جديديت پڄاڻان ۽ بيٺڪيت
پڄاڻان
(ڪتاب تي تبصرو)
محمد دين راڄڙي
ڪتاب ”جديديت پڄاڻان ۽ بيٺڪيت
پڄاڻان“
ادب، سياست، آرٽ ۽ فلسفي جي ان رخن ۽ پاسن بابت لکيل آهي، جيڪو تضاد تاريخي طرح
صدين کان پئي رهيو آهي. ڪڏهن اسپين جي شاندار يونيورسٽين اٺ صدين تائين جهالت جي انڌاري
هيٺ رهندڙ يورپ جي اندر علم جون ڏياٽيون ٻاري مثبت برتري پئي ڏياري آهي، ته ڪڏهن
وري يورپ ٽئين دنيا جي ماڻهن کي اڻ سڌريل جو ليبل هڻي، جواز پيدا ڪري پنهنجا
تجارتي، اقتصادي ۽ ٻيا مفاد پئي تاريا آهن. پوءِ ڀلي انهن کي جنگيون ڇونه وڙهڻيون
پيون هجن.
مبارڪ علي لاشاري جو هي
ڪتاب ڊاڪٽر غفار پبليڪيشن ڇپايو آهي. ڪتاب جو پهريون حصو جديديت ۽ جديديت پڄاڻان
بابت آهي، جنهن ۾ هن جديديت جي وصف، ٽرينڊس، ان جا تصور ڏيندڙ ۽ انهن جي علامت طور
مائيڪل جيڪسن کي پيش ڪيو آهي. ليکڪ جديديت، جديديت پڄاڻان، بيٺڪيت ۽ بيٺڪيت پڄاڻان
تصور سمجهائڻ لاءِ انتهائي سلوڻو انداز اپنائيندي، مختلف مثال ڏيندي، آسان سنڌي ۾
سمجهايا آهن جيڪي سندس علمي، ادبي ۽ دانشورانه Approach ظاهر ڪن ٿا. اسان وٽ سنڌ
۾ اخلاق انصاري جو ناول ”اڏوهي“ پڻ جديديت پڄاڻان ٽيڪنيڪ تي لکيل آهي، جنهن جي آخر ۾ ڪردار پنهنجي
فطرت ابتڙ عمل ڪري ٿو. ملڪ نديم جا تجريدي نظم پڻ جديديت پڄاڻان طرز جي جهلڪي
پسائن ٿا ۽ تازو جعفر جاني جي شاعري جو ڪتاب ”ڳوڙهن ڳاڙهو ويس“ جي شاعري پڻ جديديت
پڄاڻان جي اسٽائيل جي آهي.
ان کان سواءِ ٻيا ڪجهه جديد
سنڌي شاعر پڻ شعوري توڙي لاشعوري طور جديديت پڄاڻان ٽيڪنيڪ طور شاعري ڪن پيا جيئن
غفار ڊکڻ جي نظم جي سٽ آهي: ’پرين! ڪجهه چميون فيڪس ڪر!‘ وغيره. مبارڪ لاشاري
جديديت بابت لکي ٿو: جديديت (Modernism) اهڙي تحريڪ آهي جنهن 20 صدي کان اڳ واري موسيقي، پينٽنگ، ادب،
آرڪيٽيڪچر خلاف زلزلو برپا ڪري ڏنو، ان زلزلي جو مرڪز ته ويانا هو پر ان جا اثر
فرانس، جرمني ۽ برطانيه ۾ به ٿيا ۽ ان اثر تحت Dadaism، Futurism ۽ Cubism جون سوکڙيون آيون. ڊاڊا ازم
جي تحريڪ Anti Art تحريڪ هئي. جديديت واري زور شور وارو زمانو 1910ع کان 1930ع وارو هو
جنهن جا وڏا پادري اديب هئا ٽي.ايس. ايليٽ، جيمس جوائس، ازرا پائونڊ، وينڌم لوئس،
ورجينيا وولف، اسٽينونسن، ڪافڪا، رنرو رلڪي وغيره.
