06/02/2023

ناول ”ڊيناڪ 109“ جو تجزيو - دادن ’ثقلين‘ لاشاري (Dadan Saqlain Lashari)

 دادن ’ثقلين‘ لاشاري

منظور ڪوهيار جي ناول ڊيناڪ 109 جو تجزيو

 

سڄيءَ دنيا ۾ جيڪي ڪتاب وڌ کان وڌ پڙھيا ويندا آھن انھن ۾ سوانح عمريون ۽ آتم ڪٿائون سڀ کان مٿي آھن. انھن ٻنھي صنفن کان پوءِ جيڪي ڪتاب وڌيڪ پڙھيا ويندا آھن انھن ۾ ناول سڀني کان مٿانھون بيٺوآھي. سنڌي نثري تخليقي ادب ۾ جيڪا صنف ڪافي پٺتي پيل  ھئي انھي ۾ ناول ڪافي عرصي تائين مٿي رھيو آھي. تمام گهٽ معياري ناول پئي لکيا ويا. پر پوئين ڏھاڪي کان وٺي  سنڌي ادب ۾ ناول ڪافي لکجي رھيا آھن. ان جو ھڪ سبب انٽرنيٽ جي ذريعي ملندڙ پذيرائي ۽ موٽ  بہ آھي تہ ساڳيي وقت انھن ۾ ٻہ مکيہ سبب ھي بہ آھن تہ ھڪ: شرح خواندگي پوين ويھن سالن جي ڀيٽ ۾ ھن وقت وڌيڪ آھي ۽ ٻيو: سنڌ جي لڳ ڀڳ پنجن ڪروڙن جي آبادي مان تقريبن  33سيڪڙو آباديءَ جوحصو نوجوان آبادي تي مشتمل آھي جيڪي عمومي طور ڪتابن طرف مائل ٿين ٿا. سنڌي ادب ۾ ناول جو جهجي تعداد ۾ لکجڻ ھڪ خوش آئندہ ڳالهه آھي پر اڪثر ڪري ناولن جا موضوع گهڻي ڀاڱي روايتي ڏٺا ويا آھن. اسان وٽ ناول جي صنف ۾ تجربا ڪافي حد تائين گهٽ ڪيا ويا آھن. ڪنھن بہ صنف، خاص ڪري نثري صنف، جي جيئندان ۽ ترقيءَ لاءِ اھو انتھائي ضروري  آھي تہ ان ۾ مختلف تجربا ٿيندا رھن ۽ جديد دور جي گهرجن موجب ان ۾ نہ رڳو نواڻ آندي وڃي پر نيون تبديليون، نوان گهاڙيٽا، نوان  اسٽائل پنھنجايا وڃن. انگريزي زبان ۾  ناول لکڻ جا ڪي ويھہ کان مٿي قسم ٻڌايا ويا آھن جن ۾ ھيٺيان ڏنل قسم ڪجهه وڌيڪ مشھور آھن:

Realistic Novel*

ھي اھو ناول آھي جنھن ۾ ناول جو پلاٽ، واقعا ۽ ڪردار حقيقت تي مبني ھجن ۽ سندن ماحول بہ حقيقت تي آڌاريل ھجي. مثال طور: Harper Lee's Killing a Mockingbird

 

Picaresque Novel*

ھن ناول جي شروعات اسپين کان ٿي.  ھي اھو ناول آھي جنھن ۾ ناول ۾ موجود ولن، يا چئجي تہ منفي ڪردار کي ساراھيو ويندو آھي جيڪو ڪن سببن جي ڪري ان حالت ۾ اچي پھچندو آھي. ھن ناول جو مقصد ان دور ۾ موجود ريتين رسمن جي پت وائکي ڪرڻ ھوندو آھي.  ھن ناول ۾ مکيہ ڪردار منفي ۽ خراب عادتن وارا ڏيکاريل ھوندا آھن.  مثال:  The life of the Buscon"of Quevedo


Historical Novel*

ھي اھو ناول آھن جيڪو ڪنھن تاريخي واقعن تي آڌاريل ھوندو آھي. ان لئہ اھو ضروري آھي تہ اھو ماضيءَ جي تاريخي واقعن تي آڌاريل ھجي نہ ڪي فقط ڏھہ پندرھن سال پراڻو.  ھي ناول حقيقي بہ ٿي سگهي ٿو تہ تصوراتي بہ. سراج ميمڻ جا ناول ” پڙاڏو سو ئي سڏ“  ۽ ”مرڻ مون سين آءُ “ انھي جا وڏا مثال آھن.


Epistolary Novel*

ھي ناول جو اھو قسم آھي جيڪو ڪجهه ڪاغذن (خط، جرنل، ٽيليگرام) جي ذريعي ٻڌايو ويندو آھي. بنيادي طور ھي خطن تي آڌاريل ھوندو ھيو/ آھي. مثال:

The Advantages of Being Invisible, by Stephen Chbosky,
Letters of Love to the Dead by Ava Dellaira,
The Purple Color, The Journal of Bridget Jones by Alice Walker.


 Utopian Novel*

ھي اھي ناول ھوندا آھن جنھن ۾ ھڪ جنت نما معاشرو ڏيکاريل ھوندو آھي جتي نہ تہ ڪوئي ظلم ۽ ڏاڍ ھوندو آھي نہ ئي غربت ۽ ٻي ڪا سماجي برائي. مثال: 

Utopia"by Thomas Moore, ۽ Sir Francis Bacon's "New Atlantis"

 

Dystopian Novel*

يوٽوپين ناول جي بر عڪس، ھي اھي ناول آھن جتي معاشرو براين ۽ مسئلن سان ڀريل آھي. اڪثر ھي ناول سائنس فڪشن جهڙا ھوندا آھن پر فرق ھي آھي تہ ھن ناول ۾ ان سائنسي ترقي مان اڀرندڙ مسئلا ڏيکاريل ھوندا آھن.  جارج آرويل جو ”1984“ ان جو بھترين مثال آھي.


 Satirical Novel*

ھي اھي ناول آھن جن ۾ ڪنھن شخص يا ڪنھن واقعي تي طنز ڪيل ھجي. طنز اڪثر ڪري اھڙي انداز سان ڪيل ھوندي آھي جو بظاھر نہ لڳندو آھي تہ ڪنھن مخصوص ماڻھو يا واقعي کي نشانوبڻايو ٿو وڃي. جارج آرويل جو اينيمل فارم ان جو وڏو مثال آھي.


