دادن ’ثقلين’ لاشاري
نور جوڻيجي جي ناول
”خالي پڻي جو کاڄ“ جو تنقيدي اڀياس
ناول جي صنف سنڌي ادب ۾ اوتري پروان نه چڙھي آھي جيتري واڌ ويجهه سنڌي شاعريءَ ۽ سنڌي افساني/ ڪھاڻي ڪئي آھي. سنڌي ادب ۾ ناول جي شروعات 1870ع ۾ ڊاڪٽر جانسن جي ناو ”راسيلاس“ جي سنڌيءَ ۾ ترجمي سان ٿي جنھن جو سھرو مرزا قليچ بيگ جي سر تي آھي. ساڳيءَ طرح سنڌي اصلوڪي ناول لکڻ جو تاج به قليچ بيگ جي ئي مٿي تي آھي جنھن 1881ع ۾ ”دلارام“ ۽ 1885 ۾ ”زينت“ لکي سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ ٻه ناول جا موتي وڌا.
ايڏي
پراڻي روايت/ روعات ھجڻ جي باوجود سنڌي نثري تخليقي ادب ۾ ناول ڪافي گهٽ لکيو ويو
ھيو. پر ويجهي ماضي ۾ مارڪيٽ ۾ ڪافي ناول آيا آھن جيڪا اسان جي ادب ۽ ٻوليءَ لاءِ
ھڪ سٺي ۽ لاڀائتي ڳالهه آھي. ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته جڏھن ’مقدار‘ وڌي ٿو ته ’معيار‘
ڪافي ڌڪ کائي ٿو جهڙيءَ طرح سنڌي شاعريءَ سان ٿيو آھي / ٿي رھيو آھي، جتي شاعري ته
جَجهي مقدار ۾ اچي ٿي پر ورلي ڪوئي ڪتاب دل ۾ لھي وڃي ٿو يا ڪافي عرصي تائين ياد
رکيو وڃي ٿو. سو ھن وقت جڏھن مان ھي ليک لکي رھيو آھيان ته ڪافي سنڌي ناول مارڪيٽ
۾ اچي چڪا آھن. انھن منجھان اڄ مان جنھن ناول جو تجزيو ڪندم، ھڪ پاٺڪ جي حيثيت ۾،
اھو آھي نوجوان ليکڪ نور جوڻيجي جو ناول ”خالي پڻي جو کاڄ“. ھي ناول سڦلتا پبليڪيشن حيدرآباد طرفان نومبر
2022 ۾ شايع ڪيو ويو آھي.
بنيادي
طور ناول يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ ھڪ نوجوان سڌير جي ڪھاڻي آھي جيڪو ھيٺين طبقي سان
تعلق ٿو رکي ۽ انھي طبقي جي محرومين جي ڪري ويڳاڻپ جو شڪار آھي. سڌير کي ھڪ آدرشي،
حساس ۽ خوددار انسان طور چِٽيو ويو آھي جيڪو پنھنجي دنيا ۾ گم ٿو رھي ۽ دوستن جو
ڪو ٿورو/ احسان نٿو کڻي، توڻي جو سندس زندگي ڪسمپرسيءَ جي پھاڙ ھيٺيان دٻيل آھي.
سڌير يونيورسٽي ۾ پڙھڻ سان گڏ شھر جي ھڪ شاپنگ مال ۾ مزدورن واري نوڪري به ڪندو
آھي ۽ ڊپارٽمينٽ جي مگزين ۾ پارٽ ٽائم تصويرڪار ( فوٽوگرافر) به آھي. سڌير ريلوي
جي زمين تي موجود ھڪ خولي نما گهر ۾ پنھنجي ماءُ سان رھندو آھي. سرڪار ھڪ اينٽي
انڪروچمينٽ ڊرائيو (قبضن خلاف مھم) ڪري ان سڄي آبادي ۽ سڌير جي گهر کي ڊاھي ٿي ڇڏي. جنھن وقت سرڪار جو اھو جبر ھلي ٿو ان وقت سڌير موجود ناھي ڇو ته ھڪ
’کريل وڏيري‘ کيس اغوا ڪري کڻي وئي آھي. ان قيد دوران مٿس تشدد ڪري ،تقريبن ھڪ
ھفتي کان پوءِ وڏيرِي جا گُنڊا کيس واپس ان مال جي ٻاھران اڇلائي ٿا وڃن جتي ھو ڪم
ڪندو ھيو. سڌير جيئن ان پاڙي ۾ پھچي ٿو ته اھا آبادي جتي ھو رھندو آھي ھڪ پٿرن/
ملبي جي ڍير ۾ تبديل ٿيل آھي. ھو حواس باخته پنھنجي گهر طرف ڊوڙي ٿو جيڪو به پٿرن
جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪو آھي. ھو انھي نيم بيھوشي ۾ پنھنجي ماءُ کي ڳولي ٿو ته کيس
