سالڪن جي صدا مخطوطات جي اشاعت
تبصرو: قمر آفتاب
جديد پرنٽنگ پريس جي
قيام کان اڳ، عالمن، اڪابرن ۽ سالڪن
جون تخليقون ڪاتب تحرير ڪندا هئا پوءِ مختلف درسگاهن ۽ مدرسن توڙي سرڪاري دفترن ۾
مقرر ٿيل ڪاتب نهايت سهڻي نموني ان جي ڪاپي (نقل) تيار ڪندا هئا. اها روايت عرب،
عجم ۽ هندستان ۾ وڏي اوج تي هئي. ڪن روايتن مطابق ايران، نيشاپور، دهلي، ڪلڪتي،
بنگال جا عالم هتان (سنڌ مان) ۽ هتان جا عالم سنڌ جي مشهور تصنيفن جا نقل ڏينهن
رات ويهي تيار ڪري، جُلد ڪرائي، لائبريري ۾ رکندا هئا. مدرسن جي لائبريرين کان
علاوه وڏن عالمن جون ذاتي لائبريريون پڻ موجود هيون، جن ۾ جڳ مشهور تصنيفون موجود
هونديون هيون. جن ۾ سنڌ مان مخدوم محمد هاشم ٺٽوي،
مخدوم ضياءُ الدين، مخدوم
معين الدين، مخدوم ابوالحسن شيرازي، مخدوم محمد جعفر بوبڪائي جا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا
.
سومرن ۽ خاص طور سمن
جي دؤر جون مشهور لائبريريون ارغونن ۽ ترخانن ڄاڻي واڻي تباهه ڪري ڇڏيون، البت
ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دؤر جون لائبرريون موجود رهيون، جن کي انگريز سرڪار تحفظ مهيا
ڪيو. جڏهن ته خانگي لائبريريون وڏن جو ورثو سمجهي، سندن پونئيرن سنڀالي رکيون، جيڪي اڄ تائين ڪافي هنڌن تي محفوظ
آهن. البت انهن جي سار سنڀال مناسب انداز ۾ ڪو نه ٿي ڪئي وڃي ۽ ڪيئي مسودا اڏوهي جو
کاڄ بنجي رهيا آهن.
قلمي مسودن جي باري
۾ اسان وٽ عجيب روايت آهي. جن عالمن جا مسودا آهن، سندن پونئر اهي ڏيکارڻ لاءِ تيار نه آهن. وري جن سرڪاري لائبررين
يا دفترن ۾ مسودا محفوظ آهن ته انهن تائين رسائي به عام عالم جي ممڪن نه آهي. مختلف
موضوعن تي تحقيق ڪندڙن کي ته خبر ئي نه آهي ته تاريخ، فلسفي، فلڪيات، لغات، گرامر،
پکين، جانورن توڙي جڙي ٻوٽين بابت مواد ڪٿي ڪٿي موجود آهي.
ان حوالي سان، تازو
وڏي اهم پيش رفت ٿي آهي، جو سنڌي ادبي بورڊ ٻن وڏن جلدن ۾”خزينة المخطوطات“ شايع ڪيا آهن، جن ۾ سرڪاري لائبررين سان گڏ سچل
سرمست لائبرري، سنڌالاجي، سنڌي ادبي بورڊ، عمر ڪوٽ ميوزيم، انجمن اردو ترقي بورڊ
کان سواءِ ۳۱ ٻين ادارن جن ۾ الڪبير اڪيڊمي-ڪوٽڙي، مڪتب مجددي، ٽنڊو سائينداد،
مدرسہ مظهرالعلوم-کڏو ڪراچي، ٽالپرن جا قلمي نسخا، مفيد دواخانه سيوهڻ وغيره ۽
شخصي ڪتب خانن ۾، ڪتب خانه قاضي غلام محمد قريشي هالا، ڪتب خانه عبدالله- ڪنڊيارو،
ڪتب خانه غلام مصطفيٰ خان- حيدرآباد، ڪتب خانه مفتي اعظم مولانا شفيع محمد ڪراچي
وغيره اچي وڃن ٿا.
