12/11/2012

ڪتاب: ماڻھو شھر ڀنڀور جا - گل محمد عمراڻي

ڪتاب: ماڻھو شھر ڀنڀور جا
غلام رباني آگري جو آخري ڪتاب
گل محمد عمراڻي
صاحب طرز غلام رباني آگرو سنڌي نثر ۾ خاڪا نويسيءَ جو شهنشاهه ليکڪ آهي. سائين جي ايم سيد جي معروف تاريخي دستاويز ”جنب گذاريم جن سين“ ۽ علي محمد راشديءَ جي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جي ادبي حيثيت هاڻ اتهاسڪ بلڪه Epic (دستاويزي) آهي، پر حسام الدين شاهه راشدي جي ڪتابن ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۽ ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ جي مدمقابل آگري صاحب جا ٻه ڪتاب اڳ ئي ادبي تاريخ ۾ اهم سمجهيا وڃن ٿا، اهي آهن ”جهڙا گل گلاب جا“ (معروف هستين جا خاڪا) 1991ع ۽ ”سنڌ جا برَ، بحر ۽ پهاڙ“ (بزرگ هستين جو تذڪرو) 1997ع ۾ ۽ ويجهڙائي ۾ آيل، سندس وفات کان پوءِ، هي هڪ شاندار ڪتاب، مرحوم جي آخري طبعزاد تصنيف آهي. ڪتاب جو منڍُ يا انتساب غلام رباني پنهنجي حياتي ۾ شايد لکي ويو هو يا هن جي ذهن ۾ ڪا اهڙي تاريخي اڻ مٽ سٽ آئي هئي جا هن مسودي جي ڪنهن ڪنڊ پاسي تي لکي وساري ڇڏي، جنهن کي انتساب ڪري پيش ڪيو ويو آهي. غلام رباني صاحب هن عجوبه روزگار ڪتاب کي منصوب ڪري ٿو: سنڌ جي مسڪين ماڻهن ڏانهن، جن جي اکين جا ڳوڙها اگهڻ وارو ڪير به ڪونهي. شيخ اياز جو هي شعر سندن حال جو ترجمان آهي، ”بک ۾ ڦٽي باک ۽ ڏک ۾ گذريو ڏينهن.“

هي بيت اياز جي پراڻي مارڪسوادي دور جي نشاني آهي، جڏهن هن مهان ڪوي مذهب ڏانهن رجوع نه ڪيو هو!
مرحوم غلام رباني ته گهڻو وقت اڳ Dialectical Materialism (جدلياتي ماديت) کان خاموشي سان ڪنارو ڪري، روايتي مذهبي رنگ روپ ۾ پوري طرح رڱجي ويو هو. هن جي آخري دور حيات ۾ منهنجي به هن سان گهڻي رفاقت رهي. کيس پوري خشوع و خضوع سان مالڪ حقيقي اڳيان عاجزي سان نوڙندي ڏٺم.
هيءُ ڪتاب آگري صاحب جي بذله سنجي واري مخصوص داستان گوئي جي اسلوب جو هڪ يڪتا شاهڪار ۽ ادبي ثمر آهي. انگريزي زبان ۽ ادب ۾ هن دقيق فن جي پارکو ۽ ڄاڻوءَ کي Raconteur چئبو آهي. چارلس ڊڪنز کان وڏو قصا گو، شايد ئي ڪو انگريزي ادبي زبان پيدا ڪيو هجي ۽ اتفاق سان هن جادوگر قصا گو پهريون ڪتاب Sketches by Boz (1836) ۾ خاڪانگاريءَ جي دنيا جو اولين ڪتاب ليکيو ويندو آهي. غلام رباني آگري جا لکيل Sketches، ڊڪنز جي خاڪن کان وڌيڪ دلچسپ، مقناطيسي، جاذب نظر ۽ تُز سنڌي ٻولي جا نولکا هار آهن. ڪتاب ۾ ڪل 26 خاڪا آهن، جن ۾ سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، مخدوم سجاد حسين قريشي، ڊاڪٽر ائنيمري شمل، ايلسا قاضي، سوڀو گيان چنداڻي، شيخ اياز، جمال ابڙو، ڊاڪٽر جي ايم مهڪري، شيخ حفيظ، نورالدين سرڪي، تنوير عباسي، حميد سنڌي، جمال رند، استاد اظهار حسين، ارنسيٽ ٽرمپ، ڊئوڊ چيئرمين، ليڊي ڊايانا، ڀڳت ڪنور رام، حسين شاهه راشدي، پروين شاڪر، ڊاڪٽر نجم الاسلام، محمد حسن ڀٽو، اعجاز قريشي ۽ غلام علي (پريس ورڪرز يونين جو صدر) شامل آهن، انهن مان ڪجهه هستين سان آگرو صاحب يقينن ڪو نه مليو هوندو، جيئن ليڊي ڊايانا يا اهي جيڪي هن جا هم عصر نه هئا، ڀڳت ڪنور رام يا ارنسٽ ٽرمپ. باقي هن جا محبوب، دوست، همدم ۽ هن کي اتساهيندڙ متاثر ڪندڙ هن مجموعي جي اڪثريت ۾ شامل آهن.