 Autobiographical Novel*

ھن ناول کي اسان سوانحي ناول چئي سگهون ٿا. ھي اھو ناول آھي جنھن ۾ ليکڪ پنھنجي زندگيءَ جي باري ۾ افسانوي انداز ۾ لکندو آھي يا پنھنجي زندگيءَ مان ڪجهه حصا ان ۾ شامل ڪندو آھي. طارق عالم ابڙي جو  ناول ” رھجي ويل منظر“ ھن صف ۾ اچي سگهي ٿو. يا مايا انجلو جو ناول بہ انھي ڪيٽيگري ۾ اچي ٿو.

I know why the caged bird sings

 Science Fiction- Sci-Fi

ھي ناول جو  اھو قسم آھي جنھن ۾ ليکڪ مسقبل جي باري ۾ اڳڪٿيون ڪندو آھي يا سائنسي ايجادن جا من گهڙت واقعا پيش ڪندو آھي. انھيءَ ناول جا ھي مثال آھن؛

War of the Worlds by H.G.Wells، and Twenty Thousand Leagues Under the  Sea by Jules Verne.

ان کان علاوہ ڪجهه گهٽ معروف قسم پڻ آھن جن ۾ صوفي ناول، ڊائري ناول، سفري ناول، نفسياتي ناول وغيرہ وغيرہ. سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول جي مختلف قسمن تي گهٽ ئي تجربا ڪيا ويا آھن. جيئن دنيا جي ادب ۾ ناول جي ٽرائلاجي جهجي تعداد ۾ لکي وئي آھي پر سنڌي ادب ۾ ھيل تائين  رڳو ٻہ ٽرائلاجيز لکيون ويون آھن؛ ھڪ آھي سراج ميمڻ جي لکيل ۽ ٻي آھي دوست منير چانڊيي جي لکيل. ساڳي طرح سان ڊسٽوپين ناول جيڪو انگريزي ادب ۾ ڪافي مشھور قسم آھي؛ ناول جو انھي  قسم تي اسان جي ادب ۾ ڪو تجربو ٿيو ئي ناھي (يا منھنجي مطالعي ۾ ناھي آيو). ناول کيتر ۾ تجربن جي انھيءَ اڻاٺ واري ماحول ۾ سائين منظور ڪوھيار کي جس ھجي جيڪو سنڌي ناول ۾ تجربا ڪندو ٿو رھي ۽ ھيل تائين اسان کي ٻہ خوبصورت تجربا ڏئي چڪو آھي. سندس پھريون تجربو ھيو جرني يا سفري ناول ”طريقت جو سج“ ۽ سندس ٻيو تجربو آھي سندس تازو ڇپايل ناول ڊيناڪ 109 جيڪو ھڪ ڊائري ناول آھي.  منھنجي محدود  مطالعي مطابق ھي سنڌي ادب ۾ پھريون تجربو آھي.  منظور ڪوھيار جو ھي ناول ڊيناڪ 109 پنھنجي نوعيت جو ھڪ منفرد ۽ ڪار آمد تجربو آھي.

ڊائري  ناول جي وصف منظور  ڪوھيار ھيئن ڏني آھي تہ: ”ھڪ ڪردار جي تفصيلي ڪهاڻي، جنهن جي خيالن ۽ واقعن کي لکيل ڊائري جي حوالي سان، افسانوي انداز ۾ بيان ڪجي. ساڳي طرح ڊائري ناول جو اصطلاح  1989 ۾ پھريان پينسلوانيہ يونيورسٽي جي لٽرري ٿيوريشن ڊاڪٽر جيرالڊ جي پرنس پنھنجي ھڪ مضمون ۾ ڏنو. ھن  ان جون ٽي خصوصيتون بيان ڪيون آھن؛ پھرين تہ ضمير متڪلم ۾ ھجي. ٻيو افسانوي بيان سلسليوار ھجي. ٽيون ٻڌائيندڙ ۽ ٻڌندڙ ليکڪ پاڻ ھجي. ڪجهه مشھور ڊائري ناول ھيٺ ڏجن ٿا:

Go ask Alice by Beatrick Spark.*

Gilead by Marylyne Robinson*

The Children of men by PD  Jam*

I capture the castle by Dodie Smith*

وغيرہ وغيرہ.

ھاڻي اچون ٿا منظور ڪوھيار جي ناول ڊيناڪ 109 طرف. جيئن مون مٿي عرض ڪيو تہ ھي ناول سنڌي ادب ۾ ھڪ منفرد ۽ ڪار آمد تجربو آھي ـــ منفرد ان ڪري تہ اڳ ۾ اھڙي نوعيت جو مثال نٿو ملي ۽ ڪار آمد ان ڪري تہ جيڪي سنجيدہ ۽ تجرباتي ذھن رکندڙ ليکڪ ھوندا  اُھي ھن ناول مان ڪافي لاڀ پرائيندا ۽ جديد ناول ۾ جيڪي بين الاقوامي سطح تي تجربا ٿي رھيا آھن انھن تي طبع آزمائي ڪندا جيڪو سنڌي ادب لئہ نھايت فائديمند ثابت ٿيندو.  ھي ناول ليکڪ نيدرلينڊ ۾ واقع  ڊيناڪ 109 ھسٽل تي پنھنجي تعليم دوران قيام تي لکيو آھي.  ناول ۾ مکيہ ڪردرار دلمراد ۽ نگيتي آھن  جيڪا دلمراد جي ڪلاس فيلو آھي ۽ آفريڪا جي ملڪ اريٽيريا جي رھاڪو آھي، جڏھن تہ دلمراد لاڙڪاڻي جو رھواسي آھي.  اھي ٻئي ۽ انھن سان سلھاڙيل ٻيا ڪردار  ھڪ اسڪالرشپ تي  ارازمس  يونيويسٽي روٽرڊم  جي انٽيٽيوٽ فار ھائوسنگ اينڊ اربن ڊولپمنٽ اسٽڊيز ۾ ڊپلوما ڪرڻ ٿا وڃن. دلمراد ، ناول جو مکيہ ڪردار، جنھن جي ڊائري جو بڻياد ھي ناول آھي، ھڪ اٻھرو ۽ عاشق مزاج طبيعت نوجوان طور ڏيکاريل آھي، جيڪو پنھنجي دوست دمساز جي جي صلاح تي ’لذتن جي جھان‘ يورپ ۾  ڪو نہ ڪو معاشقو ڪرڻ چاھي ٿي پر ساڳي وقت ھن کي ڪافي رک رکاءُ وارو ۽  بردبار بہ ڏيکاريو ويو آھي. ھو دلي خواھش تہ اھا  ٿو ڏيکاري تہ مڙئي ڪا دوشيزہ کيس ’لفٽ‘ ڪرائي پر سندس دل نگستي تي نڍال ٿِي پوي ٿي ۽ ھو سندس عشق ۾ ان حد تائين ھليو ٿو وڃي جو ھن سان گڏ سندس ملڪ اريٽيريا وڃي سندس ملڪ جي آزاديءَ جي جنگ وڙھڻ لئہ بہ تيار ويٺو آھي. مونکي ان ڪردار جي شخصيت ۾ ڪجهه تضاد نظر آيا يا ليکڪ شايد ان ڪردار جي محبت کي مظبوطيءُ سان بيان نہ ڪري سگهيو آھي / نہ ڪرڻ چاھيو آھي. ھڪ طرف تہ دلمراد ( ناول جو مکيہ ڪردار) نگستيءَ سان سندس ملڪ وڃي سندس پاران آزاديءَ جي جنگ وڙھڻ لاءِ بہ تيار ٿي ويو آھي پر ساڳئي وقت ھو ٻين ڇوڪرين کي بہ تاڙيندو ٿو رھي. ليکڪ ڪمال ڪاريگريءَ سان دلمراد کي ھڪ مثالي عاشق بہ ڏيکاريو آھي تہ ان ئي وقت کيس  روئڻو  ۽ جذبات جي ريلي  کان بچائيندي بہ نظر آيو آھي.