ٻڌايو ٿو وڃي ته اھا فوت ٿي چڪي آھي ۽ ڪائي مناسب جڳھه نه ھجڻ جي ڪري ھن کي دفنائي
ڇڏيائون. ان واقعي جي نتيجي ۾ ۽ وڏيري طرفان مٿي ۾ لڳل ڌڪن جي ڪري سڌير ھوش وڃائي
ٿو ويھي ۽ چريو ٿو ٿِي پئي. (ھي واقعو ايترو سادو ناھي جيئن مون لکيو آھي. نور
ڪمال ڪاريگري سان ان کي اھڙي نموني چٽيو آھي جو حساس ماڻھو ڇا ڪنھن ڪٺور ماڻھو کي
اکين ۾ ڳوڙھا اچيو وڃن.) ناول جو ٻيو اھم ڪردار ويدا آھي جيڪا سڌير جي ڪلاس فيلو
آھي ۽ ناول جي آخري حصي تائين سندس محبوبه ٿِي وڃي ٿِي. سڌير ۽ ويدا جو ئي ڪلاس
فيلو ھڪ شخص نواب آھي جيڪو ھڪ امير جو پٽ آھي ۽ سندن سٺو دوست آھي پر ھو ويدا سان
محبت ڪندو آھي ۽ ويدا جو سڌير طرف مائل ھجڻ کيس پسند ناھي. انھي ساڙ ۾ ئي ھو سڌير
کي پھريان ته وڏيري جي ھٿان ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن سڌير جون ننگيون تصيريون
ڪڍي ويدا جي دل ۾ سڌير لئه نفرت پيدا ڪجي پر جڏھن ھو ايئن ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ويو، ته
ھن سڌير کي ان وڏيري ھٿان اغوي ڪرايو. اھا سڄي خبر ويدا کي / پاٺڪ کي سڌير جي چريي ٿيڻ
کان پوءِ ٿي پوي. اھا به ليکڪ جي ڪمال ڪاريگري ئي چئبي ته ھو تجسس سان گڏ ھڪ حيران
ڪندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ واقعا ڪنھن وڄ جيان پاٺڪ تي ڪِرائي ٿو. ان سان گڏ
ناول جا ٻيا اھم ڪردار آھن نازش جيڪا به سڌير جي ڪلاس فيلو آھي ۽ مٿس موھت آھي،
عظمي جيڪو ٿورو ٽرانس ڏيکاريل آھي ۽ جيڪو سڌير کي ڏاڍو پيارو آھي. ساڻس
ريپ ٿو ٿئي ۽ ھو خودڪشي ٿو ڪري ڇڏي. ٻيو اھم ڪردار آھي ڪاڪي جبل جو جيڪو يونيورسٽي
جي ھڪ ڪينٽين تي بيرو آھي. ھو سڀني شاگردن سان انتھائي پيار ڪندو آھي پر سڌير سان
وڌيڪ ويجهو آھي ۽ کيس سندس سڀاءُ جي ڪري سڀني کان وڌيڪ ڀائيندو آھي.
نور
جو ھي ناول ھڪ اھڙي سماج جي عڪاسي ٿو ڪري جتي فرد جي ويڳاڻپ انتھا تي پھتل آھي
جنھن کي رياست بي يارو مدد گار ۽ يتيم ئي ڇڏيو آھي. رياست جيڪا ماءُ ھجڻ کپي ۽
جنھن جو مقصد ھر فرد جو عام ڪري ۽ پيڙھيل طبقي جو خاص ڪري تحفظ ھجڻ کپي اھا ئي
رياست پنھنجي شھرين کي بي گهر ٿي ڪري. ناول ۾ ھڪ شخص کي پيڙا جي انتھا تي ڏيکاريو
ويو آھي جنھن جي ڪا به وارثي ھن رياست طرفان نه ٿِي ٿئي. نه رڳو اھو پر ناول ۾ ٻين
سب پلاٽس جي ذريعي معاشري ۾ ھلندڙ ٻين سماجي ڪٺورتائن تان به پردو کنيو ويو آھي
جيئن ھڪ استاد ويدا جي ڀيڻ سورج سان جنسي ڏاڍائي ٿو ڪري پر ابتو الزام سورج تي ئي
ٿو اچي، ويدا جو پيءُ شراب جي نشي ۾ پنھنجي زال کي روز مار ڪُٽ ٿو ڪري ۽ سندس ريپ
ٿو ڪري (مڙس جي زال سان جنسي ڏاڍائي کي ريپ لکڻ به نور جهڙي سجاڳ ليکڪ جو ئي ڪمال
آھي ڇو ته اڄ سڄي دنيا مئريٽل ريپ (ازدواجي عصمت دري) کي مڃِي ٿي)، نازش سان
يونيورسٽي جو ھڪ پروفيسر جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ٿو ڪري پر پروفيسرس لابي سندس بچاءُ
ٿي ڪري ۽ نازش جي گهر وارا ابتو ھن جي تعليم بند ٿا ڪن.
