14/02/2023

نمائنده شاعر آڪاش انصاري - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Dr Riazat Buriro)

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

وِيھين ۽ ايڪوِيھين صديءَ جي سنگم جو

نمائنده شاعر آڪاش انصاري

جنوري 1990ع ۾ سنڌي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ڏاڍي خوبصورتيءَ سان ۽ ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ تي پھريون ڀيرو ڇپجي پڌرو ٿيو هو، ته سنڌي ادبي دنيا ۾ بيحد سھڻو ڪتاب ڇپجڻ تي وهه واهه ٿي وئي هئي. حقيقت ۾ اهو ڪتاب صرف پنھنجي ظاهري سونھن سبب ئي پسند نه پئي ڪيو ويو، پر ان جي سچي سونھن ۽ حقيقي حسناڪي، ان جي نظمن ۽ غزلن ۾ ئي سمايل، سموهيل ۽ سينگاريل جذبن، احساسن، اُڌمن ۽ اُمنگن ڪارڻ هئي، جيڪي جيءَ اندر ٿانيڪين لھرن کي اوچا اُڀار ڏئي رھيا ھئا. اهو ڪتابُ ڪو ٻيو نه، پر ”ڪيئن رهان جلاوطن“ هو، جنھن جو شاعر آڪاش انصاري هو.

ڀٽڪي پنھنجو دڳ وڃي، جيئن ڪو پکيئڙو منجهه گگن،

نه جنھن جو ڪوئي آهيرو، نه آشيانو ۽ چمن،

مان به پنھنجي ديس ۾، آهيان اڪيلو اوپرو،

جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن، جلاوطن. (نظم ”جلاوطن“/ڪيئن رهان جلاوطن، 2008/39)

”جلاوطني“، سا به ”آڪاش“ جِي! ڪيئن ممڪن هئي!؟ (اها ته ممڪن ئي نه هئي!) آڪاشُ اُتم ۽ اُوچو ته هو، پر ان ڪري جو هن پنھنجو تعلق ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ واسين سان جوڙيو هو. ھُن پاڻ کي ساڻيھه سان سلهاڙيو ۽ وطن سان ڳنڍيو هو، جنھنڪري کيس بي وطن ٿيڻ، ڪنھن به حالت ۾ قبول نه هو. هُو وطن هوندي، وطن کان پري ته رهي نه پئي سگهيو، پر کيس پنھنجي ڏيھه منجهه به، بنا آهيري/آکيري، آشياني ۽ چمن جي، اڪيلو ۽ اوپرو بڻجي، جلاوطنيءَ جي احساس ۾ ڦاٿل هئڻ  ڪنھن به شرط، مجبوريءَ يا رضامنديءَ سان قبول نه هو.

آڪاش انصاريءَ جون يقيني طور ڪيئي بھترين سڃاڻپون آهن جيڪي سندس دوستن، عزيزن ۽ ساڻس بي انتھا پيار ڪندڙن جي هِينئَڙن ۾ مٿاهين جڳھه تي، گلن جي وڻندڙ رنگن سان سينگاريل ۽ سرور ڀرين خوشبوئن سان واسيل آهن، پر انهن سڃاڻپن ۾ مٿڀري ۽ اهم ترين سڃاڻپ دل ۾ دهڪا ۽ جوش جذبا جاڳائيندڙ اعلى شاعر جي آهي. اهو شاعرُ، جنھن لاءِ اسان جو بيحد سڄاڻ ۽ دانشور دوست جامي چانڊيو، بلڪل صحيح طرح، ڪُل کي جُز ۾ سمائيندي، لکي ٿو ته ”آڪاش انصاريءَ کي مان محبت، مزاحمت ۽ انقلاب جو شاعر سمجهان ٿو. اهي ٽئي [قدر]، انساني تھذيب جي سموري سفر جا وڏي ۾ وڏا قدر آهن.“¨

آڪاش انصاري، سچ پچ به محبت، مزاحمت ۽ انقلاب جو شاعر آھي، ۽ اها ڪنھن شاعر لاءِ گهٽ ڳالهه نه آهي!

محبت، مزاحمت ۽ انقلاب ــــ ٽئي اهڙا قدر آهن جن ۾ خوشيون به پلئه پونديون آهن ته درد به دل جي در تي دستڪ ڏيندا آهن. انهن ٽنهي قدرن وسيلي زندگي هڪ نئين سنگم کان آشنا ٿيندي آهي جنھن سان زندگيءَ جي مقصديت کي ماڻي سگهبو آهي. اها مقصديت، پوءِ اجتماعيت ۾ وطن واسين لاءِ ته لاڀائتي ٿيندي آهي، پر وسيع تناظر ۾ بين الاقواميت لاءِ پڻ فائديمند هوندي آهي.

هيءَ دنيا ته دلربا هئي پر!

وحشي ٽولن جي ور چڙهي ويئي.

هر اُها جنگِ منھنجي نه هئي،

جا منھنجي نانءَ تي وڙهي ويئي.

پنھنجي ڌرتيءَ کي دوزخ ٺاهي،

جنتن جِي ڪٿا گهڙِي ويئي.

رنگ، ڌرمن ۽ وطن جي نالي،

ڪيڏي ديوار ڪئي کَڙِي ويئي!

لفظَ پوءِ لوڻ جون لپُون آهن،

سوچَ مان سونھن، جي سڙي ويئي.  (غزل ”هيءَ دنيا ته دلربا هئي پر!“/اڌورا اڌورا، 2004/74) [هيءُ ساڳيو غزل ”نيو ورلڊ آرڊر“ عنوان سان، ساڳئي ڪتاب جي صفحي 143 تي پڻ ڏنل آهي.]

فطرتي سائنس جي مضمون فزڪس جا شاگرد، هِن ڪائنات کي عام طور ٽن رُخن (Three dimensions) ”ڊيگهه، ويڪر ۽ اوچائي“ جي لحاظ کان بيان ڪندا آهن جنھن ۾ ڪائناتي وجودن جو بيان ٿيندو آهي، پر انهن ٽن رخن ۾ جڏهن چوٿين رخ ”وقت“ جي شموليت ٿيندي آهي، ته ڪائنات کي مفھوم ۽ مقصد سان گڏ پيش رفت به ملي پوندي آهي، جنھن سبب اها آفاقي اصولن ۽ ضابطن ۾ سلهاڙجي ويندي آهي. مٿي ڏنل جامي صاحب جي راءِ جي تناظر ۾، محبت، مزاحمت ۽ انقلاب سان جڏهن آڪاش انصاريءَ جي وجود جِي، پنھنجي ”محبوب هستيءَ“ سميت شموليت ٿئي ٿي، ته هڪ خوبصورت دنيا جي تشڪيل پنھنجيءَ مڪمل هيئت سان نروار ٿِي آڏو اچي ٿِي.

