10/11/2012

ادبي تنقيد جا اُصول-1 - پروفيسر لاسيلس ايبرڪرومبي / مراد علي مرزا

ادبي تنقيد جا اُصول-1
پروفيسر لاسيلس ايبرڪرومبي
ترجمو: مراد علي مرزا

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ  جي شروعات کان وٺي اها پاليسي رهي آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ جيڪي معياري مونوگراف يا ٿيسز پيش ڪيون وئيون آهن، اهي شايع ڪري پڙهندڙن اڳيان آنديون وڃن، انهيءَ پاليسيءَ تحت انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ هيستائين ڪافي ٿيسز ڇپايون آهن.
جيئن ته سڀني کي خبر آهي ته طبعزاد ادب سان گڏوگڏ دنيا جي معياري ڪتابن ۽ مضمونن جا ترجما شايع ڪرائڻ پڻ لازمي آهن ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي شاهوڪار بڻائي سگهجي، اڄ ڪلهه جي دور  ۾ ترجمو وڏي اهميت رکي ٿو.
هي ڪتاب دراصل مونوگراف آهي، جيڪو سنڌي زبان جي مشهور ناٽڪ نويس، نقاد ۽ محترم مراد علي مرزا ايم اي جي ڊگري وٺڻ لاءِ سنڌي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ۾ سال 1961ع ۾ پيش ڪيو هو ۽ اصل ۾ مشهور اديب پروفيسر لاسيلس ايبرڪرومبي جي لکيل ڪتاب جو ترجمو آهي.
هي ڪتاب نه رڳو سنڌي ادب ۾ ترجمن جي کوٽ جو پورائو ڪري ٿو پر تنقيدي ادب جي ڏس ۾ پڻ انتهائي ڪارائتو ڪتاب آهي.
مون کي اميد آهي ته اسان جيءَ هن محنت جو قدر ڪيو ويندو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا
پروفيسر انچارج،
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.

پروفيسر لاسسيلس ايبرڪرومبي جو هيءُ ڪتاب ايم اي (سنڌي) جي امتحان واسطي، سنڌ يونيورسٽي مون کي ترجمي ڪرڻ لاءِ ڏنو. اصولن ماهه مئي 1960ع جي وچ ڌاري ڪتاب ترجمو ڪري يونيورسٽي جي حوالي ڪرڻو هو، پر ذاتي مصروفيتن سبب ان وقت تائين ترجمو مڪمل ڪونه ڪري سگهيس، جنهن ڪري ڪتاب کي امتحان لاءِ پيش ڪرڻ بنهه ناممڪن ٿي پيو. مجبورن يونيورسٽي جي واسطيدار صاحبن کي ڇهن مهينن جي مهلت ڏيڻ لاءِ عرض ڪيم. خوش قسمتي سان مهلت ملي ۽ ان مطابق ماهه آڪٽوبر سن 1960ع ۾ ڪتاب پيش ڪرڻو هو. انهي عرصي ۾ اوچتو ريڊيو پاڪستان جي ملازمت جي سلسلي ۾ حيدرآباد ڇڏي  ڪراچي وڃڻو پيو، جتي رهائش  جي ناقص انتظام ۽ ريڊيو جي ٿڪائيندڙ مصروفيتن وري هن ڪم جي تڪميل ۾ ڪيتريون ئي رنڊڪون پيدا ڪري ڇڏيون. ان هوندي به ڪوئي ڪسوئي وقت ڪڍي، ڪتاب جو متن پوريءَ طرح ترجمو ڪري ڇڏيم. پر ترجمي تي نظرثاني ڪرڻ، ڪتاب جي مقدمي لکڻ ۽ سموري ڪتاب جي ٽن ڪاپين بنائڻ جو اوکو ڪم اڃا به رهيل هو. ان ڪم کي پوري ڪرڻ جا سانباها  پئي ڪيم، ته وري اوچتو ماهه سيپٽمبر سن 1960ع ۾ مون کي ڪراچي مان بدلي ڪري ڪوئٽه اماڻيو ويو. هوڏانهن آڪٽوبر جو مهينو به اچي مٿان سهڙيو هو. اهڙيءَ حالت ۾ ڪتاب جي باقي رهيل ڪم کي پوري ڪرڻ جي ڪابه صورت نظر ڪين ٿي آئي، تنهنڪري لاچار ٻي ڪا واهه نه ڏسي همت ڪري، وري به هڪ ڀيرو وڌيڪ مهلت ملڻ لاءِ يونيورسٽي کي درخواست ڪيم. جيتوڻيڪ ان ڀيري اهڙي مهلت ملڻ جي مون کي اميد ڪين هئي پر يونيورسٽي جي واسطيدار صاحبن ان ڀيري به پنهنجي علم پروري جو ثبوت ڏنو، جنهنڪري ڪتاب جي باقي رهيل ڪم کي مڪمل ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.
ترجمي جو ڪم هونئن به مشڪل ۽ اڙانگو هوندو آهي. خصوصن اصل تحرير خالص علمي هجي ته ان صورت ۾ اهو ڪم ويتر مشڪل ٿيو پوي. هن ڪتاب جو موضوع ايترو ته وسيع آهي، جو ادب ۽ فلسفي جي ڪيترن ئي باريڪ نڪتن کي پڻ بحث هيٺ آندو ويو آهي، جنهنڪري ادب  ۽ فلسفي جي خالص اصلاحن کي سنڌي ۾ آڻڻ به هڪ مسئلو ٿي پيو. ٻي ڳالهه ته ههڙي قسم جون تحريرون سنڌي ۾ نظر ئي ڪين ٿيون اچن، جو انهن کي آڏو رکي ڪجهه رهنمائي حاصل ڪري سگهجي. ظاهر آهي ته منهنجي لاءِ هيءُ ڪم بيحد مشڪل ٿي پيو. وري جو ڳڀي جي ڳولا ۾ گهر جي آسائشن ۽ سهولتن کان اجنبي شهرن ۾ اڪيلائي ۽ تنهائي ۾ ڀٽڪڻو پيو. انهن مڙنئي مشڪلاتن مون کي ذري گهٽ نااميد ڪري ٿي ڇڏيو. پر يونيورسٽي مان وقت بوقت مليل سهولتن گهڻي قدر سهارو ڏنو. هن سلسلي ۾ آئون پنهنجي محترم استاد جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن جو بيحد ٿورائتو آهيان جنهن صاحب هر مرحلي تي پنهنجي عالمانه ۽ مشفقانه مشورن سان سرفراز فرمائي منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ هن مشڪل ڪم کي آسان ڪري ڇڏيو. صاحب ممدوح جن ڪتاب جي پهرين باب جي اوائلي صفحن کي پڻ نظر مان ڪڍيو ۽ هڪ همت افزا نوٽ لکيو، جنهنڪري منهنجا حوصلا بلند ٿي ويا، هوڏانهن استاد جناب علي نواز خان جتوئي صاحب جن به هر مشڪل ۾ فياضي سان منهنجي امداد ڪئي ۽ آخر وقت تائين پنهنجين سهڻين صلاحن سان نوازيندا رهيا. ساڳي وقت پنهنجي عزيز دوست ع.ق شيخ صاحب، سابق متعلم ايم. اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽي حال مقيم برسٽل (انگلينڊ) جو به شڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو، جنهن ارسطو جي الميه جي نظريي (Theory of Tragedy) بابت پنهنجي قيمتي راين کان واقف ڪري ڪتاب جي ٽئين باب جي ترجمي ۾ آساني پيدا ڪئي. ڀاءُ حسن علي “نذير” جو پڻ بيحد شڪر گذار آهيان، جو مون خاطر تڪليف وٺي ڪتاب جي چوٿين باب جون ٽي ڪاپيون نقل ڪري ڏنائين.