سائين جي ايم سيد جي خاڪي ۾ آگري صاحب جي ادبي علمي اسلوب نويسي (Style)، معنيٰ آوري ۽ آفريني (Pithiness) عروج تي آهي. هو لکي ٿو ”ماڻهو جي ذهني سانچي ٺاهڻ ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن، هڪ خاندان جو نسلي ۽ نفسياتي اثر، ٻيو آسپاس جو ماحول. سائين جي ايم سيد جي ذهن تي به ننڍپڻ ۾ انهن ڳالهين جو اثر پيو، سن جو شهر درياهه جي ڪپ تي آهي ۽ شهر جي اولهه طرف ويهارو ميل پري کير ٿر جبل آهي، جيڪو عمر ۾ هماليه جبل کان به جهونو آهي. سائين وڏو ٿيو ته سندس مزاج ۾ پهاڙ جي سختي ۽ پاڻيءَ واري نرمي ٻئي نظر آيون.“ ڪي ڪي ڳالهيون وري ڏند ڪٿائي (Hearsay) انداز جون به آيل آهن جيڪي جيڪڏهن بيان نه ڪجن ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها، مثال طور جيوڻي ٻائي بابت قصو، هڪ بهترين فنڪاره جي يادگيري ته ڏياري ٿو پر ان ۾منفي پهلو اهڙو آهي جو دل کي رنجائي به ٿو (صفحو 52) (اتي ايڊيٽر جي غير ذميواري وڌيڪ شدت سان محسوس ٿئي ٿي). اهڙا فنڪار پاڻ وڌيڪ احترام جا مستحق هئا ۽ هاڻ به آهن. وڏا وڏا ماڻهو انهن مان تربيت وٺي مهذب ۽ مشهور ٿيا. امرائو جان ادا به اهڙي فنڪاره هئي، جنهن تي هڪ ڪلاسڪ ناول لکنوي مرزا هادي رسوا لکيو هو. 19 صدي ۾ ٽي چار بهترين فملون به ان تي ٺهيل آهن. سائين جي ايم سيد بابت ڪجهه وڌيڪ سچيون، تکيون ۽ ”غير ڊپلوميٽڪ“ حقيقتون به پنهنجي فطري بي ڊپيءَ ۽ مخصوص انداز ۾ چئي وڃي ٿو. آگرو صاحب لکي ٿو ته ”خدا ڄاڻي اصل سبب اهو هو يا ڪو ٻيو جو سڀ ۾ ”پرين پسڻ وارو“ ۽ ”صوفين جي آستانن جو پانڌيئڙو“ به رفتي رفتي، هندڪي ۽ مسلمانڪي ”فرقيوارانه سياست ڏي“ مائل ٿيو“. پنهنجي ڪتاب ”جنم گذاريم جن سين“ جي ٻئي جلد ۾ ان باري ۾ هيئن لکيو اٿس: ”آءُ ان وقت ردعمل جي گهوڙي تي سوار هئس، پنهنجين اڳوڻين صوفيانه روايتن کي وساري مسلم ليگ جي فرقيوارانه سياست جو شڪار ٿي ويس.“ سائين گهڻين ڳالهين ۾ وري وري ”ردعمل“ محاوري جو استعمال ڪيو آهي، ان کي انگريزي ۾ Reaction چئبو. پر سائين کي ٻڌائڻ کپندو ته ردعمل ڇا جو؟ رحيم بخش سومري واري ٻڌايل ڳالهه کي دهرائيندي چئي ٿو ته سائين جي ايم سيد سن ۾ نظربند هو، پر سرڪار کان موڪل وٺي شڪارپور آيو، مون وٽ ٻه ٽي راتيون ٽڪيو، پراڻي زماني جون ڳالهيون ٻڌايائين، بابا جي تربت تي هليو، دعا گهريائين ۽ چيائين ته: ”الله بخش تون صحيح هئين، اسان غلط هئاسون، مان تو کان پنهنجي غلطي ۽ گناهه جي معافي وٺڻ آيو آهيان.“