مون کي ماڻهو ئي رهڻ ڏيو، اهو ٿورو ٿيندو،

فرشتو، مون کي نه ڪوٺيو، اهو ٿورو ٿيندو.

مان اگهاڙو به گذاري ٿو سگهان دنيا ۾،

جنگِ تھذيب جي روڪيو، اهو ٿورو ٿيندو.

اڻ ڏٺل جنتن جي آسرن ۾، دنيا کي،

ائين جھنم ۾ نه جهونڪيو، اهو ٿورو ٿيندو.

تيز طوفان آ، آڪاش، اَويلو پيو وڃي،

انهيءَ رولاڪ کي روڪيو، اهو ٿورو ٿيندو.   (غزل ”اهو ٿورو ٿيندو“/اڌورا اڌورا، 2004/88)

آڪاش انصاريءَ جي مٿئين غزل ۾ نظم جي شبيھه به محسوس ٿئي ٿي، ۽ ايئن آڪاش جي سرجيل گهڻن ئي غزلن ۾ ڏسي سگهجي ٿو، پر اھا شبيھه غزلن ۾ اڻ وڻندڙ محسوس نه ٿي ٿئي. مثال طور ھي غزل به ڏسجي:

ڀل ساري ڪائنات جو، محورُ هجان ها مان،

تو سان نه ملان ها، ته گداگر هجان ها مان.

ڪنھن روپ ڪئي روح ۾ ريشم رفوگري،

نه ته شام  ويل مڪلي جو منظر هجان ها مان.             (غزل ”تو سان نه ملان ها!“/ڪيئن رهان جلاوطن، 2008/153)

ڏسي سگهجي ٿو ته غزلن ۾ آيل رديفن جي چونڊ ۽ خيال جي تسلسل سبب ئي اھي غزلَ نظمن جي جوڙجڪي سٽاءَ کي ڇھڻ لڳن ٿا. ايئن ان ڪري به آھي، جو آڪاش انصاريءَ جي پنھنجن ئي لفظن موجب: ”جيئن هر شاعر کي اظھار لاءِ ڪا خاص صنف ۽ ٽيڪنڪ وڌيڪ اپيل ڪندي آهي، تيئن مون کي به آزاد نظم وڌيڪ وڻندو آهي، ڇو ته شاعري نالو ئي اظھار جي هڪ مخصوص رويي جو آهي ۽ اظھار جي جيڪا relaxation آزاد نظم ۾ رهي ٿي، اها شاعريءَ جي ٻي ڪنھن به پابند صنف ۾ گهٽيل ۽ ٻوساٽيل رهجيو ٿي وڃي.“· آڪاش جيتوڻيڪ وڻندڙ صنف ۾ ”آزاد نظم“ لکيو آھي، پر حقيقت ۾ ان ’دائري‘ ۾ ”نظم ۽ نثري نظم“ به شامل آھن. مثال طور ”پنھنجي آئيندي جي نالي“ نثري نظم جو ’پھريون حصو‘ پڙهجي:

اي اسان جا اڻ ڏٺل!
صدين کان رُٺل،
خواب جھڙا آئيندا!
تنھنجو ڌنڌلو ڪو تصور رڳو محسوس ڪري،
متان تون سمجهين،
توکي ماڻڻ لئه،
اسان مقتل ۾ ڪري ماٺ رھيا ھونداسين،
نه تنھنجي لاءِ ڪا ويڙھاند وڙھيا ھونداسين،
۽ تنھنجي چاهه جي خواھش ۾ توکي،
ڳولڻ لئه،
پنھنجي ٿوھر ڀريل راھن تان ٿڙيا ھونداسين.

متان تون سمجهين، توکي پائڻ لئه،
اسان جو روح رتوڇاڻ ڪين ٿيو ھوندو،
۽ تنھنجي مک کي منور ڪرڻ جي آس کڻي،

اسان جو چاهه ڀي چانڊاڻ ڪين ٿيو ھوندو...              (ڪيئن رهان جلاوطن، 2008/40)

ايئن ٻين انيڪ نثري نظمن ۽ پابند نظمن کي ان مد ۾ مثال خاطر پيش ڪري سگهجي ٿو، جيڪي آڪاش انصاريءَ جي ٻنهي ڪتابن ”ڪيئن رهان جلاوطن“ ۽ ”اڌورا اڌورا“ ۾ وري وري ڌيان ڇڪائڻ لڳن ٿا، پر هتي ”نيوٽران بم جي ٺاهيندڙ ڏانھن“ نثري نظم جو مُھڙيون حصو ڏيڻ پڻ آڪاش انصاريءَ جي ڏنل ”صنفِي پسند“ جي لحاظ کان ضروري ٿو سمجهان:

اي نيوٽران جا خالق!
اي قاتل انسان!
تنھنجي بي رحم تخيل جي ڪارنامي تي،
حيا اچي ٿو بي حيائي کي،
تنھنجي ايجاد جي بدروح تصور سامهون،
ماڻهپو ٿو اگهاڙو ناچ نچي،
۽ اھڙو ناچ! جنھن ۾،
لئه ھجي سفاڪي جي،
۽ا اھڙي بوءِ جنھن ۾،
محسوس ٿئي سڙيل لاشو،

نه جنھن ۾ رنگ ۽ خوشبو ھجي حياتي جي.               (ڪيئن رهان جلاوطن، 2008/119)

آڪاش انصاري خيالن جي اظھار جي لحاظ کان پاڻ کي جيتوڻيڪ آزاد نظم ۾ سولو ٿو محسوس ڪري، پر ڏسي سگهجي ٿو ته هن جا سرجيل غزل پڻ چڱيءَ ريت ڌيان ڇڪائن ٿا (ٽن غزلن جا مثال ته مٿي اچي چڪا آهن). هُو غزلن ۾ ڪٿي به فڪري طور کُٽل يا اڻپورو محسوس نه ٿو ٿئي، البت فني طور انهن ۾ بھتريءَ جي گنجائش نڪري ٿي. ان بابت وڌيڪ لکڻ کان اڳ، غزلن جا ڪي شعر/بند خيال خاطر پيش ڪجن ٿا:

(1) منھنجي هوندي به تون منھنجو ناهين،

تون به ڄڻ سنڌ جو شھر آهين.        (”تون ته بيدرد بي قدر آهين“/ڪيئن رهان جلاوطن، 2008/54)

*

(2) اوهان جي اکين ۾ ڪي ارغون هئا،

اسان جي هئي دل، سنڌ ڌرتي جيان.

