08/12/2012

محبتي ملاح: پيار جو پانڌيئڙو - عبدالجبار جوش


محبتي ملاح جي شاعري
عبدالجبار جوش
سنڌيءَ ۾ اصطلاح آهي ته مزور جا هٿ به سونا! شاعر جو ڪم به، هڪ قسم جي مزوري ۽ هڪ پيارو پورهيو آهي. ان قلم جي پياري پورهئي لاءِ ڪائنات ۽ فطرت جو اڀياس اهم آهي. محبتي ملاح به ان کوج ۾ وسئون گهٽايو ناهي. ٻهراڙيءَ جي نجي ٻولي، ڳوٺاڻي زندگي ۽ ماحول، فطري رنگن جو حسن ۽ ڪائنات تي حسناڪين، حيرت ناڪين ۽ زماني جي المناڪين، عبرتناڪين جي جهلڪ سندس ڪتاب ”تنهنجي خوشبوءِ آئي هوا مان“ ۾ نظر اچي ٿي. ٽيڪنالوجي ۽ ڪمپيوٽر کان پهريان جو دور جنهن ۾ خط رابطي جا ذريعا هوندا هئا، جڏهن پيار ۽ محبت ڀريا خط لکبا هئا، ته هي اصطلاح استعمال ۾ ضرور ايندو هو ته درياءَ مَس ڪجي، دنيا جا سڀ وڻ قلم ڪجن ته اهي کُٽي سگهن ٿا، پر دل جا داستان کٽڻ جا ئي ناهن، ان حوالي سان محبتي ملاح جو هڪ شعر ملاحضه آهي:
آئيو آ يار جو خطڙو ته خوش ٿي ڇو نه جهومان مان
پڙهيم کولي ڏني قاصد خبر اهڙي جو ڇا چئجي.

محبتي ملاح زندگيءَ کي ڪٿي کيل ته ڪٿي جيل، ڪٿي سيل ته ڪٿي فيل، ڪٿي الڪا ته ڪٿي سڏڪا، ڪٿي ڦٽڪا ته ڪٿي کٽڪا ڀانئي ٿو. ان جي باوجود محبتي ملاح سوچ جو ساٿ ڏيندڙ آهي، ڪوڙ جيڪو سچ ۾ لڪل آهي، ان کي وائکو يا ننگو ڪري ديده دليريءَ سان سچ منهن ٿي چئي ڏيڻ جي همت رکي ٿو. سندس نظم جو ڪجهه سٽون ئي شاهد آهن:
تون ٿو منهنجا گيت اجاڙين
مان هڪ پورهيت هاري آهيان
تنهنجي ياري ڌاڙيلن سان
منهنجي قومي تنظيمن سان
تون هڪ سياسي ليڊر آهين
مان هڪ سوشل ورڪر آهيان
تو ۾ مون ۾ فرق وڏو آ
تو کي ڪيئن مان ڀاءُ چوان.
محبتي ملاح جي من ۾ سندس نالي جيان محبت سمايل آهي، هي ٿڌي دماغ وارو شخص تڪڙن جذباتي فيصلن مان ڇا ڄاڻي، ڇو جو هڪ گهڙي جي نفرت به سالن جي محبت ۾ ڪتر هوندي آهي ۽ ٻن جي وچ ۾ ڇيڻي ڀورڻ واري کي به ملامت ڪري ٿو.
ڪري ڪم شيطاني جو ٻن کي ويڙهائي
صبح شام تنهن جي ملامت ڪنداسين
محبتي ملاح پيار ۽ امن جو پانڌيئڙو آهي. سندس دل مان نڪتل آسون، احساس ۽ جذبا، وفا جا وڻ، پيار جي پوک پوکڻ جا خواهشمند آهن.
آ خواهش آخري ۽ آ اها ئي التجا
وڻ وفا پوکي مٺا ڪينجهر ڪناري مان ڇڏيا
محبتي ملاح جي شاعريءَ ۾ سادگي جي سندرتا، سلوڻائپ ۽ سهڻائپ آهي سندس شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جو سرتال ۽ لئه جو ڀرپور توازن آهي ۽ سندس چَوسٽن ۾ چس نظمن ۾ نغمي بيتن ۾ بيتابي غزلن ۾ گل بهار جي خوشبوءِ ۽ وائين ۾ وڻن جي ڇانون جي ٿڏڪار ۽ ٽيڙن جو ٽڙڻ به واهه جو آهي، محبتي ملاح جي تخلص ۽ ڏات ۾ تجنيس حرفيءَ جي خوبصورتي به واهه جي آهي.
محبتي ملاح جي شاعري جا ٽوپا روايت جو نجپڻو آهن، پر ڪٿي ڪٿي تشبيحن اشعارن، اصطلاحن ۽ خيالن ۾ نواڻ به اٿس. جيئن
جن جي ڪاوڙ جر جو ڦوٽو
مهل اها ئي کلندو آهي
سنگ مڪيءَ جو مون کي سمجهي
ٽانڊا ٽپڙي رکندو آهي
جنهن ٻوٽي ۾ آس نه ڪائي
تنهن کي پاڙان پٽڻو پوندو
يار ڄڻ ڪو باشو
چنبن ۾ ويو تتر جهٽي
محبتي ملاح جا محنت جي مينديءَ سان رڱيل هٿ لڳاتار انهيءَ جستجو ۾ رهيا ته سندس ادبي قد ڪاٺ ۾ واڌ ويجهه پيا ڪندا.

No comments:

Post a Comment