غلام رباني آگري کي راشدي برادران سان اصل والهانه عشق هوندو هو. هو انهن ٻنهي ڀائرن سان گڏ رهيو ۽ تمام گهڻو ذهني طور متاثر به رهيو. علي محمد راشدي کي رچرڊ برٽن جي جوڙ جو سڏي ٿو. سندس چوڻ مطابق پير علي محمد راشدي پنهنجي ننڍي ڀاءُ پير حسام الدين راشدي کان مختلف ماڻهو هو. ڪنهن زماني ۾ پاڻ (وڏو راشدي) ”مشرق و مغرب“ جي عنوان سان ”جنگ“ اخبار ۾ ڪالم لکندو هو. رباني صاحب جي خيال موجب ٻنهي ڀائرن جي مزاج ۾ مشرق ۽ مغرب جيڏو مفاصلو هو. هن پنهنجي راءِ جي تصديق لاءِ پنهنجي دوست رحيم بخش سومري کان سوال ڪيو جو ٻنهي ڀائرن سان سندس تمام پراڻا دوستاڻا لاڳاپا هئا. رحيم بخش چواڻي ”سائين حسام الدين شاهه وڏي ڳڻ ڳوت وارو مڙس هو. هروڀرو ڪنهن سان ڪو نه ڦٽائيندو هو پر علي محمد راشدي ڏاڍو ڏکيو ماڻهو هو، بدلجندي دير ڪو نه ڪندو هو، سوچي سمجهي کيس ويجهو وڃبو هو“.
علي محمد راشدي جي ذهانت جي واکاڻ ڪندي رباني چئي ٿو ته: راشدي صاحب جو انگريزي ٻولي تي ايڏو عبور سندس غير معمولي ذهانت جي باوجود سوچڻ وٽان آهي! اچرج جهڙي ڳالهه آهي. هتي ايترو اچرج انهي ڪري به اچي ٿو ته ٻئي راشدي ڀائر باقاعده ڪڏهن به ڪنهن اسڪول ۾ داخل ٿي ڪو نه پڙهيا هئا. رباني صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري/چيئرمين گهڻو عرصو رهيو ۽ راشديءَ جي نثر کان بيحد متاثر بلڪ ان جي تتبع ۾ لکڻ وارو انداز به گهڻي قدر اپنايو اٿائين، هڪ جاءِ تي انڪشاف ڪري ٿو ته ”سنڌ ادبي بورڊ سوين ڪتاب ڇپايا آهن پر ڪو به ڪتاب اهڙي تيزي سان ڪو نه وڪاڻو جهڙو ’اهي ڏينهن، اهي شينهن‘ اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي“. وري به رحيم بخش سومري جي راءِ کي اهميت ڏيندي پير حسام الدين راشدي بابت، رباني صاحب جا هي لفظ موتين ۾ تورڻ جهڙا آهن. هڪ دفعي رحيم بخش سومري، پير صاحب جي وفات کان پوءِ مون کي چيو هو ته ”جڏهن سنڌ جا مڙئي موجوده وطن فروش محقق ۽ بي ضمير عالم مري ويندا، تڏهن پير صاحب جا ڪتاب سونهاري سنڌ جي تعمير نو لاءِ نئين نسل کي ڪم ايندا، سنڌ جا اهلِ دل انسان سندس ابدي آرام گاهه تي ريشم ۽ ڪيمخوار جا پڙ چاڙهيندا ۽ سنڌي مائرون پنهنجن پٽن تي دودي سومري وانگر حسام الدين نالو سڪ ۽ عقيدت سان رکنديون“. رحيم خبش سومرو پير صاحب سان گهڻو حجائتو هوندو هو. هڪ دفعي ساڻس صدر هلڻ لاءِ ضد ڪيائين پر پير صاحب ڪو لکڻ پڙهڻ جي موڊ ۾ هو، سو جواب ڏنائينس ته ”هت گهر ۾ ئي کڻي چانهه يا ڪافي پيون، مان واندو ڪو نه آهيان، ٺٽي جي عالم مير علي شير قانع جو اهم قلمي