او سقراط! هڪ سُرڪ جي ها ڀرين،

زندگيءَ جي زهر جي، مڃان ها ميان!             (”اڙي عشق!“/ڪيئن رهان جلاوطن، 2008/65)

*

(3) ڪنھن جانور کان ايترا ماڻهو مُئا،

جيڏو ڪُٺو انسان کي انسان آ.      (”مدتن کان...“/ڪيئن رهان جلاوطن، 2008/117)

*

(4) زندگيءَ کي سمجهڻ لئه،

وقف زندگي ڪئي سين.

لڙڪ ٿِي ڪرِي پياسين،

ايتري خوشي ڪئي سين.

هُن چيو ته ڏسنداسين!

پاڻ خودڪشي ڪئي سين.                             (”خودڪشي ڪئي سين!“/اڌورا اڌورا، 2004/48)

*

(5) معاملو دل جو، دل نه ٿِي سمجهي،

اِهو ته دل جو معاملو آهي.                  (”ڪڏهين پڇن ها کڻي“/اڌورا اڌورا، 2004/73)

*

(6) وقت جي چِيچ ۾، زندگيءَ جو ڇلو،

پيو ٿئي گهرگهلو، يار جلدي ملو.     (”وقت جي چِيچ ۾، زندگيءَ جو ڇلو“/اڌورا اڌورا، 2004/76)

مٿين شعرن ۾ ڏسجي، ته ڪيڏي نه خوبصورتيءَ سان خيالن جي ٺھڪندڙ اُڻت ڪئي وئي آهي! پھرئين شعر ۾ سنڌ جا شھر، پنھنجا شھر نه لڳن، ته ان کي محبوب جي بي رخي ڪيفيت سان سلهاڙيو ويو آهي. ٻئي شعر جي پھرئين بند ۾ سنڌ تي ٿيل ارغونن جي ظلم ۽ ستم کي اکين وسيلي دل جي ڌرتيءَ تي ٿيل قھر سان ڀيٽيو ويو آهي، ۽ ٻئي بند ۾ سقراط آڏو زندگيءَ جي زهر کي هڪ سُرڪ جي ڪڙاڻ کي پيش ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت ٽئين شعر ۾ ڪيڏي نه اهم ڳالهه ڪيل آهي ته ماڻهو ئي ماڻهوءَ لاءِ وڌ ۾ وڌ موتمار ثابت ٿيو آهي، جنھن اڳيان ڪو وحشي جانور به ڀيٽ ۾ آڻي نه ٿو سگهجي. ٻن ننڍين سٽن ۾ ان خيال کي بخوبي قلمبند ڪيو ويو آهي. چوٿين غزل جي شعرن ۾  ”زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ زندگي ئي ذريعو ته آهي، پر ان لاءِ زندگي ئي وقف ٿي وڃي ۽ پوءِ به زندگي سمجهه کان مٿڀري هجي، ته ڇا ڪجي!“، يا ”خوشيءَ ۾ لڙڪ بڻجي ڪِري پوڻ جو خيال ڪيڏو نه درديلو آهي!“ ۽ ”هن کي ڏيکارڻ ۽ پاڻ کي ثابت ڪرڻ واسطي خودڪشي ڪري ڇڏڻ“ پاڻ ارپڻ جي انتھا کي ظاهر ڪري ٿو. پنجين شعر ۾ اظھار بيحد سادو، پر ڪيڏو نه شاندار آهي ته ”دل جو معاملو، دل ئي نه سمجهي، پر ڇڏي به اهو دل تي ئي ڏجي.“ واهه! خوبصورت! ۽ اهڙيءَ طرح، ڪوٽ (quote) ڪيل آخري ڇھين شعر جي صرف ٻن سِٽن ۾، موت جي سڏ کي محسوس ڪندي، وقت کي چِيچ، زندگيءَ کي ڇَلي، ۽ وڇڙي وڃڻ کي گهرگهلي ٿيڻ سان ڀيٽڻ مان شاعر جي اوچي فڪرِي اڏام جي جماليات کي چڱيءَ پَر محسوس ڪري سگهجي ٿو.

ٻِي ڳالهه، جيڪا آڪاش انصاريءَ جي غزلن مان مجموعي طور پڌري آهي ته هُن نظمن وانگر غزلن کي به عنوان ڏنا آهن، جن منجهان ڪن غزلن کي مسلسل غزل يا نظمي ڪيفيت به عطا ٿي پوي ٿي، جنھن منجهان پڻ سندس اِن لاڙي جو پرو پوي ٿو ته هُو پنھنجي ذهني وهڪري ۾ آزاد نظم جھڙي رواني رکندڙ شاعر آهي.

آڪاش انصاريءَ جي شاعري پڙھندي، اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿئي ٿي ته پڙهندڙ جي پنھنجي هستي به آڪاش سان همسفر بڻجي پوي ٿي. ان ڪيفيت منجهان آڪاش جي شعري سگهه آشڪار ٿئي ٿي. ان سگهه ذريعي آڪاشُ پنھنجي پڙهندڙ کي پاڻ کان پرتي ۽ اڪيلو ڪري بيھارڻ بدران پنھنجي ويجهو ڪري ٿو ۽ تنھائيءَ مان ڪڍي اچي ٿو:

مون سمجهيو، منھنجي ئي گهر ۾ آڳ لڳل آهي،

نڪري جاچيم، ساري شھر ۾ آڳ لڳل آهي.

مون سمجهيو ته عبادتگاهون، آجيون شايد آهن،

پر هر مسجد، هر مندر ۾، آڳ لڳل آهي.