ڪنھن
ڪھاڻي / ناول جي اھا ڪمالتا چئبي ته ليکڪ ان کي اتي ئي ختم ڪري جتان ھن شروعات ڪئي
ھئي. جيئن آسڪر وائلڊ جي جڳ مشھور ناول پڪچر آف ڊورين گري جي شروعات ھڪ تصوير ٺھڻ
سان ٿئي ٿي ۽ پڄاڻي تي اھا تصوير انھي مکيہ ڪردار جو قتل ٿي ڪري ڇڏي. نور جي ھن
ناول ۾ بي اھڙي ئي ڪاريگري چٽيل آھي. ناول جي شروعات ٿئي ٿي گهنٽا گهر تي سرڪار
طرفان عمارتن کي ڊاھڻ سان ۽ وري ناول جي پڄاڻي به سرڪار طرفان ريلوي تي تعمير ٿيل
گهرن جي مسماري ۽ ان کان پوءِ قبرستان جي ممڪنه مسماري سان ۽ مکيہ ڪردار سڌير جي
خودڪشيءَ سان. ناول جي اھڙي شروعات ۽ پڄاڻي مون کي ڪنھن ٻي سنڌي ناول ۾ نه ملي
آھي. اھا نور جي ناول تي مضبوط گرفت چئبي جو ھو اھڙي ڪمال ڪاريگري سان ناول جي
شروعات ۽ پڄاڻي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي.
ھن
ناول جي ٻي اھم خوبي اھا آھي ته ھن جي پڄاڻي (ڪلائيمڪس) نه رڳو ڇرڪائيندڙ آھي بلڪ
توقع جي بلڪل ابتڙ . اھا ئي ھڪ بھترين پڄاڻي (ڪلائيميڪس) جي گھرج آھي جنھن کي ھن
ناول ۾ پورو ڪيو ويو آھي. ان کان علاوہ ناول ۾ واقعن جي بدلجڻ (ٽرن آف ايوينٽس) کي
به سٺي نموني نڀايو ويو آھي. جيئن صفحي نمبر 117 تي اوچتو ڏيکاريو ٿو وڃي ته سڌير
ھڪ ڊپارٽميننٽل اسٽور تي ڪم ٿو ڪري ۽ پوءِ اتان ئي واقعن جي ھڪ ٻي ڪڙي ٿي شروع ٿئي
جيڪا ناول جي المياتي پڄاڻي طرف ناول کي وٺي ٿي وڃي. ايئن واقعن جو اوچتو رونما
ٿيڻ ۽ وري انھن جو ھڪ ٻئي سان ڳانڍاپو ھجڻ ھڪ سٺي ناول جي اھم گهرج آھي جنھن کي
ناول نگار سٺي نموني نڀايو آھي.
ساڳي
طرح ناول ۾ بيان ڪيل منظر نگاري به ڏاڍي مزي جي آھي جنھن کي ليکڪ سٺي نموني نڀايو
آھي. ڪافي جڳھن تي پڙھندي ايئن ٿو لڳي ته اھي منظر پاٺڪ جي اکين آڏو ھجن. ڪجھه
مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا:
* ”گلن، ٻوٽن، پوپٽن، ڀنڀورين ۽ وشال پوڙهن بڙ جي وڻن جي جهڳن منجهه
ڪينٽين قديم موهيندڙ Architecture
۾ چهڪي رهي هئي. بڙ جي وشال ۽ آڪاش ۾ ڦهليل زلفن جي ڄار منجهان روشني
جا ڪرڻا ايئن پنهنجي جڳهه ٺاهيندا هيٺ ڪريا ٿي، جنهن سان سمورو ماحول روشني ۽
خوشبوئن جي مهڪ ۾ واسجي ۽ نمايان ٿي پوي ٿو. سفيد تراشيل پٿر جي ٺهيل بينچن ۽
عمارتن تي روشنين جا ڪرڻا ڄڻ عمارتن کي روشن ڪري رهيا هئا. بڙ جي وڻن تي ويٺل
ڪوئلون هجر جو گيت ڳائي رهيون هيون ۽ هيٺ گول دائري ۾ نوجوان شهزادا ۽ شهزاديون
وصال جا ماحُول ۾ سرور طاري هو.“
* ”مٺي جي گلين ۾ پرڪيف ۽ روح کي موهت ڪندڙ ڪشش محسوس ٿيندي آهي. ائين
لڳندو آهي ڄڻ جنم جي ٻئي مڪان جو سير هجي... شهر جون گليون اهڙي دلڪش ريت ور وڪڙ ۽
ڦيرا ڏينديون رهنديون آهن، جيئن ڪا نانگڻ ڦڻ کنيو ڏنگڻ جي اوسيئڙي ۾ هجي. جيئن
ڪنهن نار جي چيلهه تي ڪنهن نوجوان جا هٿ ڦرندا رهندا هجن. ائين لڳندو آهي هن شهر
جي گلين جي بيهڪ ور، ونجهه، وڪڙ، چوڪ، گهرن جا بي خوف کليل تالا. انهن مڪينن جي
حيات جي بي باڪ جهلڪ... ڪنهن چائنٺ منجهان ڪبير جي ڀڄن جو پڙلاءِ. ڪنهن سرت ۾ لطيف
سائين جي سرندڙ پچار.. هوائن ۾ ڦهليل سندور جا رنگ، مندر جي گهنڊ ۽ مسجد جي اذان
جو سنگم ڪنهن شاعري جي اڻت جي اصولن، فاعلتن، مفاعلتن، فاعلتن جي آڌار جوڙيو ويو
آهي، جنهن ۾ ڀٽڪندي، رلندي روحن کي قديم غزل جهڙو سرور ملندو آهي.