ھن ناول جي اھم ۽ نمايان ڳالهه  جيڪا ان کي ڪنھن بہ عالمي ناول جي صف  ۾ آڻي بيھاري ٿي اھا آھي تاريخي مڪالما ۽ عالمي حالتن جو تجزيو. منظور ڪوھيار ڪمال ڪاريگريءَ سان تاريخي حوالن ۽ واقعن تي تجزيا نگاري ڪئي آھي، ايئن ٿو لڳي ليکڪ کي عالمي تاريخ ۽ ڪلچر جي ڀلي ڀت پروڙ آھي. ھن سلسلي ۾ ناول مان ڪجهه مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا:

* ”جڏھن فلسطيني گوريلن جي ھڪ گروپ ’بلئڪ سيپٽيمبر‘، رانديگرن جي لباس ۾، اولمپڪ وليج ۾ گهڙي، اسرائيل جي 9 رانديگرن ۽ ڪوچن کي يرغمال بڻايو. جڏھن جرمن ڪمانڊوز ڪارروائي ڪئي تہ نتيجي ۾گوريلن 9 يرغمالي ماري وڌا ۽ 5 گوريلا، ڪمانڊوز جي فائرنگ ۾ مري ويا. ھن واقعي ڪري جرمني کي ڏاڍي شرمندگي حاصل ٿي. اولمپڪ 2- آگسٽ 1972ع تي خوشيءَ بجاءِ ماتمي ڌن سان ختم ٿي هئي.“

* ٿوري جهٽ کان پوءِ مون سندس آڏو ھڪ ٻيو سوال رکيو،”سنڌو سڀيتا جي باري ۾ ڇا خيال آھي ؟“

”اھا به آفريقي ماڻهن جو تسلسل آھن ! “نگستي وراڻيو.

”ثبوت ؟“

”ڊانسنگ گرل ۽ ڪنگ پريسٽ جا وصف چڱيءَ ريت ڏس...! ٻي ڳالهہ کي ڇڏ، پر جي تون پنهنجو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائيندين تہ توکي خبر پئجي ويندي!“  تاريخي معلومات ۽  تاريخي تجزيي سان ڀرپور اھڙا مڪالما صفحي نمبر، 66، 74،80، 110، 111 ۽ 207 تي ملندا، طوالت جي ڪري مان ھتي اھي سڀ پيش نٿو ڪري سگهان.

ساڳي طرح ڪوھيار صاحب نہ رڳو تاريخي معلومات  ۽ واقعا ٿو پيش ڪري پر انھن ۾ ڀرپور دلچسپي پيدا ٿو ڪري تہ جيئن پاٺڪ بور نہ ٿئي ۽ پنھنجي دلچسپي وڃائي نہ ويھي.  ان کان علاوہ ھي ناول پڙھندي  پاٺڪ  مختلف سماجن جي سماجي، سياسي ۽ ثقافتي ڄاڻ حاصل ڪري سگهندو. مثال طور ھي پئراگراف ڏسو:

*” انفرادي مثالن مان ئي، سماجي تبديلي جنم وٺندي آھي. شايد توکي خبر ناھي تہ اريٽيريا جي شاعرہ ’ربڪا‘ پنهنجي انفرادي مثال سان، اجتماعي شعور کي اڀاريو، جو نہ صرف طئہ ٿيل شادين، پر عورت جي باعصمت هجڻ‘ واري ڪُڌي رسم جو بہ خاتمو ٿي ويو. “

”اھو ڪيئن ممڪن ٿي سگھيو...؟ “ پڇيومانس.

” اسان وٽ رواج ھيو تہ جنهن ڪنوار جي شاديءَ رات، گهوٽ طرفان ڪنوارپڻي نہ هئڻ جو الزام لڳندو ھيو تہ ساھرا، ڪنوار کي ٻي ڏينهن تي گهران بي عزتو ڪري ڪڍندا ھيا. ھڪ ڏينهن ھڪ نوجوان جا مائٽ ربڪا جي گهر سندس والدين کان سڱ گهرڻ آيا. ان نوجوان ڪجهہ ڏينهن اڳ پنهنجي ڪنوار کي اهڙي الزام تحت گهران ڪڍيو ھيو، ربڪا کي جڏھن خبر پئي تہ ھن مائٽن سامهون اچي اعلان ڪيو تہ ھو ان نوجوان سان هرگز شادي نہ ڪندي، جيڪو عورت جي جسماني طور ست سيل جو قائل آھي!‘

 اھو ٻڌي گهوٽيتا ڪاوڙجي واپس ھليا ويا. پر سندس مِٽ مائٽ بہ کائنس سخت ناراض ٿيا. پوءِ ھن، ردعمل ۾ سڄي واقعي کي ھڪ نظم ڪنوارپ (Virginity ) جي عنوان سان لکي ڇپرايو. ان شعر تي اريٽيريا ۾ شور مچي ويو. قدامت پسندن گهڻو ھل ھنگامو ڪيو، پر اريٽيريا جي ترقي پسندن سندس وڏو ساٿ ڏنو. نتيجي ۾ان واھيات رسم جو هميشہ لاءِ خاتمو ٿي ويو.“

ڪوھيار صاحب  پاٺڪ جي دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ نہ رڳو تاريخي حوالا ۽ تجزيا پيش ٿو ڪري، پر ھو مظلوم قومن جي ادب مان سندن شاعري بہ پيش ٿو ڪري:

*” ھاذ - ھاذ جي پهاڙي تي

اسمارا جي ھڪ نينگري

باوقار، نازڪ ۽ سندر ابيبہ

 جنهن جي سندرتا کي ڏسي،

 بهار جي گلن گيت ڳايا ھيا

ھوءَ ڪجل جي تلڪن جيان خوبصورتي جو شاھڪار هئي.