برفَ مريءَ جي، ياد ٿڌيءَ تي، ڪوسا لڙڪ ڪِريا!

شايد برف جي اندر ۾، آڳ لڳل آهي.

لھر لھر لُڇندي لڇندي، ٿِي ساحل سان سَٽجي،

سوچيم ڪا ته سمندر ۾ آڳ لڳل آهي.        (غزل ”آڳ لڳل آهي“/اڌورا اڌورا، 2004/58)

”منھنجو گهر“ پنھنجي ڳالهه ۽ ”سارو شھر“ سڀ جي ڳالهه، ”مون سمجهيو“ پنھنجي ڳالهه ۽ ”عبادتگاھون، مسجد، مندر“ سڀ جي ڳالهه، ”ڪوسا لڙڪ“ پنھنجي ڳالهه ۽ ”برف مريءَ جي“ سڀ جي ڳالهه، ”سوچيم“ پنھنجي ڳالهه ۽ ”ساحل، سمندر ۽ لھرون“ سڀ جي ڳالهه! آڪاشُ هڪ پاسي پاڻ سان سڀ کي سلهاڙيون ٿو وتي، ته ٻئي پاسي سڀ سان پاڻ به سلهاڙيل ٿو رهي. هتي، هِن هنڌ، ان حوالي سان آڪاش جي نظم ”اڌورا ڌورا“ کي پيش ڪري سگهجي ٿو:

ٿِي تارڪ هِي دنيا، نه تياڳي سگهياسين،

جَھان جو به جنجهٽ نه جهاڳي سگهياسين،

عمر اڌ اڻ کُٽ عبادت ۾ ويئي،

۽ باقي بتن کان بغاوت ۾ ويئي،

خدا ڀي نه مليو، نه ان جي خدائي،

او آڪاش! جندڙي ائين وئي اجائي،

۽ ڳولا جي رڻ ۾، رلياسين اڌورا،

اسين بس رهياسين، اڌورا اڌورا.      (اڌورا اڌورا، 2004/36)

اِن نظم ۾ آڪاشُ اڪيلو پاڻ ”اڌُورو اڌُورو“ ناهي، پر هُن جو هر هڪ ساٿي ”اڌورو“ آهي، ان ڪري ئي ان نظم ۾ ”مان“ جي واحد صيغي جي بدران ”اسين“ جو جمع صيغو ڪتب آندل آهي يعني ”سگهياسين، رلياسين، رهياسين“. اهو نظم هڪ الميو پڻ آهي، جنھن منجهان آڪاشُ ۽ آڪاش جا سڀ ساٿي 1990ع جي ڏهاڪي ۾ گذريا ۽ ڪڻو ڪڻو ٿي وکرندا ويا. ان نظم جي پيش ڪيل حصي جي سڀني استعارن ۽ اصطلاحن (terms) جھڙوڪ: ”عبادت، بُت، بغاوت، خدا، خدائي، آڪاش، رِڻ“ سوڌو نظم جي ٻين حصن جي استعارن کي چڱيءَ پر سمجهڻ لاءِ درد جي درياءَ مان گذرڻو پوي ٿو. ان درد جو هڪ اظھارُ هڪڙي ٻئي نظم ”بي وسي! تون ئي هاڻ رهبر ٿيءُ!“ ۾ پڻ ڪيل آهي، جنھن منجهه پڻ منزلن جي وڃائجي وڃڻ ۽ سوجهرن بدران اونداهين جي پلئه پوڻ جو درد قلمبند ڪيو ويو آهي:

بي وسي!

تون ئي هاڻ رهبر ٿيءُ!

ڪاروان، رهبرن رلائي ڇڏيا،

منھنجا پيرا مون کان وڃائي ڇڏيا،

نه ترورو، نڪو تارو، نه ترنگ آ من ۾،

حيات، آپگهات جي وچ ۾،

عجيب سرد جنگ آ من ۾.                (اڌورا اڌورا، 2004/43)

يا ”هيءَ غلامي“ جي عنوان هيٺ ڇپيل غزل جو هيٺيون بند ڏسجي:

هيءَ سياست سمنڊُ، ماڻهو ڄڻ مڇيون،

۽ رهبرِي هڪ ڄارُ ٿي مون کي لڳي.              (اڌورا اڌورا، 2004/77)

مٿئين موضوع جي تسلسل ۾ اهڙا ڪيئي شعر آڪاش جي ٻين نظمن ۽ غزلن ۾ سرجيل آهن جيڪي انقلاب ۽ سجاڳ سياست جي وکري وڃڻ جي الميي جي عڪاسي ڪن ٿا. مثال طور ”وڪجي ويا!“ جي عنوان هيٺ لکيل سڄو غزل، جنھن جا هتي ٻه بند ڏجن ٿا:

اڙي چنڊ! اُلهي هليو وڃ هتان،

چانڊوڪين جھڙا چيٽ وڪجي ويا.

جيڪي رهبر هئا، سي ئي رهزن ٿيا،

ڪري نيٺ اک ٽيٽ وڪجي ويا.  (ڪيئن رهان جلاوطن، 2008/92)

يا:

وطن جي لاءِ ڪيئن وڙهڻ گهرجي!

پاڻ اِن ڳالهه تي، وڙهندا رهياسين. (اڌورا اڌورا، 2004/130)

آڪاش انصاريءَ جي اها شاعري اکڙين ۾ ڳوڙها آڻيندڙ ۽ دل کي ڀِڄائيندڙ شاعري آهي. اها شاعري هانوَ مان هڪ آهَه کي اُڀاري، ارمان ۽ افسوس جي حالتن ۾ اڇلي ڇڏي ٿي ۽ سنڌ سياسي طور تي سڙندي محسوس ٿئي ٿي، جنھن ۾ مذهبي شدت پسنديءَ جو ٻارڻ وجهڻ جون ڪوششون پئي ٿينديون رهيون آهن. پر اسان جي شاعر آڪاشَ کي پنھنجي ڏيھه، پنھنجي ثقافت، پنھنجي مزاج ۽ پنھنجي ٻوليءَ ۾ سمايل ميٺ محبت تي مڪمل يقين آهي، تڏهن ته پختي ارادي سان چوي ٿو:

جتي آ ماڻهپو، مذهب کان مٿي،

مان انهيءَ ڏيھه جو ڏيئو آهيان.        (”ايڏو مھذب“/اڌورا اڌورا، 2004/65)

سنڌي شاعريءَ جا آڪاش جھڙا ڏيئا ئي اونداهه ۾ سوجهرو پکيڙيندا رهيا آهن.

