلسفي کي پڙھي ۽ سمجھي، ان مان متاثر ٿي ڪجھ شاعرن سنڌي شاعريءَ کي ھڪ نئون دڳ ڏَسيو آھي.