ڪتاب ايڊٽ ڪري رهيو آهيان“. رحيم بخش چيس ته ”ميان! ڪو شرم ڪر! خدا جا بندا، پراوا نسخا چورائي پنهنجي نالي پيو ڇپائين ۽ چوين ٿو ته اهم ڪم پيو ٿو ڪريان، اهو ٻڌي پير صاحب کلي ڏنو ۽ ٻئي ڄڻا صدر روانا ٿيا“. غلام رباني آگري جي هن ڪتاب ۾ دل ۾ پيوسته ٿيندڙ کوڙ ڳالهيون چيل آهن، جن کي جيڪڏهن الڳ سانڍجي ته شيخ  سعدي جي حڪايتن وانگر نهايت ئي نصيحت آموز نقطا ٿي پوندا. حسين شاهه راشدي جي وفات تي گم سم ٿي، وڏي حسام الدين راشدي کي ياد ڪري لکي ٿو ته: هاڻي ته حسين شاهه به هيءُ جهان ڇڏي ويو! سڄي خاندان جون علمي روايتون لڏي ويون. اسان وٽ عالمن ۽ اديبن جو قدر ڪونهي، رچرڊ برٽن جي راءِ آهي ته سنڌي ماڻهن ۾ حسد ۽ ساڙ آهي. انهيءَ ماجرا جو سبب سمجهڻ لاءِ سندس دوست محمد حسن ڀَٽي هڪ دلچسپ ڳالهه رباني صاحب کي ٻڌائي، چيائينس ته: ”گهڻا سال ٿيا ته درمحمد ناريجي، علامه آءِ آءِ قاضي صاحب کان سوال ڪيو هو ته ”قبلا سائين ائين ڇو آهي؟“ علامه جن فرمايو، ”عالمن جو قدر ادارا ڪندا آهن، جڏهن ادارن ۾ ننڍا ماڻهو ڪرسين تي ويهندا آهن، ته علم ۽ عالمن جي بي قدري ٿيندي آهي.“ رباني صاحب کي پاڻ زندگي ۾ کوڙ اهڙن تلخ تجربن جو مشاهدو ڪرڻو پيو، جن ۾ ڪجهه دفعا ته مان پاڻ هن جو همراز، هم دم، مونس و غمخوار رهيس، جڏهن ادبي بورڊ کي واپس تعليم کاتي ڏانهن وٺي وڃڻ جا جتن پئي ڪيائين ۽ ان وقت جي سيڪريٽري ڪلچر، ڀٽ شاهه ادبي ڪانفرنس ۾ علي الاعلان هن تي ٺٺول پئي ڪئي، تڏهن مون هن کي آٿت ڏني ۽ دل جوئي ڪئي (هي هڪ الڳ تلخ داستان آهي، جنهن جو ذڪر رباني صاحب الائي ڇو هن ڪتاب ۾ ڪري نه سگهيو آهي!) بهرحال وري به هڪ هنڌ پاڻ ذڪر ڪري ٿو ته مون سنڌي ادبي بورڊ ۾ انهيءَ حقيقت جو مشاهدو ڪيو، پر سنڌ جي مشاهيرن ۽ قومي سورمن جي ناقدريءَ جو وڏي ليول تي مشاهدو ڪرڻو هجي ته روپا ماڙيءَ ۾ دودي سومري ۽ مڪليءَ ۾ دولهه دريا خان جي ابدي آرام گاهن جو حال وڃي ڏسجي ته فردوسي ياد ايندو:
چغد نوبت مي زند، گنڊ افراسياب
(عظيم ايراني شهنشاهه افراسياب جي مقبري ۾ چٻرا ويٺا هوڪارا ڏين.)
ڊاڪٽر ائنميري شمل جي هڪ خط جو نهايت پاٻوهه سان ذڪر ڪري ٿو جيڪو هن مهان مشتشرق جرمن عالم هن کي سندس والد صاحب جي وفات تي تحرير ڪيو: ”رباني! ماڻهوءَ جي مٿي تان سندس والدين جو سايو هٽي ٿو ته هو پاڻ کي انهيءَ پکيئڙي جي مثال ڀانئي ٿو، جنهن کي پڃري مان ڪڍي فضا ۽ کليل هوا ۾ اڇلائي ڇڏجي، جتي ڪيئي خونخوار پکيئڙا هيڏي هوڏي لامارا ڏيندا رهن ٿا.

No comments:

Post a Comment