ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو
نوجوان ۽ لائق محقق دوست
ڊاڪٽر علي جان ٻرڙو
(ڊاڪٽر علي جان ٻرڙي جي ڪتاب ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ سنڌي سماج جي تصوير“ تي محبت منجهان لکيل تاثراتي لفظ)
علي جان جو نالو به پيارو ۽ دل وارو، ته پاڻ به پيارو ۽ دلبر دوست آهي. سُٺي نموني، شانَ ۽ مانَ سان ڳالهائيندڙ به، ته ورتاءُ ڪندڙ به. سندس ڳالهائڻ ۾ پنھنجائپ ڀرپوريت سان سمايل هوندي آهي، ته ساڻُ هوندي، سندس اُٿا ويٺيءَ ۽ قرب-ڪچھريءَ مان سِڪ ۽ ساٿ به پيو پاڻ پَسائيندو آهي. پاڻ، سنگت ۾ هر طرح ميٺ محبت سان هلندڙ ۽ ملنسار شخصيت جو مالڪ آهي. سندس دل ۽ زبان جي ٻوليءَ ۾، انڪار جي ٻوليءَ بدران اقرار جي ٻولي لفظ لفظ منجهان اڀري ايندي آهي. هن جي ورتاءَ ۾ شامل آهي ته جتي به، جيترو به، سندس وَس ۽ اختيار هلندڙ هوندو، اوترو وس ۽ اختيار هلائيندو، جتي ۽ جيتري به ڪوشش سندس وس ۽ اختيار ۾ هوندي، اوتري ڪوشش ضرور ڪندو، ته جيئن دوست، يار، سنگت، ساٿيءَ، مِٽ، مائٽ، اوڙي پاڙي ۽ واسطي واري جي ڀلائيءَ ۽ بھتريءَ واسطي رُڪيل يا اٽڪيل ڪم، روڪَ ۽ اَٽڪ مان نڪري، اڳتي وڌي ۽ نبري سگهي. پر جيڪڏهن ڪو اوپرو ۽ اڻڄاڻ ماڻهو به هن جي مدد جو گهرجائو هوندو، ته هو ضرور سندس ڪم اچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اهو سندس سڀاءَ ۾ شامل آهي. مون ڏٺو آهي ته هو پنھنجي سِر تي ڏکيائي سھڻ ته برداشت ڪري ويندو آهي، پر دوست جي سِر تي ڏکيائي سَھي نه سگهندو آهي.