آءٌ وري به مٿي ذڪر ڪيل سڀني صاحبن جو خلوص دل سان شڪرانو بجا آڻيان ٿو، جن جي همدردين، ڪارائتن مشورن ۽ همت افزائين منهنجين ڪيترين ئي مشڪلاتن کي حل ڪيو ۽ آءٌ هن ڪم کي تڪميل تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيس.
ڪتاب کي ترجمي  ڪرڻ وقت مون اها ڪوشش ڪئي آهي، ته مصنف جي اصل مقصد کي ڪنهن صورت  ۾ فوت ٿيڻ نه ڏيان، جيتوڻيڪ ان ڪوشش ۾ ڪٿي ڪٿي زبان جي روانيءَ کي قربان ڪرڻو پيو آهي. ان هوندي به ممڪن آهي ته ڪي غلطيون نظر اچن، ڇاڪاڻ ته بي عيب فقط باري تعاليٰ  جي پاڪ ذات آهي.
اميد ته منهنجي هن ناقص ۽ ننڍڙي ڪوشش کي قبوليت جو شرف بخشيو ويندو.
 مراد علي اختر مرزا
27- 4- 1961ع

مقدمه
انگريزي ادبي تنقيد - پس منظر
انگريزي ادب ۽ تنقيد جي شروعات سورهين صدي ۾ ٿئي ٿي جڏهن سرفلپ سڊني (1554ع - 1586ع)، ”شاعري جو بچاءُ (The Defence of Poetry) نالي ڪتاب لکيو. سڊني کان پوءِ جان ڊرائيڊن (1631- 1700ع)، پوپ (168- 1744ع) ۽ ڊاڪٽر سموئل جانسن (1709ع- 1784) انگريزي ادب جا مشهور نقاد آهن. انهن نقادن  کي نوڪلاسيڪي (Neo Classical) نقاد به چيو وڃي ٿو. اهي ادب جي ڪلاسيڪي مڪتب جي نقادن سان تعلق رکن ٿا، جن جو سلسلو ارسطو سان وڃي ٿو ملي. هنن نقادن جي تنقيد لساني ۽ تشريحي نوعيت جي هوندي هئي ۽ ڪنهن ادبي تصنيف جي خوبين ۽ خامين کي پرکڻ وقت هيٺين اصولن کي مدنظر رکيو ويندو هو:
1- شاعري فطري ڏات ڪانهي. انهي لاءِ سخت محنت ۽ اصلاح جي ضرورت آهي. ان ۾ جذبن جو ڪيترو دخل آهي ۽ اهي عقل جي قبضي مان ٻاهر ته ڪونه ٿا نڪرن؟ شاعريءَ جو موضوع مهذب زندگيءَ سان تعلق رکي ٿو يا نه؟ مواد جي ترتيب منطقي آهي يا نه؟ طرز ادا ۾ صفائي ۽ نفاست جو خيال رکيو ويو آهي يا نه؟ غير شاعراڻن لفظن جو استعمال ته ڪونه ڪيل آهي؟ نظم جي سٽاءَ ۾ فلسفيانه فقرا ڪتب آندل آهن يا نه؟ نظم علم عروض جي مقرر قاعدن مطابق آهي يا نه؟ ۽ شاعر پنهنجا خيال بيتن جي وسيلي ظاهر ڪيا آهن يا ڪنهن ٻيءَ شعري صنف جي وسيلي؟ (نوڪلاسيڪي دور جا شاعر مثنويءَ جي طرز تي ئي پنهنجا نظم لکندا هئا.)
2- ناٽڪ ۾ ايڪائيءَ جي نظريي (Theory of Unity) جو ڪيترو خيال رکيو ويو آهي؟ يعني پورو ناٽڪ هڪ ئي هنڌ، ٽن ڪلاڪن جي وقت ۾ ۽ هڪ ئي بنيادي عمل جي تحت ڏيکاريل آهي يا نه؟ پوري ناٽڪ ۾ هڪ قسم جا جذبا آهن يا الميه جذبن سان گڏ طربيه جذبا به شامل ڪيا ويا آهن؟
3- پيش ڪيل ادب ۾ تفريحي ۽ اخلاقي عنصر ڪيتري قدر آهي.
4- ادب ۾ متقدمين جي پيروي ڪيتري قدر ڪيل آهي؟ ڇاڪاڻ ته هنن جيڪي لکيو آهي، ان کان جدا ٿي لکڻ ممڪن ڪونهي. ٻيو ته شاعريءَ  ۾ فطرت جي ڪيتري نقالي ڪيل آهي؟[1]
ڪلاسيڪي  نقاد اڳين شاعرن ۽ اديبن جي هر عمل کي لوهه تي ليڪو ڪري سمجهندا هئا، جنهنڪري انهن جي مقرر ڪيل اصولن جي خلاف لکڻ کي ادبي ڏوهه ڪري سمجهيو ويندو هو. ادب ۾ اها روش گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهي ۽ ان جي مقابلي ۾ هڪ ٻي تحريڪ اڀرڻ لڳي، جنهن کي رومانويت (Romanticism) جو نالو ڏنو ويو. نَوڪلاسيڪي دور ۾ هر ادبي تصنيف کي مٿي ذڪر ڪيل اصولن مطابق پرکيو ويندو هو، پر ادب ۾ رومانوي تحرڪ جي اچڻ کان پوءِ نقادن کي به هن ڳالهه جو احساس ٿيو ته ”سڀني ادبي تصنيفن جي پرکڻ جا ساڳيا اصول نه هئڻ گهرجن.“ (Chamber’s Encyclopedia) ان جو نتيجو هي نڪتو ته ارڙهين صدي ۾ ئي ڪلاسيڪي ۽ نوڪلاسيڪي ادبي اصولن جي خلاف هڪ غيرمنظم بغاوت شروع ٿي ويئي. جلد ئي وليم ورڊس ورٿ جو شعري مجموعو ”سريلا گيت“ (Lyrical Ballads) (1800ع) ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو، جنهن جي مهاڳ ۾ ورڊس ورٿ قديم ادبي اصولن (خصوصا شعري اسلوب) جي خلاف هڪ زبردست احتجاج ڪيو. هوڏانهن جرمني جي فلسفيانه مڪتب مان برڪ، ڪانٽ ۽ ليسنگ اُٿيا جن جماليات (Esthetics) جي نيئن سر تشريح ڪئي ۽ ادب ۾ جماليت جي اهميت تي زور ڏنو. انهن فيلسوفن لطيف فنن جو ڳوڙهو مطالعو ڪري فطرت، رفعت، ادب ۽ گرافڪ آرٽ (Graphic Art) جي خوبين جي جماليات جي روشني ۾ علمي طرح وضاحت ڪئي. ان ڪري هڪ طرف جمالياتي تجربي جو دائرو وسيع ٿي ويو ۽ ٻئي پاسي ادبي تنقيد جي روايت ۾ پڻ اضافو ٿيو. رومانويت تي انهن جرمن فيلسوفن جي تحريرن جو ڏاڍو اثر آهي.