ڪيڏي
نه پيار ۽ دلڪش انداز ۾ مٺي شھر جو عڪس چٽيو اٿائين.“
ان
کان علاوہ ناول ۾ مختلف جڳھن تي ڏاڍي سٺي نموني فلسفيانه ۽ تلخ لھجي ۽ انداز ۾
سماج تي، معاشي نظام تي، انساني محرومين تي، سماجي نابرابريءَ تي، انسان جي
ويڳاڻائپ تي ڳالھايو ويو آھي. ڪي ڪي ڊائلاگ ته ھيانءُ ۾ ھٿ وجهندڙ آھن. يا ايئن
کڻي چئجي ته ڪجهه مڪالما اھڙا آھن جيڪي مجموعي انساني محرومين، اڪامين، پيار محبت،
پيڙا ۽ فريب کي پر اثر نموني بيان ڪن ٿا. ڪجهه مثال
ھيٺ ڏجن ٿا:
* پنهنجي
باطن ۾ گم رهڻ وارا پنهنجي اندر ۾ ڪيترا به رنگين ڇو نه هجن پر معاشري ۾ اڪيلا
رهجي ويندا آهن.
* غريبن
جا دلاسا به اڻڀي ٽڪر جيان هوندا آهن. جن کي ڪتو به منهن ناهي لڳائيندو!
* محبت خود مالڪيت جو تصور
آهي ۽ پدرشاهي سماج ۾ مرد جي محبت حاڪميت جو جز آهي. مرد فراخ دل هوندي به ڪٿي نه
ڪٿي هلڪڙائپ جو دامن جهلي ويهندو آهي. سندس هنياءُ ۾ واڙيل خدشا، لفظ اوڙهي ٻاهر
نڪري ايندا آهن.
* بي گهر هئڻ رياست جي نه
هئڻ کان وڌيڪ ڀوڳنا جو سبب هوندو آهي.
* رومانٽڪ هئڻ لاءِ پر حواس
هئڻ ضروري آهي. رومانس ۽ ويڳاڻپ ٻئي متضاد ڪيفيتون آهن.
* سڌير
کي قبرستان وٺي وياسين .قبر مٿان بيهي چوڻ لڳو: ”آئون ڪيئن مڃان ته هي
منهنجي امان جي قبر آهي.“ سڀني قبرن ڏانهن آڱر ڦيرائنيدي چيائين: ”هي سڀ قبرون
منهجي ماءُ جون آهن.
جنھن
تناظر ۾ ھي جملو چيو / لکيو ويو آھي، پاٺڪ کان ھڪ دانھن ٿي نڪري وڃي اھو جملو پڙھڻ
سان. ايڏي پيڙا سان ڀرپور جملو!
* ماڻهو
۽ ڪتي ۾ فرق آهي ماڻهو ظرف بدلائيندو آهي پر ڪتو هميشه ڪتو ئي رهندو آهي.
ھاڻي
اچون ٿا ناول ۾ موجود ڪجهه اوڻاين طرف. سڀ کان پھرين مان اچان ٿو ڪردار۽ ڪردار
سازي تي. ناول ۾ موجود جيڪي به ڪردار آھن انھن جي ڪردار سازي سندن ڏنل ڪردار تحت
ڪئي وئي آھي / ڏيکاري وئي آھي سواءِ نواب جي ڪردار جي ۽ ڪجهه جڳھن تي ويدا جي
ڪردار جي. مثلن سڄي ناول ۾ ڪٿي به اھو اشارن ڪناين ۾ به نه ٻڌايو/ ڏيکاريو ويو آھي ته نواب ايڏو ڀيانڪ ڪردار آھي جيڪوويدا کي حاصل
ڪرڻ لاءِ ان حد تائين وڃي سگهي ٿو جو سڌير کي اغوا ڪرائي يا سندس اگهاڙيون تصويرون
ڪڍرائي. بلڪ ان جي ابتڙ نواب جي اھڙي ته تعريف ڪئي وئي آھي جو ھو ھڪ مڪمل انسان ٿو
لڳي:
”نواب پنهنجي نانءُ جيان واقعي به نواب هوندو هو.