جنهن رات اھي ظالم

 کيس ھٿ ڪڙيون ھڻي کڻي ويا  هيا.

ان کان هڪ ڏينهن اڳ

 ھُن اگهلگهيل، مون کي تحفي ۾ ڏني هئي

 جڏھن مارڻ کان پوءِ ،

 ھو ھن جي قبر کوٽي رھيا ھيا

 ائين پئي لڳو،

ڄڻ تہ سندس موت کي لڪائيندا ھجن

ڏينهن جو ھن جي غير حاضريءَ کي ته محسوس ڪيان ٿي

 پر رات جي اونداھيءَ ۾،

ھوءَ ھر پل مون سان ساڻ آھي

 ھوءَ نه ٿي چاھي ته مان اڪيلي رھان

مون وٽ سندس اگهلگيل وارو يادگار تحفو اڃا موجود آھي

ڪاش ! مون کي ابيبه جي اگهلگهيل ئي ٻڌائي،

هٿ ڪڙين ۾ ڦاٿل سندس نازڪ هٿن بابت

ھاءِ ! اھا مکڙي، بنان ٽڙڻ جي مرجهائجي وئي.....“

ٻڌڻ کان پوءِ، سڀئي ڇوڪريون آبديده ٿي ويون. ورونا ته ڪافي دير تائين مِسڪندي رھي..

پاڪستاني اڪاين ۾ سنڌي  اھا واحد قوم آھي جنھن کي نہ رڳو پنھنجي رسم  الخط آھي پر  اسان ھميشہ ان ڳالهه جا حامي رھيا آھيون تہ پاڪستان ۾ ڳالھائي ويندڙ سڀني ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. ڪوھيار صاحب انھي اھم ڳالهه جي حساسيت کان بخوبي واقف آھي ۽ ناول ۾ ٻولين جي اھميت، ۽ ٻيون قومون ڪيئن پنھنجي ٻولين بچائن ٿيون يا بچائڻ چاھن ٿيون، انھي تي ھڪ مدلل طريقي سان بحث ٿو ڪري :

* جڏھن کان مون شام جو نگستي جي روم تي وڃڻ شروع ڪيو ھيو تہ ڪيترا دفعا کيس اھو جهونگاريندي ٻڌو ھيو :

” اريتريا،اريتريا،اريتريا

بآل دآما

نلڪآسآ...“

اڄ پڇي ويٺومانس،” اھو چوين ڇا پئي؟“

” قومي گيت!“

 ”ڪهڙي ٻوليءَ ۾ آھي؟“

” تگريني ۾!“

 ”ڇا، اريٽيريا جي قومي ٻولي تگريني آھي؟“

 ” اسان جي منشور مطابق اريٽيريا جون نوَ قومي ٻوليون آھن.“

” نوَ ! “حيرت وچان منهنجو وات ٻاڪون ٿي ويو.

 ”جڏھن ھڪ قوم جا ماڻهو نَو ٻوليون ڳالهائين ته نوَ ئي ھجڻ گهرجن.“ پوءِ پڇيائين، ” توھان جي ملڪ ۾ گهڻيون قومي ٻوليون آھن ؟“

وراڻيم،” ھڪ!“

” اھا توھان جي مادري ٻولي آھي ؟“

” نه!“

” مادري ٻولي ڪهڙي آھي ؟“

”سنڌي!“

”پوءِ اھا، ڇو نہ ؟“

منجهي پيس ته ڇا جواب ڏيانس. جواب ڏيڻ بجاءِ الٽو کانئس سوال ڪيومانس،” توھان جون قومي ٻوليون ڪهڙيون ڪهڙيون آھن ؟“

 ”تگريني، تگر،ڪناما، ساھو، بائلن، نارا، افار، بيجا، رشيديه (عربي)“

” توکي گهڻيون ٻوليون اينديون آھن ؟“

”سڀئي!“

”پوءِ تگريني ۾ صرف قومي ترانو ڇو ؟“

”سڀني قومي ٻولين ۾ ترانو چيو ويندو آھي. ايستائين جو اطالوي ۽ انگريزي ۾ به !“

مان جڏھن روم تي آيس ته سوچڻ تي مجبور ٿيس ته ’اسان وٽ ڀلا صرف ھڪ ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ تي ايڏو زور ڇو ڏنل آھي ...؟

 

منظر نگاري ڪنھن بہ لکڻي، خاص ڪري نثري تخليقي ليک جي جان ھوندي آھي. جيتري سگهاري ۽ واضح منظرنگاري ھوندي تہ اوترو نہ رڳو پاٺڪ جي ذھن ۾ ھڪ تصوير جڙندي پر پاٺڪ پاڻ کي ان جو حصو سمجهڻ لڳندو. ڪوھيار صاحب ڪافي حد تائين ان ۾ ڪامياب ويو آھي. ناول مان ھڪ مثال پيش ڪجي ٿو:

*اڄ ڪئنٽين ڄڻ تہ جادونگريءَ جو ڏيک پئي ڏنو.آفريقي ڇوڪريون چهچ ساون، ڳاڙھن ۽ گهاٽي نيري رنگ جي ڪپڙن ۾ ملبوس مٿي تي پٽاپٽي رومال ويڙھيون، ھيڏانهن ھوڏانهن پئي ڦريون. زبان کان وڌيڪ سندن جسم جي انگن پئي ڳالهايو. ايشيائي ڇوڪريون جن کي رنگبرنگي نفيس ڪپڙا پهريل ھيا، سي ڄڻ لوڪ آکاڻين واريون اپسرائون پئي لڳيون.