انهن ڪتب خانن ۾ املهه
مخطوطات ڪَٺي ڪيل آهن. انهن جي فهرست مان ئي معلوم ٿئي ٿو ته ڪيترا نه قيمتي مسودا
آهن، جن مان فيض حاصل ڪري، سنڌ جي علمي ۽ ادبي دنيا کي وسيع کان وسيع ڪري سگهجي
ٿو. عمر ڪوٽ ميوزيم ۾ ”آئين اڪبري“ جا اصل ٽي
قلمي نسخا موجود آهن ته سنڌي ادبي بورڊ ۾ علي ڪوفي جو
ترجمو ڪيل چچ نامو (فتح نام سنڌ) موجود آهي.
اهڙيءَ طرح مڪاني طب بابت ناياب نسخا مختلف لائبريرين ۽ ادارن ۾ موجود آهن، جن جي
مطالعي مان ان دور جي سنڌ جي طبابت بابت نهايت قيمتي ڄاڻ ملي سگهي ٿي.
اهو به معلوم ٿئي ٿو
ته عربن جي اوائلي دور ۾، عراق ۾ هتان حڪيم ۽ طبيب گهرايا ويندا هئا، جن پنهنجي علم ۽ حڪمت جو
مظاهرو ڪيو، پوءِ سندن طبي نسخن کي عربيءَ ۾ قلمبند ڪيو ويو. جيئن ته کين مڪاني
جڙي ٻوٽين جا نالا عربيءَ ۾ نه ٿي آيا، ته انهن کي هنن سنڌي اچار سان قلمبند ڪيو.
ان بابت البيروني جي ترتيب ڏنل فهرست ڏسي
سگهجي ٿي، جيڪا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا پنهنجين ادبي تاريخن ۾ شامل
ڪئي آهي. حوالي طور هڪ مثال پيش ڪجي ٿو. عربن هڪ سنڌي دوا جو نالو ”اطريفل“ لکيو
آهي. ان نالي سان دوا اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهي، جيڪا جگر ۽ معدي لاءِ مفيد آهي.
مشهور دواخاني همدرد ان ۾ اضافو ڪري ”اطريفل زماني“ تيار ڪيو آهي. اصل ۾ اهي ”ٽي ڦل“ آهن، جن
کي عام طبي زبان ۾ ”ٽڦلا“ چيو ويندو آهي. انهن ڦلن ۾: هريڙون، ٻهيڙا ۽ آوِرا شامل
آهن.
مخطوطات جي حوالي
سان سنڌ آرڪائيوز پاران مشهور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي خان بلوچ جي ذاتي
(Collection) کي
نهايت سهڻي نموني سان شايع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب پاران ڪٺي ڪيل ڪل
مخطوطات شامل آهن، جن کي ڊاڪٽر محمد ادريس سومري جديد
انداز ۾ سهيڙيو آهي ۽ پيڪاڪ پرنٽرس سهڻي نموني شايع ڪيو آهي، جنهن کي بلاشبه
انٽرنيشنل پبليڪيشن چئي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي سڄي ڄمار جو گڏ ڪيل مواد، ان
ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ علم ادب، اسلاميات، لطيفيات، لغات، معاشيات،
سماجيات، فلڪيات ۽ طب وغيره بابت شاهڪار مسودا شامل آهن.
بهرحال، ان ڏس ۾
ادارن کي گذارش اها آهي ته ذاتي طور اڃا به ڪيترن ئي عالمن جا قلمي مسودا پيا آهن،
جن کي ڳولڻ جي اشد ضرورت آهي، نه صرف ايترو بلڪ موجود مسودن جا عڪس ڪڍي، انهن کي CDs تي آڻجي. ان کان
پوءِ وسيلن آهر انهن جي اشاعت جو به بندوبست ڪرڻ گهرجي ته جيئن ان محفوظ ڪيل علمي
ورثي مان لاڀ حاصل ڪري سگهجي.
No comments:
Post a Comment