هن جي نوابي دل ۾ احساس ۽ جذبات جو چشمو وهندو هو. هو وڏي آفيسر جو پٽ هو، سندس
تعلق امير گهراڻي سان هو. پر هن ۾ اميرائپ جي ٽرڙائپ نه هئي. پئسي جي هيئت کي جذب
ڪرڻ ڪنهن به ڇسي ماڻهو جو ڪم ناهي. ان لاءِ رياضت گهرجي. جڏهن سماج ۾ مجموعي حياتي
جي ڊوڙ جو مقام پئسو هجي. تڏهن پئسي کان فرار باشناس ۽ اصول پسند ئي ڪري سگهندا
آهن. اصولن جي سوديبازي نواب ناهن ڪندا ۽ نواب پنهنجي ضمير ۽ خمير جو مان اوچو
رکندا آهن. پر نوابن تي آزمائشن جا وهڪرا گهڻا ايندا آهن،
نوابن جي تور تڪ ۽ ڪٿ ٿي ويندي آهي.“ (ص.25)
نه
رڳو اھو پر نواب پاڻ ويدا کي چوي ٿو ته تون سڌير وٽ وڃ ڇو ته اھو تو لئه بھتر دوست
آھي. (ص.80) ان کان علاوہ جڏھن سڌير اغوا ٿيڻ کان پوءِ واپس گهر اچي ٿو ۽ بيھوشي
جي حالت ۾ نواب ۽ ويدا کي ملي ٿو ته اتي به نواب جي اکين ۾ ڳوڙھا ٿا اچي وڃن ۽ ھو
اھي ڳوڙھا منھن پرتي ڪري اگهي ٿو( ٿي سگهي اھي ڪوڙا ڳوڙھا ھجن. ڪوڙا ھجن ھا ته ڇا
ھو منھن پرتي ڪري اُگهي ھا؟ پر ڪٿي به ان ڳالهه کي ڪنھن به طريقي سان نه ڏيکاريو /
لکيو ويو آھي)ساڳيءَ طرح ويدا جي ڪردار سازي به ڪمزور ٿيل
آھي. ھوءَ نواب سان اڪيلي ۾ ملي ٿي، سمنڊ تي ويھي ساڻنس رومانٽڪ ٿئي ٿي، سندس ھٿن
۾ سندس ننھن وجهي ٿي ڇڏي، سندس چپن تي چمي تي به ڪوئي اعتراض ناھي پر جڏھن سڌير
سندس ڇاتين ڏانھن وڌي ٿو ته ھوءَ ساڻنس ناراضگي جو اظھار ٿي ڪري. ان کان علاوہ
ڏيکاريو ويو آھي ته ويدا وڏي بولڊ آھي، ماڻھن ۾ سگريٽ پيئي ٿي، ڊرائيور کي چيچ جو
اشارو ڪري گاڏي روڪرائي پيشاب لاءِ چوي ٿي، ته وري شال به پائي ٿي. ايئن ڪرڻ سان
ڪردار جي صحيح طريقي سان ڪردار سازي نه ٿي سگهي آھي يا ايئن چئجي ته ڪردار سازي
ڪمزور ٿي لڳي.
ٻي
ڳالهه جيڪا مون کي کٽڪي ٿي اُھا ھي آھي ته ناول ۾ ڪجهه ماحول/ وقت سان نه ٺھڪندڙ
ڳالھيون ڪيون ويون آھن. ناول ۾ مختلف واقعن مان لڳي ٿو ته ناول جو پلاٽ ويجهي 2018
کان پوءِ جو آھي جو ان ۾ سوشل ميڊيا جي نقصانن تي به بحٿ ٿيل آھي ته پب جِي راند به
ڏيکاريل آھي. پر انھي سڀني شين جي باوجود سڌير جي گهر ۾ گئس ناھي ۽ سندس ماءُ
ڪراچي جهڙي شھر ۾ (ناول جي پلاٽ مان لڳي ٿو ته ڪراچي ۾ لکيل آھي) ٽانڊن تي ماني ٿي
ڪري ۽ رات جو گاسليٽ واري بتي/ لالٽين ٿي ٻاري توڻي جو اڄ جي دور ۾ گاسليٽ جي خرچ
کان گهٽ رقم ۾ اسٽيند باءِ ٽارچ وٺي ٿي سگهجي. کڻي ايئن مڃجي ته غربت جي ڪري گئس نه
لڳرائي اٿن ته به اھا ڳالهه ٺھڪي ڪونه ٿي ڇو ته ڪراچي جهڙي شھر ۾ ڪاٺيون گئس کان
وڌيڪ مھانگيون آھن. ٻيو ته اگر حالتن کي ڏٺو وڃي ته سڌير ڪافي غريب خاندانن / فردن
کان بھتر آھي؛ ھڪ ته ڪراچي جهڙي شھر ۾ وٽس پنھنجو گهر آھي (ڀلي ھڪ ڪمري جو ئي، ڇو ته
کيس ڪرايو نٿو ڏيڻو پوي) ٻيو ته ھو ڀاتي ئي ڪُل ٻه آھن جن جو گذارو سڌير جي پارٽ
ٽائيم نوڪري مان سٺي نموني ٿي سگهي ٿو. يا شايد ليکڪ اھي ٻئي وارتائون (لالٽين ۽
ٽانڊن واري باھہ) ڏيکاري انھن جي غربت تي توجھه ٿو ڏيارڻ چاھي. پر ناول جو موضوع
غربت کان وڌيڪ ھڪ شخص جي ويڳاڻپ ۽ دوست جي دغا بازي آھي ڇو ته اگرغربت ڏيکارڻي ھئي
ته پوءَ سڌير جي فيملي کي وڏو ڏيکاريو وڃي ھا يا ھو ڪنھن قرض ۾ وڪوڙيل ڏيکاريو وڃي
ھا.