رومانويت ۾ جذبن ۽ احساسن کي اهميت ڏني ويئي. شعري زبان ۾ چونڊ لفظن جي استعمال بدران روزمره جي عام ٻولي کي ترجيح ڏني وئي. شاعريءَ لاءِ موضوع عام زندگي ۽ ڳوٺاڻي آزاد زندگيءَ مان ورتا ويا. ڪلاسيڪي روايت جي برخلاف شاعريءَ ۾ ديون ۽ پرين جي قصن بيان ڪرڻ بدران ڳوٺاڻي ۽ فطري زندگي ۾ پليل پاڪ ۽ صاف دلين جي امنگن جي اپٽار ڪرڻ کي ڪاميابي سمجهيو ويو. جذباتيت (شيلي)، فطري نظارن ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ سان دلچسپي (ورڊس ورٿ ۽ گولڊ سمٿ)، ماضي جي تاريخ کي افسانوي انداز ۾ پش ڪرڻ (والٽر سڪاٽ)، تصوف سان دلچسپي (وليم بليڪ)، انفراديت پسندي ۽ نوڪلاسيڪي اصولن جي خلاف بغاوت (لارڊ بائرن ۽ شيلي)، تخيل جي مڪمل آزادي ۽ فطري نظارن ۾ ڇڙواڳ عجيب و غريب وحشي عناصرن سان دلچسپي (ڪوپر)، انساني حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جو جذبو (بائرن، شيلي ۽ برنز)، جذبابتي الميت (ڪيٽس ۽ شيلي) ۽ ناول نويسي ۾ جذبات نگاري (رچرڊسن) رومانويت جون خاص خوبيون آهن. مطلب ته ”رومانويت، ڪلاسيڪي عقليت ۽ ان جي مقرر ڪيل اصولن جي پابنديءَ خلاف هڪ ردعمل آهي جيڪو امنگن جي آزاد دنيا قائم ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو ۽ ڪلاسڪيت جي ٿڌي خارجيت کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي پرجوش داخليت کي آڻڻ گهري ٿو. (Ferdinand Schevill – History of Europe. P-678)
رومانيت جي سببان جيتوڻيڪ انگريزي ادب مالامال ٿي ويو ۽ انگريزي تنقيد جو دائرو ويتر وڌي ويو، پر ”اڪثر سڌارن وانگر، هيءُ سڌارو به پنهنجو ليڪو لنگهي ويو. (ايبرڪرومبي، متن)
لازمي طور هڪ ٽئين تحريڪ ”حقيقت پسندي (Realism) وجود ۾ آئي، جيڪا وري ”ڪلاسيڪي روايتي هيئت ۽ رومانوي ڇڙواڳيءَ جي خلاف هڪ ردعمل هئي. حقيقت پسنديءَ جي ڪري لطيف فنن جي دنيا ۾ جديد علمي روح پئجي ويو. وجود جي غير واضح تفصيلن جو صحيح مشاهدو ڪري ان مطابق انسان ۽ ان جي ڪائنات جي سچي يا حقيقي تصوير ٺاهڻ حقيقت پسندي جو خاص مقصد آهي. (Ferdinand Schevill - History of Europe. P-678). اُوڻهين صديءَ کان پوءِ دنيا جي ادب ۾ جيڪو انقلاب آيو، ان جو سبب اهائي تحريڪ هئي، پر پروفيسر ايبرڪرومبي جي خيال مطابق ”جيڪا اهميت رومانويت کي ملي، اها حقيقت پسندي کي ڪڏهن به نصيب ڪين ٿي سگهي. (ايبرڪرومبي، متن)

”ادبي تنقيد جا اصول“ ـــــ سرسري جائزو
انگريزي ادبي روايت جون اهي ٽي تحريڪون (ڪلاسڪيت، رومانويت ۽ حقيقت پسندي) اوڻيهين صديءَ ۾ اوج تي هيون. پروفيسر ايبرڪرومبي انهن سڀني تحريڪن جو ڳوڙهو مطالعو ڪري جماليت جي تاريخي ارتقاءَ جي روشنيءَ ۾ ادبي تنقيد جا اُصول مرتب ڪري ٿو.
ان لحاظ سان ڪتاب جو پهريون باب (تعارف) ۽ ٻيو باب (ادبي فن) غور سان مطالعي ڪرڻ لائق آهن. انهن بابن ۾ تنقيد جو مقصد ۽ اهميت، تنقيد جو اصل موضوع، ادب ۽ فن جو اختلاف، علمي ادب ۽ خالص ادب، ادب ۾ اشاريت جي اهميت، ٻوليءَ جون پوشيده قوتون، هيئت ۽ اسلوب، ادب ۽ حقيقي زندگي وغيره، اهڙا نڪته آهن، جن جي جماليات، لسانيات ۽ اخلاق جي جديد علمن جي نڪتهء نظر سان ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي. ٽيون باب ارسطو جي تنصيف ”فن شاعري“ (Poetics) بابت آهي. مصنف ادبي تنقيد جي اوسر ۾ ان تصنيف جي اهميت تي زور ڏيندي چوي ٿو ته ”اسين ان اعليٰ تصنيف کي ان نيت سان بحث هيٺ آڻينداسون.
”......... ته پوين تهذيبن ان مان گهڻو ئي ڪجهه حاصل ڪيو.“ (ايبرڪرومبي، متن). ٻيو ته ”ارسطو ان ۾ اُهي سڀئي مسئلا کڻي ٿو، جن جي وسيلي اهي اُصول ملن ٿا، جيڪي تنقيد لاءِ تمام ضروري آهن. (ايبرڪرومبي، متن)
ان باب ۾ نه صرف ”فن شاعري“ تي تحقيقي بحث ڪيل آهي، بلڪه ادب جي نظرين بابت افلاطون کان وٺي جرمن مفڪر هيگل تائين، تقابلي مطالعو پڻ ڪيو ويو آهي. ازنسواءِ ناٽڪ جي اصولن تي اهو باب هڪ سند آهي. جنهن ۾ الميه، طربيه، ناٽڪي ايڪائين، پلاٽ، ٻولي، ڪردارن، واقعن ۽ الميه جي تاثير تي وضاحت سان بحث ڪيو ويو آهي. آخر ۾ الميه ناٽڪن جي روشنيءَ ۾ ادب جو مقصد بيان ڪيل آهي. ڪتاب جو چوٿون باب ادبي تنقيد جي تاريخ سان تعلق رکي ٿو.
ان باب ۾ فقط انهن اهم فيلسوفانه تصنيفات کي بحث هيٺ آندو ويو آهي، ”جيڪي خاص ڪري جمالياتي تنقيد لاءِ قيمتي آهن.“ (ايبرڪرومبي، متن). ازنسواءِ ان تنقيدي تحقيقات تي پڻ بحث ملي ٿو، جن جي انگريزي ادب ۾ اهميت آهي. يورپي تنقيد تي ارسطو جو اثر (هوريس)، ادب جو تمثيلي نظريو (ڊانٽي)، نظرياتي تنقيد (سڊني، بيڪن، ڪانٽ، ڪروچي)، اسلوبي تنقيد (لانجينس بن جانسن، پوپ، ورڊس ورٿ) ۽ رومانويت ۽ رفعت (برڪ، ڪانٽ، ليسنگ ۽ مئنزوني) جي بنيادي اصولن جي ان باب ۾ علمي طرح وضاحت ڪيل آهي.