اسان سڀئي ڄاڻون ٿا ته سنڌ ۾ بھترين شاعر ته انيڪ آهن، جن جي شعرِي ٻولي (poetic language) هڪ خاص ڪشش رکي ٿي ۽ پڙهندڙن توڙي ٻڌندڙن کي موهڻ سان گڏ، ان شاعر کي به هڪ خاص سڃاڻ ڏئي ٿي. جڏهن آڪاش انصاريءَ جي شعري ٻوليءَ کي پڙهجي يا ٻڌجي ٿو، ته اها پڻ هڪ خاص جوڙجڪ طور اڳيان اچي ٿي ۽ خوبصورت خطاطيءَ وانگي محسوس ٿئي ٿي. مثال طور ”ڪيئن رهان جلاوطن“ (ڇاپو چوٿون، 2008ع) مان هيٺين چونڊ ڪيل سٽن/مصرعن جي ندرت کي ڏسجي:

·        ڄڻ صليب تي ٽنگيل، ڪو سرد مان هجان بدن. (صفحو 39)

·        پنھنجي ٿوهر ڀريل راهن تان ٿڙيا هونداسين. (صفحو 40)

·        اسان جو روح رتوڇاڻ ڪين ٿيو هوندو. (صفحو 40)

·        موت کي به موت جي ٿي باس اچي. (صفحو 41)

·        ذهن ۽ روح جي ريشم سان وچڙي پيئي آ. (صفحو 44)

·        دلاسڙن جي دوائن تي ڌتاريل دلڙي. (صفحو 45)

·        سورهيه جي ڪِن سپنن جھڙو. (صفحو 46)

·        ڄڻ کٿوريءَ سان واسيل کير جون کاڻيون هيون. (صفحو 49)

·        سھرو ساڳيو، سڀ ڪا ڳائي، پنھنجي پنھنجي دل جو چور. (صفحو 50)

·        خاڪي ورديءَ جي خود ساخته خدائن کي. (صفحو 55)

·        اسان سان هاڻ حديثن جي ڪا حجت نه ڪريو. (صفحو 55)

·        ٿر جي مورن جا قتل معاف ڪين ٿي سگهندا. (صفحو 55)

·        وقت آ جهنگلي مڇريل گهوڙو. (صفحو 58)

·        ڪوڙهيو ڪارونجهر لڳي،/پوڙهو پدما سر‏،

ڪجليا! تو بن ڪيئن ڪريان؟ (صفحو 60)

·        پکين پڇاڙيو ۽ پوپٽن ڀريا سڏڪا. (صفحو 68)

·        مان تنھنجي موت جو اعزاز خوب ڄاڻان ٿو. (صفحو 75)

·        گل گل جي اکين ۾ کيپ ڀري. (صفحو 78)

·        پنھنجي نيڻن جي صليبن تي ٽنگيل،

سوين سپنن کي گُهٽا ڏيئي اسان ماريو آ. (صفحو 94)

·        پنھنجي هر آرزو ۽ چاهه جي چاٻين جا ڳُڇا. (صفحو 95)

·        سج جي روشنيءَ جو مرهم کڻي،

پنھنجي ٻوساٽيل ڦڦڙن کي هڻون. (صفحو 97)

·        گُهورن جي گهٽائن سان اچ مينگهه مندون ٺاهي. (صفحو 114)

·        اُڀري اڱڻ مٿان نه مون سان چنڊَ چاڳ ڪر! (صفحو 118)

·        تنھنجي بي رحم تخيل جي ڪارنامي تي. (صفحو 119)

·        ڪوڙ جي ڪچرا گهرن ۾ ويھي. (صفحو 122)

·        هي جيڪي اجرڪن جا ڏسين پيو پٽڪا،

سُرخ سانگين جا سِرن تي ٻَڌل ڪفن آهن. (صفحو 140)

·        تنھنجي آغوش جي سانوري شام ۾. (صفحو 155)

اهڙيءَ طرح ”اڌورا اڌورا“ (ڇاپو پھريون، 2004ع) مان پڻ آڪاش انصاريءَ جي شعري ٻوليءَ جو ڀرپور اظھار ڪندڙ ڪجهه چونڊ سٽون/مصرعون لکجن ٿيون:

·        بي وسي تون ئي هاڻ رهبر ٿيءُ! (صفحو 43)

·        اکين مان خواب سڀ لُٽيا آهن. (صفحو 44)

·        پنھنجي پيٽ جي پڃري جو قيدي ٿي رهڻ. (صفحو 53)

·        اُڀي آڱر ٿوهر جي، ڄڻ اُڀ مٿي الزام. (صفحو 58)

·        لھر لھر لڇندي لڇندي، ٿي ساحل سان سَٽجي. (صفحو 58)

·        نيڻ پنھنجا، نينھن جي ڇاڻي ڪري،

خاڪِ پِرينِ پير جي ڇاڻي وٺو. (صفحو 66)

·        جيئن نڪاح زوري ڪجي نامرد جو. (صفحو 68)

·        لفظ پوءِ لوڻ جون لَپون آهن. (صفحو 74)

·        پنھنجي زبانن سان ڪيون پئي پالشون. (صفحو 96)

·        اڄ به مٺڙي ماءُ منھنجي/هڪ رليءَ جي پُڙ مَٿي،

سارو ستارن سان جَڙيل/ٿِي آسمان لاهي سگهي! (صفحو 97)

·        اوجاڳا اکين ۾ اُڻي ڪير ويو. (صفحو 100)

·        منھنجي دنيا کي اڌ رنگ ٿي پيو آهي. (صفحو 118)

·        سيمنٽ جي جهنگل ۾ جوڙيل/غارن منجهه گذاريون پيا. (صفحو 135)

·        پيا پنھنجي عضون سان وڙهون. (صفحو 140)

ٻنهي ڪتابن جي ’انتخاب مان انتخاب‘ ڪيل اهي ڪي رواجي سٽون/مصرعون ناهن. انهن ۾ سگهارا خيالَ، پنھنجي سنڌي ٻوليءَ جي انفرادي ۽ اجتماعي سگهه سان قلمبند ڪيل آهن، ۽ اهڙي سگهه کي تحريري ضبط ۾ آڻڻ لاءِ به اهڙي ئي شعوري طاقت جي گهرج هوندي آهي جيڪا آڪاش انصاريءَ وٽ يقيني طور موجود آهي. اها شعري ٻوليءَ جي سگهه اسان کي حيرت جي هڪ جھان ۾ وٺي هلي ٿي، جتي بي انتھا سَرهائي جيءَ کي ملي ٿي.