 

جيئن تہ ڪوھيار صاحب ھڪ روشن خيال ليکاري آھي ۽ ھٿ ٺوڪين رسمن جي خلاف رھيو آھي، ان ئي سوچ جي تسلسل کي ھن پنھنجي ناول جي ذريعي بہ نہ رڳو پيش ڪيو آھي پر ان حد تائين ويو آھي جو ناول جو مکيہ ڪردرار ھڪ عورت آھي جيڪا پنھنجي ديس جي لاءِ وڙھندي شھادت جو جام نوش ڪري ٿي. ان سا گڏوگڏ، ارادي طور تي ليکڪ عورت جي تعليم جي اھميٿ ۽ افاديت کي نروار ڪيو آھي. ھن عورتن جا اُھي ڪردار کنيا آھن جيڪي نہ رڳو بولڊ آھن پر اھي موجودہ  دقيانوسي تصورن (اسٽيريوٽائپ) کي للڪارن ٿا. ھن ناول ۾ مختلف ھنڌن تي عورتاڻي تحريڪن ۽ عورتاڻي حقن تي ڪردارن جي ذريعي بحث ٿيل آھن ۽ اھا ڳالهه مڃايل آھي تہ عورت ڪنھن بہ حوالي سان مرد کان گهٽ نہ آھي. ھو ڪيترا ئي حوالا کڻي آيوآھي جتي عورت جو ڪردار ھڪ ھيرو وارو آھي جيڪا پنھنجي ديس جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لئہ سرگردان آھي. جيئن ھو ڏيکاري ٿو تہ ڪيئن نگستي مردن کي سکيا ٿي ڏي ۽ کين ڏاڍاين خلاف وڙھڻ لاءِ تيار ٿي ڪري.  ساڳي وقت ڪمال مھارت سان ھڪ واقعي جي ذريعي ھو ٻڌائي ٿو تہ ڪيئن عورت جي جسم کي مرد پنھنجي حوس جو نشانو بڻائيندو آيو آھي، ۽ ڪيئن ان بنياد تي کيس ذلت جو شڪار ڪندو رھيو آھي. ھڪ مثال پيش ڪجي ٿو:

* ڪوئي ستين وڳي صبح جو روزمئري باٿ روم مان وھنجي سهنجي مٿي سان ٽوال ويڙھيون، اُگهاڙي ڇاتي ڪيون ٻاهر نڪتي، ته اتفاق سان ان وقت سريش به باٿ روم طرف پئي آيو. ڏسي چيائينس، ”ھاڻي ائين ڪندينءَ ته پوءِ مرد ڇو نه ڇتا ٿيندا؟“ سريش جو چوڻ ۽ روزمئري سِڌيون ٻڌائڻ شروع ڪيس. روزمئري جي لُڙَ، مون سميت گهڻن کي رومس مان نڪري اچڻ تي مجبور ڪيو: ”مرد ڇاتيون اگهاڙيون ڪري ھلن ته ٺيڪ، عورتون ڪن ته اوھان جو مٽ ٿو وھي ...! ڇا منهنجي ۽ تنهنجي ماءُ جي ارھن ۾ ڪو فرق آھي ...؟ ھنن ۾ آھي ڇا...؟ ٽشوز ته آھن، جن مٿان چرٻي چڙھيل آھي.“

ائين چئي روزمئري، سريش جو هٿ وٺي پنهنجي ڇاتيءَ تي رکيو، ”ھاڻي ٻڌاءِ، ڇا توکي سيڪس ٿو چڙھي...؟ جي چڙهئي ٿو ته پوءِ ھالينڊ جي ڳئن جو اوھ  ڏسي به چڙھندو ھوندئي ...؟“

انهيءَ تي ڪلپاج، سريش جي وَٽِ وٺندي چيس،”عورتن جون اگهاڙيون ڇاتيون ڪري ھلڻ، اسان جي ڪلچر ۾ برو سمجهيو ويندو آھي؟“  ”لعنت آ، توھان جي نام نهاد ڪلچر تي!!.. مان دنيا جي اهڙي ڪلچر کي مڃان ئي نه ٿي، جيڪو عورت کي صرف جسماني لذتن جو گهر ڪري سمجهي. آفريقا جي ڪيترن ئي قبيلن ۾ اگهاڙي ڇاتين واريون عورتون ھلنديون وتن. اتي مردن کي ڪجهه محسوس نه ٿو ٿئي. اھا مردن جي هٿ ٺوڪي اخلاقيات آھي ته جيئن پنهنجي بي راه روي کي جواز ڏئي سگهن!

”پر دنيا جي سڀني ڌرمن جي قانونن ۾ عورت کي پنهنجا خاص حصا ڍڪڻ لاءِ تاڪيد ٿيل آھي.“ ڪلپاج ترش لهجي ۾ وراڻيس.”مان پيشي جي لحاظ کان وڪيل آھيان. مون دنيا جا گهڻا فيملي لاز Family Laws پڙھيا آھن. پنجن هزارن سالن کان وٺي عورت سان باقاعده تعصب کان ڪم ورتل آھي. چئو ته ٻڌايانءِ ته منوسمرتي ۾ عورت سان ڪيئن ڀيد ڀاؤ ٿيل آھي ؟“

 

اھڙي طرح ھو ھڪ ٻي ھنڌ بحث جي ذريعي ڏيکاري ٿو تہ ڪيئن عورت بنا ڪنھن فرق جي مزاحمت جي ميدان  ۾ پآڻ ملھائي ٿي ۽ مردن کي مات ٿي ڏئي. ھڪ مثال  ھيٺ ڏجي ٿو:

* اڄ بہ الجزائر ۾ لاله فاطمہ آزادي جي علامت سمجهي وڃي ٿي. جنهن فرينچ جنرل مارشل راندون کي عورتن ۽ مردن جي گڏيل لشڪر سان شڪست ڏني ھئي. پورا ست سال سخت مزاحمت ڪيائين. ڪجهه غدارن جي دغابازيءَ ڪري پڪڙجي پئي ۽ جيل ۾ وفات ڪيائين. فرينچ ليکڪن تہ کيس پنهنجي علائقي جي ’جون آف آرڪ‘ سڏيو آھي. ان جي شاهدي ڪيترن فرينچ آفيسرن لکت ۾ ڏني تہ سندس لشڪر ۾ عورتون پنهنجن ورن ۽ ڀائرن سان گڏجي بي جگري سان وڙھيون ھيون.“

 

 

ھن ناول ۾ جيڪا ٻي اھم ۽ من کي لڀائيندڙ ڳالهه آھي اھا ھي آھي تہ ليکڪ مختلف حولان ۽ طريقي سان تاريخي تنقيدي جائزو ٿو پيش ڪري ۽ عالمي ڏاڍ ، جبر، تاريخي نا انصافين ۽ منافقت تي ھڪ ڏاھي، مفڪر ۽ تاريخدان وانگي جرح ٿو ڪري ۽ نام نھاد قوم پرستي واري مڪروھہ  چھري  ۽ انھن قوتن جي پت وائکي ٿو ڪري.  نہ رڳو اھو، پر ساڳئي ئي وقت جيڪي نام نھاد ترقي يافتہ ملڪ آھن انھن ۾ موجود  مسلمانن سان امتيازي سلوڪ تي بہ پنھنجي ڪاٽ واري نظر رکي ٿو. ڪجهه مثال.:

* ڪي ٿورڙا نقاد، ڪالم نگار ۽ ڪارٽونسٽ اهڙا بہ ھيا، جن حق سچ پئي اظهاريو. مثلن: ’فرٽس مُولرFrits Muller‘ جي ڪارٽون جو عنوان ھيو: ”Multi National efforts “، ان ڪارٽون ۾ دنيا جي داداگيرن تي چڱي ڀلي طنز هئي تہ آمر صدام کي هٿيار ڏئي مضبوط ڪرڻ ۾ انهن جو ئي هٿ آھي، جيڪي اڄ سندس ڪڍ آھن. ان ۾ ’صدام‘ جي فوٽوءَ مٿان مختلف قسم جا ليبل لڳل ڏيکاريل ھيا. جن تي ميڊ ان اٽلي، جرمني، انگلينڊ، فرانس، آمريڪا، نيڌرلينڊس وغيره لکيل ھيو. اھا به وضاحت ٿيل هئي تہ اٽلي عراق کي ٽينڪون ۽ ھوائي جهاز، جرمني هٿيارن جا اسپيئر پارٽس، انگلينڊ زير زمين بنڪرس، فرانس ايئر ڪرافٽ، آمريڪا ھيليڪاپٽر ۽ نيڌرلينڊس انفرا ريز دوربينيون ۽ ٻيو جنگي سامان وڪيو ھيو. وڏي ڳالهه اھا هئي ته صدام جي وڏي دشمن اسرائيل بہ بلئڪ مارڪيٽ ۾ عراق کي اسپيئر پارٽس سپلاءِ ڪيا. مطلب تہ عراقي تيل جي وھندڙ گنگا مان سڀني هٿ ڌوتا ھيا.

 

*”بيلجم جو بادشاه ليوپولڊ ٻيو (Leopold 2) ڪانگو جي ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جو قاتل ھيو.“ روزمئري ٻڌايو.

 مون کي وڌاءُ لڳو ته چيومانس، ”مون ته ڪٿي ناھي پڙھيو؟“

”افسوس آھي ته دنيا کي يهودين جو جرمنيءَ ۾ ٿيل Holocaust (قتلِ عام) جي ته خبرآھي، پر ڪانگو ۾ ٿيندڙ نسل ڪشي ياد ناھي.“

پر بيلجم ته ننڍڙو ملڪ آھي، ھن اھو ڪيئن ڪيو ھوندو ؟“

” شايد تون يورپ ۾ بيلجم جهڙن ننڍن ملڪن بابت اھا چوڻي نہ ٻڌي آھي تہ : Small country, small .minded people 

 

ھن ناول جو سڀ کان سگهارو ۽ معياري پھلو آھي اصطلاحن ۽ ٺيٺ سنڌي ٻولي جو استعمال جنھن کي مان ٻوليءَ جي ڪمالتا ٿو سڏيان. ڪوھيار صاحب اھڙي تہ محاوراتي، ٺيٺ سنڌي استعمال ڪئي آھي جو پڙھندڙ خوشي ۽ مسرت واري حيرت کان سواءِ رھي نٿو سگهي. ڪمال اھو آھي تہ ماحول تہ نيدرلينڊ جو آھي پر مڪالما پڙھندي / ٻڌندي ائين ٿو لڳي تہ ڪنھن ڳوٺ ۾ ڪي مايون ڪچھري ڪري رھيون ھجن. ليکڪ ارادي سان اھا ڪوشش ڪئي آھي تہ جيئن ٻولي کي ــ اصطلاحن، چوڻين ۽ پھاڪن کي ــ محفوظ ڪجي ۽ عام پاٺڪ تائين ھڪ سھڻي ۽ سادي انداز ۾ پھچائجي تہ جيئن ھو بور بہ نہ ٿئي ۽ سمجھي ۽ پرجهي بہ وڃي. جيئن تہ مان CSS/PCS جو شاگرد ۽ پوءِ استاد بہ رھيو آھيان، تہ اسان سنڌي اصطلاحن ، چوڻين ۽ پھاڪن لئہ مختلف ڪتاب پڙھندا ھئاسي جن ۾ انھن جي سمجهاڻي تہ ڏنل ھوندي ھئي پر انھن جو استعمال / مثال اھڙو سھڻو ۽ ڇڪيندڙ نہ ھوندو ھيو جو اھي ذھن ۾ ويھي وڃن. پر ھي ناول پڙھي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي تہ  پھاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح اھڙي ڇرڪائيندڙ ۽ موھيندڙ انداز ۾  استعمال ٿيل آھن جو نہ رڳو دلچسپي وڌي ٿي پر اھي ذھن ۾ بہ ويھي وڃن ٿا. ٺيٺ سنڌي لفظ / پھاڪا / چوڻيون ۽ اصطلاح ايتري تہ رواني سان ۽ جهجهي تعداد ۾ استعمال ٿيل آھن جو ھن ناول جي الڳ demi  ننڍي ڊڪشنري ٺھي سگهي ٿي جيڪا سنڌي ادب  / سي ايس ايس / پي سي ايس جي امتحانن جي تياري ڪندڙن لئہ بہ ڏاڍي لاڀائتي ٿيندي.  مان ڪجهہ مثال پڙھندڙن آڏو رکان ٿو (دل تہ چوي ٿي سڀ مثال ھتي پيش ڪيان پر پوءِ ھي مضمون ھڪ الڳ ڪتابڙو ٿي ويندو).

* واءُ مينهن ڪندي، ننڍپڻ جي دوست دمساز جي ڪراچي ۾ ڪلفٽن واري فليٽ تي رسيم.

* جيئن چئبو آھي، تہ پير پٺو خاشو، پير پٺي جي گھِل َبڇڙي. ان گھل گِھلاڙي ۾ پورا ٽي ڏينهن ھليا ويا.

* مون لؤڻا ھڻڻ شروع ڪيا............ پڇڻا نہ منجهڻا تحت، اڳتي وڌي گذارش ڪئي.

* تون تہ گهوڙا وڪڻي ستو پيو هئين!“

* ڪئنٽين ۾ آهستي آهستي وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ٿيندي وئي.

*. آخرڪار ھڻي ھنڌ ڪيائين.

* يار! جي يورپ وڃي ٿو، تہ متان مسيت جو ڪک ٿي رھين!..“ 

* زبان ٿي وئي، سا ٿي وئي، سا بہ ھيڏن ماڻهن جي آڏو...! .ڏڌو کير ٿڻين ڪيئن پئي،

*،”انڌو ڀڄي کاھيءَ کان ... اھائي کاھي...! جي اهڙو صورتحال رھي تہ پنهنجي خودڪشي پڪي آھي.“

* پر عقيان شاه پنهنجو ڪم ٽپائي پئي ويو.

* سي تيز سرد ھوائن جي سٽ نہ سهندي گهڻي دير بيهڻ ۾ جٽاءُ نہ ڪري سگهيا.