بنيادي طرح مصنف ادبي تنقيد جي جمالياتي مڪتب سان تعلق رکي ٿو. هو قبول ڪري ٿو ته تنقيد جي روايت ۾ رومانويت ٻين سڌارن سان گڏ هيءُ سڌارو به آندو ته، ”ان ۾ تشريح ۽ تفسير جي آزادي ملڻ لڳي. اها آزادي انهن نام نهاد خارجي قاعدن جي صداقت کان انڪار ڪري ٿي، جيڪي ڪلاسڪيت جي متوالن گهڙيا هئا....“ رومانويت جي ڪري ئي ليمب، ڪالرج ۽ هيزلٽ ۾ تنقيدي انفراديت پيدا ٿي ۽ ڪنهن فنپاري کي پرکڻ جي پوري پوري آزادي ملي سگهي. پر خدشو هي پيدا ٿيو ته رومانويت جي ڪري غير ذميداريءَ جي گهڻي پٺڀرائي ٿي هئي.“ (ايبرڪرومبي، متن). اهوئي سبب آهي جو هو رومانويت کي اکيون پوري قبول ڪرڻ بدران، ان جو ٻين تحريڪن سان مقابلو ڪري، ان جي خوبين ۽ خامين جو جائزو وٺي ٿو. ساڳئي وقت هو ڪلاسڪيت جي اصولن کي به نظرانداز ڪونه ٿو ڪري، بلڪه انهن جي به تڪ تور ڪري سٺن ۽ چڱن اصولن جي تعريف ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح مصنف جا مقرر ڪيل ادبي تنقيد جا اصول اهڙا آهن، جن ۾ ادب جي مٿي ذڪر ڪيل ٻنهي مشهور تحريڪن جو روح سميٽجي آيو آهي.
تنقيد جا اهي اصول جيتوڻيڪ مغربي فلسفي ۽ مغربي علم ادب جي پس منظر ۾ مرتب ڪيل آهن، پر سنڌي تنقيد جي روايت کي اهي يقيناً ترقي ڏانهن وٺي ايندا. ان جو هي مطلب ڪونهي ته سنڌي تنقيد جي روايت سکڻي آهي. اسان جي تنقيد مشرقي تنقيد (عربي ۽ فارسي تنقيد)  کان گهڻو متاثر آهي. ان ۾ تحقيق ۽ تصحيح جي مشڪل ڪم قديم ادب  جي لڪل خزانن کي ظاهر ڪري نه فقط ٻوليءَ کي مالامال  ڪيو آهي، بلڪ نئين ذهن کي ماضي جي بي بها دولت جو مالڪ پڻ بنايو آهي. ان تنقيد  ۾ ٻوليءَ جي بحثن علم معاني ۽ علم بيان کي متعارف ڪيو آهي ۽ فصاحت ۽ بلاغت جي اهميت واضح ڪئي آهي. شاعرن ۽ اديبن جي مطالعي مختلف ادبي تحريرن ۽ ادبي شخصيتن جي خوبين ۽ خامين کي ظاهر ڪيو آهي. ادبي تاريخن ۽ ادبي تذڪرن ۾ ادب جي مختلف صنفن جي شهپارن کي محفوظ ڪيو ويو آهي. پر اڄوڪي دور ۾ مشرق ۽ مغرب جو اختلاف ختم ٿيندو پيو وڃي. سائنس جي ايجادن وقت ۽ فاصلي کي بنهه گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ دنيا جا سڀئي ملڪ ۽ قومون هڪ ٻئي جي ايترو ته قريب پهچي ويون آهن جو هڪ ٻئي جي چڱن اثرن کي قبول ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ئي ڪونهي. هن دور ۾ اسين صرف پنهنجي ادب تائين محدود نه آهيون، بلڪ دنيا جي مختلف قومن کي سمجهڻ لاءِ انهن جي ادب جو مطالعو ڪرڻ پڻ اسان لاءِ بيحد لازمي ٿي پيو آهي. ان لحاظ سان هيءُ ڪتاب نه صرف مغربي  ادب جي شهپارن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندو، بلڪ هن مطالعي کان پوءِ پنهنجي ادب جي بيشمار لڪل خوبين کي پڻ علمي طرح واضح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهنداسون. جهڙي طرح لفظ ادب مختلف معنائن ۽ مقصدن  جو حامل آهي. تنقيد به ان لحاظ سان انهن مڙنئي معنائن ۽ مقصدن جو احاطو ڪري ٿي، جيڪي صحيح ادب جي جان ۽ روح هوندا آهن. تنقيد جو مقصد نه صرف ڪنهن ادبي تخليق جو تجزيو ڪرڻ آهي، بلڪ ادب جي فڪري اسلوبن جي اسرارن ۽ رمزن کي کولي صاف ڪرڻ، تخليقي ذهن جي سمورين پيچيدگين  کي سمجهي، ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ ۽ ادب جي جمالياتي تصورن ۽ ادبي تخليق جي فڪري بنيادن کي پوري طرح سمجهي، انهن جي علمي نڪته نگاه سان صحيح ۽ سچي وضاحت ڪرڻ پڻ تنقيد  جو بنيادي مقصد آهي. ادب ۽ تنقيد  جو رشتو ايترو ته گهرو ۽ مضبوط آهي جو ”جيستائين ادب، ادب رهندو، تنقيد به پنهنجيءَ جاءِ تي قائم ۽ دائم رهندي، ڇاڪاڻ ته  تنقيد جو بنياد به حقيقت ۾ اهو ئي آهي جيڪو خود ادب جو آهي. (The Function (of Criticism: T.S. Eliot



‘Crossing the stripling Thames at Bablockhith’

مٿئين مصرع جي معنيٰ ان جي ترڪيب مان ظاهر ٿئي ٿي ۽ ان جي موزوني سخت ۽ نرم حرفن جي ڦير گهير مان ٿئي ٿي. ٻئي پاسي لفظ stripling جو پُر خيال قدر هتي بلڪل صاف آهي ۽ stripling، Thames ۽ Bablockhith’ ۾ موزون ۽ حروف علت جي سلسلي ۾ رڪني آواز جي خوبي پڻ ڌيان جوڳي ۽ اثرائتي آهي (وهندڙ پاڻيءَ جي آواز جو اشارو به چٽو آهي).
ضروري ڪونهي ته اها چَؤڻي قوت هڪ ئي وقت  استعمال ڪجي ۽ ان کي هڪ جهڙي ئي اهميت ڏجي. اڪثر ڪري ادب جي فن کي نظم ۽ نثر ۾ ورهايو وڃي ٿو، جنهنڪري يقينن سهوليت ٿئي ٿي، پر اها ورڇ اهڙي  سخت ۽ ٺوس ڪين ٿي ڪري سگهجي. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته ان جو دارومدار هڪ خاص قسم جي موزوني  جي موجودگي ياغير موجودگيءَ تي هوندو، جنهن کي اسين بحر وزن چئون ٿا. پر شعر (يا بحر وزن ۾ ترتيب ڏنل ٻولي) شاعراڻي ٻوليءَ جي ڪا خاص ضمانت ڪونهن. شاعراڻي ٻولي شعر کان سواءِ به سلامت رهي سگهي ٿي. موزوني جنهن ۾ بحر وزن ڪونه آهي، اها اڪثر ڪري شاعراڻي ٻوليءَ لاءِ صحيح ٿي سگهي ٿي، پر شعر جهڙي تعريف جوڳي ڪسوٽيءَ کان سواءِ ’شاعراڻي ٻولي ڇا آهي؟‘ وارو سوال ’شاعراڻي ٻولي ڇا نه آهي؟‘ ۾ غائب ٿيو وڃي. تنهنڪري وسيع معنيٰ ۾ اهو سوال معقول  آهي ۽ فلسفي سان تعلق رکڻ بدران البت عملي آهي. تنهنڪري ان جي سمجهڻ  کان اڳ ”شاعراڻي ٻولي“ جي مطلب جي وضاحت  ڪرڻ گهرجي. شاعراڻي ٻولي اها ٻولي آهي، جيڪا مصنف  جي تجربي جي خاص علامت کي بيحد اثرائتي انداز ۾ بيان ڪري ۽ ان جي نازڪ تفصيل جي عمدي تعريف ڪري؛ جيڪا پنهنجي قوت جي بلند مقام تي هجي؛ جنهن ۾ هڪ ئي وقت ان جي چئني قسمن جو بيحد موزون استعمال ٿيل هجي. اڪثر حالتن ۾ جذبي کي پوري تيزيءَ سان تفصيلوار بيان ڪرڻ لاءِ بحر وزن واري موزونيءَ کي استعمال ڪرڻ تي خاص ڪري اصرار ڪيو ويندو آهي، پر بحر وزن واري موزوني ڪا بنيادي حقيقت ڪانهي.