ان شعري ٻوليءَ جي ئي تسلسل ۾، جڏهن آڪاش انصاريءَ جي ٻنهي ڪتابن ۾ پيش ڪيل لغت تي ڌيان ڌرجي ٿو، ته اها پڻ انتھائي متوجهه ڪندڙ آهي، جنھن کي خاص ”آڪاش جي لغت“ ڪوٺي سگهجي ٿو. هيٺ، ٻنهي ڪتابن مان منتخب لغت کي درج ڪجي ٿو. انهن لفظن کي ان ئي صورت ۾لکيو ويو آهي، جنھن صورت ۾ شعرن ۾ استعمال ٿيا آهن. خيال رهي، ته جن لفظن پٺيان ننڍين ڏنگين ۾ برابر (=) سان معنائون لکيون ويون آهن، اهي آڪاش انصاريءَ پاران ئي لکيل آهن.

ڪيئن رهان جلاوطن“ (ڇاپو چوٿون، 2008ع) جي لغت جا ڪي مثال: آتما، آتي، آرڻ (= گدرن ۽ هنداڻن جي واڙي)، آرهڙ، آزر، آڙاهه، آستان، آسمان، آشيانو، آغوش، آمد، آهيرو، آئيندا، آئيندي، اُٻھرائي، اتياچار (= ظلم)، اپاهج، اڙٻنگ، اشلوڪ، اڱ، اڱڻ، انگاس، اوبر، اوتارن، اوٽا، اوجهر، اونداهه، بارود، باس (= بوءِ)، بخمل، بد روح، بدن، برکا، بنرو، بُولا، بھندا، بھڻ (= ڀؤنڪڻ)، بي درد، بي قدر، بي گور و ڪفن، بينسر، ٻاٻيھي، ٻاتي، ٻاٽ، ٻاجهرين، ٻاڪر ڪُٽو، ٻاليشاهي، ٻانھيارين، ٻُرايون، ٻُرڪيون، ٻڪرار، ٻھڪيل، ٻيجَليا، ٻيلهڙا، ڀڀوتي، ڀٽاريون، ڀَٽون، ڀڙڀانگ، ڀنڀلائي، ڀنڀورِن، ڀُوريون، ڀيلاڙ، تازياني، تخم، تراشجي، تڙ، تمنا، تيج، ٿڃ، ٿڙيا، ٿُڪون، ٿوهر، ٽاري، ٽامڻيون، ٽيشن، ٺونشا، پاپ، پارڪر، پازيب، پائڻ (يعني ماڻڻ)، پتڪڙا، پَٽڪن، پڇاڙيو، پدما سَر، پراڻ (= سنڌونديءَ جو قديم وهڪرو)، پرڀائجان، پرڙا، پکيئڙو، پلئه (يعني پلاند)، پناهه گاهه، پنوهارن، پويري، پيشوائن، پيھو، جاٽ، جانجهه، جر ڦوٽو، جشن، جلاد، جلاوطن، جلوه گر، جيجل، جيڏا، ڄانڀي، جهار، جهانگي، جهرندا، جهروڪي، جهڪور، جهنڊو، جهوري، جهومر، جهيڻي، چاڳ، چانڊاڻ، چٻرن، چَپڙا، چچريل، چڙا، چڪلا، چلولايون، چماٽن، چمڙن، چمن، چنبا، چوڙيلين، چوغا، چھچٽا، چؤنرن، چيٽ، چيڪي مٽي، ڇاتي، ڇانگون، ڇيڄ، ڇيھون ڇيھون، حڪم عدولين، خاردار، خاڪي وردي، خاموشي، خمار، خود ساخته، خونخوار، خوني، خيابانن، داتا، دربدر، دکڙو، دلاسڙن، دؤس، ديپ، ديپڪ، ديد، ديوتا، ديول، ڌٻڻين، ڌتاريل، ڌڌڙ ڌوڙ، ڌرڻيون، ڌڪڙا، ڌنڌلو، ڏاج، ڏندڪٿا، ڏوڪي، ڏهڪاءُ، ڍاٽي، ڍٽ، ڍونڍ، راڪاس، راکين، راڳيل، رتوڇاڻ، رچيل، رفوگري، روپوش، رهزني، رهنماءُ، ريشم، زوزاٽ، سجوڙن، سجيل، سچل، سرد، سِرڙو، سُرڪ، سرگوشي، سِرڻين، سريکا، سِريون، سسئي، سفاڪي، سَکڻي، سگريٽ، سنديسا، سنڍ، سنگَ، سنگچور، سنگسار، سنگهرون، سنگينون، سُڻائي، سوڍي، سورهيه، سورِي، سھرو، سيج لٽڻ، سيج، سِينڌ، سيوهاڻي، شاهزادو، شرميلي، شريعتن، شڪتي، شمشان، شوخ، شھپرن، شھزور، شيطاني، صليب، صنم خاني، صوفين، طوق، عداوت، عمامون، فتوا فروشن، ڦڙڪاٽ، ڦلاريا، ڦلواڙ، قتلامن، قَسم، قيامت، ڪاتي، ڪاپڙي، ڪار منھن، ڪاڪل (=زلف)، ڪانٽن، ڪانڊيرڙا، ڪانئر، ڪاڻياري، ڪتبو، ڪتڪائي، ڪٺمال، ڪجليا، ڪچرا گهرن، ڪچڙيون، ڪدورت، ڪڏهانڪر، ڪراهتن، ڪربل، ڪرٽ، ڪرنيل، ڪڙولا، ڪسندا، ڪشڪول، ڪَشيل، ڪفن، ڪفني، ڪلاچي، ڪلمي گو، ڪنچن، ڪُڻڪ، ڪڻڪاٽ، ڪوراڙ، ڪوڙهيو، ڪينسر، ڪينواس، کاٽونبا (= ٿر جو کٽ مٺو جهنگلي ميوو)، کٻڙن، کٿوري، کِڙيا، کُنھنبا، کيٽ، گاؤن، گجا (= سمنڊ جي گجي)، گردن، گرڙ، گگريون، گگن، گُندي، گولون، گهاگهر، گهڙولين، گهماٽي، گهنڊڙين، گهيٽڙا، گيڙو، ڳڙڪائي، ڳھر، ڳھريل، لادوا، لاڏل، لت پت، لڙڪي، لُلر، لوڻاٺيل، ليٽ، ماٿري، الماس، ماڪوڙين، محرومڙا، محصول، مدفون، مڌ ڪٽوريون، مڌر، مُرجهائي، مستقبل، مشالا، مشعلون، مشڪي، معشومڙن، مُکڙيون، ملوڪ، منحوس، مولهين، ميڪدو، ناڪرده، نحوس، نقاري، نکيٽي، نگري، نياءُ، نيتا، نينڍون، واٽر (واٽر ڪورس)، وارڊ، واسيل، واڳڻ، وانگيئڙن، واهوندن، وائڙا، وِڄ، وچڙي، وڏ ڦڙو، وستي، ولهارن، وِلهه، وياڪل، ويراني، ويڙها، ويڙهاند، ويڙهيچن، هاڪَ، هانءُ ڦاڙ، هانبارا، هٻڪار، هردي، هسواري، هُل هلاچو، همشڪل، هڻ کڻ، هوشو، هيج، ياجوج ۽ ماجوج، يڪتار، يلغار. (جُملي 354 داخلائون چونڊيل.)