ناول
۾ مختلف ھنڌن تي ناول نگار سڌي طرح سان يا سڌير جي زباني سرمائيداري ۽ طبقاتي نظام
تي ڇوھه ٿو ڇنڊي، ڪجهه مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا:
*” سڌير ڪاڪي پٿر جي نيڻن ۾ نراسائي ڏسي بي چين ٿي پوي ٿو ۽ ڌيمي آواز
۾ چوي ٿو. ”ڪاڪا! پاڻ اها راند آهيون جنهن جي ڏور سرمائيدار جي هٿ اچي وئي آهي.“ (بغير
ڪنھن حوالي، تناظر جي سرمائيدار نظام جي ڳالهه، ان تي الزام سو به ھڪ بيري سان.)
* ”سراب کيس موهيندو هو. انهن ئي منظرن ۾ سندس حياتي گذري هئي. طبقاتي
نظام جي آڙاهه کن پل لاءِ به کيس چين ناهي ڏنو. هن جو ذهن هري وقت تقابلي جهد ۾
سرگردان رهندو آهي.“
*” ها پر ويدا! اڪيلائي، پيڙاه، اهنج ماڻهو جو ڀاڳ به آهي. پر
سرمائيداراڻي نظام ۾ هر انسان اڪيلو ٿي پيو آهي. جنهن جو ٻئي فرد سان تعلق ڪٽجي
پيو آهي. سڌير“
*” طبقاتي نظام ۾ انساني حياتي جو ملهه ريلوي اسٽيشن تي لڳل پمفلٽ
جيان سستو ۽ حياتي ننڌڻڪي ٿي پئي آهي، جنهن تي اشتهار کان وڌيڪ گٽڪن جون گرڙيون
ڇپجي ويون آهن ۽ ماڻهو ان ۾ پنهنجو عڪس تڪيندو رهجي ويندو آهي.“
پر
ناول ۾ ڪٿي به سرمائيداري نظام کي نه ته چٽيو ويو آھي نه ئي ان جون برايون
ڏيکاريون/ بيان ڪيون ويون آھن. ڪافي جڳھن تي بنا ڪنھن ربط ۽ تسلسل جي ايئن جملا
چيا ويا آھن. اگر ليکڪ کي سرمائيداري ۽ طبقاطي نظام تي تنقيد ڪري ان جي براين کي
وائکو ڪرڻو ھيو ته ھن کي ماحول به اھڙو جوڙڻو ھيو. جيئن، يا ته ساڻنس ڪم واري جڳھہ
تي سيٺين طرفان ناجائزيون ٿين ھا، يا سندس دوست، ڪلاس فيلو طبقاتي فرق جي ڪري سندس
عزت نه ڪن ۽ کيس لوئيندا رھن. پر اھڙو ڪجهه به نه چٽيو / ڏيکاريو ويو آھي.
ھن
ناول ۾ ھڪ تمام وڏي غلطي اھا آھي ته ھڪ اھڙو واقعو جيڪو سڀاڻي ٿيڻو آھي ان کي ڪلھه
ڏيکاريو ويو آھي. ناول جي شروع ۾ ئي سڌير گهنٽا گهر تي بلڊنگ ڊھڻ جي
جاءِ تي بي گهر ڪوئن جي تصوير ڪڍي ۽ روئي ٿو ۽ ٻي ڏينھن صبح جو اٿي ٿو ته سندس ذھن
تي ان واقعي جو اثر آھي. (ص15،16) وري ھو صفحي 29 تي ماضي ۾ ھليو ٿو وڃي جتي ھو
عظمي سان ٿيل واقعو ياد ٿو ڪري. ان ئي واقعي ۾ ھو ڏيکاري ٿو ته ٿاڻيدار کيس ڏسي ڪجهه
ياد ڪرڻ جي جي ڪوشش ٿو ڪري ۽ کيس اچانڪ چوي ٿو:
”
هو وڃڻ لڳا ته منشي وڏي
واڪي چيو: اوهو اوهو، تون اهو فوٽوگرافر ته ناهين. اڙي اهوئي،
جڏهن گهنٽا گهر ڊهندي. ڪوئن جا فوٽو ڪڍي، اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو هئين.“( ص.33)
ھاڻي
سوال اھو ٿو اُٿي ته پوليس واري ماضي واري واقعي ۾ مستقبل واري وارتا ( ڪوئن جو فوٽو
ڪڍي ان تي روئڻ) ڪيئن ٿو ٻڌائي سگهي جڏھن ته عظمي وارو واقعو گهنٽا گهر واري واقعي
کان اڳ جو آھي؟
ساڳي
طرح ناول ۾ زمان يعني ٽينس جو به ڪافي غلطيون آھن. ھڪ ئي سٽ ۾ زمان حال به آھي ته
زمان ماضي به. ڪجهه مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا.