تنهنڪري لفظ شاعري کي ان طرح سمجهڻ کان پوءِ اسين ادبي فن جي بحث ۾ ان کي عام ادب ڪري ليکينداسون، ڇاڪاڻ ته ادب جو جوهر شاعري آهي. ادب جو سمورو مقصد (خالص تجربي کي ٻوليءَ جي وسيلي ٻين تائين پهچائڻ) شاعريءَ ۾ پنهنجي پوريءَ شدت سان ظاهر ٿئي ٿو. عام طرح جيڪي ڪجهه شاعريءَ لاءِ صحيح سمجهيو وڃي ٿو، اهو سموري ادب لاءِ به صحيح ٿيندو، تنهنڪري جڏهن به اسان جي نظريي ۾ شاعريءَ جو ذڪر ٿئي، تڏهن اهڙي شاعري ادبي فن جو هڪ قسم هوندي.
ادبي فن جو مقصد يا مراد آهي ظاهر ڪرڻ، نمائندگي ڪرڻ ۽ اطلاع پهچائڻ. ادب ان ڪري تخليق ڪونه ڪبو آهي، ته ان ۾ خوبصورتي پيدا ٿئي. اسان کي ادب ۾ خوبصورتي  ان وقت نظر اچي ٿي، جڏهن ان کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ٿي هوندي، جهڙيءَ طرح ڪنهن منظر کي ڏسي ان جي خالص تجربي کي خوبصورت ڪري ٿا وٺون، ساڳيءَ طرح ادب جي حاصل ڪرڻ ۽ ان کي ٻين تائين پهچائڻ جي خالص تجربي کي به ايئن ئي چڪاسڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته اطلاع حاصل ڪرڻ واري تجربي ۽ پهچايل تجربي ۾ تميز ڪري ئي نه ٿي سگهجي. هڪ نظم جي ترڪيب ۾ اسان کي ڪيتريون ئي خوبصورت شيون نظر اينديون ۽ سراسري طرح پورو نظم اسان کي خوبصورت نظر ايندو. پر ڪل جي خوبصورتي ڀاڱن جي خوبصورتي جو مجموعو ڪين هوندي آهي. هتي ادب جي هيئت (Form) تي به ڪجهه چوڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان جي وسيلي ئي اسين ڪنهن تحرير لاءِ ڪا مڪمل راءِ قائم ڪري سگهنداسون. ادب جي هيئت ايتري ئي اهم آهي، جيترو ادب جو موضوع. هيئت مان ئي اسان کي هن سوال جو جواب ملي ٿو، ته ادب ڇا آهي؟
مٿي پڙهي آيا آهيون، ته هر ادبي تحرير جو بنياد تجربي تي آهي. اهو تجربو کڻي ڪهڙي به قسم جو هجي: يعني ته مصنف سان حقيقي زندگيءَ  ۾ ڪا واردات ٿي هجي، يا هن ڪنهن شيءِ بابت ڪا آکاڻي ٻڌي هجي، يا هن جي من ۾ ڪو وهم پيدا ٿيو هجي. پر هڪ لحاظ کان يقيناً اهو تجربو هوندو، هڪ اهڙو تجربو، جيڪو اديب کي ڌونڌاڙيندو ۽ هن کي ڪجهه چوڻ لاءِ آمادهه ڪندو. ان تجربي ۾ ضرور ڪا اهڙي ڳالهه هوندي، جيڪا هن کي مجبور ڪندي ته هو پاڻ کي پوري طرح ظاهر ڪري جئن ٻئي شخص وٽ سندس تجربي جي نمائندگي ٿي سگهي. ان جومطلب هيءُ ٿيو ته جدوجهد ۽ ڪوشش جو هڪ اهڙو ٺوس انتظام قائم رکجي جنهن جي ڪري تجربي جي علامت، جيڪا گهڻي قدر اديب جي فنڪارانه شعور لاءِ درست هوندي، ٻوليءَ ۾ آڻي سگهجي. اديب جو فنڪارانه شعور خود تجربو هوندو آهي، جيڪو کائنس ٻوليءَ ۾ پاڻ جهڙي ئي جي طلب ڪري ٿو، اهو هڪ سخت ۽ ظالم مالڪ مثل آهي، جنهن وٽ فنڪار خوشيءَ پاڻ سپرد ڪندو آهي. ڀلا تجربي ۾ ان ڪهڙي خوبيءَ جو هجڻ ضروري آهي، جو فنڪار ان جي جابر طاقت جي اڳيان جهڪي پوي؟ حقيقت ۾ اها خوبي هڪ خاص جي قسم جي شدت آهي. هونئن ته هر هڪ تجربو پنهنجي اظهار جي طلب ڪندو آهي جيڪو اڳتي هلي فنڪارانه اطلاع جي صورت وٺي ٿو ۽ اهڙي طرح پنهنجي واقع ٿيڻ ۽ پنهنجي وجود جو اعلان ڪري ٿو، جيئن ان جي خاص نوعيت ۽ جوهر  ۽ لب و لهجو ٻئي ذهن ۾ نئين سر زندهه ٿي اٿي.
حقيقت ۾ تجربي جي شدت  لاءِ وري توجهه جي شدت ضروري آهي. اسين هڪ تجربي کي جنهن ۾ فنڪار جي ذهن کي قبضي ۾ آڻڻ ۽ ان کي طاقت پهچائڻ جي شدت هوندي آهي، ڪنهن وجود ۾ ايندڙ  فن - پاري  جو تحرڪ سڏي سگهون ٿا. ان لحاظ کان اهو تحرڪ جيترو اعليٰ هوندو اوترو ئي ان کي ادبي اظهار جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ گهڻي فن جي ضرورت ٿيندي، ڇاڪاڻ  ته تجربو جيترو وسيع هوندو، اوترو زرودار  ٻوليءَ جي ضرورت ٿيندي. جيئن ادبي تصنيف ۾ ان کي بطور علامت  ظاهر ڪري سگهجي. هومر (Homer)، ڊانٽي (Dante)، شيڪسپيئر (Shakespeare)، ملٽن (Milton) وغيره جيڪي اسان تائين عظيم تجربا پهچايا آهن، تن جو سبب هيءُ آهي ته هنن کي لفظن ۾ اظهار ڪرڻ جي فن تي پوري قدرت حاصل هئي. بيشڪ هنن وٽ اعليٰ تحرڪ هو، پر جيڪڏهن ان جي اظهار لاءِ سندن ٻولي موزون نه هجي ها ته هوند اسان کي ان خوبي جي خبر ئي ڪين پوي ها. اُهي پنهنجي شاعريءَ جي ترڪيب ۾ دلڪشي ۽ خوبصورتي ان ڪري پيدا ڪري سگهيا، ڇاڪاڻ ته سندن تجربي جو جوهر ڏاڍو دلفريب هو. پر اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ئي ممڪن هو جو ٻولي سندن قبضي ۾ هئي. اها رڳو جوهر جي خوبي ڪين هئي جنهن سندن تجربي  کي تحرڪ جي صورت ۾ آندو، بلڪ ان جوهر جي خوبيءَ تي هڪ ئي شدت سان ڌيان ڏنو ويو هو. جڏهن شيڪسپيئر اوٿيلو (Othelo) جي ڪهاڻي ٻڌي (يا پڙهي) تڏهن هن ان کي واحد تجربو ڪري ورتو. هن سموري موضوع ۽ ڪهاڻي جي آمد تي ڌيان جي هڪ ئي عمل سان قبضو ڪيو. هن جي ان تجربي ۾ مضمون جي خوبي ناٽڪ جي ترتيب جي وسيلي ظاهر ٿيل  آهي. پر مڪمل ناٽڪ  جو مجموعي اثر اسان جي ذهن ۾ ان سموري خوبيءَ کي تجربي جي واحد  شدت سان پيدا ڪري ٿو. اها شدت جيڪا توجهه جو واحد عمل آهي ۽ جنهن جو جوش ۽ ولولو شيڪسپيئر جي تحرڪ جي طاقت جهڙو آهي.