اڌورا اڌورا“ (ڇاپو پھريون، 2004ع) جي لغت جا ڪي مثال: آپگهات، آتش فشان، آتش ڪدو، آجِيون، آڌر، آگم، آڳ، اثاثو، اپاهج، اڌ رنگ، ارپڻ، ارغون، اَرُوڙيَن، ازل، اسباب، اسير، اشرف المخلوقات، اشعار، افشان، اگهاڙپ، اگهاڙي، اُماڙي، اماس، اِن ڊور، انڊلٺ، انڌڪار، انگوري مَڌ، اڻاسي، اولاريون، اويلو، اهنجي، ايجنٽ، ايجنسين، باغي، باهوڙ، بسيرو، بشنِي، بل بوتي، بي حس، ڀالا، ڀڳوان، ڀوتار، ڀونءِ، تاتار، تاڙِي (= کجور جي وڻ مان نڪرندڙ رس جيڪا شراب طور ڪم اچي)، ترخان، تِرنگ، ترورو، تَڙيون1 (= گهٽ وڌ ڳالهائڻ)، تَڙيون2 (= لوڌي ڪڍڻ)، تعزيرون، تماشو، توَنگر، تياڳي، ٿاڌل، ٿاڌيل، ٿاڪ، ٿُڙ، ٿوڪاريل، ٿوهر، ٿِيئڙا، ٽَڪوري، ٽوڪ، ٽھڪندڙ، ٺَپيو، ٺڳِي، ثنا، پاٻوهه، پاتال، پاپين، پاريل، پاڳل خانو، پالڻھار، پڃري، پرتل، پستول، پشميني، پُکي، پنڊپھڻ، پَڻي، پوءِ ڍاون، پوپري، پُور بندر، پوش، پُونجي واد، پوهه، پَھاڙي، پيانو، پيرا، جبر، جبروت، جُڃ (= ڍءُ)، جرنيل، جسٽس، جُڳاندر، جندڙي، جِنسي، جوشَنَ (= زرهه)، جيب، جيڪس، ڄيري، جهاڳي، جَهرڻو، جهنجهٽ، جهيڻو، چاندني، چٽرايو، چَٺِ، چرپڻ، چغلي خور، چَڪِ، چُوڙين، چوکو (= سڻڀو، مزيدار)، چوڳو، چَھري، چيچ، چِيز، ڇاڻي، ڇائي، ڇمر، ڇُوتر، ڇوٽو، ڇوهه، ڇِيھون، حساب، حسناڪ، حقير، حمامن، حيف، خارش، خاڪ نشين، خانداني، خدارا، خلجي، خودڪشي، خوشبو، دانائي، دائرو، درندا، دستور، دُکڙو، دنگَ، دوزخ، ديوار، ڌَتورو، ڌوٻي گهاٽ، ڌوڃي، ڌُوڙين، ڌَؤنري، ڌيرج، ڏاٺ، ڏڪار، ڏونگر، ڊَول، رانَ، رانئيو، راول، رَٻَ، رَڄ، رکوال، رَلي، رمتو، رميا، رنبو، رِڻ، رُوپلي، رهزن، زاهد، زردار، زرقون، زلزلو، سارتر، سازش نگر، ساگر، سامري، سامين، ساميئڙو، سانڀيئڙو، سانڍيل، سانگين، سانوڻ، ساهمي، سايو، سُپ (= ڇڄ)، ست گزِي، سَٽجي، سَجي، سڏڪو، سَراءِ، سُرٻاٽ، سَرجي، سُرڪشا (= حفاظت)، سَروتو، سنبل، سَندي، سُني، سُڻايو، سُڻڻ، سوپاري، سورج، سھسائي، شُجرو، شدت، شرارو، شعلو، شوالا، شھزور، شيعو، صحرا، صدائون، صدقي، صَياد، طوق، ظلمتن، عصمت دري، عيار، غاصبن، غُبار، غرور، غلطان، غليظ، فُٽ پٽي، فرد، فرصت، فرعون، فسانو، ڦاٿل، ڦٻائي، ڦٿڪي، ڦُلو، ڦلهيار، ڦَنڌا، ڦوڳو، ڦُول، قائل، قبضه گيريون، قلندر، قنڌار، قيدخانن، ڪاپي رائيٽ، ڪاتر، ڪاروان، ڪاريھر، ڪاميو، ڪاوا،ڪتڪتائي، ڪٽيندو، ڪِپارن، ڪڃري، ڪرامن ۽ ڪاتبين، ڪَرب، ڪُرٽايو، ڪُرِنشون، ڪُڙم، ڪسابن، ڪسبياڻي، ڪعبو، ڪَل، ڪَلي، ڪُمھلا، ڪناره ڪشي، ڪَنان، ڪنڪر، ڪوٺو، ڪوجهو، ڪونڌر، ڪوهِه ندا، ڪِيڙن، ڪيلاش، کاٽَ، کاريون، کاميو، کٽمٺڙا، کٽيءَ جي کوڙ، کرکرا، کوڙيل، کيڪار، گاج، گَٽر ڪِيئون، گَرَ، گرد (غمن جي)، گرناري، گوريلي، گئونچ، گهاٽ، گهاڻو، گهٻراءِ، گهٽائون، گهرگهلو، گَهڙيا، گُهگهي، گهورڙيئي، ڳڀرو، ڳِراٺي، ڳڙڪائي، لاغرض، لالٽين، لانگ بوٽن، لٻاڙي، لتاڙيل، لُٽيا، لَپون، لپيو، لَڙيون1 (= اٽڪيون)، لَڙيون2 (= لڙڪن جون قطارون)، لڦون، لَڪي، تُرم (= قيد)، لوءِ، لُولاٽ، لويو، لھجي، لھُو، ليرُون، ماتام، ماتم، ماٽِي، ماپو، ماڃر، مامرا، مانگر، ماڻو، مُباح، مدار، مداري، مُداوا، مرجهايل، مرزا باقي، مريضِ محبت، مسجد، مسيت، مصلحت، مفلر، مقدر، مُگري، ملال، ملامت، منڙو، منطق، منگول، موڳو، مھاڻي، مُھر، مئه ڪشي، ميار، ميٽوڙي، ميڊيا، نامرد، نٿ، نچڻي، نظريهءِ ضرورت، نقشا، نڪاح، نِکٽ، نکڙيل، ننگهه (= جانور ڇڙڻ لاءِ زمين ۾ ٺاهيل کڏ)، نياءُ، واچوڙو، واعظ، واهر، وُٺي، وچڙندڙ، وحشي، وڏڙو، وڏيراشاهي، وِرچي، ورچيو، ورديءَ پوش، وقف، وڳ، ولولو، وِلهه، ويڄ، ويساهه گهاتي، ويڪائو، ويئڙا، هٺيلي، هٿ ڪَڙيون، هوڙَ، هونءَ، هيڪلي، هَئي هَئي. (جُملي 381 داخلائون چونڊيل.)