جديديت جون ڪجهه
خاصيتون:
1. داخليت ۽ اثريت (Impressionism and
Subjectivity): جديديت تحت سرجندڙ ادب ۾ ماڻهو جي اندر جي وارتا کي Monologue يا Soliloquies جي ذريعي پيش ڪرڻ ۽ ڪهاڻي
کي ڪردار جو محتاج بنائڻ، نه ته قديم يا ڪلاسڪ ادب ۾ رڳو فرضي ڪهاڻين تي زور هوندو
هو... ماڻهو جي فطرت به ان جي داخلي ڪيفيتن، احساسن ۽ وارتا بجاءِ جديديت ۾ اهو
ٽرينڊ متعارف ٿيو جنهن تحت ماڻهو جي اندر جا مسئلا بيان ڪيا ويا جن ۾ Stream of Consciousness (شعور جي وهڪري) تحت
ورجينيا وولف ۽ جيمس جوائس سرفهرست آهن.
2. صنفن جا دائرا ٽوڙيا
ويا. مثال طور شاعري ۾ نثري نظم ۽ ناول کي شاعري ۾ پيش ڪرڻ.
3. ٽوٽڪن وارو ادب بنا
ترتيب جي متعارف ڪرائڻ.
4. اهڙو لاڙو جنهن مطابقReflexivity هجي ته جيئن شعر، ناول،
ڊرامو پنهنجي فطرت مطابق Issues اڀاري سگهي. مطلب ته جديديت ادب ۾ نوان گس ڏنا، نوان تجربا ڪيا ۽
ڪلاسڪ ادب جي دائرن کي ٽوڙيو جنهن ۾ اصولن تحت ادب سرجندو هو.
جديديت پڄاڻان ۽ جادوئي
حقيقت نگاري:
جديديت پڄاڻان بابت
جادوئي حقيقت نگاري Magic Realism، Deconstruction رد تشڪيل ۽ Absurdities کي مڃي ٿي. مطلب ته شيون
جيئن نظر اچن ٿيون ايئن شيون نه آهن. مبارڪ ان ڳالهه کي واضح ڪرڻ لاءِ جديديت
پڄاڻان جي علامت مائيڪل جيڪسن کي مثال بڻايو آهي جيڪو جديديت پڄاڻان جو صاف
مثال ۽ علامت هو. مثال طور هن جي زندگي، اٿڻ ويهڻ، هلت چلت، سمورو جديديت پڄاڻان
هو.
مبارڪ علي لاشاري جي ڪتاب
جو ٻيو حصو بيٺڪيت (Colonialism) ۽ بيٺڪيت پڄاڻان (Post Colonialism) بابت آهي. بيٺڪي
نظام دنيا ۾ هڪ اهڙي حقيقت آهي، جنهن پنهنجي ڏاڍ، طاقت، هٻڇ ۽ وحشي پڻي هيٺ تقريبن
سڄي دنيا جي ثقافت بگاڙي ڇڏي. اڄ دنيا جي فطري سڃاڻپ جي ڪا به خبر ناهي ته ڪهڙا
ماڻهو ڪٿان آيا ۽ ڪهڙا ماڻهو ڪيڏانهن ويا. قومن جي يلغار ۽ ڪاهن پٺيان علائقن جون
سڃاڻپون ۽ نقشا تبديل ٿيا، جو خبر نٿي پوي ته ڪو علائقو فطري طرح ڪهڙو، ڪيترو ۽
ڪيستائين هو. بيٺڪيت مطلب ته ڪنهن طاقتور ملڪ جو ڪنهن ڪمزور ملڪ ۾ مختلف بهانن ۽
جوازن تحت ڪرڻ، ڦر لٽ ڪرڻ ۽ اتان جي ٻولي، تجارت، اقتصاديات تي قبضو ڪرڻ، تهذيب ۽
ثقافت تي وار ڪرڻ، جيئن عربن، مغلن، ترخانن، انگريزن سنڌ سان ڪيو ۽ برطانيه برصغير
تي ڪاروبار بهاني اچي سڄي برصغير تي قبضو ڄمايو. جتي سامراج آيو، قبضو ڄمايو ۽ اتي
مستقل رهائش اختيار ڪئي.
مبارڪ علي لاشاري جو هي
ڪتاب سنڌي ادب جي جمود ۽ يڪساني ادب جي تلاء ۾ اڇليل هيرو آهي، جنهن اسان کي بين
الاقوامي ٿي سوچڻ ۽ فيصلا ڪرڻ جي اهل بڻايو آهي. اميد ته هيءَ نئين ڪاوش نئون سج
اڀاريندي ۽ مبارڪ علي لاشاري به اهڙا ٻيا ڪتاب تسلسل سان لکي سنڌي ادب ۾ نواڻ جا
سج اڀاريندو رهندو.
No comments:
Post a Comment