تجربو ڪڏهن به سادو ٿي ڪونه ٿو سگهي. ان ۾ هميشه هي ٻه ڳالهيون هونديون آهن: ذهن کي ڇا ڏنو وڃي ٿو ۽ ذهن کان ڇا ورتو وڃي ٿو. اهي ٻئي ڳالهيون منجهيل ٿي سگهن ٿيون. فرض ڪريو ته ڪو شخص لهندڙ سج کي ڏسي پيو. اهڙيءَ حالت ۾ سندس حواس نه رڳو کيس رنگن جي عظمت ۽ منظر جي خوشيءَ کان آگاهه ڪندا، پر اُهي ان موقعي جي خاموشي، ٿڌاڻ ۽ خوشبوءَ کان پڻ کيس واقف ڪندا. هو لهندڙ سج جي منظر ۾ جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو؛ ڏينهن جي ختم ٿيڻ، رات جي اچڻ، حسن جي ناپائداريءَ وغيره ۾ جيڪي ڪجهه هن کي معلوم ٿئي ٿو، ان ۾ هو وري پنهنجي طرفان خيالي رنگ ڀري ٿو. اهو سڀ ڪجهه هڪ ئي تجربي ۽ ڌيان  جي هڪ ئي عمل ۾ گڏ ٿئي ٿو. جيڪڏهن ان موقعي ۾ اها شدت آهي، جيڪا فنڪارانه اظهار لاءِ مجبور  ڪري ٿي، ته پوءِ ان کي تجربي جي وهڪري مان ٻاهر آڻي خيال ۾ قائم رکڻ سان برقرار رکي سگهبو ۽ اهڙي طرح ان ۾ وڌيڪ دلفريبي ۽ دلڪشي پيدا ٿي پوندي. ان تجربي جي اهميت جو سبب اهو جوهر ڪونهي جنهن مان اهو (تجربو)  ٺهي ٿو، بلڪ خيالي توجهه جي اها ايڪائي جنهن ۾ ان پيچيدي جوهر کي قائم رکيو ويندو آهي. ۽ جيڪڏهن اهو تجربو اهڙي طرح ئي منتقل ڪيو وڃي ته نه رڳو ادب ان جي پيچيدي جوهر کي بطور علامت ظاهر ڪندو، پر ان جي خاص ايڪائيءَ کي جنهن ۾ اهو جوهر  اديب جي خيالي توجهه ۾ قائم رهيو هو، پڻ علامت جي صورت ۾ ظاهر ڪندو.
ادب جو اهو تصور جيڪو اوائلي تجربي کي علامت جي صورت ۾ استعمال ڪري ٿو، ان کي اسين ادب جو اسلوب سڏيون ٿا. ۽ اهو تصور جيڪو جوهر جي ايڪائي کي جامع توجهه  جي هڪ ئي عمل  ۾ بطور علامت آڻي ٿو، ان کي اسين ڪنهن ادب پاري جي هيئت چئون ٿا. اسلوب تي هيئت ڪنهن ٻاهرين وسيلي جي مدد سان ڪين مڙهي ويندي آهي. هيئت پيدا ٿيندي آهي اسلوب مان، جڏهن اسلوب سچ پچ هيئت جي تحرڪ سان مشابهه هوندو آهي. بهرحال ادبي نقطهء نظر کان هيئت  ۽ اسلوب ۾ به اهڙي طرح تميز ڪري سگهجي ٿي، جيئن لفظن جي معنيٰ ۽ انهن جي آواز ۾ ڪبي آهي.
تجربي کي هڪ ذهن مان کڻي ٻئي ذهن ۾ آڻڻ لاءِ فقط علامتن کي ئي وسيلو  ڪري سگهجي ٿو. ادب ۾ علامت ٺهي ٿي لفظن ۽ انهن جي ميڙ مان جيڪي استعمال ڪجن ٿا ۽ سلسليوار سمجهيا وڃن ٿا. تنهنڪري تحرڪ کي منتقل ڪرڻ لاءِ پهرين ڳالهه هيءَ آهي، ته ان جي ايڪائي کي جدا جدا  ڀاڱن ۾ ورهائجي. ٻئي طرف تحرڪ کي حاصل ڪرڻ لاءِ وري  هيءُ شرط  آهي، ته انهن ڀاڱن کي درجي بدرجي ورتو وڃي. پنهنجي تحرڪ کي اهڙي طرح پيش ڪندي هڪ فنڪار کي گهرجي ته تسلسل جي عمل جي آخري طرح مڪمل ٿيڻ ڏي، انهن ڀاڱن کي هڪ ڀيرو وري ملائي هڪ ايڪائي قائم ڪري ڇاڪاڻ ته اهو ذهن جنهن ڏانهن فن منتقل ڪيو وڃي ٿو، تنهن کي تاثرن جو هڪ خوبصورت  سلسلو ملندو ۽ جڏهن تاثرن جو اهو سلسلو مڪمل ٿيندو، تڏهن فنڪار جي بيشمار تجربن کي هڪ اهڙيءَ هيئت ۾ آڻيندو، جنهن جي وسيلي ئي سلسليوار تاثرات هڪ منظم ايڪائيءَ ۾ گڏ ٿي سگهندا.