* پنهنجو بيهڻ ائين آھي، جيئن” ڄڃ پرائي، احمق نچي!‘ ان ڪري ھيٺ لهي آيس.

*”ڪر خبر، ڪو پکي دکي ڦاسايو ٿي؟“ ٻڌايومانس تہ: ”ڍٻي تہ اڏي اٿم، ڏسئون ته ڪير ٿو ڍير ٿئي!“ پوءِ تہ پندرنهن منٽ جٺ فٺ ڪيائين، ”اڙي ! مان تہ اڏندڙ جهاز تي ايئر ھوسٽس کي ڳلٿو ٻڌي ويندو آھيان. تون آن جو يورپ جي دُنَ ۾ رھي ڪري، بہ اڃا ڪجهه ناھين ڪري سگهيو ...؟ جي اتي بہ ڪجهہ نہ ڪري سگهين تہ پوءِ حياتي تي حيف ٿي. (فقط ٽن سٽن ۾ ٻولي جو استعمال ڏسو)

 

* مان ائين تڪڙو ھٿ ڪڍندم. مان بہ کٽي کل آھيان.

* ان حوالي سان ڊچ گورنمينٽ تي ڇوهہ ڇنڊيل ھيا.

* پر جيئن تہ صدام ڪويت مان نڪرڻ جي ھوڏ نہ ٿو ڇڏي.

* تڪڙ ۾ ائين اٿيس، ڄڻ هٿ ۾ جهليل پٽ ڳيري ڇڏائي وئي ھجي.

* عمر فقيه، مون کي عجيب قسم جي ٺَلهي ھڻي ڪڍي.

* وڏو ڪو سونجهڙو حرامي آ !“

ڪپڙا بدلائيندي سوچيم پئي تہ خير سان ٻوھڻي تہ ٿي. دمساز جو بہ ان تي گهڻو زور ھوندو آھي، تہ ’ننڍي وڏي مارجي، ڏينهن نہ کارجي...!‘

* پوسٽ گريجويٽ ڊپلوما ڪرڻ ڪا اڪ جي ماکي ناھي، جو آسانيءَ سان لاھي وٺبي.

* سندس بيک ڪڍي ڇڏي. موڪلائڻ وقت کيس تڪڙ ۾ ڳل تي ٻہ ھلڪيون چميون ڏئي، ڄڻ ٻن آڱرين جو ڏئي ويس.

* ڪجهہ ڏينهن اندر ئي ڪو-آرڊينيٽرس تڏيءَ جا تارا ڏيکاري ڇڏيا آھن.....!

* اتي نگستي ۽ ظاهر کي ڏٺم تہ ڍڍر ئي ڍرا ٿي ويا.

* نگستي جو ٻڌو تہ ظاھر کي اُکُين تي کڻي ڏنائين.

* ائين اُدَ دُدَ تي ھلندا رھياسين تہ ھڪ بورڊ نظر آيو.

* سريش بہ ھلڻ کان اھو چئي نابري واري بيٺو.

* ڪيپشنس ۾ اهڙين لانگڙ لاهہ عورتن کي مسٽريس Mistress جو نالو ڏنل ھيو، جنهن ۾ مڄو مرد ڪٽڪا کائي مزو ماڻي رھيا ھيا.

* سوچيم، ڀلا جي سُر ڏي ٿي، تہ ڇو نہ سُر ملائجي.

* جڏھن ميوزم کان ٻاھر نڪتاسين تہ ڪلپاج، ادريانہ ۽ سريش تَنگ ڇنايون بيٺا ھيا.

* پر پوءِ ارنگا جي مسلسل ڀنڊي ٻارڻ تي اٿي پيون.

* پر ڪلپاج ۽ سريش کيسن کي ڳنڍ ڏئي بيهي رھيا.

* مون کي بہ کندڪ لڳي تہ چيومانس،” ٺيڪ آھي، اريٽيريائي فاشسٽ ! منهنجو چوڻ ۽ نگستي جو بُلٽ ڦرڻ.

* ارنگا ۽ ظاھر جيئن سمجهائنس، تيئن ڪاڪڙو پئي ڪيائين.

* نگستيءَ کي اوچتو اُجڪو آيو ۽ ھوءَ اُلٽيون ڪندي فوٽ پاٿ تي ويهي رھي. جڏھن بس ڪيائين تہ ظاهر رومال ڪڍي سندس منهن اگهيو ۽ ارنگا سندس ھٿ ۾ جهليل اڌيڪي بوتل کسي ڊسٽ بن ۾ اڇلي آيو. پوءِ ٻنهي ڄڻن هٿن کان وٺي اٿاريس. ھوءَ صفا ٽُن لڳي پئي هئي. انهيءَ دؤران دل ئي دل ۾، پاڻ ننديندو رھيس ته اھڙي وات واکاريءَ جي منهن ڇو لڳس؟ جڏھن ته ابراھام به گھڻو سمجهايو ھيو. ( ساڍين ٽن سٽن ۾ ٻوليءَ جو شاھوڪارانہ استعمال تہ ڏسو!)

* ھاڻ ڊڪليئرڊ شادي شده سان ڪا ڪل ٿڙيل ئي پرت جو پيچ اٽڪائي سگهي ٿي!

* اھو ٻڌي سيرا ھڪ وڏو ٽهڪ ڏئي خاموش ٿي وئي، پر روزمئري ڊؤنگل اڇلڻ کان نه مڙي، ”اھي به گهٽ گهر جا ناھن. ڏسڻ ۾ مِمڙا ٿا لڳن، باقي آھن، پورن ڏينهن جا ڄاول!“    (فقط ڏيڍ سٽ ۾ ٻوليءَ جو استعمال تہ ڏسو، جو ماڻھو ”واھہ“ چوڻ کان رھي بہ نٿو سگهي!).

 ھي مان اڃا صفحي نمبر 127 (يعني ٽوٽل 100 صفحا ڇو تہ ناول شروع ئي 27 صفحي کان ٿو ٿئي) تي پھتو آھيان ۽  ايترا مثال توھان آڏو آيا آھن، توھان پاڻ اندازو ھڻو تہ باقي 161 صفحن ۾ ڪيڏا نہ ٻوليءَ جاموتي سمايل ھوندا! مان ٻولي جي خوبين وارو حصو ھڪ ٽن سٽن واري پئراگراف تي پورو ڪندم جنھن ۾ توھان ٻولي جا جوھر پاڻ پسي سگهو ٿا:

* ڪنهن جو عيب اگهاڙڻ چڱي ڳالهہ ناھي!“ اڊنا ٽوڪيندي چيس.”جيسين تو جهڙيون رنون، مردن جو ڍڪ ڍڪينديون، تيسيتائين ذليل ۽ خوار ٿينديون !“ اھو ٻڌي مون اندازو ڪري ورتو ته روزمئري وات ڏاري آھي. تڏھن ته چيو ويندو آھي ته : ’وات ڏاريءَ کان، ڀڳ ڏاري چڱي... ! روزمئري جي مقابلي ۾ اڊنا وري به رکڻي رکڻ واري آھي.