* ”عظمي
جو پيءُ هن کي ان جي ماءُ وٽ ذلت ۽ بدنامي جي شرم کان ڇڏي هليو وڃي ٿو.. ۽ عظمي
ماءُ جو پاليل ٻالڪ آهي. هن وٽ عورتاڻا اظهار سگهارو هو.“
(ھي
جملو ھيئن صحيح لکجي پئي سگهيو: عظمي جو پيءُ هن کي ان جي
ماءُ وٽ ذلت ۽ بدنامي جي شرم کان ڇڏي هليو ويو.. ۽ عظمي ماءُ جو پاليل ٻالڪ ھيو. تنھن ڪري هن وٽ عورتاڻا اظهار سگهارو هو.)
*” ويدا پنهنجي پوڙهي پِيءُ سان گڏ رهندي هئي. جيڪو ڪيئي سالن کان هلڻ
ڦرڻ کان لاچار آهي.“
(جملو
آساني سان صحيح ٿي پئي سگهيو. جيئن: ويدا پنهنجي پوڙهي پِيءُ
سان گڏ رهندي آھي. جيڪو ڪيئي سالن کان هلڻ ڦرڻ کان لاچار آهي.)
* ”عظمي
نهايت ئي کلڻو ۽ زندگي سان پرمزاج شخص آهي. نمازي ۽ تهجد گذار هو.“
ان
کان علاوہ ڪافي جڳھن تي جڏھن مڪالما لکيا ويا آھن ته ان ڳالهه جو خيال نه ڪيو ويو
آھي ته جيڪو ڪردار مڪالمو ڪري/ چوي ٿو ان کي ڪھڙي جڳھه تي لکڻو/ ڏيکارڻو آھي. ٿوري
محنت جي ضرورت سان انھن کي صحيح ڪري پئي سگهجيو. ڪجهه مثال:
* سڌير هيڊي منهن سان ويدا
کي کيڪاري ٿو ”ڪيئن آهيو“؟
”مان ٺيڪ آهيان.“ سڌير. ھي
انڊر لائن ٿيل ’سڌير‘ نه اچڻ گهرجي. اھڙي طرح جا ڪجهه ٻيا مثال
پيش ڪجن ٿا.
*”
نواب هن کي ماٺ ڏسندي
وري وراڻي ٿو:
ضروري
ناهي ته توکي مون سان ئي شيئر ڪرڻ گهرجي پر ونڊڻ ضرور گهرجي نه ته اهو آڙاهه اندر
سڀ رک ڪري ڇڏيندو... شايد ان لاءِ سڌير سهي رهندو. نواب“
* ”سڌير .. ويدا کي آئيني ۾ ڏسي چوي ٿو. ”پاڇا روشنين مان ڦٽندا آهن.
۽ ماڻهو انهن پاڇن ۾ گم ٿي ويندو آهي. پاڇا روشني کي ڳولهيندا آهن. ۽ ماڻهو پنهنجي
وڃايل روشني کي.. !! سڌير“
سڳي
طرح سان ناول جي صفحي نمبر57 تي ليکڪ موھن جو ڪردار ڏيکاريو آھي جيڪو بظاھر ته ڏاڍو اھم ٿو لڳي.
جيئن:
”سپاهي وراڻيو. موهن به پڙهيل لکيل حلقن ۾ گهڻو
ڏٺو ويندو آهي.
افسر
بخيلائپ وچان ”واڻيئي جو ٻار ڪهڙو مارڪسوادي ٿيندو!!“
واڻيو
ڪيڏو به ٺينگ ڏئي پر مذهبي جنونيت سندن رڳن ۾ وهندي آهي.“
”نظر هيٺ رکوس ۽ آگاهي ڏيندا رهو“
پر
سڄي ناول ۾، نه ان کان اڳ نه ئي ان کان پوءِ وري ان ڪردار جو ڪوئي ذڪر آيو آھي.
چيو ويو آھي ته اگر ڪنھن ڪھاڻي يا ليک جي پھرين باب ۾ بندوق ڏيکاري وڃي ته ٻي يا
ٽين باب ۾ اھا بندوق ضرور ڇٽڻ گهرجي. پر ھن ڪردار کي وري ڪٿي ۾ نه
ڏيکاريو ويو آھي جيڪا پاٺڪ لئه ھڪ حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آھي. ساڳي طرح سان صفحي 131
تي اچانڪ سڌير ويدا کان پڇي ٿو ته اڄڪلھه ھو ڇا تخليق ڪري ٿي. نه ته ان کان اڳ نه
ان کان پوءِ اھو ڪٿي ذڪر ۾ آيو آھي ته ويدا ليکڪ آھي.
ڪجهه
ڪجهه جملا اھڙا آھن جيڪي پڙھندي لڳي ٿو ته انھن تي بلڪل به ڌيان نه ڏنو ويو آھي يا
اھا مشاھدي جي غلطي آھي!
* ”سپاهي موبائل تان هٿ ورائي هڪ شاگرد کان پمفلٽ کسي پوسٽر پڙهي ٿو ۽
يڪدم پنهنجي افسر کي پهچائي ٿو.“ ( پمفليٽ کسي پوسٽر پڙھڻ!)
