تاريخ جا ڪوٽ ۽ قلعا!
نور احمد جنجهي
تاريخ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو پاڻ کي ورجائيندي آهي، پر اها هميشه اڳتي
وڌندي رهندي آهي، ڇاڪاڻ ته تاريخ وقت جي اجهل ۽ اڙٻنگ ڪميت تي سوار ٿي ڪونتل
ڪڏائيندي رهندي آهي، جنهن ۾ فل اسٽاپ جو ڪو تصور ئي ناهي. تنهنڪري هر قوم کي تاريخ
جو شعور رکڻو پوندو، نه ته واري وري ويندي ۽ اُها قوم پنهنجو وجود به برقرار نه
رکي سگهندي.
سنڌ جي تاريخ جو سُٽ اڃا ڪافي مُنجهيل آهي ۽ ايندڙ وقت جي مورخ کي
اُن کي سلجهائڻو آهي جيئن حيدرآباد کي سڀئي نيرون ڪوٽ چون ٿا، پر ڪو به اها شيءِ
پيرو کڻي نٿو ٻڌائي ته اُهو نيرون ڪوٽ مان حيدرآباد ڪيئن ٿيو آهي؟ ديبل بندر متعلق
تمام گهڻا نقشا آيا آهن، جن ۾ عربن پاران ڏنل
نقشا به غلط آهن ۽ اڃا تائين ديبل بابت ڪا واضح راءِ نه جُڙي آهي ۽ ڪي مؤرخ ان
کي ٺٽو به لکن ٿا ته ڪي ڀنڀور، ڪي ان جو سنسڪرتي ڌاتو ”ديول“ ڄاڻائيندي ديو+آليه
يعني ديون جو آستانو سڏين ٿا، پر ڪنهن جو به ايڏانهن ڌيان نه ويو آهي ته بندرگاهون
۽ وسندڙ هنڌ ديون جا نه، پر انسانن جا آستانا هوندا آهن ۽ ديبل عربن کان مليل لفظ
آهي، جنهن جو سنڌي اُچار ”ڏيپل“ ٿيندو ۽ هن وقت به ڪنهن وقت جي سنڌ نار جي ڇيڙي تي
ڏکڻ اوڀر ۾ ڏيپلي جو شهر آباد آهي. تحقيق کليل هئڻ گهرجي، لڪير جي فقيري صحيح
نتيجا نه ڏيندي. اروڙ شهر سان به ساڳي حالت آهي اروڙ ۽ روهڙيءَ جي پاڻ ۾ ڪنهن رشتي
يا ڳانڍاپي کي ڳولڻ بجاءِ ڪڏهن اُن کي راوڙ، ڪڏهن الرور، ڪڏهن الور لکيو ويو آهي.
ساڳي صورتحال هيروز جي حقيقتن کي بيان ڪرڻ
دوران نظر اچي ٿي، طرفداري ڪندي ڪنهن حقيقت بيان ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي ٿو.
اشتياق انصاري
انتهائي جاکوڙي ليکڪ ۽ مُهم جو انسان آهي، جنهن سنڌ جي تاريخ تي نيارو ڪم ڪندي
انتهائي املهه 9 ڪتاب آڇيا آهن. سنڌ
جا ڪوٽ ۽ قلعا (ٻه ڀاڳا) ۽ گورک جي گسن
گاهن، گهرن ۽ ماڻهن بابت ڪتاب ”گورک“ هن جي محنت جو چٽو ثبوت آهن. گورک ايترو ته
بهترين تحقيقي مواد آڇي ٿو، جو مون اُن کي انگريزي زبان ۾ اُلٿو ڪيو آهي. جيئن
اُهي محقق ۽ علم جا پارکو به ان املهه وٿ تائين پهچي سگهن جن جي پهچ سنڌي زبان
تائين نه آهي. اشتياق انصاري جنهن پاتار مان پيهي معلومات جا موتين جي ميڙا چونڊي
ڪندي، سنڌ کي جيڪي املهه موتي آڇيا آهن، تن جي جيتري اوک ڊوک ڪبي اوترو اُنهن جي
روشني وڌندي ۽ نت نيون راهون روشن ٿي پونديون. ”ڪوٽ ۽ قلعا“ جي پهرئين جُلد ۾ 19
ڪوٽن جو احوال ڏنل آهي. اُن ۾ ساڳي محنت ۽ جاکوڙ سان موضوع تي قلم کنيو ويو آهي.
پر هِيءُ ٻيو جُلد ڪوٽَ تي ڪوٽُ آهي، جنهن ۾ ڪوٽن ۽ قلعن کي سمجهڻ لاءِ اُنهن جي
پسمنظر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي سنڌ جي تاريخ جي معلومات پيش ڪئي ويئي آهي. ڪوشش
ڪندي ليکڪ هر قلعي جي بيهڪ جي GIS به ڏني آهي، جيئن اُن جي
هنڌ جو تعين ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته هِي تاريخي نشان آهستي آهستي ميساربا وڃن پيا ۽
ڪنهن وقت شايد ايئن ڪتابن ۾ پڙهيا وڃن، جيئن اڄ تعليمي نصاب ۾ Dinosaurs جو
احوال پڙهايو وڃي ٿو.
هي ڪوٽ ۽ قلعا جيڪي تاريخي اُهڃاڻ آهن، پر اهي صرف حاڪم فردن يا قومن
جي تاريخ جو اُهڃاڻ آهن، سي ياد ٿا ڏيارين ته حاڪم سدائين عوام کان الڳ مخلوق ٿي
رهيا آهن ۽ سندن قلعبندي ۽ isolation جديد وقت ۾ به جاري آهي ۽ غريبن ۽ محڪومن لاءِ
سندن ڪوٽن ۽ قلعن تائين اڄ به پهچ ناممڪن يا مشڪل آهي، پر قلعبندي جو اهو اُهڃاڻ
ٻڌائي ٿو ته محڪوم به ڪڏهن بدلجي حاڪم ٿي پوندا آهن ۽ ڌرتيءَ جا ڌڻي ڌرتيءَ جي
رکوالي ڪندا آهن ته پوءِ ڌاريا حاڪم اجگر قلعن جي باوجود پنهنجو وجود باقي رکي نه
سگهندا آهن. سڪندر مقدوني به هتي آيو، پر اڄ سندس پونئيرن مان ڪنهن کي به پتو ناهي
ته اسين سڪندر جو اولاد آهيون، جڏهن ته سيوهڻ اڄ به اُتي موجود آهي ۽ اها ڳالهه
اسان کي وڌيڪ همٿائي ٿي ته پنهنجي ڌرتيءَ سان ۽ وطن سان پيار ڪريون ۽ قدرت جي
انهيءَ تبديلي جي قانون ۾ ويساهه رکون، جيئن اياز چيو آهي ته:
جي
تو اڃا نه ڄاتو، آ ڪير ديس واسي
تنهنجو جنم اجايو، تنهنجي مٽي اڻاسي
آيا ويا سڪندر، سيوهڻ اڃا اُتي آ
هُو کير ٿر ڏس کڙو آ، ويندا رهيا وناسي.
No comments:
Post a Comment