هيءُ خيال ته ادب ۾ هيئت علامتي طرح تحرڪ جي ايڪائيءَ جهڙي آهي تڏهن اهميت  وارو چئبو، جڏهن پڇنداسون ته ادب جو مقصد ڇا آهي؟ ڪهڙي مقصد خاطر ناٽڪن، نظمن ۽ ناولن جي وسيلي  اهو خالص تجربو ٻين تائين پهچايو وڃي ٿو؟ انهن مان نه اسان کي ڪا معلومات ملي ٿي، نه سچ لاءِ ترغيب ملي ٿي، نه اخلاقي اهميت ۽ نه شين جي استعمال جو طريقو ملي ٿو. ته پوءِ اسين انهن مان ڇا ٿا حاصل ڪريون؟ ان سوال جو سادو جواب هيءُ ٿي سگهي ٿو، ته انهن جي ذريعي تجربو حاصل ڪريون ٿا ۽ جيئن ته اسين تجربن جي وسيلي ئي ۽ بنيادي طرح تجربن ۾ ئي زندهه رهون ٿا، تنهنڪري اهڙيءَ طرح حاصل ڪيل تجربو زندهه رهڻ جو هڪ انعام آهي. پر ان جو مطلب وري هيءُ ٿيندو ته ادب ۽ حقيقي زندگيءَ جو مقابلو ڪيو وڃي. پر رڳو  تجربي جي آڌار تي ادب ڪڏهن به حقيقي زندگي سان مقابلو ڪري ڪونه سگهندو. ڇاڪاڻ ته ادب آهي خيالي تجربو، جيڪو حقيقت سان مقابلي ڪرڻ ۾ هميشه غير حقيقي پيو لڳندو. البت جيڪڏهن ادب جي هيئت تي غور ڪبو ته پوءِ ادب جو اهو غير معمولي فائدو نظر ايندو، جيڪو ان جي وسيلي مليل  تجربي جي حقيقت کان وڌيڪ آهي. انسان ڪڏن به تجربي ڪندڙ جي حيثيت ۾ پاڻ کان راضي رهي ڪونه سگهندو. اها هن جي فطرت آهي. سندس سموري عملي ۽ خيالي ڪوشش هيءَ هوندي آهي ته پنهنجي تجربي ۾ خوبي پيدا ڪريان يا ظاهر ڪريان. پر ادب ۾ ضروري ڪونهي ته اسين پنهنجي تجربي ۾ خوبي ڳوليون يا پيدا ڪريون. اتي تجربو اهم آهي رڳو ادب هجڻ جي ڪري ۽ ان جي هيئت جي ڪري، جيڪا ان کي ادب کان ملي ٿي. اسان جون عملي ۽ خيالي ڪوششون سدائين هي پئي رهيون آهن، ته زندگيءَ کي منظم حقيقت جي حيثيت ۾ هڪ مڪمل اهميت يا فلسفيانه سچائيءَ يا اخلاقي قدر سان آسان افاديت ڏانهن وڌائيندا هلون. پر اهي حقيقتون نه ويجهو اچن ٿيون ۽ نه اينديون. ادب ۾ ڪوبه اضافو ڪونه ٿيو آهي. جيڪڏهن ادب پاڻ وجود ۾ آڻڻ لاءِ ڪامياب ٿي ويو آهي، ته ان مان اسان مليل تجربو واقعي اهميت وارو چئبو. اهو تحرير ڪرڻ وقت به ايئن ئي هو ۽ پوءِ به هميشه ايئن ئي رهندو، پر جيڪڏهن تجربو غير اهم آهي، ته پوءِ ادب وجود ۾ ڪونه ايندو.
آخر اسين ڇا ٿا چاهيون، ته اسان جو تجربو اهميت وارو هجڻ گهرجي؟ ايئن ممڪن ڪونهي ته تجربي جي ان کان ٻاهر ڪا معنيٰ هجي؟ اسان جي فهم قابل اها ڪهڙي معنيٰ آهي، جيڪا تجربو پاڻ کان ٻاهر رکي سگهي ٿو؟ اسين ته پنهنجي تجربي کان ٻاهر نڪري به ڪونه ٿا سگهون! البت خود تجربي ۾ ئي ڪنهن معنيٰ جو هجڻ ممڪن آهي، پر “معنيٰ” مان اسان جو ڇا مطلب آهي؟ ان جو مطلب رڳو اهو اڻٽر لاڳاپو آهي، جيڪو هڪ شيءِ کي ٻيءَ شيءِ سان هوندو آهي. ڪا شيءِ تڏهن معنيٰ واري چئبي  جڏهن اها ٻين گهڻين شين جي تعلق جو مرڪز هوندي. تجربو به تڏهن مڪمل طرح اهم آهي جڏهن ان جي هر ڪا شيءِ ان جي هر ٻي شيءِ سان لاڳاپي جو مرڪز هوندي. جنهن تجربي ۾ شيون بي ترتيب ۽ هڪ ٻئي کان جدا ۽ الڳ هونديون، ظاهر آهي ته ان کي پسند نه ڪيو ويندو. اهم تجربو اهو آهي، جنهن ۾ ڪابه شيءِ اتفاقاً واقع ڪين ٿئي ٿي، بلڪ هر ڪا شيءِ ٻين شين جي مڪمل لاڳاپي سان واقع ٿيندي . اتي هر ڪا شيءِ نه فقط پاڻ خاطر بلڪ ڪُل جي خاطر هوندي آهي.
ادب ۾ تجربي  جو به بنهه اهو ئي مطلب آهي. هڪ ادبي تحرير ۾ مثلاً نظم، ناٽڪ، ناول، مضمون يا هر اها تحرير جا سچ پچ ادبي تحرير آهي ـــــ ڪابه اهڙي شيءِ واقع  نه ٿيندي آهي، جيڪا سموري تحرير جي هيئت ۽ ان جي آخري مڪمل تاثرات کي ٿورو يا گهڻو ٽيڪو نه وٺائيندي هجي. پر سچ پڇو ته اهو هڪ محدود تجربو آهي. ان تجربي کي محدود هوندي به هڪ ايڪائي مليل آهي، جنهنڪري ان کي اهميت حاصل آهي. ڪيترائي ماڻهو آهن جن وٽ هڪ ادبي فنڪار جهڙي اظهار جي قوت  موجود آهي. هنن کي به اهڙن تجربن سان واسطو پيو هوندو، جن سان هڪ فنڪار جو واسطو پوندو آهي. پر اهڙن تجربن کي اسين جڏهن به چاهيون ادب ۾ حاصل ڪري ٿا سگهون. انهي کان سواءِ اهم نڪتو هي آهي، ته ادب ۾ اسان کي اها اهميت اهڙي نموني ملي ٿي، جو اهو (تجربو) اُن تجربي کان وڌيڪ نمايان ٿيو پوي، جيڪو حقيقي شين وسيلي اک ڇنڀ ۾ وجدان تائين پهتو هو. هڪ ادبي فنڪار پنهنجي تحرير جي ترڪيبي ايڪائيءَ کي درجي بدرجي ۽ ڄاڻي ٻجهي پنهنجي علامتي وسيلي ۾ تعمير ڪندو آهي. تنهنڪري جڏهن به اسان کي ڪنهن ادبي تحرير سان واسطو پوي ٿو، تڏهن اسان کي تاثرات جي هڪ سلسلي مان هلڻو پوي ٿو ۽ محسوس ڪريون ٿا ته ان جو هر هڪ اثر ان تحرير جي هيئت جي آخري اثر کي مڪمل ڪُل جي حيثيت ۾ مدد ڪري ٿو. اسين هڪ منجهيل ۽ بي ترتيب تجربي ۾ رهون ٿا، جنهن کي نيٺ به هڪ ايڪائي جي صورت وٺڻي آهي. جڏهن اسان جي ذهن ۾ ڪنهن تحرير جي هيئت ويهي ٿي وڃي، تڏهن اسان کي ان جو سمورو تجربو ۽ ان جي ايڪائي به ملي ٿي. پوءِ اسين پنهنجي تجربي کي باهمي لاڳاپن جي هڪ مڪمل صورت ۾ منظم ڪريون ٿا. ان تحرير جي سموري انداز ۾ اسان جيڪا اميد رکي ۽ جيڪا چاهنا ڪئي، اها ئي اسان کي حاصل ٿي. اسان کي وڏي يا ننڍي پئماني تي هڪ تجربو مليو، جيڪو پوريءَ طرح اهم آهي. اهوئي تجربو آهي، جنهن جي ملڻ جي اسين هميشه خواهش ڪندا آهيون ۽ اهو تجربو اسان کي فقط فن ۾ ملي سگهندو.