اڃا ته آڪاش انصاريءَ جي صرف ٻه شعري مجموعا ڇپيا آهن! جڏهن هن جي سرجيل ٻِي شاعري به ڪتابي صورت ۾ آڏو ايندي يا سندس ”شعري ڪليات“ ڇپجندو، ته پوءِ ان لغت ۾ واڌارو آڻي سگهبو. آڪاش انصاريءَ جي ٻنهي ڪتابن مان مٿي ڏنل لغت انتھائي اهميت جوڳي آهي، جيڪا ويھين ۽ ايڪويھين صديءَ جي سنگم وارن گذريل 50 سالن دوران ڪتب آندل هڪ نمائنده شاعر جي چونڊ لفظي ذخيري جي نمائندگي ته ڪري ئي ٿي، جيڪو هن پنھنجي اظھار لاءِ خصوصي طور ڪتب آندو آهي ۽ جنھن لاءِ هن سياسي ۽ سماجي واقعن ۽ حادثن کي خاص طور تي آڏو رکيو آهي، پوءِ انهن جو مشاهدو ڪيو آهي يا جن کان متاثر ٿيو آهي. انهن واقعن ۽ حادثن جي اهميت تِھائين گهڻي وڌي وڃي ٿي جڏهن اسان کي اها ڄاڻ پڻ هجي ته ڪيترن ئي واقعن ۽ حادثن کان شاعر پاڻ به سڌيءَ ريت متاثر ٿيل آهي يا جن ۾ هُن پاڻ هڪ فرد طور عملي حصو ورتو آهي.

هن مضمون جي پڇاڙيءَ ۾ اها ڳالهه ضرور ڪرڻ چاهيندم، ته آڪاش جي اڳيان زندگي ته رهي ئي آهي، پر هڪ شاعر طور هن جي نظر ۾ موت ۽ وڇوڙي جا معاملا به موجود رهيا آهن، جن کي هُن پنھنجي وجود تي پڻ لاڳو ڪيو آهي. ان بابت اسان ٻيو ڪجهه ته چئي نه ٿا سگهون، پر ايترو سو خيال لازمي طور ذهن ۾ رکون ٿا جيئن پاڻ ئي چيو اٿائين ته:

موت جو نيٺ محصول ڀرڻو ته آ،

هي جو آڪاش ويو، هاڻ ورڻو نه آ،

پر جُڳن تائين جڳ کان وسرڻو نه آ،

ڏات جو ڏيھه ۾، ڪين ٿيندو ڏُڪر،

زندگي! زهر ڀر، زهر ڀر، زهر ڀر.        (نظم ”جيڪي ماڻيو اٿئون!“/ڪيئن رهان جلاوطن، 2008/64)

زندگي واقعي به، زهر ته ڀري ٿي جيءَ اندر، سماج اندر ۽ انسانذات اندر، پر ان زهر جو ترياق به زندگيءَ وٽان ئي ملي ٿو، پوءِ اهو ڏات ۽ ڏاتار جي صورت ۾ ئي ڇو نه هجي، جيڪو ڏيھه ۾ فڪر جي ڏُڪر کي ختم ٿيڻ نه ٿو ڏئي، اڃا به ان کي وڌائڻ ۽ پکيڙڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهي ٿو. اهو اسان جو يقين ڪامل آهي. آڪاش انصاري به ان ڪامل يقين رکندڙ قافلي جو هڪ نمائنده شاعر آهي.



¨  جامي چانڊيو: محبت، مزاحمت ۽ انقلاب جو شاعر (ٻئي ڇاپي جو مھاڳ)، ڪيئن رهان جلاوطن، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، ڇاپو چوٿون 2008ع، ص 28

·  آڪاش انصاري: ڪائناتن وڌو جيڪي ڪشڪول ۾... (شاعر پاران)، ڪيئن رهان جلاوطن، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، ڇاپو چوٿون 2008ع، ص 11-12

No comments:

Post a Comment