* ”ماڻهو
ان ملبي مان به پنهنجي ڪتب ايندڙ شيون ميڙيندا وتن ٿا لوهه جو سريو، سرون، ڪرش.“
(ملبي مان ڪرش ڪيئن ملندي؟)
* ”شراب جي خالي بوتل فرش تي خالي ڪري پئي هئي.“ (خالي بوتل فرش تي
خالي)
* ”هڪ ڏينهن اچانڪ سورج جي جسم کي ڏڪڻي جا جهٽڪا ٿيڻ لڳا ۽ هوءَ هيٺ
ڪري پوي ٿي، اسان ان وقت مقام واري پاسي سهيلين سان ٽهلي رهيا هئاسين.. مان يڪدم
وڻ جي ڏار تان ٽپ ڏيئي سندس ڪنڌ کڻي هنج ۾ رکيو.“
( ٽھلي رھي ھئي ته پوءِ وڻ جي ڏار تان ٽپ ڪيئن
ڏنائين؟ يا شايد وڻ جي ڏار تي ٽھلي رھي ھئي!)
* ”هو
گئلري ۾ ٻڪ ۾ پاڻي جا ڇنڊا ڀري منهن کي هڻي ٿي.“ ( پاڻي جا ڇنڊا ڪيئن ٻڪ ۾ ڀربا
آھن)
* ”سڌير
پنهنجي منهن ڀڻڪندي. پر خير هي به هڪ قسم جو مرده خانو آهي. جنهن ۾ ليکڪ دفن ٿيندا
آهن. ۽ جيڪو ليکڪ هن ۾ دفن نه ٿي سگهي سو فنا ٿي ويندو آهي. سڌير“ ( ڪيڏو نه
شاندار جملو آھي سواءِ ان غلطي جي ته مردہ خاني ۾ لاش پوربا ناھن بلڪ ڪجهه عرصي لئه
رکيا ويندا آھن)
صفحي
نمبر 180 تي پٿر ويدا کي چوي ٿو:
”
امان نواب جو سياست
جنون آهي. پر سڌير غير سياسي هوندي به سياسي شعور ۾ سگهو هو. هن وٽ پنهنجو پنفرد
انداز هو. عظمي واري معاملي ۾ نواب ان ڪري وچ ۾ آيو جو سڌير عظمي سان بيٺو. ڀڄ ڊوڙ
ڪئي. نه ته نواب عظمي کي کدڙِي چوندو آهي.“ ان کان اڳ ڪٿي به اھو نه ڏيکاريو ويو
آھي ته سڌير کي ڪو سياسي شعور آھي، نه ئي ھو ڪنھن سياسي ڳالهه ۾ دلچسپي رکي ٿو يا
ڪا سياست ڪري ٿو. اھا ڳالهه سڄي ناول ۾ ڪٿي به ذڪر ناھي ٿيل. سڌير ته ويڳاڻپ جو شڪار آھي
جيڪو پنھنجي وجود جي بار ھيٺان دٻيل ٿو رھي.
آخري
ڳالهه، اسان کي ناول ۾ ٻين ڪردارن جي نالن جي ته خبر آھي پر ھڪ اھم ڪردار سڌير جي
ماءُ جو نالو ڪٿي به نه آيو آھي. اھا ته ليکڪ جي مرضي آھي ته ھو ڪھڙي ڪردار جو نالو
ظاھر ڪري ٿو ڪھڙي جو نه. پر منھنجي خيال ۾ ليکڪ کي ھتي سڌير جي ماءُ جو نالو ٻڌائڻ
/ لکڻ گهرجي ھا ڇو ته ان ڪردار جي موت سان ئي ناول جي المياتي شروعات ٿي ٿئي ۽
سڌير جو موت به سندس ماءُ جي وھاڻي مان ٺھيل رسي سان ڏنل ڦاسي سان واقع ٿو
ٿئي.يعني ھڪ حوالي سان ناول جو مرڪز ئي سڌير کان پوءِ اھو ڪردار ئي آھي.
انھن
اوڻاين جي باوجود نور جو ھي ناول سنڌي ادب به پنھنجي ھڪ الڳ حيثيت رکي ٿو ڇو ته
اھڙي ڪرب ۽ پيڙا سان ٻيو ڪو ناول ويجهي ماضي ۾ ناھي لکيو ويو. ٻيو ته، نور وٽ لکڻ جو
ھڪ سگهارو ڏانءُ آھي، ھو ٿورو شين کي وقت ڏئي ۽ يڪسوئي سان لکندو ته مون کي پڪ آھي
ھو اسان کي انتھائي سگهارا ناول ئي سگهي ٿو. مان پنھنجي مضمون جي پڄاڻي ناول مان
کنيل ھڪ مڪالمي سان ڪندم جنھن ۾ ھڪ سڄي دور جو سور سمايل آھي:
” جن ماڻهن جا گهر قيدخانا هوندا آهن. قيد خانا ئي تن لاءِ نجات بڻجي پوندا آهن. قيد ماڻهو کي ڇڪيندو رهندو آهي ۽ قيد خانن سان پيار ٿي پوندو آهي.“
No comments:
Post a Comment