هاڻي خبر پئي، ته ادب جو مقصد ڇا آهي؟ ۽ ان کي ڳولي لهڻ لاءِ اسين ادب (خالص تجربي) جي دائري مان ٻاهر ڪونه نڪتا آهيون. اسان فقط هيءُ اندازو لڳايو آهي، ته اهو بذات خود ڇا لاءِ آهي. ائين چوڻ ته ادب  جو مقصد اسان کي سکيا ڏيڻ آهي يا اسان کي نيڪ سيرت بنائڻ آهي. درست ڪونهي. ان طرح اسين ادبي فن جي دائري مان ٻاهر نڪري ٿا وڃون. ادب جي وسيلي اهي ڳالهيون به ٿي سگهن ٿيون، پر رڳو انهن جي ڪري ادب کي ادب ڪونه ٿو سڏجي. نه وري ادب جو مقصد خوبصورت ٿيڻ آهي. ائين چوڻ البت مناسب ٿيندو، ته ادب ۾ نظر ايندڙ هرڪا خوبصورت  شيءِ ان جي مقصد جي ڪاميابيءَ جو هڪ ذريعو آهي. تنهنڪري ان مقصد جو مطلب هي آهي، ته تجربي کي اهڙيءَ طرح اهم بنائجي جو اسين ان کي ان جي سچائيءَ يا حقيقت يا افاديت يا اخلاق جي نظر سان نه ڏسون. ظاهر آهي ته هر ادبي تحرير اسان کي هڪ اهڙو محدود تجربو ڏئي ٿي جنهن جي اسان کي سخت ضرورت هوندي آهي. دراصل ادب جي هيئت ئي تجربي کي اهميت بخشي ٿي. خود هيئت اهم ٿي ڪين ٿي سگهي. هيئت مضمون جي هيئت جي صورت ۾ ئي سلامت رهي سگهي ٿي. هيئت کان جيڪا اهميت مضمون کي ملي ٿي. اُها ئي اهميت هيئت جي آهي. در اصل اهو مضمون حقيقي ڪونه هوندو آهي. پر حقيقي تجربي ۾ اسين ڪڏهن به مڪمل اهميت کي سمجهي ڪونه سگهنداسون. ان کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته خيالي تجربي تي ئي قناعت ڪئي وڃي. پر ادب جي خيالي زندگيءَ جي اعليٰ ۽ عظيم ڪوشش (يعني جيتري قدر ٿي سگهي عملي يا ذهني طرح، گهڻي ۾ گهڻي اهميت حاصل ڪئي وڃي) کي برابر همٿائيندي رهي ٿي.
ضروري آهي ته هن باب کي ختم ڪرڻ کان اڳ ادبي فن جي نظريي جي خاص اصولن کي هڪ ڀيرو وري مختصر لفظن ۾ ترتيب وار بيان ڪجي.
ادب ٻوليءَ جي وسيلي ٻين تائين تجربي پهچائڻ جو فن آهي، جنهن جو ان جي ڪري ئي قدر آهي ۽ جنهن مان ان جي ڪري ئي لطف وٺي سگهجي ٿو.
ان لاءِ هي ڪافي ڪونهي، ته تجربي جو طريقو يا مواد ٻين تائين پهچايو وڃي. نه وري هيءُ ڪافي چئبو ته تجربي جي موضوع کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ ان جي معروض جي نمائندگي ڪئي وڃي. اهو خود تجربو آهي: ڪُل ۽ مڪمل، موضوع ۽ معروض؛ اها شيءِ جيڪا واقع ٿي ۽ اهو ذهن جنهن لاءِ اها واقع ٿي، اهي ئي ٻين تائين پهچائڻ گهرجن.
جيئن ته تجربو ٻوليءَ ۾ ڪونه ٿيندو آهي، تنهنڪري ٻولي ان کي فقط علامتن جي وسيلي ٻين تائين پهچائي سگهندي. تجربي کي علامت ۾ تبديل ڪرڻ واري ٻوليءَ جي قوت جو دارومدار تخيل کي اڀارڻ واري تجربي جي قوت تي آهي. در اصل تجربو کڻي ڇا به رهيو هجي، اهو هميشه تخيل جي حيثيت ۾ ٻين تائين پهچائڻ گهرجي.
تجربي کي پوريءَ طرح علامت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ـــــ يعني بيحد پيچيدي تخيل کي اڀارڻ لاءِ ـــــ ادب ٻنهي طرفن معنوي توڙي علم الاصوات جي لحاظ کان، ٻوليءَ جي هر ان قوت جو استعمال ڪري ٿو، جيڪا ذهن تي اثر انداز ٿئي ٿي. ذهن تي ٻوليءَ جي طاقت جو چؤڻو اثر آهي.
Semantic: علم نحو ۾ آواز جي سِٽاء ۽ انفرادي لفظن جو پرُ تخيل قدر.
Phonetic: موزونيت ۾ آواز جي سِٽاء ۽ انفرادي حرفن جي خاصيت.
هڪ تجربو نه فقط پنهنجي اصل مواد جي ڪري ساراهه جوڳو آهي بلڪ ان ايڪائيءَ جي ڪري پڻ جيڪا ان جي مواد کي گهيريو بيٺي آهي، تنهنڪري ٻين تائين تجربي پهچائڻ وقت، ادب جو اسلوب تجربي جي ان مواد کي علامت بنائي ٿو جيڪو ان کي تحرڪ ۾ آڻي ٿو؛ ۽ انهن جي ايڪائيءَ کي ادب جي هميشه علامت ڪري وٺي ٿي. تجربي کي ٻوليءَ جي وسيلي منتقل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، ته پهرين ان جي سالميت کي ختم ڪيو وڃي، پر جڏهن تجربي جي ٻين تائين پهچائڻ جو عمل اڳتي وڌڻ شروع ڪري، تڏهن وري ان کي سالميت  ڏانهن آڻي ايڪائيءَ  جي صورت ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪجي. ڇاڪاڻ ته جڏهن تاثرات جو سلسلو ترقي ڪري ته اسلوب به پاڻ کي هيئت  جي صورت ۾ تبديل ڪندو هلي ۽ جڏهن اسلوب مڪمل ٿي ويو، ته پوءِ هيئت به حاصل ٿيندي.
جڏهن ڏسجي ته تاثرات جي سموري سلسلي جي ڪري هڪ خوبصورت  هيئت ۽ ايڪائي  پئي ٺهي، تڏهن ڪنهن ادبي تحرير جي هر ڪا شيءِ هڪ ٻئي سان مڪمل تعلق ۾ نظر ايندي. اتي ڪابه شيءِ اتفاقي ڪين آهي؛ اُتي اها ڪا شيءِ ئي ڪانهي، جا ڪُل جي فائدي ۾ نه هجي. هيءَ تجربي جي اها اهميت آهي، جنهن کي اسين ٻين سڀني شين کان وڌيڪ اهميت ڏيندا آهيون. مطلب ته عظيم تجربي جي روشن تصور کي اسان تائين پهچائڻ ادب جو مقصد آهي.


[1] هوريس پنهنجي لاطيني نظم Ars Poetica (فن شاعري) ۾ جنهن جو ترجمو پوپ انگريزيءَ ۾ ڪيو آهي، ان اصول جي هيٺين ريت اپٽار ڪري ٿو:
First follow Nature, and your judgment frame.
By her just standard, which is still, the same?
Unerring Nature, still, divinely bright
One clear unchanged and universal light.
Life, force and beauty, must to all ampart,
Aloue the sowrce, and end, and test of Art.

1 comment:

  1. تمام بهترين ڪاوش. ٿي سگهي ته بلاگ ۾ سنڌي ٽيمپليٽ لڳايو.

    ReplyDelete