 

ساڳي طرح سان ھي ناول مختلف جڳھن تي سفري ناول / سفر نامي جو جهلڪيون بہ پسائي ٿو. پڙھندي ايئن ٿو لڳي تہ ماڻھو ڪوئي سفر نامو پڙھي رھيو ھجي. انھن سڀني ڳالھين جي باوجود ليکڪ ڪٿي بہ پنھنجي پلاٽ تان ھٽي نٿو ۽ نہ ئي پاٺڪ ۾ اڀرندڙ تجسس ۽ شوق کي ٽوڙي ٿو. ڪجهه سفري جهلڪيون توھان سان ونڊجن ٿيون:

* گلوريا جي ڏنل ٽائيم مطابق روٽرڊم جي سينٽرل بس اسٽيشن تان ساڍي اٺين وڳي بس تي چڙھياسين. مان، نگستي سان گڏ ٽين ۽ چوٿين نمبرسيٽ تي ويٺل ھيس. پهرين ۽ ٻي نمبرسيٽ تي اڊنا ۽ ڊزي پنهنجي راز نياز ۾ لڳا پيا ھيا. پنجن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ، منجهند ڌارا پئرس جي ھڪ وچٿري ھوٽل پئلس ڊ ي شئليٽ (Palis de challot) تي پهتاسين، جنهن جي گلوريا اڳواٽ ئي بڪنگ ڪرائي ڇڏي هئي. ٽپڙ ٽاڙي رکڻ کان پوءِ، هر ڪو ونڊجي ورھائجي، پنهنجي مرضي مطابق شهر گهمڻ لاءِ نڪتو. شام جو نگستي ۽ مان مولن روش (Moulin Rouge) ٿيٽر وياسي. ٿيٽر ۾ ميوزيڪل ڊرامو پئي ھليو. مون جهوٽا کائيندي ڊرامو ڏٺو، ڪجهه سمجهه ۾ آيو، ڪجهه نہ آيو.!

 

اھڙي طرح ھن ناول ۾ مزاح بہ سھڻي نموني سان پرويل آھي جو ڪٿي ڪٿي تہ ماڻھوءَ کان ٽھڪ ٿو نڪري وڃي. ٻي اھم ڳالهه جيڪا ھن ناول ۾  ڪافي تفصيل سان بحث ٿيل آھي اھا آھي تصوف. مختلف جڳھن تي نہ رڳو سنڌ بلڪ مختلف قومن / ملڪن ۾ راعج تصوف کي بحث ھيٺ آندو ويو آھي ۽ ان جو سٺو تجزيو ڪيو ويو آھي. ڪجهه مثال:

*”دراصل آپيپڻي جي شڪار ماڻهوءَ جي نظر پاڻ تائين محدود ھوندي آھي. جڏھن ته صوفيءَ جي نظر سڄي سنسار تي ھوندي آھي. محبت جو ھڪ قدر ئي ايڏو شڪتيوان آھي، جو انسان ذات پات، رنگ نسل ۽ علائقائي تعصب کي اورانگهي وڃي ٿو. اھا ئي هيڪڙائي آھي، جيڪا صوفين جو نظريه حيات آھي!“

”اھا صرف لفاظي آھي، جيڪا آفريقا ۾ پيدا ٿيندڙ نشيدار ٻوٽي ’قت ‘ کائڻ کان پوءِ صوفين کي تصوراتي دنيا جو سير ڪرائيندي آھي، جنهن جو زميني حقيقتن سان ڪو تعلق ناھي .“ روزمئري وراڻيس.

 

آخر ۾ ۾ مان ٿورين گهڻي اوڻاين تي بحث ڪندم جيڪي منھنجي نظر ۾  ٿوري محنت سان ٺيڪ ٿي پئي سگهيون. ھڪڙي اوڻائي اھا آھي تہ ڪجهه لفظ جيڪي اسان وٽ مذڪر طور مروج آھن ڪوھيار صاحب انھن کي مونث طور استعمال ڪيو آھي، جيئن روم (ڪمرو)، ڊنر (رات جي ماني). حالانڪہ اھي لفظ اردوءَ ۾ بہ مذڪر طور ئي استعمال ٿيندا آھن ـــ اردوءَ جي ڳالهه مون ان ڪري ڪئي تہ اسان وٽ ڪجهہ لفظ اردوءَ جي اثر ھيٺ پنھنجي ’جنس‘ مٽائي چڪا آھن. جيئن  لفظ ’ڪاليج‘  ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪافي جڳھن تي سنڌي ۾ مونث طور استعمال ڪيو ٿو وڃي. بھرحال، ’روم‘ ۽ ’ڊنر‘ کي تہ مذڪر طور ئي استعمال ڪرڻ گهرجي ھا. ٻي ڳالهه جيڪا مون کي کٽڪي  ٿي  اھا ھي آھي تہ ناول ۾ ڪيترا ئي ڪردار ڏنا ويا آھن جيڪي ڪٿي ڪٿي پاٺڪ کي ڪجهہ مونجهاري ۾ ٿا وجهن؛ توڻي جو ڪوھيار صاحب انھن سڀني سان بھتر طريقي سان نڀايو آھي. آخري ڳالهه، جيڪا سڀ کان اھم آھي، جيڪا مون کي نہ رڳو ھڪ اوڻائي طور نظر آئي پر کٽڪي بہ، اھا ھي تہ اڪثر ھنڌن تي انگريزيءَ جي جملن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو نہ ڏنو ويو آھي. جيڪڏھن ڪو اھڙو شخص پڙھندو جنھن کي انگريزي نہ ايندي ھجي يا سندس اانگريزي ڪمزور ھجي ( جيڪا گهڻي حد تائين اسان جي ماڻھن جي ڪمزور ئي آھي) تہ انھيءَ کي مڪمل ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪافي دشواري پيش ايندي. مون کي پڪ آھي تہ ھي ناول جلد ئي کپي ويندو  ۽ جڏھن نئون ڇاپو ايندو تہ انھي ڳالهه جو ازالو ضرور ڪيو ويندو. آخر ۾ مان سائين منظور ڪوھيار کي ۽ ڪنول پبليڪيشن جي روح روان سائين سعيد سومري کي اھڙي معياري ڪتاب آڻڻ تي واڌايون ٿو ڏيان.

No comments:

Post a Comment